آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيڪي ياد پيوم

فتاح ملڪ سنڌ ۽ سنڌين جي دردن جو احساس رکندڙ ۽ انھن کي شاعريءَ يا نثر ذريعي نمايان حيثيت ڏيندڙ شخص آھي. فتاح ملڪ پنھنجي يادگيرين ۾ اھڙا ورق پڻ کوليا آھن جيڪي نہ اعتبار ۾ ايندڙ آھن، خاص ڪري شيخ اياز ۽ ٻين بابت جيڪي اڳ ڍڪيل ھيا. فتاح ملڪ ھن ڪتاب ۾ ننڍپڻ جي يادگيرين، عوام جي مثالي نمائندن، اسڪولن ۽ مدرسن جي ماحول، گهر ڀاتين، خيرپور ۾ گهاريل ڏينھن، ون يونٽ جي تحريڪ، نوڪريءَ لاءِ جاکوڙ، سکر جي اڻمٽ يادن ۽ شخصيتن، غربت ۽ وڪالت جي ڏينھڙن، شاگرد جدوجھد، پرڏيھہ ياترا، ھندستان ۽ چين جي يادن، ڀلي پار جي سفر، سميت ڪيئي يادون شامل ڪيون آھن.

  • 4.5/5.0
  • 153
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فتاح ملڪ
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Jeki Yaad Payom

چين جون يادون

بيجنگ واپس اچڻ شرط غلام مصطفى شاھہ بوسڪيءَ لاءِ ورتل پئسا آمريڪي ڊالرن جي روپ ۾ واپس ڪيا. پاڪستاني سفير اسان لاءِ بوسڪي جا ٻہ ٿان بہ وٺي موڪليا، جيڪي اسان پاڻ ۾ ورهائي کنيا.
اسان جي مسلسل زور ڀرڻ تي چينين اسان جا ٻہ مطالبا مڃي ورتا. هڪ تہ اسان کي چين جي عظيم رهنما مائوزيتنگ جي مقبري ۾ سندس رکيل جسم ڏيکاريندا، ٻيو تہ ڪي ايف سي ڪنٽڪي بروسٽ چڪن کارائيندا.
صبح جو سوير اٿي جهٽ پٽ ۾ ناشتو ڪري پوري اٺين وڳي اچي ڪوسٽر ۾ ويٺاسون چِن مِن اسڪوائر اتي ٺھيل پيپلز هال ۽ مائوزيتنگ جو مقبرو هڪ تمام وڏي ايراضي والاريل آهن. پيپلز هال مائوزيتنگ چند ڏينھن ۾ ٺھرائي ورتو هو، جنھن ۾ هڪ ئي وقت هزارن جي تعداد ۾ ماڻھو ماپي سگهن ٿا. ان سان لاڳاپيل آفيسون ۽ ان جي سامھون مائوزيتنگ جو مقبرو آهي. ٻنھين جي وچ ۾ هڪ ميدان آهي، جيڪو پڻ تمام وڏو آهي، ان سان لاڳيتا هزارن جي تعداد ۾ گفٽ شاپس آهن. جتي ڪتاب، مجسما وغيرہ رکيل آهن. اها سموري ايراضي پنجن ڇھن ميلن ۾ ٿيندي جتي پري پري کان سون جي تعداد ۾ بسون هزارن جي تعداد ۾ ديدار ڪرڻ وارن سان ڀرجي آيون هيون. چيني محبوب اڳواڻ کي ابدي ننڊ ۾ ستل ڏسڻ آيا هئا. ڊسيپلين جيڪڏهن ڪنھن قوم جو ڏسڻو هجي تہ هڪ ڏسو انگريز کي جيڪو ڪٿي بہ جيڪڏهن اڪيلو هوندو تڏهن بہ خاموشيءَ سان بيٺو هوندو ۽ جيڪڏهن ٻہ ڄڻا ٿيا تہ ٻيو اچڻ وارو پاڻھي اچي ان پھرين آيل جي پويان قطار ٺاهي بيھي رهندو ۽ جيڪڏهن گهڻا هوندا تڏهن بہ قطار ٺاهي چپ چاپ ٿي بيھندا هئا. هتان وارو غير منظم هجوم ۽ مٿي کائڻ وارو چرٻٽو نہ هوندو، ٻيو چيني، توڙي تمام وڏي قطار هئي. جيڪا منھنجي اندازي مطابق ڏيڍ ميل گهٽ ۾ گهٽ هئي. جتي چيني گلن کي جهليو بلڪل خاموشيءَ سان بيٺا هئا. هڪ وقت ڏهن ماڻھن کي اندر وڃڻ ٿي ڏنو ويو. اسان ڇاڪاڻ جو وي آءِ پي هئاسون. ان ڪري اسان کي هڪ ٻي گيٽ کان اندر وٺي ويا.
