چين جو يادون : شنگهائي
آڻـــــي اڌارا، اسان آونگ چــــــــــاڙهيا
منھن ڏيندي مون، پيا سامھون سيارا
اڀــــرن سيڪــــارا، ڏسـيو ور ٻين جا
چين ۾ بہ ساڳي ڪيفيت هئي، نئين ڪنوار پھرين رات تر جي زميندار جي بستري تي گذاريندي هئي. جنھن سردار صاحب کي پٽ جي اولاد ڪونہ هئي. اهو ان هاريءَ جي زال گهرائيندو هو، جيڪا پٽ ڄڻيندي هئي. ٻار وٺي پوءِ کيس ڪجهہ ڏئي واپس موڪليو ويندو هو. يورپ ۾ فرينچ انقلاب کان اڳ ساڳي ڪھاڻي هئي. اسان وٽ تہ هلي ٿي پئي، پر هيڏي ساري گند مٿان قالين وڇائي ڍڪيو ٿو وڃي. آغا حشر جا منظوم ڊراما، شيڪسپيئر جا لکيل ڊراما، ڪاليداس جا لکيل ناٽڪ ۽ ٻين ڪيترن ناٽڪ نويسن جا ڊراما انھن ڪھاڻين جي عڪاسي ٿا ڪن. لنڊن ۾ مون وڪٽوريا ٿيٽر ۾ اهڙو ئي منظوم ناٽڪ ڏٺو.
شنگهائي جا اوپيرا ٿيٽر ڏاڍا مشھور آهن. ان ۾ اڳ جمناسٽڪ جا حيرت ۾ وجهندڙ ڪرتب ڏيکاريا ويا. اوپرا ڏسڻ جي فرمائش اسان سڀني ڪئيسون. وڏو هال هو، ڏاڍي خلق هئي، خاص طرح سان آمريڪي ۽ يورپي تمام گهڻا هئا. جمناسٽڪ کان پوءِ ڪجهہ سرڪس جا ڪرتب بہ ٿيا. پوءِ اوپيرا ڏيکاريو ويو. هال جي سمورين ڀتين تي اسٽيج تي چيني مڪالمن جو انگريزي ترجمو هلي رهيو هو. انقلاب کان اڳ جي چين ۾ پيڙهيل مظلوم، اگهاڙن، بکين انسانن جي ڪھاڻي، انھن دلوراءِ جي نگري جي ظالمن جا قصا ان ويھاريل عورت جنھن کي پٽ ڄڻي ڪرايو ڏئي ٻار کسي وري واپس ساڳي جهوپڙي ۾ ان بيوس پتي پرميشور وٽ موڪلڻ جيڪو بيوسيءَ سببان ان ساڳي عورت کي قبول ٿو ڪري، اوپرا ڏسڻ کان پوءِ جڏهن ٻاهر نڪتاسون تہ ڪافي وقت چپ هئاسون ۽ مون کي پنھنجي سنڌ جي شيوئي، جمنا جوٽي ۽ جيوت ۽ ٿر، ڪاڇو ۽ ڪوهستاني سامونڊي پٽي تي رهندڙ بيوس جهوپڙا ۽ ڏهر ياد آيا. خبر ناهي هتي ڪڏهن اهڙو انقلاب ايندو؟ صبح جو پنجاب مان اسڪالرشپ تي موڪليل چين ۾ پڙهندڙ شاگرد اسان سان ملڻ آيا. مون هڪڙي ڇوڪري کي پاسيرو وٺي وڃي کانئس پڇيو تہ اتي ڪو پاڪستاني کاڌي وارو هوٽل آهي ۽ هو مون کي اتي وٺي وڃي سگهي ٿو يا نہ؟ سر، ڪافي اهڙا ريسٽورنٽ آهن، جتي انڊين ۽ پاڪستاني کاڌا ملن ٿا. هن شاگرد وراڻيو هڪ ريسٽورنٽ تہ اسان واري (پيس هوٽل) جي بلڪل ويجهو آهي. مون ان ڇوڪري سان شام جو پروگرام جوڙيو. مون پنھنجي ميزبانن کي چيو تہ مان رات جي ماني نہ کائيندس ۽ هو مون لاءِ ڪنھن بہ هوٽل ۾ ڪابہ ٽيبل تي ڪرسي بڪ نہ ڪرائين. في الحال تہ سڀ وائڙا ٿي ويا، پر جڏهن مون کين ٻڌايو تہ مان رات جو روزو ٿو رکڻ گهران جو هنن هيترا ڏينھن چين جا بھترين کاڌا کارايا آهن تہ پوءِ هو مطمئن ٿي ويا.
