ون يونٽ ۽ سکر جي سياست
جيئن تہ مان سکر بار ۾ 1963ع ۾ اچي ويو هيس. ۽ ڇھن مھينن کان پوءِ 1964ع ۾ مون کي وڪالت جي سند ملي. ان دوران مان سيد شمس الدين جي آفيس ۾ ڪم ڪندو هيس. شاھہ صاحب اي اين پي سکر جو صدر هو. رشيد ڀٽي ۽ ٻيا ڪيترائي دوست نئپ ۾ شامل ٿي وياسين.
هي ايوب خان جي آمريت کان جان ڇڏائڻ لاءِ ملڪي سطح تي هڪڙو جمھوريت جي بحالي جو محاذ ٺھيو جنھن جو نالو سي يو پي رکيو ويو ان ۾ نوابزادہ نصر ﷲ نيشنل عوامي پارٽي جو سربراھہ مولانا ڀاشاني جيڪو بنگال جو اڳواڻ بہ هيو ۽ مائوزي تنگ جي مارڪسٽ فلسفي جو قائل هيو، مسلم ليگ جو صدر ميان ممتاز دولتانہ چوڌري محمد علي جماعت اسلامي وغيرہ شامل هئا ۽ اهي اڳواڻ سکر بار ۾ اچڻ لڳا.
اسان جون گڏجاڻيون گهڻو ڪري يا تہ آغا بدرالدين يا شمس الدين شاھہ يا ڪڏهن فتح ﷲ عثماني وٽ ٿينديون هيون. عثماني صاحب حيدرآباد دکن مان آيو هيو ۽ کليل ذهن جو ترقي پسند انسان هيو. هي اهو ماڻھو هو جنھن سنڌ کي پنھنجو وطن تسليم ڪيو ۽ ڪوبہ ڪليم وغيرہ ڪونہ ورتائين. سنڌي سکيو، هڪ ڀڳل جڳھہ خريد ڪيائين ۽ بعد ۾ ان کي ٺھرائي ان تي سنڌ جو نقشو ٺھرائي ڇڏيائين. انڪم ٽيڪس ڊپارٽمنٽ کي ڇڏي وڪالت ڪيائين ۽ شاھہ صاحب وٽ ٽريننگ وٺي انڪم ٽيڪس جي وڪالت ۾ داخل ٿي ويو هيو. وٽس عطاءُ ﷲ مينگل، غوث بخش بزنجو اچي رهندا هئا. اسان بہ کٽيءَ ۾ عثماني صاحب جي بٽون کي نھاريندا هئاسين. جيڪو هميشہ سندس ٽيبل تي کليل رکيو هوندو هو.
عثماني صاحب جي گهرواري واري ۽ سندس نياڻيون اسان کان پردو وغيرہ ڪونہ ڪنديون هيون ۽ ماني کارائڻ کان سواءِ ڪونہ ڇڏينديون هيون.
ايوب خان بنيادي جمھوريت جو نظام قائم ڪيو، جيڪو هينئر ناظمن جي صورت ۾ صدارتي نظام ڄاڻايل هيو. بنيادي جمھوريت جا جملي اسي هزار ميمبر سڄي پاڪستان مان چونڊجي ويا، جيڪي اڳتي هلي صدر جي چونڊ ڪندا. پاڪستان جي روايتي چونڊن وانگر بنيادي جمھوريت جي چونڊن ۾ بہ زبردست ڌانڌلي ڪئي وئي.
علي حسن منگي فوڊ انسپيڪٽري ڇڏي سياست ۾ اچي ويو ۽ ايوب شاهي جو حمايتي بڻجي ويو. سکر جا مھاجر جيڪي آمريت جا حمايتي ۽ ٻيا مفاد پرست ٽولا اچي منگي صاحب وٽ گڏ ٿيا. منگي صاحب هڪ منگي بئنڪ ٺاهي وڏو پئسو گڏ ڪيو. هو سياست ۾ سڀ ڪجهہ ڪرڻ جو قائل هيو. ووٽ خريد ڪرڻ ۽ ميمبرن جون ٻيون هر قسم جون خدمتون ڪرڻ ۾ دير نہ ڪندو هو، منگي صاحب جي دم خم سان سياست جي بازار سان گڏ بازار حسن ۾ بہ رونقون اچي ويون ۽ کين بہ روزگار ملي ويندو هو.
بنيادي جمھوريت جي ميمبرن جي چونڊ ۾ هڪڙي سيٽ تي منگي صاحب مير رياست علي کي بيھاريو. هي همراھہ حيدرآباد دکن جي هڪ ڪلمينٽر جو ڪمدار هيو. خوش شڪل هو، سدائين فل سوٽ ۾ رهندو هيو. رياست علي جو ڪليمنٽ معذور هيو ۽ هلڻ چرڻ کان لاچار هيو، ان ڪري رياست علي هن جو پورو پورو فائدو ورتو.
