سکر جون ڪجهہ هستيون
نيٺ مون جڏهن ڏٺو تہ هاڻي ڪاتي ٻڪر لاءِ تيار ٿي چڪي آهي، سو وٺي ڀڳس سکر. جڏهن دهليءَ جي مست سرمد کي شھيد ڪرڻ جا سمورا سانباها ٿي ويا تہ هو وٺي دهليءَ جي جامع مسجد جي ڏاڪڻ طرف ڀڳو. پويان سندس مرشد جو آواز آيو،” ڇو ٿو ڀڄين؟“ چيائين ”هنن کي جهل نہ تہ قيامت اچي ويندي“ قيامت جي واري ڏينھن ايندي“ مرشد وراڻيو. ”وڃ وڃي سر جهڪاءِ. ”حڪم ٿيو. سرمد اجل جو حڪم مڃيندي شھيد ٿي ويو.
مان شھيد نہ ٿيس ۽ ڀڳس سکر، اتي منھنجون وڏڙيون رهنديون هيون تمام زيرڪ ۽ داناءَ وڏا وڏا خانداني معاملا جهٽ پل ۾ نبيري وٺنديون هيون. سو کين وڃي دانھن ڏنم ۽ پيرن تي ڪريس هنن دلجاءِ ڏني ۽ چيائون تہ ”ٻچا جتي اسان چئون اتي ها ڪر“ مون کي قبول آهي. مون کين دلجاءِ ڏني ۽ آمنا صدقنا ڪئي.
هنن اهڙو ڦرڪو ڦيريو جو سڄو سين بدلجي ويو ۽ منھنجو مڱڻو مسٽر فقير محمد ڏهر مرحوم جيڪو هونءَ بہ اسان جو عزيز هيو، جي نياڻي سان ٿي ويو، ڏهر صاحب ان وقت روينيو کاتي ۾ آفيسر هيو، مڱڻي واري رسم ۽ سرڪاري مصروفيتن سبب نہ اچي سگهيو ۽ ٻي ڪنھن عزيز کي چٺي لکي ڏنائين. جيڪو ڪنوار جو پيءُ ٿي ويو، نيٺ مون تان سڀ آفتون ٽري ويون.
عبدالمجيد عباسي نھايت ئي اعلى اخلاق جو مالڪ هيو. روهڙيءَ جو سڄو شھر ايتري تہ عزت ڪندو هيو جو سندس فوٽو گهڻو ڪري هر دڪان تي ۽ گهر ۾ لڳل هوندو هيو. هو عوامي ماڻھو هيو، سندس ڪافي شاگرد وڏن عھدن تي پھچي چڪا آهن. جسٽس عبدالغني شيخ بہ عباسي صاحب جو شاگرد آهي، ٻيا ڪجهہ جج بہ آهن.
عباسي صاحب سيد شفقت شاھہ موسوي سان وڪالت ڪندو هيو، اهي عوامي ماڻھو هيا. موسوي خاندان اڳ ئي تعليم ۽ پنھنجي اعلى اصول ۽ انسان دوستي کان مشھور هيو، عطا حسين شاھہ موسوي ۽ عبدالحسين شاھہ موسوي ۽ جواد حسين شاھہ موسوي جنھن وٽ اسان لاهور ۾ وڃي رهيا هياسون، نھايت رعبدار شخصيتون هيون. تاريخ ۾ اهي هميشہ زندھہ رهنديون، سندن دروازا کليل ۽ دسترخوان ڪشادو هيو.
شفقت حسين شاھہ ايم پي اي بہ ٿيو ۽ دل جي دوري ۾ اوچتو جواني ۾ گذاري ويو. عباسي صاحب وڪالت سان شھري سياست بہ ڪندو هيو ۽ ميونسپالٽي جو صدر بہ شايد ٿيو. روهڙيءَ جي ٻن ٻين وڏن خاندانن جي بہ عباسي صاحب کي هميشہ پٺڀرائي رهي. اهي هئا قريشي خاندان ۽ قادري خاندان. قريشي خاندان زمينداري سان گڏ پير صدر الدين شاھہ جي مجاوري بہ ڪندا آهن. جنھن تي ٻارهوئي ميلو متل هوندو آهي. اڳ ڏاڙهيون مڇون ڪوڙيل فل سوٽن ۾ هوندا هيا، هينئر سڀني کي وڏيون رنگارنگي سونھاريون اٿن. سايون اڇون پڳڙيون، وڏا جبا پايو پنج ئي وقت صوم ۽ صلوات ۾ مصروف آهن.
ٻي آهي دستگير جي درگاھہ جتي چيو ٿو وڃي تہ حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيءَ غوث اعظم جي دستار مبارڪ بہ رکيل آهي، ان درگاھہ جا متولي قادري صاحبان آهن. هڪ رٽائرڊ سيشن جج ۽ ٻيو پوليس جي اعلى عملداري تان رٽائرڊ.
