حفيظ قريشي، اياز ۽ ون يونٽ خلاف جدوجھد
بسنت هال جي ٻاهرين لان واري چبوتري تي سنڌي ادبي سنگت جون هفتيوار گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون. جن ۾ نياز همايوني، تنوير عباسي، پروانو ڀٽي ۽ ڪي ٻيا شاعري پڙهندا ها. حميد ۽ ناصر ڪھاڻيون لکي ايندا هئا. رسول بخش پليجو فقط تنقيد ڪندو هو، پليجي صاحب جو مطالعو غضب جو هو تہ اوترو ئي سندس تنقيد جو انداز جارحاڻو هوندو هو. اڳلي کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيندو هو. جويو صاحب بہ ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪڏهن رباني ۽ جمال رند بہ اچڻ لڳا. مون پني عاقل وارن مشاعرن ۾ تہ شعر پڙهيا پر هتي نہ ڪنھن کي خبر هئي تہ شاعري ڪندو آهيان ۽ نہ وري مون کي ٻين جو حشر ڏسي ڪا همت پئي ٿئي ان ڪري فقط ٻڌندڙن ۾ شامل هوندو هيس. سائين محمد عمر ميمڻ، ابراهيم جويو، جمال رند، پليجو، حميد ۽ ٻيا ڀروسي جھڙا همراھہ پاڻ ۾ لڪي لڪي گڏجاڻيون بہ ڪندا هئا. منصوب بندي بہ ڪندا ها. ڪڏهن روپ محل ۾ تہ ڪڏهن يونيورسٽي جي هڪ ڪوارٽر ۾ ڳجهيون گڏجاڻيون ٿينديون هيون.
هڪڙو ٻيو مرد مجاهد هو محترم حفيظ قريشي، وڪيل بيباڪ، تقرير جو بادشاھہ، بي پرواھہ سنڌ جو عاشق انھن ڏينھن ۾ نواب امير محمد ڪالاباغ مغربي پاڪستان جو گورنر هو، وزير اعلى وغيرہ ڪونہ هوندا هئا نہ وزير اعظم هوندو هيو، سنڌوسنئون صدارتي نظام هيو. هڪ صدر ۽ ان جا وزير، هڪ گورنر ۽ ان جا وزير، نواب ڪالاباغ نھايت بي رحم انسان هيو، سڄي صوبي ۾ لوهي هٿن سان حڪومت ڪندو هيو. ان ڏينھن ۾ ٽن يا چئن ڏينھن لاءِ ڪالاباغ حيدرآباد ۾ اچي سمورن وزيرن سميت ٽڪي پيو. حفيظ قريشي جي گهر جي ڇت تي ون يونٽ مخالف ڪنوينشن رکيو ويو ۽ پوءِ شام ڌاري يونيورسٽي ۾ هڪ ننڍڙو مشاعرو رکيو ويو. لياقت ميڊيڪل ڪاليج وارا پنھنجا ساليانا فنڪشن رکي ڪالاباغ ۽ ان جي سموري ڪابينا کي سارو ڏهاڙو مصروف رکيو، شام ڌاري ميڊيڪل ڪاليج ۾ هڪ بھادر شاھہ ظفر جو ڊرامو رٿيو ويو، رات واري تقريب ۾ در محمد اوستو اڪيلو مھمان خاص طور تي ويھڻو هو.
مشاعري واري ويھڪ کي اوستائين هلايو ويو، جيستائين اوستو صاحب پنھنجي صدارت ماڻڻ ۾ چڱي طرح مصروف ٿي وڃي رات جو يونيورسٽي جون ٻہ بسون ڀري نيڪ محمد شيخ ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج شاگرد يونين جي صدر جي سربراهي ۾ نڪري پياسين. ڄامشوري جي هوا هلي پئي. وڏو پنڊال جنھن کي پوليس جو زبردست گهيرو ڏنل هيو، اندر اٽڪل 4، 5 هزار شاگرد ڊاڪٽر، عطر عنبير ۾ ٻڏل ڊاڪٽرياڻيون، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ خاص شخصيتن جي وچ ۾ در محمد اوستو صاحب راجا اندر جو ڏيک پيو ڏي. يونيورسٽي جون بسون پنڊال کان پري بيھاري جبلن جي اوٽ وٺي شاگرد پنڊال جي چؤڌاري ڦري ويا. هڪڙا اسٽيج کان بليڊن سان قنات ڦاڙي اندر داخل ٿيا، انھن ۾ ناصر مورائي ۽ شمشير اڳڀرا هيا. بھادر شاھہ زنجيرن ۾ گرفتار هيو، ماحول تي هندستان جي زوال جھڙو منظر هيو. سامھون ويٺلن اهو سمجهيو تہ هي بہ ڪي ڊرامي جا ڪردار آهن. سڄو پنڊال ون يونٽ مردہ باد در محمد اوستو مردہ باد ڪالاباغ مردہ باد، ايوب مردہ باد جي نعرن سان گونجڻ لڳو. ناصر سڌو ٽپ ڏئي وڃي اوستي صاحب کي صوفي ۾ دسيو. ٻاهران ٻين همراهن بجلي جون تارون ڪٽيون ۽ پنڊال جا رسا ڪپيا، شاميانو ڪري پيو، پوليس وارو ڪري اوستي کي ڪڍي وئي، باقي فقط ڇوڪرين ۽ ڊاڪٽرياڻين جون اڀ ڏاريندڙ رڙيون ۽ ڪوڪون هيون.