رياست جي مقابلي ۾ مخالف ڌرين آغا بدر الدين کي بيھاريو، هوڏانھن منگي صاحب ڳڙهي ياسين ۽ سکر شھر جا غنڊا ۽ داداگير گهرايا. آغا صاحب بہ سلطان ڪوٽ جا پٺاڻ هٿياربند ڪري بيھاريا. اليڪشن ايوب خان جي ڪنوينشن مسلم ليگ ۽ متحدہ مخالف جماعت جي وچ ۾ تہ ظاهر هئي پر حڪومت جي طاقت ۽ عوامي طاقت جي وچ ۾ بہ سخت مقابلو هيو، چيو ويو تہ مرحوم ڀٽو صاحب هتي اليڪشن پاڻ مانيٽر ڪرڻ آيو ۽ ميونسپل آفيس ۾ اچي ويو.
مقابلو رات تائين هليو ۽ آخر ۾ آغا صاحب اليڪشن کٽي ويو، پر ٻيون ڪيتريون سيٽون حڪومت کڻي وئي. اسان اليڪشن کٽڻ جي خوشي ۾ وڏو جلوس ڪڍيو، جنھن جي قيادت شمس الدين شاھہ ۽ ٻين ڪيترن دوستن ڪئي.
رڪن الدين قاسمي جيڪو هينئر ڄام ساقي جو سھرو بہ آهي. ٽريڊ يونين جو اڳواڻ هيو ۽ وڪالت بہ ڪندو هيو، ڏاڍو جستو پھلوان قسم جو هاٺي ڪاٺيءَ سان بہ هيو، هينئر ڏاڍو ضعيف ٿي ويو آهي ۽ مفلسي واري زندگي گذاري رهيو آهي.
آخر ايوب خان جي صدارتي اليڪشن جو اعلان ٿيو، جيڪو انھن بي ڊي ميمبرن مان چونڊجڻو هو، اها اليڪشن جنوري 1964ع ۾ ٿي. مخالف ڌر وارن فاطمہ جناح کي ايوب خان جي مقابلي ۾ بيھاريو. ٻہ ٻيا همراھہ بہ ڪورنگ ۾ بيٺل هيا. جن جو نالو هيو ڪمال ۽ بشير. شڪارپور جي سومرن شروع ۾ ايوب خان جي مخالفت جو اعلان ڪيو، پر بعد ۾ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوشش سان ايوب خان جا حمايتي ٿي ويا.
مون کي شاھہ صاحب ميرپور ماٿيلي واري پولنگ تي ايجنٽ طور موڪليو. هڪ ٽئڪسي جنھن ۾ حسن حميدي ۽ ٻيا ڪارڪن منھنجي حوالي ڪيا ويا. فاطمہ جناح جي اٿارٽي ليٽر سان بشير ۽ ڪمال جا اٿارٽي ليٽر بہ مون وٽ هيا. ان سان گڏ فاطمہ جناح جي صحيح واري سيل مھر بہ مون وٽ هئي.
ان کان اڳ فاطمہ جناح ۽ بلوچ اڳواڻ جن ۾ خير بخش مري، مير جعفر خان جمالي ۽ ٻين سڀني پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ سکر آيا مولانا مودودي، فاطمہ جناح جي رهائش ۽ ٻيا انتظام منھنجي ۽ سيد مظھر الحق جي حوالي هيا. رات جو بار جي ڊنر ٿي، جنھن ۾ ايوب خان واري مسلم ليگ ۾ شامل وڪيل صاحب جن ۾ حسن ميان، رحمان علي نقوي ۽ عبدالحليم پيرزادو بہ شريڪ ٿيا.
ٻي ڏينھن تي اسٽيڊيم ۾ تمام وڏو جلسو ٿيو، جنھن جي صدارت بہ شاھہ صاحب ڪئي. فاطمہ جناح جي اليڪشن نشاني لالٽين ۽ ايوب خان جو گلاب جو گل هو.
اليڪشڻ واري رات اسان ميرپور ماٿيلي پھتاسين. اسان کي ٻڌايو ويو تہ اسان جي رهائش هڪڙي وڪيل صاحب جي جڳھہ تي آهي ۽ مرحوم نور محمد لنڊ ۽ ٻيا سرڪرده زميندار اسان جي مدد ڪندا. هوڏانھن سردار غلام محمد خان مھر ايوب خان جي اليڪشن پيو وڙهي.
اسان جڏهن شام ڌاري ميرپور ماٿيلو پھتاسين تہ وڪيل صاحب جي جڳھہ کي تالو هيو ۽ پاڙي وارن ٻڌايو هو تہ هو هيٺين جڳھہ پوليس جي حوالي ڪري هليو ويو آهي. نور محمد خان لنڊ بہ ڦري ايوب خان جو حمايتي ٿي ويو هو.
اسان ڪجهہ وقت ڪار ۾ ويھي گذاريو، پوءِ تالو ڀڃي وڪيل صاحب جي جڳھہ تي رات گذاريوسون، صبح جو اليڪشن آفيس جيڪا مختيارڪار جي آفيس ۾ هئي وڃي پھتاسون.
مختيارڪار مرحوم فضل عباسي جيڪو تنوير عباسي جو چاچو هيو ۽ بابي وارن سان سنڌ مدرسي ۾ پڙهيو هيو ۽ گڏ نوڪري بہ ڪئي هيائون. هيو قادياني فرقي جو پر نھايت شريف ۽ سادو ماڻھو هو.
مون کيس واقفيت ڪرائي، حسن حميدي ڪمال جو ايجنٽ ۽ هڪ ٻيو همراھہ بشير جو ايجنٽ مقرر ٿيو، چاچو فصل محمد شروع ۾ ڏاڍو پريشان ٿيو بعد ۾ سول جج قريشي صاحب جي سمجهائڻ تي اسان سان مڪمل تعاون ڪيائين.
سردار غلام محمد کي جڏهن خبر پئي تہ ميرپور ماٿيلي ۾ بہ مخالف ايجنٽ پھچي ويا آهن تہ مينھن واءُ وانگر پھچي ويو ۽ ڪجهہ ڌمڪيون ڪجهہ پيار سان ڳالھائڻ لڳو. منھنجي واقفيت کان پوءِ مون جڏهن کيس مخفي طور ٻڌايو تہ شام ڌاري ملڪ ۾ وڏو انقلاب اچڻ وارو آهي ۽ ايوب خان جا سمورا حمايتي اسان جيل اماڻي پوءِ اٿنداسين تہ پوءِ ڪجهہ ٿڌو ٿيو.
اسان ماحول سمجهي وياسون تہ هت سمورا ووٽ ايوب خان جا آهن سو يارهين لڳي ڌاري هڪ پروٽيسٽ نوٽ ڌانڌلين وارو لکي ڏئي واڪ آئوٽ ڪري آياسون.
رڪن الدين قاسمي کي گهوٽڪي موڪليو ويو ۽ رشيد ڀٽي کي پنو عاقل موڪليو ويو هيو. تقريبن سڀني دوستن وٽ ساڳي ڪھاڻي هئي.
ايوب خان گهڻو ڪري اسي هزار جي لڳ ڀڳ ووٽ کنيا. باقي مشرقي پاڪستان جي ڍاڪا شھر ۾ اليڪشن هارائي ويو هيو، هنن فاطمہ جناح جي حمايت ڪئي.
هن اليڪشن جو اثر اهو ضرور ٿيو تہ سڄي ملڪ ۾ ايوب خان جي خلاف نفرت ۾ اضافو ٿيو.
هڪ اهم ڳالھہ رهجي وئي تہ اليڪشن کان اڳ عثماني صاحب وٽ هڪ ڳجهي ميٽنگ ٿي جتي سي آر اسلم جيڪو پنجاب جي ڪسان ڪاميٽي جو سربراھہ هيو، آيو ۽ مولانا ڀاشاني جيڪو نيشنل عوامي پارٽي جو سربراھہ هيو، ان جو نياپو کڻي آيو تہ چين جي حمايتي ڪامريڊن فيصلو ڪيو آهي تہ اليڪشن ۾ ايوب خان جي حمايت ڪجي. اسان جو ايوب خان جي خلاف هيڏي تحريڪ هلائي هئي. کيس انڪار ڪيو ۽ پنھنجي ڳالھہ تي بيھي رهياسين.
اليڪشن ۾ نيشنل عوامي پارٽي طرفان هڪ وڪيل جي بدنام منشي عبدالرئوف جوهر بہ بنيادي جمھوريت نيشنل عوامي پارٽي جي حمايت سان بي ڊي جو ميمبر چونڊيو، ان کان پوءِ قومي اسيمبلي جون اليڪشنون ٿيون. جنھن ۾ سردار غلام محمد مھر جي مقابلي ۾ رئوف جوهر کي بيھاريو ويو، جيڪو پوءِ وڪامي هٿ کڻي ويو ۽ سردار صاحب بنا مقابلي چونڊجي ويو.
نيشنل عوامي پارٽي ۽ ٻين پارٽين جا ميمبر ڏاڍا مايوسيءَ جو شڪار ٿيا ۽ ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا. ايتري ۾ هندوستان سان جنگ جا اعلان ٿيڻ لڳا. ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿي وئي. بنيادي حق ختم ٿي ويا. شيخ اياز کي ڊفينس آف پاڪستان رولز تحت گرفتار ڪيو ويو. سندس ڪوئنس روڊ وار جڳھہ حڪومتي آرڊر تحت زبردستي خالي ڪرائي هڪ مھاجر ڪٽنب جي حوالي ڪئي وئي. ان کان اڳ اياز جو جنگ جي خلاف نظم شايع ٿيو. جنھن جو اردو ۾ ترجمو ڪري هڪ مذهبي پارٽيءَ وارن وڏا پوسٽر ڇپرائي سڄي ملڪ ۾ ورهايا.
