شاگرد جدوجھد ۽ ذوالفقار علي ڀٽو
منھنجو دوست صوفي محمد هاشم بلو دست شناسي ۽ ابجد کان وٺي ڪئين ٻيا علم بہ ڄاڻندو هو. ڪافي عرصو اڳ هن مون کي منھنجي ٿيڻ وارن ٻچن جي ماءُ جو نالو ٻڌائي ڇڏيو هو. ان وقت منھنجي ڌيان ۾ بہ اهو نالو ڪونہ هو. پر ساڳي نالي سان ٻي مائي هئي. جيڪا مون کان عمر ۾ بہ وڏي هئي ۽ سڀني ارڪانن ۾ مون لاءِ عذاب هئي سو صوفي محمد هاشم کي پيرن تي ڪري عرض ڪيم تہ ڪاتب تقدير کان اهو نالو ڦيرائي اچي ڇاڪاڻ جو منھنجا عزيز سر ڌڙ جي بازي لايو ويٺا هئا. ان قھر الاهيءَ لاءِ پر صوفيءَ بنھہ جواب ڏئي ڇڏيو ۽ چيائين تہ سليٽ ۽ قلم فقط اهو نالو ٿو ٻڌائي ۽ هٿ جون ريکائون بہ اهو ٿيون چون.
نيٺ ان کي ٻاجهہ پئي ۽ منھنجي شادي ٿي وئي انھيءَ ساڳي نالي واري مائي سان نہ پر ٻي ڇوڪريءَ سان نڪاح وقت جڏهن مون واري موجودہ ممتاز جو نالو مولوي صاحب کنيو تہ صوفي سري اچي مبارڪ ڏني ۽ منھنجون واڇون خوشيءَ ۾ هر گهوٽ وانگر ٽڙي ويون. 1967ع ۾ ان سان چوٿين مارچ تي حيدرآباد جي ڪمشنر مسرور حسن ڄامشوري مان سنڌ يونيورسٽي ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردن جي ڄامشوري پل کي ڪڙو چاڙهي جلوس تي زبردست لاٺي چارج ڪئي. ان جلوس جي قيادر برادرم عبدالمجيب پيرزادو، يوسف لغاري ۽ نواب يوسف ٽالپر ڪري رهيا هئا. هن جلوس ۾ آمريت مردہ باد، ون يونٽ مردہ باد جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. شاگرد هزارن جي تعداد ۾ جلوس جي صورت ۾ حيدرآباد ٿي آيا. ڪافي شاگرد شديد زخمي ۽ ڪافي گرفتار ٿيا. ان ڏينھن کي اڄ تائين آمريت جي تشدد جي صورت ۾ ياد ڪيو ٿو وڃي ۽ ڪيترن شاعرن شعر بہ لکيا هڪڙُ گيت مون بہ لکيو.
1967ع ۾ حيدرآباد ۾ هڪڙو مشاعرو سنڌ لا ڪاليج ۾ رکيو ويو جنھن ۾ سڄي سنڌ جا شاعر شريڪ ٿيڻا هئا، مان ۽ اياز بہ اتي آيل هياسين. اياز گهڻو ڪري حيدرآباد جي صدر جي علائقي ۾ رٽز هوٽل ۾ اچي رهندو هو. لا ڪاليج جي سامھون گول بلڊنگ آهي جنھن ۾ رسول بخش پليجي صاحب جي وڪالت واري آفيس هئي. حميد ان ڏينھن ۾ وڪالت ڪندو هيو. ڀرسان زينت پرنٽرس جي نالي سان پريس هئي جتي روح رهاڻ ڇپيو هيو.
جڏهن مشاعري لاءِ گڏ ٿيڻ لڳاسين تہ خبر پئي تہ شيخ اياز کي اسر ويل پوليس هوٽل کي گهيرو ڏئي گرفتار ڪري شھر نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي ۽ کيس ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تان ڪنھن ريل ۾ ويھاري سکر اماڻيو ويو آهي. شھر ۾ زبردست تاءُ پکڙجي ويو ۽ سڄو حيدرآباد پوليس ۽ فوج جي گرفت ۾ اچي ويو.
ساڳئي سال 1967ع ۾ ڊسمبر جي مھيني ۾ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي سياسي پارٽي جوڙي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو نالو رکي جدوجھد جو اعلان ڪيو.
ان کان اڳ 1966ع ڌاري بنگال جي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان عوامي ليگ جو پايو وجهي لاهور ۾ ڇھن نقطن جو اعلان ڪيو ۽ 1940ع واري قرارداد ۽ پاڪستان جي بنياد تي صوبائي خودمختياري جي گهر ڪئي.