انقلابي نجات دهندہ، سوشلسٽ، ڪميونسٽ هاري اڳواڻ دنيا جو عظيم مفڪر، ڏاهو ائين ستو پيو ڄڻ هينئر هينئر ستو هجي ۽ ڄاڻ اٿيو ٻہ گارڊ ادب سان بيٺل هئا. سندسن جسم تي فوجي يونيفارم پھريل هو. اسان کي ٻڌايو ويو تہ مائوزيتنگ وٽ هڪ وقت ۾ ڪل ٻہ جوڙا ڪپڙن جا هوندا هئا. هڪ پھريل هوندو هيس ۽ هڪ رکيل هوندو هيس. ٻہ جوڙا جوتن جا ۽ ٻہ ٽوپيون هونديون هيس. اسان کي ٻڌايو ويو تہ روزانو ٻہ ٽرڪون گلن جون پونديون آهن. هزارن ۾ ڳوڙها ڳاڙيندا واپس ويندا آهن، جيڪي سندس ديدار وقت پوري ٿيڻ سبب نہ ڪري سگهندا آهن. ايڏي محبت ايڏي عقيدت عظيم قومون پنھنجي عظيم اڳواڻن سان ڪنديون آهن. محسنن جي مڃتا باعزت قومون ڪنديون آهن. تازو چوڏهين آگسٽ تي محترم قائد اعظم محمد علي جناح جي مقبري ۾ اندر گهڙي پستول جا فائر ڪري درين ۽ دروازن جا شيشا ڀڃي بجليءَ جا شينلڊ ٽيئر ڀڃي آيل ڇوڪرين سان ڇيڙڇاڙ ڪندڙن جيڪو ڪلاڪ کن دنگو ۽ فساد ڪري ڏيکاريو هن قوم جي نوجوان نسل، گل تہ پري جي ڳالھہ پر صبح جو ڏيکاءَ خاطر چار سپاهي توتارا وڄائي پوءِ قائد کي ڇڙواڳ لوفرن جي حوالي ڪري گم ٿي ويندا آهن.
اها ڳالھہ بہ وسارڻ جھڙي نہ آهي تہ قائد اعظم کي زيارت ۾ بي يارو مدگار ڇڏيو ويو. اتان جڏهن ڪراچي آندو ويو تہ کيس ڀڳل ايمبولنس ۾ آندو ويو. سندس مرڻ کان پوءِ فاطمہ جناح کي نظربند ڪيو ويو. ان کي ريڊيو تي تقرير نہ ڪرڻ ڏني وئي ۽ هينئر تازو انڪشاف ٿيو آهي تہ محترمہ جو موت بہ غير طبعي هو. اها آهي قوم جيڪا اسان جي قائد هت آندي. پنجابيءَ ۾ چوندا آهن پنڊ ويسنھين تي اچڪي آن ٽپڪي“ يعني ڳوٺ اڃا ٺھيو ڪونہ هو چور اڳ ۾ پھچي ويا. ڪوڙ يا سچ ڏسو قدرت ﷲ شھاب جي لکيل ڪتاب شھاب نامي کي ۽ تازو محترم شريف الدين پيرزادہ جي بيانن کي اتان نڪري گفٽ شاپس تان ڪجهہ شيون خريد ڪيوسين. خريدارن جا هجوم هئا، جيڪي آرام ۽ آهستگي سان پنھنجي محسن جا مجسما جيڪي پٿر، مٽي ۽ پتل جا ٺھيل هئا. اڪريل هئا. خريد ڪري رهيا هئا. هر هڪ چيني کي پنھنجي آمدني آهر خرچ ڪرڻو هو، وڌ ۾ وڌ عھدو، صدر، وزير اعظم جو آهي، ان جي پگهار بہ اها آهي سگهر وٽ فليٽ آهن. صدر صاحب ۽ وزيراعظم بہ فليٽ ۾ ٿو رهي. اهي سڀ سرڪاري آهن، ڪنھن جو بہ ذاتي گهر نہ آهي، سرڪار کانئن