شيخ اياز
تنھنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان
هزارين مان نہ رڳو
تنھنجي شاهي دسترخوان مٿي مھمان
هزارين مان نہ رڳو،
اياز هن ريت لکي ٿو :
اک ساري رات نہ جهپڪي آ
۽ شبنم شبنم ٽپڪي آ
ڇو چنڊ اسان کي رات لڙي آ
ڏي چانڊوڪيءَ جو زهر ڀري
آ ڪيڏو پويون پھر پري
حيران هزارين مان نہ رڳو
”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نہ ڏيندو“
”هيءَ سين نہ ڏيندي چين، اٿي ڏس
ڪوئي آيو آ پيارا“
مون مرڪي پنھنجو پاند ڏٺو، رت آئي
ڳاڙهن پيرن جي
۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي شعر روح رهاڻ ۾ شايع ٿيڻ لڳا.
حميد روح رهاڻ جو سارو رسالو هڪ دفعي اياز جي شعرن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جل جل مشعل جي نالي سان جشن روح رهاڻ ۾ هن ماڻھن جي موجودگيءَ ۾ پڌرو ڪيو ۽ آخر شيخ اياز سنڌ جو آواز ٿي ويو.
رشيد ڀٽي سکر ۾ ادبي سنگت جو سنڌ ڪنوينشن ڪوٺرايو جنھن ۾ محترم محمد ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا غلام مصطفى قاسمي ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ۽ شاعر جھڙوڪ ڊاڪٽر تنوير عباسي، شمشير الحيدري، نياز همايوني ۽ امداد حسيني شريڪ ٿيا. ان وقت هڪڙو اڻوڻندڙ واقعو بہ ٿيو، جيڪو اجلاس ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ ٿي رهيو هو اتي پريس نمائندن لاءِ گئلري رکيل هئي ان ۾ پريس جا ڪافي نمائندا موجود هيا. صدارت اياز يا شايد گرامي صاحب پئي ڪئي. بھرحال اهي سموريون قدآور شخصيتون موجود هيون. بردو سنڌي نواب شاھہ کان آيل هيو، سڄي سنڌ مان سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جا عھديدار بہ آيل هيا. اتي رشيد ڀٽي هڪ اخبار جي نمائندي عبدالڪريم تابان کي هال مان نڪري وڃڻ جو اعلان ڪيو. ان ڪري پريس جا سمورا عھديدار احتجاج ڪري نڪري ويا.
صبح جو ان اخبار سرخي هنئين، سرخن جي سرغنن ۽ ڀارت نواز اديبن جو ميڙ وغيرہ جھڙيون خبرون هيون. ڪافي سنڌي اخبارون ڪجهہ نرم ڪجهہ گرم خبرون ڏنيون ۽ اهو روز جو معمول ٿي ويو، مدا باھہ ٻري وئي.
اياز تازو جيل مان آزاد ٿيل هو، سو ڏاڍو گهٻرايل هيو، جويو صاحب، رباني ۽ حميد کي سکر گهرايو ويو. صلاح مشوري کان پوءِ اهو فيصلو ٿيو تہ اخبارن جو وات بند ڪرڻ لاءِ هڪ ڊيفينيشن جي فرياد داخل ڪئي وڃي.
اها فرياد شيخ اياز تيار ڪئي پر شيخ صاحب جو خيال هيو تہ اها فرياد جنھن عدالت ۾ داخل ٿئي جيڪا سکر ۾ نہ هجي.
بھرحال فيصلو ٿيو تہ فريادي حميد سنڌي هجي. وڪيل رسول بخش پليجو ۽ داخل ٿي سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ حيدرآباد وٽ جيڪو جمال ابڙو هيو. هينئر اها ڊيوٽي مون تي رکي وئي تہ مان اها فرياد حيدرآباد کڻي وڃان. مون وٽ ڪرائي جا پئسا ڪونہ هيا. سو اياز پنجاھہ رپيا اوڌر ڪري ڏنا ۽ تاڪيد ڪيائين تہ اهي پئسا ستت کيس واپس ڪرڻا پوندا. انھيءَ معاملي ۾ شيخ صاحب ڏاڍو سخت گير ماڻھو هيو، سڄي دنيا کي اهو تاثر هوندو هو تہ اسان اياز وٽ پلجندا آهيون، پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي. جڏهن ڪو دوست باهران ايندو هيو تہ اياز جي چٺي سندس بلو منشي کڻي ايندو هيو تہ سڀني جو دوست آيل آهي چندو ڏيو ڀلي اهو ڏھہ رپيا ڇو نہ هجي.