ناصر جي نئين قراقلي ٽوپي وڃائجي وئي، اسان بہ ٽي ڄڻا ٻڌجي پياسين. شاگردن بہ ماريو تہ پوليس بہ وڙهي. شمشير جو خيال هو تہ جيل هليا وڃون پويان تحريڪ هلندي پر ٻين جو خيال هو تہ اڃا تحريڪ لاءِ مناسب ماحول ڪونھي. بھرحال بنگالي شاگردن مڙسي ڪري ڇڏائي ورتو. اسان موٽي اچي سمھي رهياسين، صبح جو ڪنھن اخبار ۾ راتوڪي واقعي جي ڪابہ خبر ڪانہ هئي، جيتوڻيڪ سڀ اخباري نمائندا انھن جا مالڪ اتي موجود هيا. بھرحال نواب ڪالاباغ پنھنجي سمورن وزيرن سميت هڪدم هليو ويو، جيئن جو سنڌي ۾ بہ ادبي رسالا هيا هڪ نئين زندگي ٻيو مھراڻ، نئين زندگي سرڪاري هيو. مھراڻ سنڌي ادبي بورڊ جو، جنھن ۾ ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان سنڌ جو موقف افسانن ۽ شعرن ذريعي اچي پيو پر دٻيل دٻيل طريقي سان. شيخ اياز جي شعري مجموعي ”ڀنور ڀري آڪاس“ نوجوان نسل ۾ وطن پرستي جا جذبا ڪافي اڀاريا ان ڪتاب تي بندش وڌي وئي. ويتر ان بندش تہ ڄڻ ڪتاب کي جڳ مشھور ڪري ڇڏيو ۽ اياز بہ هر جاءِ تي ڳائجڻ لڳو.
حيدرآباد جي هڪڙي مشاعري ۾ اياز کي پري کان ڏٺم، جنھن ۾ جمال رند لولي ٻڌائي ۽ نياز همايوني بہ ترنم ۾ ”مورو“ ٻڌايو. انھن مشاعرن ۾ ٽکڙائي، ڪڪڙائي۽ ناٿن شاهي شاعرن جا ڪٽڪ اچڻ لڳا. استاد بخاري، شمشير ۽ تنوير بہ نمايان هئا. سنڌي معاشرو مشاعرن جو عادي ٿيڻ لڳو. آخر روپ محل ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي ۽ پنھنجي الڳ رسالي ڪڍڻ جو فيصلو ٿيو. اهو بار حميد سنڌي تي رکيو ويو. ان لاءِ پيسا ۽ ڊڪليئريشن وٺن ضروري هو. ويچاري حميد اهي سڀ بار پاڻ تي کنيا، ڊڪليئريشن بہ ورتائين. ضمانت بہ ڏنائين. پيسا خرچ ڪرڻ ان کي ڇپائڻ وغيرہ جا معاملا بہ حميد پنھنجي سر تي کنيا. محترم عبدﷲ چنا ۽ سندس بيگم زينت عبدﷲ چنا بہ حميد سان ٻانھن ٻيلي ٿي بيھي رهيا. ڇاڪاڻ جو اهڙي ڪا پريس ڪانہ هئي، جنھن ۾ قومي شاعري قومي گيتن تي مشتمل افسانا جن ۾ غريب پيڙهيل هاري ۽ انساني مسئلا هجن، ڇاپي ڏيکاري نہ فقط رسالو ضبط ٿي سگهيو پئي پر ان سان گڏ پرنٽر ۽ پبلشر بہ جيل جي هوا کائي سگهيو ٿي. حميد ۽ چنا صاحب وارن اهي ذما کڻي هڪ بھادر سپاهي وارو ڪم ڪري ڏيکاريو. هي جيڪي پاڻ کي اڄ سر موڙ شاعر ۽ اديب نظر ٿا اچن اهي سمورا روح رهاڻ حميد جي پيداوار آهن. روح رهاڻ اديبن کي قلمي محاذ لاءِ ميدان ڏنو، ان سڄي ڳالھہ لاءِ باقي سڀ زباني ڪلامي باقي عملي جدوجھد لاءِ قلم کي خنجر جو ڪم سونپيو ويو، اهو ڪم حميد ڪيو، دشمن جي هٿيارن سان اديب هٿين خالي سنڌ جي آجپي جي جنگ جيڪا روح رهاڻ وڙهي ڏيکاري اها ڏکڻ ايشيا ۾ ڪنھن نہ ڪري ڏيکاريو. سنڌ ۽ سنڌين جي موقف ۾ اديبن وٽ نہ پريس نہ اخبار، اخبارن جا مالڪ فقط حڪومتي خوشنودي ۽ فائدا وٺڻ لاءِ اشتھاري اخباري هئا. وري بہ مولوي عبدالواحد سنڌي، مولانا غلام محمد گرامي جنھن جي پويان محمد ابراهيم جويو ۽ رباني هيا. وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو. بيگم چنا مارئي رسالو ڪڍيو، ڏيپلائي صاحب بہ ڪو رسالو ڪڍيو، حڪومت نئون قانون پاس ڪيو، جنھن جي ڪري ڪافي سنڌي رسالن کي بند ڪرڻو پيو، روح رهاڻ بہ في الحال بند ڪرڻو پيو، سليم خواجہ نئين زندگي رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقر ٿيو. ان ڏينھن ۾ هڪ شاعر کي 10 رپيا في شعر معاوضو ملندو هو، سليم کي 10 رپين جي سخت ضرورت هئي سو هن هڪ نظم پاڻ لکي منھنجي نالي سان نئين زندگي ۾ ڇپرائي مون ڏانھن خط لکيو تہ کيس 10 روپين جي رسيد موڪلي ڏيان. نظم ڏاڍو سٺو هو ۽ ڏاڍو مشھور ٿيو. سليم کي 10 رپين جو فائدو ٿيو باقي شاعر جي حيثيت سان مان متعارف ٿي ويس ۽ ڇپجڻ لڳس. روح رهاڻ ۽ نئين زندگي ۾ سمورا شعر ڇپرائي ڇڏيا، جيڪي مان لڪايو ويٺو هيس. آخر 1963ع ۾ مان ڏينھن رات محنت ڪري ايل ايل بي پاس ڪري سکر هليو آيس. ان ڏينھن ۾ بار ڪائونسل ڪانہ هئي. سو وڪالت جي سند چيف جسٽس پاڻ ڏيندو هيو. ڪراچي وڃي سليم خواجہ وٽ رهيس. سند جا ڪاغذ چيف جسٽس جي ٽيبل تي ٻن ڏينھن کان رکيل هئا. پر صحيح ڪري ٻاهر نہ پيا نڪرن. مان عبدالقادر شيخ جيڪو ان وقت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل هو، وڃي مليس، شيخ صاحب پنوعاقل جو هو سو مون وڃي واقفيت ڪرائي مانس. هو بنا ڪنھن ڳالھائڻ جي چيف جسٽس کان منھنجا صحيح ٿيل ڪاغذ کڻي آيو. ڪلارڪن کان ٺپا هڻائي سند منھنجي حوالي ڪيائين ۽ مان سکر هليو آيس. هاڻي سکر ۾ ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي. ڪھڙو سينيئر مون کي پان سان گڏ کڻندو بہ تہ ڪٿي رهندس. اهي سمورا سوال هيا. وڪالت جي دنيا ئي نرالي آهي. ٿيوري ۽ پريڪٽيڪل ۾ وڏو فرق آهي مون امتحان وڏي محنت سان 1963ع ۾ پاس ڪيو، سند مون کي 1964ع ۾ ملي، منھنجو هڪڙو عزيز روهڙي ۾ رهندو هيو، ان مرحوم عبدالمجيد عباسي سان لڳرايو، رهائش جي لاءِ رفيق شاھہ موسوي محلي جي هڪ امام بارگاھہ ۾ ڪمرو وٺي ڏنو، ماني بہ صبح جي موسوي صاحبان کڻي ايندا هئا. هڪ وڏو هال هيو، ان ۾ هڪ سيد سڳورو امام صاحبن جي کٽ سجايو ويٺو هوندو هيو، وچ تي چلھہ جنھن جي چؤڌاري پينو ۽ گداگر فقير ڪشتن ڪولابن ۽ دست پناھہ سان ويٺل هوندا هئا. منھنجي ڪمري جي ٻاهران رات جي راڻي پوکيل هوندي هئي جيڪا ڏاڍي خوشبوءِ ڏيندي هئي. فقير شام جو تڙتپا ڪري منھنجو انتظار ڪندا هيا، خيرات مان مليل ماني رات جو گڏجي کائيندا هئاسين، انھن ۾ ڪيترا فارسي ۽ ديني توڙي دنيوي ڄاڻ رکڻ وارا هوندا هيا. ڏاڍا فضيلت ۽ نماڻائي سان ڳالھائڻ وارا سٺا انسان هيا.