ٽيون وڏو خاندان آهي ميرڪي، ڪوٽائي خاندان، انھيءَ خاندان جي بہ وڏي ڪھاڻي آهي، سڄو شھر سندن جاگير آهي، شيعا فرقي جا پر اورنگزيب بادشاھہ جيڪو ڪٽر سني عقيدي جو هيو، جي اڏايل مسجد سندن ڪوٽ جي دروازي تي آهي. محرم جي مھيني ۾ سندن ماتمي جلوس جي قيادت جيڪو مير صاحب ڪندو آهي ان کي ٽالپرن واري ٽوپي ۽ لباس پھريل هوندو آهي. مير صاحب جو خطاب بہ بلوچي خطاب آهي. ”وﷲ اعلم بالصواب“ وٽڻ ڪافي نوادرات آهن. مير يعقوب شاھہ جي اولاد آهن جيڪو نواب بہ هيو.
چوٿون خاندان آهي جھان ﷲ شاھہ جي ڪوٽ جا سيد جھان ﷲ شاھہ، شاھہ عنايت صوفي جو ساٿي هيو، اهو بہ مغلن سان وڙهندي شھيد ٿيو، سندس پونئرن ڪوٽ جي زمين پلاٽ ڪري وڪرو ڪندي گذارو ڪندا آهن.
باقي هڪڙو خاندان آهي ڪربلائي، اهو چئن بيبين تي مشتمل آهي. اسان جي والدہ ٻڌائيندي هئي جڏهن سندس نانو مولوي حبيب ﷲ حال حيات هيو تہ انھن بيبين جو والد صاحب پنھنجي نياڻين کي بغير شادي ڪرائڻ جي وفات ڪري ويو. روهڙي جي مجذوب مست محمد شاھہ اڌ رات جو اچي ناني حبيب ﷲ کي ننڊ مان اٿاريو. مست جي ڪلھي تي پاڻيءَ جو مٽ هيو، چئي ”مولوي، شاھہ جي قبر کي باھہ لڳل آهي، مون کان نہ ٿي وسامي هلون بيبين کي چئون تہ شادي ڪن.“
آخر شھر جا معزز ڪٺا ٿي هڪڙي مائي جي شادي ڪرائي ڇڏيائون. انھن جو ڪوبہ سياسي ڪردار ڪونہ آهي، فقط ٻارهين مھيني ڪربلا جو ماتم ڪڍرائڻ ۽ ڪرائڻ آهي.
عباسي صاحب وٽ ڪيس گهڻو ڪري مختيار ڪار يا سول جج جي ليول جا هوندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن ڪو سيشن ڪورٽ ۾ ڪرمنل ڪيس هوندو هيس.
مان جنھن امام بارگاھہ ۾ اچي رهيو هيس. اها پراڻي سکر ۾ هوندي هئي. مون کي صبح شام روهڙي وڃڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. صبح جو پيادل روهڙي وڃان ۽ منجهند جو واپس اچان. شام جي چيمبر ورڪ لاءِ روهڙي وڃان ۽ وري اتان واپس اچان. عباسي صاحب پان محسوس ڪندي مون کي سکر جي نامياري وڪيل سيد شمس الدين شاھہ وٽ لڳرايو، بعد ۾ شاھہ صاحب جو ڀاڻيجو ۽ بعد ۾ ناٺي نور احمد شاھہ بہ اچي ڪم ڪرڻ لڳو، پوءِ سيد گلزار شاھہ ۽ نظير حسين مھر بہ آيا. شاھہ صاحب اسان جي تعلقي سان واسطو رکندو هو.
سائين بھترين وڪيل، دانشور، معزز، ترقي پسند ۽ کليل ذهن جو مالڪ هيو، سندس آفيس جيتوڻيڪ ننڍي هئي پر دل ڏاڍي وڏي هوندي هيس. فضيلت سان ڳالھائيندو، ڪڏهن تون نہ ڳالھايائين. سياست ۾ جمھوريت پسند هيو، ان ڪري مولانا ڀاشاني ۽ ولي خان نيشنل عوامي پارٽي سکر جو صدر ٿيو، اڳ ڪنھن زماني ۾ خاڪسار بہ ٿي رهيو.
سائين جي ايم سيد وٽن ايندو هيو، ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بہ اچي شاھہ صاحب جي شاگردي ۾ هيا.
ڊاڪٽر اعزاز نظير، علي مطاهر جعفري ۽ حسن حميدي بہ سائين وٽ اڪثر ايندا هيا، سائين باقر شاھہ کان وٺي ڪيترائي سوشلسٽ، ڪميونسٽ ۽ ڪيترا وارنٽي روپوش ڪامريڊ هاري، ورڪر بہ شاھہ صاحب جي خدمت ۾ ضرور ايندا هئا هو سڀني جي دامي درمي، هڙان وڙان سھائتا ڪندو هيو. پارٽي بہ سکر ۾ شاھہ صاحب جي دم خم سان هلندي هئي.
آخر ۾ شاھہ صاحب پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ضلعي صدر بہ ٿيو ۽ سينيٽر بہ ٿيو، اهي سبب بعد ۾ بيان ڪبا.