هڪ يا ٻہ سيڪڙو جي حساب سان ڪرايو وصول ڪندي آهي ڪابہ ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي ڪانہ آهي. زمينداري، جاگيرداري ختم ٿيل آهي. گهرن ۾ ٽي وي ۽ فرنيچر بہ سرڪاري آهي. هينئر شايد ڪجهہ ذاتي شيون خريد ڪرڻ جي اجازت ملي آهي. زال مڙس جي ڪمائي ملائي اٺ يا ڏھہ هزار ماهوار ٿي ٿا وڃن. تعليم جو نصاب سڄي ملڪ ۾ سڀني لاءِ هڪ جھڙو آهي. سڀني کي هڪ جھڙو نصاب پڙهڻو آهي. هڪ جوڙي کي فقط هڪ ٻار پيدا ڪرڻو آهي. تعليم، صحت ۽ روزگار حڪومت جي ذميواري آهي. ڪوبہ بيروزگار ڪونہ آهي. ڪوبہ واندو ڪونہ آهي. شيون سستيون، بدديانت، رشوتي، وطن فروش نہ آهن. سياسي جھالت جو تہ سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي. لباس مغربي آهن. جيڪي مختصر ۽ سستا آهن. مائو جي ديدار کان پوءِ سڌو ڪي ايف سي ريسٽورنٽ تي آندو ويو. پيٽ ڀري ماني کاڌي سون.
شام جو اسان کي پاڪستاني سفارتخاني ۾ آندو ويو، جتي اٺونجاھہ پنجابي پاڪستاني ملازم هئا. فقط هڪ ايبٽ آبادي ۽ هڪ سنڌ جي اڳڙن جي ڊوميسائل تي ملازم هئا. سڄو سفارتخانو پراڻين ڪرسين ۽ ميزن تي مشتمل هو. اتي سمورا سفارتخانا ۽ انھن جا گهر هڪ هنڌ آهن. جنھن کي چوڌاري وڏي ديوار آهي ۽ ٻاهران پھريدار آهن. ان کي ڊپلوميٽڪ اينڪلوئر ٿو سڏيو وڃي. پاڪستاني سفارتخاني ۾ فقط قائداعظم ۽ علامہ اقبال جونتصويرون نظر آيون. مون اتي تقرير ڪندي چيو تہ هي پنجاب هائوس آهي، جنھن کي پاڪستان سڏيو ٿو وڃي، سو بہ اهڙي بري حالت ۾ آهي پئسا ڪيڏانھن ٿا وڃن، جيڪي اوهان کي ملندا هوندا. ٻيو تہ هتي هڪ پاڪستاني ڪلچرل ڪارنر هجڻ گهرجي، جنھن ۾ پاڪستان جي سمورن صوفي شاعرن جون تصويرون لڳل هجڻ گهرجن. چين تہ گوتم جي فلسفي کي مڃتا ٿو ڏئي، جيڪو پڻ تصوف جو پرچارڪ آهي. هت پاڪستاني گج، سوسيون، اجرڪ، ٽوپيون، جنڊيءَ ۽ ڪاشيءَ جي سامان جي نمائش ٿيل هجي. جيئن ٻاهريون گهڙڻ شرط سمجهي وڃي تہ هو گهڻ ثقافتي، گهڻ ٻولي، هڪ جھڙائي سھپ واري شريف ملڪ ۾ آيو آهي.
اتي اسان کي ٻڌايو ويو تہ هندستان کان اسي کان وڌيڪ آرٽسٽن، شاعرن، اديبن جو ٽولو دورو پيو ڪري، چينين ڪجهہ سرٻاٽ ڪيا تہ پاڪ چين دوستيءَ جي باوجود اسان جي پاڪستاني ۾ نيو يارڪ ۽ واشنگٽ جي وڌيڪ ڄاڻ آهي.