سڄو ڏينھن شنگهائي جو سير ڪرڻ شروع ڪيوسين. اهو ڏينھن شايد آچر جو ڏهاڙو هو، سڄي شھر جي فوٽ پاٿن تي پوڙها ۽ ضعيف ماڻھو ڪٺا هئا. جن جي سيرب ٿي سنواري وئي. پاڻيءَ جا گرم ٽپ هئا، جن ۾ کين وهنجاريو ٿي ويو. سڀ پوڙها ۽ پوڙهيون ڪپڙن کان آجا هئا. اهو ڪم فوجي ڪري رهيا هئا. اسان کي ٻڌايو ويو تہ هر هفتي سموري چين ۾ سڄي چين جا پوڙها ۽ ضعيف اهڙي ريت صفائي ڪيا ويندا آهن. جن جو والي وارث نہ هوندو آهي. اهو ڪم بہ چين جي فوج کي ڪرڻو آهي. شنگهائيءَ جي هڪ مسجد بہ ڏيکاري وئي، نھايت خوبصورت هئي. ڪجهہ نمازي بہ هئا. سينگاريل بہ هئي، هڪ وڏو مندر جنھن ۾ گوتم جا بت رکيل هئا. اندر پير پائڻ جي جاءِ نہ آهي. ماڻھو عبادتون پيا ڪن. ڌوپ واس پيا ڪن. مندر تمام وڏو هو، اندر گفٽ شاپس تمام گهڻا هئا. شنگهائي جون پراڻيون بازارون اسان جي پراڻينن بازارن جھڙيون آهن. سوڙهيون ۽ ڍڪيل ساٿين اتان ڪافي لڪڻ خريد ڪيا، مون شنگهائي جو مشھور ريشمي ڪپڙو خريد ڪيو.
رات جو عطا شاد نشي جي حالت ۾ هوٽل جي لفٽ استعمال ڪرڻ بجاءِ ڏاڪڻيون استعمال ڪيون ۽ اتان ڪري پيو، ڌڪ لڳس. ان ڪري اسان جي چيني دوستن سندس پئسن وارو ٻٽون چورائي لڪائي رکيو، جيئن هو وڌيڪ شراب خريد نہ ڪري سگهي.
شام جو شنگهائي جو هڪ وڏو ڊيپارٽمينٽل اسٽور ڏيکارڻ ويا. هي اسٽور تمام گهڻن منزلن ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ فرلانگ ڊگهو ۽ ايترو ئي ويڪرو هوندو، لنڊن جو ڇا پر دنيا جو ڪوبہ اسٽور هن جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. اسان کي سمجهايو ويو تہ مقرر وقت تي سڀ ڪوسٽر بس ۾ اچي ويھون نہ تہ گم ٿي وينداسون. هزارن جي تعداد ۾ خريدار هئا. ماڻھو ماڻھو سان پيو لڳي. سئي کان هوائي جھاز تائين موجود شيون هيون. آبنوس ۽ عاج مان ٺھيل شيون، بلور، ڪرسٽل ۽ چيني ٿانوَ ريشم ۽ ان مان ٺھيل چمڙيءَ مان ٺھيل ڪپڙا، ڪوٽ اوور ڪوٽ ۽ ننڍڙي نئين ڄاول ٻار هر عمر جي مرد ۽ عورت لاءِ هر لباس، جوتا، سينڊل ۽ چمپل، سينگار جو سامان، ڪاسميٽڪس، هزارن ۾ هر فلور تي ڀريل ۽ سجايل دڪان هيا. مطلب تہ دنيا جي هر شيءِ موجود هئي. ۽ چمڙي جا ٿيلھا ۽ سوٽ ڪيس تہ ايترا سٺا هئا جو ڇا ڳالھہ ڪجي؟ هر شيءِ خريد ڪرڻ جھڙي هئي، مون کي پاڪستان مان هڪ وڪيل دوست گل محمد سومرو پنھنجي نياڻي لاءِ هڪ چيني ڇٽي آڻڻ لاءِ چئي ڇڏيو هو. هڪڙي دڪان تي هزارن ۾ ڇٽين جا قسم رکيل هئا. نيٺ هڪ ويڙهجي وڃڻ واري ڇٽي مون خريد ڪئي. سائين غلام المصطفى شاھہ هڪ چيني ٿانون واري چيني گڏيءَ کي ورايو ويٺو هو. ڪئين ڪوپ ۽ ڪٽليون، ڊنر سيٽ ڪڍرايو بيٺو هو. سائين بہ ٿڪجڻ وارو ڪونہ هو تہ چينڻ بہ پنھنجي دڪانداري انداز وارين مرڪن مينا بازار لڳايو بيٺي هئي. مون بہ وڃي پاسو ورتس هڪ اهڙو ڊنر سيٽ ڏسڻ بيھجي ويس. جنھن جي پنجهتر ٿانون تي هڪ حسينا پنھنجي جسم کي هڪ پلنگ تي لٽايو پئي هئي. سائين جو هڪدم مون اوڏانھن ڌيان ڇڪايو ۽ تڙي ڪڍندي چيائين. ”اي اهو وٺندي ڇا، هي تہ اوطاق ۾ بہ نہ ٿو رکي سگهجي.“ سائين توهان ئي ڪو وارو ڪونہ ٿا ڏيو تہ ٻيو ڪجهہ بہ ڏسجي.“ مون وراڻيو. ”بابا هي هڪڙي ٻارڙي آهي، ڪجهہ سمجهي ئي ڪونہ ٿي. مون کي ٻن ڪوپن ساسرن واري چانھہ جو سيٽ گهرجي ۽ هن کڻي ڊنر سيٽ ڪڍي رکيو آهي.“ مون جڏهن عرض ڪيو تہ هڪ تہ چين ۾ چائلڊ ليبر منع آهي ۽ چينڻيون ڏسڻ ۾ ننڍيون ٿيون اچن. وڏي عمر جو ٻيو ڪٿي بہ ٻن ڪوپن وارو چانھہ جو سيٽ ڪونہ ٿو ٿئي. نيٺ سائين هڪ چانھہ جو سيٽ خريد ڪيو.
اسان کي ان اسٽور ۾ بلوچستان جا ڪجهہ نوجوان مليا، جيڪي ايشيائي راندين ۾ حصو وٺڻ آيا هئا. هو عطا شاد لاءِ پڇندا ٿي ويا. جڏهن سڀ دوست مقرر وقت تي اچي ڪوسٽر ۾ ويٺاسون تہ اتي عطا شاد ڪونہ آيو. سڀ ڏاڍا پريشان ٿي ويا. ڏاڍو ڳوليو ويو، لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪرايا ويا پر عطا شاد جو ڪو اتو پتو ڪونہ پيو. ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ چينين پوليس کي اطلاع ڪري هوٽل ڏانھن رخ ڪرايو. اتي ڪوبہ معاملو جيڪڏهن پوليس کي ٻڌائبو آهي تہ مسئلو حل ٿي ويندو، اسان رستي ۾ ئي هئاسون تہ اسان کي پوليس اطلاع ڏنو تہ عطا شاد پنھنجي هوٽل جي ڪمري ۾ نشي جي حالت ۾ بيھوش ستو پيو آهي. پئسا ڪٿان آيا؟ هن جو ٻٽون تہ چينين لڪائي ڇڏيو هو، پوءِ هن شراب ڪٿان پيتو؟ اهي هئا سوال جيڪي ڪنھن کي بہ سمجهہ ۾ نہ ٿي آيا. ٻئي ڏينھن تي خبر پئي تہ جيڪي بلوچي نوجوان عطا شاد کي ڳولي رهيا هئا. انھن هن کي ڳولي لڌو هو ۽ کيس وٺي وڃي پيئاري هوٽل تي پھچائي آيا هئا. ڪير ڪنھن جو رزق تہ نہ ٿو کسي سگهي. اها ڳالھہ ان ڏينھن اسان کي سمجهہ ۾ اچي وئي. رات جي ماني مون تہ منع ڪئي هئي. سو مون کان سواءِ سڀ ويا اها ماني کائڻ. پوري اٺين وڳي منھنجي ڪمري جو در کڙڪيو، ٻاهر هو پاڪستاني شاگرد بيٺا هئا. هوٽل جي سامھون هڪ ڦونھارو هو، جيڪو هڪ اسان جھڙو همراھہ هلائي رهيو هو. ويٽر چيني ڇوڪريون مغربي لباس ۾ گراهڪن کي گهربل شيون ڏئي رهيون هيون.