مون کان اڳ رشيد ڀٽي بہ سائين شمس الدين شاھہ وٽان وڪالت سکي الڳ ٿيو هو.
مان، رشيد ڀٽي، رڪن الدين قاسمي، فتح ﷲ عثماني، نيشنل عوامي پارٽي ۾ شامل ٿي سرگرم ٿي وياسين. نور احمد شاھہ تہ ٿوري عرصي ۾ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس پاس ڪري نوڪري ڪرڻ هليو ويو. شاھہ صاحب ۽ عثماني صاحب تہ بعد ۾ وڃي پي پي ۾ شامل ٿيا پر اسان يعني رشيد ڀٽي ۽ مان اتي ئي رهياسين.
سکر بار ۾ ٻيون بہ قدآور شخصيتون هيون، جهڙصوڪ آغا بدر الدين، مظھر علي شاھہ، سمندر شاھہ، حسن ميان، رحمان علي نقوي، مون کان ڪجهہ سينيئر رشيد ڀٽي، محمد حنيف منگي ۽ ٻيا ڪيترائي جن سان گھري سنگت ٿي وئي، جھڙوڪ علي بخش ميمڻ، غلام مصطفى شاھہ، اسلم ڀٽو وغيرہ اهي سڀ راھہ رباني اختيار ڪري ويا آهن. سيد مظھر الحق بہ مون کان اڳ وڪيل هيو ۽ اي اين پي ۾ شامل ٿيو، اعزاز نظير سندس عزيز هيو.
آغا صاحب وڏيري سان گڏ مسلم ليگ جي سياست ۾ بہ هيو پر دولتانہ واري مسلم ليگ ۾ جيڪا ايوب خان جي مخالفت ۾ هئي. آغا صاحب سادو، سچو بھادر، قول ۽ فعل ۾ هڪ جھڙو هيو.
محترم جمال صديقي، نور الدين سرڪي جو سالو، عبدالقادر صديقي سندس ڀاءُ بہ اتي هيا. محترم عبدالحليم پيرزادو جيڪو ايوب خان جو حمايتي هيو، ۽ ايوب خان جي ٺاهيل جڙتو مسلم ليگ جو نائب صدر هيو. دراصل اها ئي هڪڙي اهڙي پارٽي آهي، جيڪا گهوڙيءَ وانگر هميشہ سنجن سوڌي هر جابر ۽ ظالم آمر جي اچڻ جو انتظار ڪندي آهي. مسلم ليگ ٺھي ناهي ۽ موقعا پرست اقتدار جا بکيا، سڀ ليڪا لتاڙي وڃي پھريون نمبر پاور وٺڻ ۾ انھيءَ پارٽي ۾ شامل ٿيندا آهن.
شيخ اياز، بھترين ٿري پيس فل سوٽ اونھاري سياري ۾ پھريل، امپالاڪار ۾ آڪڙيل اچي ڪورٽ ۾ لھندو، نہ ڪنھن کي سلام ڪبو نہ وٺبو، فقط هڪ آڱر کي ٿورڙي تڪليف ڏبي ۽ڪنھن جي سلام جو جواب ڏبو، ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي ڳوري ڪنڌ کي جي ٿوري لوڏو ڏنائين تہ سمجهو وڏي عنايت ڪيائين.
پھريائين هر هڪ انھيءَ ڪورٽ ۾ ويندو، جتي سندس ڪيس لڳل هوندو، جيترو وقت ڪورٽ ۾ هوندو ۽ سندس ڪيس سڏجي اوستائين يا تہ ڪونہ ڪو ڪتاب ويٺو پڙهندو يا ٻاهر نڪري سگريٽ پيو ڇڪيندو ۽ پسار بہ پيو ڪندو. ڪتاب تہ هو ڪار ۾ بہ پڙهندو ايندو. ڪورٽ مان ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ چپ چاپ ڪري سنگل چانھہ جو آرڊر ڏئي اچي وڪيلن واري بار ۾ خاموشيءَ سان اکيون ٻوٽي ڪا ڪنڊ والاري ويھي رهندو. چانھہ پي سگريٽ دکائيندو ۽ پوءِ ويھي ڪتاب پڙهندو. جڏهن کين منشي اشارو ڪندو تہ هو يا تہ اصيل کان پئسا وٺڻ لاءِ نڪرندو يا گهر هليو ويندو.
اياز هروڀرو هوائي ڳالھين يا بيھودہ گفتگو ۽ بيڪار سياسي لٻاڙ ۾ نہ وچڙندو هيو، اياز جي ان اڳرائي يا گھرائي کي ڪئين لقب لڳل هيا. ڪنجوس، مغرور، آڪڙيل وغيرہ وغيرہ.
مان بہ انھيءَ ماحول ۾ شاھہ صاحب جا فائيل ڪڇ ۾ کڻي ايندو هيس، ڪورٽن ۽ بار ۾ شاھہ صاحب جي پويان پويان جيئن ڪو ٻڪريءَ جو ڦر هوندو آهي.