ڀلي پار جو سفر (3)
مشھور مسجدون ۽ يادگار جڳھون جن ۾ بيبي عائشہ صديقہ جو گهر ۽ ٻيون مشھور رهائشگاهون جتان جي مٽي کڻي ٽڪيون ٺاهي وڪيون وينديون هيون. حاجي عقيدت وچان اهي ٽڪيون خريد ڪري ايندا هئا. دراصل اڳ سعودين وٽ جڏهن محدود آمدني هئي. تڏهن انھن شين مان پئسا ڪمايا ويندا هئا، هينئر وٽن، سون ۽ تيل نڪتل آهي ۽ حاجين جي هر سال ۽ عمري جي ٻارهن مھينا اڻ مئي آمدني ۽ دولت آهي. اتي ئي ذوالحج جو چنڊ ڏٺوسين. قرباني لاءِ چار سؤ ريال هڪ هڪ ماڻھو جي نسبت سان بئنڪ ۾ جمع ڪراياسين. ان مان فائدو ٿيو تہ حڪومت هر حاجيءَ جي نالي جنھن پئسا جمع ڪرايا آهن، جانور خريد ڪري ذبح ڪري ڇڏيندي آهي. اسان کي بئنڪ طرفان هڪ پمفليٽ ڏنو ويو، جنھن ۾ ٻڌايل هو تہ اسان جي قربانيءَ جو گوشت دنيا جي غريب ملڪن ڏانھن موڪليو ويندو آهي. اڄ بہ دنيا ۾ ڪروڙين ٻار ۽ ٻڍا، جوان بکن ۾ پاھہ پيا ٿين. خاص طرح سان افغانستان ۽ ٻين آفريڪي ملڪن ۾ جتي هيرا ٿا لڀن، اتي آمريڪا ۽ يورپي ملڪن هٿرادو جنگيون ڪري غريبن جا هيرا لٽي کين بکن ۾ مرڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي، جن ۾ رونڊا جو مثال ڪافي آهي. اقوام متحدہ هڪ هٿ ٺوڪيو ادارو آهي جيڪو پڻ آمريڪا ۽ يورپ جي تابعداريءَ ۾ لڳل آهي، انھن ملڪن ڏانھن حاجين جي قرباني جو گوشت موڪليو ويندو آهي. اها هڪ تعجب جي ڳالھہ آهي تہ ٽيھہ پنجٽيھہ لک حاجين جي قرباني جي جانورن جو نہ ڪٿي رت نظر آيو نہ اوجهري نہ وري ڪو جانور سينگاريل گهمندو نظر آيو. اتي ذبح خانہ ٺھيل آهن جيڪي شھر کان ٻاهر آهن جتي جانور بہ هوندا آهن ۽ بلڪل سائنسي طريقي سان ۽ صفائي سان ذبح ڪري گوشت کي ڍڪي ورهايو بہ ويندو آهي. اهو طريقو چون ٿا تہ ڪيترن ٻين عرب ملڪن ۾ بہ آهي، جيڪڏهن ڪنھن محترم کي گوشت مان حصو کپي تہ کيس سرڪاري عملدار پيڪ ڪري دروازو کڙڪائي پھچائي ويندو آهي هتي سڄي ملڪ جي جانورن ۽ انھن جي رت ۽ اوجهرين جا ڍير هر گهٽي هر چوراهي تي عام هوندا آهن. ڪيترن ئي هنڌن تي سڄو محلو رت سان ٻڏل هوندو آهي سنت ابراهيم کي هڪ وحشي پڻي ۾ بدلايو ويو آهي.