ڇوڪرن مون کان ڪنھن خاص شيءِ لاءِ پڇيو ”ڪجهہ بہ هجي پر جنھن ۾ لوڻ مرچ ۽ مصالحہ هجن“ هنن ويڙهيل مانيءَ ۾ اندر قيمون ڀريل وٺي آيا. ننڍي هوندي جيئن کنڊ ويڙهيل مانيءَ ۾ ڀري کائيندا هئاسون. اهڙي ريت قيمون هو ۽ مٿان وري پاڪستاني پڪل مانيءَ ويڙهيل هئي. ڏاڍو چھرو ۽ مصالحہ دار قيمون هو. گهڻن ڏينھن کان پوءِ پيٽ ڀري ماني کاڌم، ڏاڍو مزو آيو. ”هي پاڪستاني آهي“ مون ڇوڪرن کان پڇيو نہ انڊين آهي ڇوڪرن وراڻيو ”پوءِ هيءَ قيمون ڇا جو هو، حلال يا...... مون وڌيڪ چڪ هڻندي پڇيو. ”انڪل اسان هتي حرام حلال نہ پڇندا آهيون، فقط کائيندا آهيون.“ انھن مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينھن صبح سان اسان جي سفارتخاني جي آفيسر بٽ صاحب جي گهرواري جي فون آئي، هن جو چوڻ هو تہ جيئن جو اسان شنگهائي مان بيجنگ واپس وڃڻا هئاسون، هن اسان جي ماني پنھنجي گهر ۾ رکي هئي. مون کيس عرض ڪيو تہ مان خاص ڊشن دال، چانورن جي گذارش ڪندس. ڇاڪاڻ جو هيڏا سارا ڏينھن چينين پنھنجا بي سواد کاڌا کارائي اسان جي صبر جو امتحان ٿي ورتو. يا قسم کڻائڻ لاءِ اهو ڪم ڪيو. باقي هن صورتحال ۾ ڳاڙهي مصالحہ دار ٿوم جي رائي واري دال ۽ چانور ئي هڪ بھترين کاڌو ٿي سگهيو ٿي. ٻئي ڏينھن صبح جو شنگهائي کان بيجنگ يارهين وڳي جي فلائٽ هئي. ڪلاڪ اڳ ايئرپورٽ تي پھچي وياسون. پوري يارهين وڳي خبر پئي تہ هانگ ڪانگ ۾ جھاز جو حادثو ٿيڻ سبب فلائٽ دير سان ايندي. پورا پنج ڪلاڪ جھاز ليٽ ٿي ويو. نيٺ منجهند جي ماني بدران بسڪوٽ آيا. اهو ان ڪري جو ٻين سڀني کاڌي ۾ سوئر جو گوشت هو. جيڪو هو اسان کي نہ پيا ڏيڻ گهرن. اسان مان فقط عبدﷲ حسين جيڪي چينين ڏنو سو ڪنڊ وٺي وڃي کاڌو، باقي ٻين بسڪوٽ کائي وقت ڪڍيو.
نيٺ جھاز آيو، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ بيجنگ واپس آياسون ۽ ساڳي هوٽل ۾ اچي ترسياسون.