ڀٽي صاحب اسلامي سوشلزم جي بنياد تي اٽو، اجهو ۽ لٽو جو نعرو هنيو، کيس مغربي پاڪستان ۾ زبردست پذيرائي ملي. مجيب الرحمان کي سواءِ سائين جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي، قاضي فيض محمد کان مغربي پاڪستان مان ڪابہ موٽ نہ ملي. باقي سموري بنگال سندس حمايت ڪري ڇڏي.
ڀٽو صاحب پاڪستان جي دوري تي نڪري پيو ۽ جلسن کي خطاب ڪرڻ لڳو.
اسان بہ سکر بار کي درخواست ڏني تہ ڀٽي صاحب کي سکر بار ۾ خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني وڃي. اسان جو اڳواڻ شيخ اياز هيو. حمايت ۾ مان، فتح ﷲ عثماني مرحوم رشيد ڀٽي، رڪن الدين قاسمي، قادر صديقي، غلام مصطفى شاھہ، علي بخش ميمڻ، حبيب ﷲ شيخ، شرف الدين ادا ۽ ٻيا ڪافي نوجوان هيا. مرحوم محمد حنيف منگي توڙي ايوب خان واري مسلم ليگ ۾ هيو پر تڏهن بہ صحيح ڪري ڏنائين. حنيف منگي ڏاڍو شريف ماڻھو هيو پر سياسي طور علي حسن منگي سان هوندو هو جيڪا منگي صاحب جي پارٽي اها ئي حنيف منگي جي پارٽي هوندي هئي.
هڪ دفعي علي حسن منگي اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي لاءِ اي ڪي بروهي کي شڪست ڏني هئي. بروهي صاحب جماعت اسلامي جي ٽڪيٽ تي بيٺو هو ۽ صاف اليڪشن وڙهيو. هيڏانھن منگي صاحب جي حمايت ۾ سدا سھاڳڻين، خواجہ سرائن، ۽ منگي مل ۾ واڙيل ميمبرن بہ پھر نہ گهٽايا. منگي دهلين، دمامين اليڪشن کٽي ويو ۽ بروهي صاحب هارائي ويو. پياري پاڪستان جي سونھري باب ۾ هڪ زبردست اضافو ٿيو، بعد ۾ ضياءُ الحق منگي صاحب کي پاڻ وٽ گهرائي کانئس اهي گر پڇيا تہ هن ڪھڙن نسخن سان بروهي صاحب جھڙي خانداني ماڻھوءَ کي هارايو.
سو ڳالھہ پئي ڪئي سين سکر بار ايسوسيئيشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي دعوت ڏئي تقرير ڪرائڻ جي. سکر جا سمورا سينئر وڪيل شيخ اياز جي وڪالت کان تہ حسد ۽ ساڙ رکندا هئا. جنھن کي پروفيشنل جيليسي چئبو آهي ۽ اهو هر هنڌ هر پيشي ۾ آهي، پر شيخ اياز، سنڌ جو آواز، بہ کانئن برداشت نہ ٿيندو هيو. سندس شعر، مشھور گيت، بزم صوفياءِ سنڌ ۾ کيس سائين جي ايم سيد ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ڪيو. اياز جون اخبارن، رسالن ۾ خبرون ۽ شھر نيڪايلون برداشت نہ پيون ٿين. وڏي ڳالھہ تہ هيڏي وڏي جرئت سان ايوب شاهيءَ سان مھاڏو اٽڪائڻ کين نہ پيو هضم ٿئي.
اياز وٽ تہ ڪو نظريو هيو، نصب العين يا منزل هئي جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ تختو هيو تخت ڪونہ هيو. هي تہ ايئرپورٽ کان وٺي بيڊ روم تائين ايوب خان لاءِ ٻانھون ٻڌيون قطار ۾ بيٺا هوندا هئا. فقط پلاٽڻ، پرمنٽن، ويڪائو رشوتي نوڪرين ۽ ڪامورن وٽ لئہ ڪرڻ لاءِ منھن تي تعريف ڪندا هئا پر ڳجهہ ڳوھہ ۾ هر قسم جي سازش ڪندا هئا. سو هڪڙي ٻي ان وقت جي صدر کي درخواست ڏني وئي تہ مولانا احتشام الحق ٿانوي جيڪو ايوب خان جي حمايت ۾ جلسا ڪندو پيو وتي، ان کي بہ گهرايو وڃي ۽ ڀٽي صاحب کان اڳ مولوي بار کي خطاب ڪري.
اها ڀٽي صاحب جي ظاهر ظھور بي عزتي هئي سو اسان اعتراض ڪيو، جنھن تي اسان کي چيو ويو تہ جيئن وڪيلن جي اڪثريت فيصلو ڪري سو جنرل باڊي جو اجلاس ڪوٺايو ويو.