بھرحال ڏهين ڏينھن اسان بسن ۾ چڙهي وري مڪي شريف لاءِ احرام ٻڌي روانا ٿياسون. هاڻي اسان جي رهائش جو بندوبست مڪي شريف جي عزيزآباد واري علائقي ۾ نئين ٺھيل هوٽل ۾ رکيو ويو تہ ان جو سبب اهو هو جو اسان کي حج وارا ٽي ڏينھن منى ۾ رهڻو هو، جيڪو عزيزآباد کي ويجهو هو، عزيزآباد جي هوٽل ۾ سامھون رکي اسان کي ستين ۽ اٺين ذوالحج واري رات منى ۾ آندو ويو. جيڪو طنبن جو شھر ٻڌل آهي. هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش جا حاجين جا طنبو هڪٻئي جي ويجهو هئا. اسان کي جمرت العقبہ جي رمي ڪرڻي هئي. جمرت (شيطان) کي پٿر هڻڻيون هيون. جمرت يعني شيطان جون ٽي نشانيون ٺھيل آهن. انھن کي پٿريون هڻڻ کي رهي چيو ويندو آهي پر اهو عمل اسان کي عرفات کان موٽي اچي ڪرڻو هو، اسان صبح جو سوير عرفات لاءِ تيار ٿياسون. عرفات هينئر تہ هڪ ننڍي شھر ۾ تبديل ٿيل آهي. اتي مسجد نمرہ آهي، جتي زوال تائين رهڻو آهي، جبل الرحمت تي ڪيترن ماڻھن نفل ادا ڪيا. عصر جي نماز پڙهڻ کان پوءِ عبادتون ڪرڻيون آهن. مون تہ فقط معافيون ٿي گهريون. ان بعد مغرب ۽ عشاء جون نمازون گڏ ڪري پڙهيونسين ۽ بس ۾ اچي ويٺاسون. عجيب منظر هيو. ٽيھہ لکن کان وڌيڪ حاجي احرام ۾ هڪ هنڌ گڏ ڪيا ويا هئا ۽ خدا آڏو سجدن ۾ هئا. سج لھڻ کان پوءِ ڪئين حاجي پيدل ۽ ڪيترا بس ن ۾ سوار ٿي عرفات مان نڪرڻ لڳا. اسان کي هڪ رات مزدلفه ۾ کلي ميدان تي گذارڻي هئي. مزدلفه عرفات ۽ منى جي وچ ۾ پھاڙي علائقو آهي، جتي سڄي رات عبادتون ڪندي گذارڻي آهي. اهو عرفات کان ستن يا اٺن ڪلوميٽرن تي آهي، پر لکن ۾ حاجي پيدل روڊن تي هزارن ۾ بسون هڪٻئي جي پويان تقريبن زيرو جي رفتار سان ٿي هليون، پورا اٺ يا نوَ ڪلاڪ بسن ۾ گذارڻ کان پوءِ هڪ جڳھہ تي لھي نماز ادا ڪئيسون ۽ اتان اسان کي پٿريون ميڙڻيون هيون.
وري بسن ۾ چڙهي منى آياسون. اسان کي بس واري هڪ ٽنيل يعني غار جي ٻاهران لاهي اڳتي وڌڻ کان نابري واري اها حقيقت بہ هئي. لکن جي تعداد ۾ حاجي پيدل بہ هئا. روڊن تي بسن جو هلڻ ناممڪن هو، ڪجهہ پنڌ کان پوءِ جڏهن ان غار وٽ پھتاسون تہ اسان کي پنھنجي طنبو تائين پھچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ويو. اسان فوٽ بال ٿي وياسون لکن ۾ ماڻھو وڏي اسپيڊ مان نعرا هڻندا ٿي ويا. ڇاڪاڻ جو ان ڏينھن پھريائين جمرات يعني شيطان کي پٿريون هڻڻيون هيون. اهي سڀ ماڻھو اوڏانھن ٿي ويا. انھن ۾ طاقتور حبشي قدآور ترڪ ايراني ۽ افغاني هئا. جيڪي قسم کڻي ايندا آهن تہ ڪجهہ اسان جھڙن جيتامڙن کي چيڀاٽي ماري پوءِ جان ڇڏيندا. اسان جا چمپل پيرن مان نڪري ويا، ٺونشا ۽ ڌڪا کائيندا جان بچائيندا اچي پنھنجي خيمي تائين پھتاسون. اسان مان هڪ نوجوان تہ بيھوش ٿي ويو. جنھن کي ڊاڪٽر ڊرپون چاڙهي سمھاريو. سندس پوڙهي ماءُ ڪافي دير کان پوءِ ملي وئي. اسان کي شيطان کي پٿريون بہ هڻڻيون هيون. اهو عمل اسان جي ٽريولنگ ايجنٽ سٺي طريقي سان ڪرايو. وري ٻي ڏينھن بہ ٿي ويو. اتان مڪي شريف وياسون، جتي طواف ۽ زيارت ڪري وري منى ۾ موٽي آياسون. اسان احرام لاهي ڇڏيو هو. اسان کي احرام ۾ ٽيون ڏينھن هو، انھن ڏينھن ۾ اسان کي وات ۾ پيسٽ بہ ڪرڻي هئي. غسل بہ بغير خوشبوءِ واري صابڻ سان ڪرڻو هو. واش روم تي وڏي رش هئي. سڀ ڪو قطار ۾ ٿي بيٺو ان ڪري منھنجي بک مري وئي، گهڻو ڪري مان ايترا ڏينھن ڄڻ ڪجهہ کاڌو ئي ڪونہ، توڙي اسان جي ايجنٽ طرفان هر شيءِ موجود هئي. اٺ ماڻھو هڪ طنبوءَ ۾ ڪٺا ستل هياسون. عبادتون پابندي سان ٿي ٿيون. شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ جان جي خطري کان ٻاهر نہ هو، هڪ دفعو طواف ڪري بہ اچڻو هو ۽ وري اچي منى ۾ رهڻو هو. مڪي شريف واپس اچڻ لاءِ ٻہ ڪلاڪ کن بس جو انتظار بيٺي پير ان پل تي ڪيوسين. تہ اوچتو ڪٿان طوفاني برسات اچي ڪڙڪي. اسان اهو ڪلاڪ پل جي ريلنگس کي چنبڙيا پيا هياسون. پل جي هيٺان ڪيئي انساني لاش لڙهندا ڏٺاسون. فلمن ۾ ڏٺو آهي تہ ڪيئن طوفان ۽ بارش ۾ موٽر ڪارون ۽ بسون لڙهي رهيون آهن. هتي اکين سان ڏسي رهيا هئاسون. جبلن تان پاڻي وڏي طاقت سان ٿي لٿو، جيڪو هر شيءِ کنيو ٿي ويو، آخر اسان واري بس آئي، جنھن ۾ چڙهي اچي عزيزيہ واري هوٽل ۾ لٿاسون. برسات هر جڳھہ هڪ جھڙي هئي، معلوم ٿيو تہ منى جو سڄو شھر طوفان ۽ بارش جي نذر ٿي ويو هو. آخر ۾ طواف وداع بہ ڪيوسين. اهو انتھائي ڏکيو عمل هو، جڏهن لکن ۾ ماڻھو هڪ وقت طواف ڪندا هجن، تر اڇلڻ جيتري جڳھہ بہ نہ هجي، اتي روز محشر ٿي لڳو. اسان اهو طواف مٿي چڙهي وڃي ڪيوسين. مٿي هڪ چڪر ڏيڍ ڪلوميٽر جو هو. اهڙا ست چڪر هڻڻا هئا، اتي انسان کي الائجي ڪٿان اها همت ٿي اچي تہ سڀ ڪجهہ پاڻھي ٿي ٿو وڃي. آخر ۾ جدہ آياسون ۽ اتي بہ وڏو عجيب منظر هو. ايڏي مخلوق کي سعودين آسان طريقي سان منھن ٿي ڏنو ۽ هر هڪ حاجي پنھنجي وطن روانو ٿي ويو. حقيقت ۾ حج جون جيڪي بہ ضرورتون هيون. ان ۾ فقط هڪ مقصد واضح هو، تہ اتي سڀ ماڻھو هڪ صف ۾ هئا، سڀ محمود و اياز هيا. هڪ خدا جي آڏو سجدن ۾ هئا. امير ۽ غريب جي ڪابہ تفريق ڪانہ هئي. هي حقيقت پنھنجي من کي مارڻ جي ترتيب هئي. احرام هڪ ڪفن آهي، جيڪو سڀني کي پالڻو آهي. اندرين ٻاهرين صفائي ٿي رهي هئي. پنھنجي حقيقت کي پروڙڻ جو سٺو موقعو آهي. هڪ امتحان آهي جتي ڪو ڪنھن جو ڪونہ آهي. سڀ اڪيلي سر ڪرڻو آهي. اها منھنجي نصيب ۾ هئي. حج لفظ جي معنى آهي حجامت يعني صفائي انسان صفا ٿي ماءُ پيٽان ٿي اچي ٿو، پر هڪڙو ملڪ اهڙو بہ آهي جنھن جو خيال آهي تہ ڇاڪاڻ جو سعودي بادشاھہ آهن خليفا نہ آهن ۽ اسلام ۾ خلافت آهي. ملوڪيت نہ آهي، ان ڪري ان امام جي پويان نماز جائز نہ آهي، جيڪو بادشاھہ جو خطبو ٿو پڙهي. ڪيترن جو ان متعلق جدا جدا خيال آهي، اها هڪ حقيقت آهي تہ ملوڪيت يعني بادشاهت دين يزيدي آهي پر هڪ حاجي لاءِ هڪ مجبوري آهي، ٻيو خيال اهو بہ آهي تہ مسجد ۾ نماز پڙهڻ جو مقصد مسلمانن کي عبادت سان گڏ پنھنجي مسئلن لاءِ گڏجاڻي بہ آهي. اهڙي ريت محلي جي مسجد ۾ اتان جا ماڻھو پنج وقت گڏ ٿي خدا کي ياد بہ ڪن ۽ پنھنجا اجتماعي ۽ انفرادي معاملا بہ سلجهائن. اهڙي ريت هر جمعي تي جامع مسجد ۾ سڄي علائقي جا ماڻھو ان مقصد لاءِ ڪٺا ٿين. ساڳي ريت حج تي سڄي دنيا جا مسلمان ڪٺا ٿي پنھنجا سياسي، سماجي معاملا کڻن، پر هتي سعودي حڪومت ڪنھن بہ قسم جي سياست ڪرڻ جي اجازت ڪانہ ٿي ڏي. فقط عبادتون ڪيو ۽ گهر هليا وڃو. ظاهر آهي تہ نہ مسلمان ايترا مضبوط آهن نہ سعودي حڪومت ۾ ڪو دم خم آهي. مسلمان ملڪن ۾ يا تہ بادشاھہ آهن يا ڊڪٽيٽر آهن. عوام ويچاري کي تہ ڪو پڇڻ وارو ڪونہ آهي. سڄي اسلامي دنيا جي مال تي آمريڪا ۽ يورپ جو قبضو آهي. اسان جو حج قبول ٿيو يا نہ، سموري خبر خداوند کي آهي.
وﷲ اعلم با الصواب