بھرحال اها فرياد مان حيدرآباد کڻي ويس حميد، مان ۽ پليجو، ابڙي صاحب جي ڪورٽ ۾ پيش ٿياسين. هن بنا دير ضمانت جوڳا وارنٽ ڪڍي ڏنا. حقيقت ۾ اسان جي تحريڪ کي انھن خبرن سان وڏو ڇيھو ٿي رسيو، ان ڪري انھن جو وات بند ڪرڻ جو اهو ئي هڪ طريقو هيو، ان جو اثر ڪجهہ وقت تہ ٿيو پر ساڳيون خبرون ٻي رنگ ڍنگ سان شايع ٿيڻ لڳيون. ان ڪري هڪ ٻي فرياد سکر ۾ بہ داخل ڪئي وئي پر نتيجو نہ نڪتو.
مون تي شيخ صاحب پنجاھہ رپيا واپس ڪرڻ جو ڏاڍو زور ڀريو ۽ ذليل بہ ڪرڻ لڳو. صلاح رشيد ڀٽي ڪڍي تہ خيرپور ۾ تنوير عباسي سرڪاري مشاعرا ڪرائيندو آهي جن ۾ شاعرن کي پئسا بہ ملندا آهن. اسان دراصل سرڪاري فنڪشن ۾ شامل نہ ٿيندا هئاسون پر مجبورن مون کي اهو بدپيشو ڪرڻو پيو ۽ تنوير واري سرڪاري مشاعري مان جيڪي پنجاھہ رپيا مليا، اهي چئي مون شيخ صاحب کي ڏنا تڏهن جان ڇٽي.
شيخ اياز جيترو ئي وڏو شاعر هيو اوتروئي گهڻن عملن ۾ ڪمزور بہ هيو، عورت هونءَ تہ هر مرد جي ڪمزوري رهي آهي پر شيخ صاحب ان معاملي ۾ ليڪا لتاڙي بيھندو هيو ۽ اهي حرڪتون جن کي هو معاشقا سڏيندو هيو فخر سان ٻڌائيندو هيو. انھن مان هڪڙو اهڙو واقعو ڏاڍو خراب اثر ڇڏي ويو. مثال طور ڪنھن وقت هندستان مان هڪ مھمان اديب پنھنجي ڌرم پتني سان گڏ سنڌ گهمڻ آيو. اهي سکر بہ آيا ۽ شيخ صاحب جا مھمان ٿيا. شيخ صاحب خبر ناهي تہ مائي صاحبہ کي ڇا ڪيو جو ان موڪلائڻ وقت هڪ تاريخي جملو ڳالھايو مون کي سڏ ڪري چيائين فتاح تون ڏاڍو سٺو شاعر ٿيندين هڪڙا شاعر وڏا هوندا آهن پر ماڻھو ننڍا هوندا آهن تون شاعر بہ وڏو ٿجان ۽ ماڻھو بہ وڏو ٿجان.
ان ڏينھن ۾ ئي سيد عابد حسين شاھہ موسوي جيڪو ان وقت اسلاميہ ڪاليج سکر جو شاگرد ليڊر هيو ۽ عبدالمجيب پيرزادہ جيڪو مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جو شاگرد اڳواڻ هيو ۽ نبي بخش کوسو جيڪو هونءَ تہ ڪجهہ بہ ڪونہ هيو پر سياسي ۽ علمي ڄاڻ رکڻ وارو ۽ نوجوان هيو. هنن گڏجي سکر ۾ سنڌي شام جي نالي تي هڪ فنڪشن ڪرڻ چاهيو. ان وقت ڪنھن بہ اهڙي ميڙ لاءِ دسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي اجازت ضروري هوندي هئي.