اهو وقت نھايت گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو هيو، اياز جي آزادي لاءِ اسان مرحوم اي ڪي بروهي سان ملياسين، جنھن هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي. ڪيس جي پيروي رشيد ڀٽي باقاعدگي سان ڪندو هيو، اياز سان ملاقات جي اجازت بہ لاهور مان ڀٽي وٺي ايندو هيو.
اياز جيل جا ٽي مھينا گهاري باهر نڪتو، اسان سندس جلوس سان استقبال ڪيو.
جڏهن اياز جيل ۾ هيو جنگ جون حالتون هيون، ان دوران اقباليات وارن سکر ۾ هڪ رزميہ مشاعرو ڪوٺايو، ڀٽي مون وٽ آيو ۽ چيائين تہ آفاق صديقي چئي ٿو تہ اسان ان مشاعري ۾ شريڪ ٿيو. اياز جي نہ هجڻ ڪري مان ۽ ڀٽي ايئن لڳندا هئاسين ڄڻ اها جنگ اسان ڪرائي آهي. سو وڃي ان فنڪشن ۾ شريڪ ٿياسين. صدارت وقت جو ڪمشنر ۽ فوجي آفيسر ڪري رهيا هئا. ڪارروائي آفاق صديقي جنھن اياز کي شاھہ جو رسالو اردو ۾ ترجمو ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هلائي رهيو هيو. شيخ عبدالرزاق راز ۽ شيخ حفيظ بہ اتي هيا. حفيظ شيخ تقرير ڪندي روئي ڏنو ۽ اعلان ڪيائين تہ هو جنگن جي حمايت نہ ٿو ڪري سگهي.
هڪڙي پروفيسر سليم چشتي کي لاهور مان گهرايو ويو هيو، هو نھايت نٻل ۽ ضعيف هيو، کيس کڻي اچي اسٽيج تي ويھاريو ويو، هن اچڻ شرط هندستان جي ان وقت جي صدر ڊاڪٽر راڌا ڪرشن جي شعرن سان شروعات ڪئي ۽ جنگ جي خلاف زبردست تقرير ڪئي.
مون وٽ شمشير جو شعر هيو ۽ ان ماحول ۾ اهو ئي ياد آيو، سو پڙهي لھي آيس.
اسان وٽ آغا علي حيدر سيشن جج هيو، ان وڪيلن جي بار ۾ ميٽنگ گهرائي ۽ سڀني وڪيلن کي جنگ لاءِ فنڊ ڏيڻ جو حڪم ڏنو. اسان جي مھاجر وڪيلن اعلان تہ وڏا ڪيا پر ڏنائون ڪجهہ بہ نہ آغا علي حيدر اياز جي پارٽنر مرحوم غلام مصطفى شاھہ ۽ حبيب ﷲ شيخ کي چيو تہ اياز جي فرم بہ چندو ڏئي ۽ جي نہ ڏنائون تہ کين بہ هو جيل اماڻيندو، جنھن تي غلام مصطفى شاھہ اٺ آنا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. سڀ حيرت ۾ پئجي ويا. جنھن تي شاھہ صاحب وراڻيو تہ هڪ تہ اياز کي پاڪستان دشمن سمجهي جيل اماڻيو ويو آهي. ٻيو اسان کي بہ جيل جا دڙڪا ٿا ڏيو، اهو چئي اسان ٻہ چار ڄڻا بار مان نڪري آياسين.
ان جنگ جو خاتمو تاشقند معاهدي سان ٿيو، پاڪستان کي رڻ ڪڇ جي علائقي مان ڪڇ ۽ ڀڄ جيڪي صدين کان سنڌ جا علائقا رهيا آهن، هندوستان کي ڏيڻا پيا.
ان معاهدي مان ڀٽو صاحب خوش ڪونہ هيو ۽ بعد ۾ هو ايوب خان جو ساٿ ڇڏي. جڏهن حيدرآباد پھتو تہ سندس آجيان لاءِ اسٽيشن تي ڪير بہ ڪونہ هيو ۽ هو هوٽل وارو ڪمرو بہ نہ کليو، جيڪو سندس لاءِ قاضي برادران اعلانيہ رکيو هو. ڀٽي صاحب کي آخر مير رسول بخش ٽالپر ۽ سندس ڀاءُ علي احمد ٽالپر وٺي اچي پنھنجي گهر رهايو.