ان وقت سکر ضلعو ڳڙهي ياسين کان اوٻاوڙي تائين هو، سو اسان جيئن اليڪشن جي ورڪ ٿيندي آهي نڪري پياسون. وڪيلن کي گڏ ڪرڻ لاءِ. مرحوم غلام مصطفى شاھہ ۽ حبيب ﷲ شيخ، علي بخش ميمڻ ۽ ٻيا دوست پني عاقل، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙو طرف ويا ۽ روهڙي ۽ سکر ۾ بہ ڏينھن رات ورڪ ڪئي سون.
مقابلو ڀٽي صاحب ۽ مولوي احتشام الحق جو نہ هيو پر مقابلو هيو آمريت پسندن ۽ جمھوريت پسندن ۾. ڀٽو صاحب جيستائين آمريت جو حمايتي هيو اسان سندس مخالفت ۾ هياسون. جڏهن هو آمر جي مدمقابل ٿيو ۽ اڪيلي جنگ وڙهڻ لڳو تہ اسان سندس حمايتي ٿي وياسين.
جنرل باڊي واري ڏينھن سکر ضلعي جا گهڻو ڪري سمورا وڪيل ڪَٺا ٿي ويا. اسان جي گهر هئي تہ هڪ نقطي تي فيصلو ٿئي تہ ڀٽو صاحب وڪيلن کي خطاب ڪري يا مولانا احتشام الحق ٿانوي خطاب ڪري، ٻنھين مان هڪڙي جو فيصلو ٿئي ڇاڪاڻ تہ اسان کي مولوي قطعن برداشت نہ پيو ٿئي.
هاڻي جڏهن ڏٺو ويو تہ جيڪڏهن ووٽنگ ٿي تہ فيصلو ڀٽي صاحب جي حق ۾ ٿيندو تہ وڪيلن ۾ ٽي گروپ ٿي ويا. هڪڙا کلم کلا ڀٽي صاحب جا حمايتي ٻيا مولانا جا حمايتي ۽ ٽيون گروپ وري ٺاھہ ڪرائڻ واري هيڏي هوڏي ۽ سوديبازي جي چڪر ۾ پئنچ بہ خوش ۽ ساڌ بہ پرسن يعني انٽيليجنس وارا اهو نہ لکن تہ فلاڻا آمر جا مخالف هئا.
هڪڙو ايوب جو حمايتي جنھن ۾ حسن ميان، رحمان علي نقوي، عبدالحليم پيرزادو ۽ ٻيا مھاجر وڪيل جيڪي واضح ٿورائي ۾ ٿي نظر آيا. باقي اسان جو گروپ شاھہ صاحب يعني شمس الدين شاھہ آغا بدر الدين جيتوڻيڪ سندس ماضي ٺيڪ ٺاڪ هيو، پر اياز دشمني ۾ وچ وٺيو بيٺا هيا. سو بجاءِ ووٽنگ ٿيڻ جي گهرجي تہ معاملو ختم ٿئي جنھن تي هڪ وڪيل اٿي اچي شيخ اياز تي حملو ڪيو جنھن تي رڪن الدين قاسمي ٽپ ڏئي ان وڪيل تي جوابي حملو ڪيو ۽ جهڳڙو ٿي پيو.
ان جو فائدو جهڳڙو ڪرائڻ واري کي ملي ويو ۽ هنن فيصلو ڪيو تہ ڀٽو صاحب بہ اچي ۽ مولانا بہ اچي هڪ سينيئر اعلان ڪيو تہ ان ۾ ڀٽي صاحب جي ڪا بي عزتي نہ آهي جنھن تي ٻي گروپ چيو تہ ڀٽو صاحب بار جي حدن ۾ ايندو، جواب ۾ چيو تہ ڀٽو صاحب بار جي حدن ۾ نہ ايندو. جواب ۾ چيو ويو تہ قبول آهي ڀٽو صاحب بعد ۾ ايندو پھريان مولانا خطاب ڪندو قبول آهي جا نعرا هنيا ويا نہ ووٽنگ ٿي نہ راءِ ورتي وئي فقط داداگيري ٿي.
اسان ان ميٽنگ جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ هليا آيونسون. بعد ۾ مولانا کي وڏي احترام سان هار پارائي خطاب ڪرايو ويو ۽ ڀٽي صاحب کي الصحرا هوٽل ۾ خطاب ڪرايو ويو. مان ٻنھين دعوتن ۾ ڪونہ ويس. بعد ۾ معلوم ٿيو تہ ممتاز علي خان ڀٽو جيڪو ذوالفقار علي خان سان ڪَٺو هيو، سو اياز کي گهران وٺي آيو ۽ اياز اسان کان پڇڻ کان سواءِ ان دعوت ۾ شريڪ ٿيو.