ان وقت سکر جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ آصف فصيح الدين وردڪ هيو. هئو پٺاڻ ماڻھو پر نھايت بھترين انسان هيو، بھرحال شمس الدين شاھہ ۽ شيخ اياز کي قائل ڪيو ويو تہ ان ميڙ ۾ ڪابہ سياست ڪانہ ٿيندي. فقط راڳ روپ جي محفل ڪئي ويندي. سو آغا بدرالدين جيڪو هميشہ پي آر ڪامورن جي دعوتن ذريعي رکندو ايندو هيو، سو ان کي وچ ۾ وجهي سنڌي شام جي اجازت ملي وئي. اياز اسان کان سمورا قسم ۽ وعدہ ورتا ۽ شاھہ صاحب کي بہ دلجاءِ ملي تہ هي ڪو سياسي ميڙ نہ آهي.
هيڏي وڏي ميڙ لاءِ چندو وٺڻ شروع ڪيوسين پي ڊبليو ڊي وارن سڀ کان گهڻو چندو ڏنو. آغا غلام نبي خان پٺاڻ شڪارپور گهرائي پاڻ بہ سھائتا ڪئي ۽ ٻين کان بہ ڪجهہ وٺي ڏنائين. مان گهوٽڪي ويس . اتي اسان جو دوست ڊاڪٽر غلام مصطفى قريشي هوندو هو. ڊاڪٽر صاحب وٽ علي محمد مھر جو والد علي انور خان مھر، ڊاڪٽر قريشي ۽ علي بخش ميمڻ وارن سمورا جوئا جا پئسا منھنجي حوالي ڪيا ۽ سکر بہ سردار صاحب جي گاڏي ڀڄائي وئي.
ان فنڪشن کي مھراڻ مرڪز ۾ رکيو ويو، ان ۾ ڊاڪٽر حسان، حفيظ قريشي، حيدر بخش جتوئي، محمد ابراهيم جويو ۽ سنڌ جا مزاحمتي شاعرن جن ۾ سرويچ سجاولي، مجيب پيرزادي زبردست تقرير ڪئي. پھريون ڀيرو سنڌ جي نقشي جي نقاب ڪشائي ٿي. جنھن جي ٻنھي طرفن کان جيئي سنڌ، جام محبت پئي سنڌ ڳايو، جيئي سنڌ جو نعرو پھريون ڀيرو اتي لڳو، پوءِ جڳ مشھور ٿيو، اياز شاھہ صاحب ۽ آغا صاحب کي وردڪ صاحب ڪنڊ ۾ وٺي ويو ۽ وڏي ڇنڊ پٽيائين ۽ دڙڪو ڏنائين تہ ان جا نتيجا خراب نڪرندا. هو وري اسان تي الرون ڪرڻ لڳا. سنڌ جو نقشو رشيد ڀٽيءَ پاڻ پينٽ ڪيو هيو. بھرحال اسان ڪونہ ڊناسون پر اياز ڏاڍو گهٻرايل هيو، هو سڀ اٿي هليا ويا ۽ اسان سڄي رات فنڪشن هلايو.
ٻئي ڏينھن تي ايوب خان جي دعوت مير علي مراد ٽالپر ۽ اڳواڻي واليءَ رياست خيرپور ڪئي. ان تقريب ۾ ايوب خان سنڌ کي وري بحال ڪرڻ وارن جي حمايتين کي ڏاڍيون ڌمڪيون ڏنيون.
ان کان پوءِ سائين جي ايم سيد جيڪو گهڻو ڪري نظربند هوندو هيو، آزاد ٿي ويو، سائين سنڌ جو دورو ڪرڻ شروع ڪيو. خيرپور ۾ تنوير جي جڳھہ تي سائين بزم صوفياءِ سنڌ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. مان ۽ رشيد بہ اتي هياسين. سائين چيو تہ سنڌ جي ميلن ملاکڙن تي ڪابہ بندش ڪانہ آهي. سو سمورن درگاھہ جي سجادہ نشينن جي اجازت سان سنڌ جي غلاميءَ ۽ ان جي آجپي لاءِ تقريرون ۽ اسان جا شعر پڙهيا ويندا هيا. اسان گهڻو ڪري هر ميلي تي پڄي ويندا هياسين. اياز بہ ڪڏهن ڪڏهن پھچي ويندو هيو. وري جي سائين نظر بند ٿي وڃي تہ سن ۾ سائين جي سالگرھہ زبردست نموني ملھائي ويندي هئي ان ۾ قومي تقريرون ۽ شعر پڙهيا ويندا هيا. ۽ پوءِ راڳ رهاڻ جنھن ۾ بہ قومي شاعري پيش ٿيندي هئي.
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي بدين جو زميندار پھرين سنڌي فلم ايڪتا جو هيرو بہ اتي ايندو هيو. رئيس ڳائڻن جي ٽولي پاڻ سان وٺي ايندو هيو ۽ اوستائين ويٺو چاندي جي گلاس ۾ سوم رس پيئندو، جيستائين محفل مشاعرہ پنھنجي عروج تي پھچي. رئيس کنجري کڻي وچ مشاعري ۾ ڳائڻ شروع ڪندو ۽ هن جا ڳائڻا بہ شريڪ ٿي ويندا هئا.
اسان علڻ فقير کي وٺي اچي پنھنجي رهائش تي ويھندا هياسون. علڻ ساري رات ويٺو ڳائيندو جيستائين اسان کي ننڊ اچي وڃي.
سائين دسترخوان جو سخي امير غريب کي هڪ جھڙي ماني کارائيندو، سندس فرزند امير حيدر شاھہ ۽ امداد محمد شاھہ پاڻ بيھي ماني کارائيندا هئا. سائين سڀني سان ويھي ڪٺي ماني کائيندو، سائينءَ جي ماني پرهيز جي هوندي هئي. ڀل ڪھڙو صاحب هجي. پير حسام الدين شاھہ هجي يا ڪو ٻيو سڀني مھمانن کي گڏجي فرش تي ويھاري ڪٺي ماني کارائبي. رات ڌاري سائين اسان ستلن جون چادرون سڌيون ڪرڻ ايندو هيو. ايوب خان يارهين جنوري 1966ع تي اعلان تاشقند تي صحيح ڪئي. مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي صاحب چوويھہ اپريل 1967ع تي وزارت خارجا تان استعيفى ڏني،. هو ڪجهہ عرصو سائين جي ايم سيد وٽ سن ۾ بہ رهيو، جو کيس سنڌ جي هڪ وڏي پير کان مارجڻ جو خوف هيو.
بعد ۾ ايوب خان ڀٽي صاحب کي ڪجهہ وقت نظربند ڪيو، سکر بار جي وڪيلن احتجاج بہ ڪيا ۽ جلوس بہ ڪڍيا، جنھن ۾ اسان پيش پيش هياسون.
اصغر خان ڀٽي صاحب جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ دورا ڪرڻ لڳو ۽ سکر بار ۾ بہ آيو، اسان سندس آجياڻو ڪيو ۽ بعد ۾ ڀٽي صاحب کي آزاد ڪيو ويو. هن شڪارپور ۾ قاضي عبدالقادر جي جڳھہ تي هڪ جلسو ڪيو. حفيظ قريشي ساڻس گڏ هيو. هو اسان وٽ سکر آيو ۽ چيائين تہ ڀٽي صاحب واري جلسي ۾ هلي شريڪ ٿيون. اياز کيس اهو شرط رکيو تہ ڏسون تہ ڀٽو صاحب ڪنھن ٻي کي تقرير جو موقعو ڏئي ٿو؟
اهو شرط پورو نہ ٿيو جو قريشي صاحب کي ڀٽي صاحب تقرير ڪرڻ ڪانہ ڏني ۽ هو ڪنڌ لڙڪائي موٽي آيو.