رات جي ماني پاڪستاني پروٽوڪول آفيسر مسٽر بٽ جي فليٽ تي هئي. اتي هڪ ننڍو مشاعرو بہ ٿيو، جنھن ۾ فقط عطا شاد جا اردو شعر ٻڌا ويا. منھنجي فرمائش وارا دال ۽ چانور سڀني شوق سان کاڌا ۽ پندرهن ڏينھن جي ڪسر ڪڍيائون.
صبح جو مان ناشتي کان اڳ هوٽل جي ڪائونٽر تي ڊالر مٽائڻ لاءِ ويس. جو مون کي پنھنجي ڌيءَ کي شادي ۾ ڊنر سيٽ ڏيڻو هو. ان لاءِ چيني ڪرنسي جي ضرورت هئي. مو رات جو ئي چيني آفيسر کي مدد ڪرڻ لاءِ چيو هو. هو صبح جو هوٽل جي ڪائونٽر تي ساڻ هليو. مون هڪ سؤ ڊالر جو نوٽ مٽائڻ لاءِ ڏنو. چيني آفيسر بہ مون سان گڏ بيٺو هو، چيني نوجوان نوٽ وٺي چيڪ ڪيو، پوءِ هو ڪيڏانھن هليو ويو. ايتري ۾ هڪ سپاهي اچي منھنجي ڀرسان بيٺو، پوءِ هو نوجوان واپس آيو. مون وارو چيني آفيسر ۽ هوٽل وارو چيني زبان ۾ بحث مباحثي ۾ ڳنڍجي ويا آخر سپاهي هليو ويو ۽ مون کي هڪ رسيد ڏني وئي. معلوم ٿيو تہ مون وارو ڏنل سؤڊالرن وارو نوٽ جعلي يعني ڪوڙو هو. منھنجا تہ برا حال ٿي ويا. هي تہ منھنجا پير مرشد زور هئا نہ تہ سڄي عزت سادات خراب ٿي پئي. اتان جان ڇٽي پر آخر سؤ ڊالر جو نوٽ بہ هليو ويو، سو آياسين هوٽل جي ڪينٽين ۾ جتي ناشتو ڪرڻو هو. اها اسٽوري ٻڌي سڀئي رفيق افسوس پيا ڪن. ايتري ۾ سائين غلام مصطفى شاھہ هڪ سؤ ڊالرن جو نوٽ ڏيندي فرمايو تہ هي نوٽ جيڪو ڪوڙو ثابت ٿيو هو، اهو سائين مون کي ڏنو هو. هن چواڻي سائين کي ڪنھن عزيز ڏنا هئا، ۽ انھن ۾ ڪيترا ڪوڙا نڪري پيا ۽ هي بہ انھن مان هو. پھريائين تہ مون کي ائين لڳو تہ سائين هروڀرو منھنجي لڄ رکڻ ٿي گهري پر جڏهن سائين ڏاڍو زور ڀريو، تڏهن مون کڻي سائين جي ڳالھہ مڃي. اتان وڃي ڊنر سيٽ ورتوسين، جيڪو پنجهتر ٿانون وارو هو. چيني دڪاندار هڪ تمام وڏو پر اهڙو مضبوط پارسل ٺاهيو جو بيجنگ کان اسلام آباد ۽ پوءِ سکر تائين لڙهندو آيو، پر هڪ پليٽ بہ نہ ڀڳي ۽ اڄ توڻي صحيح سلامت آهي.
ٻئي ڏينھن صبح جو ايئرپورٽ تي آياسون، ايئرپورٽ تي اسان جو سامان بغير چيڪنگ ۽ ڪنھن بہ وزن جي حساب وٺن کان سواءِ پي آءِ اي وارن قبول ڪيو. عطا شاد وري گم ٿي ويو ۽ ايئرپورٽ تي آخري گلاس چاڙهي ٿڙندو ٿاٻڙندو اچي جھاز ۾ ويٺو.
اسلام آباد ايئرپورٽ تي افتخار عارف اسان جي استقبال لاءِ بيٺو هو. ڪسٽم وارن اسان جي ڪابہ چيڪنگ وغيرہ ڪانہ ڪئي. رات جو سرڪاري خرچ تي هوٽل ۾ رهي صبح جو سرڪاري خرچ تي سکر هليو آيس. هن هيڏي ساري ٽوئر تي منھنجو فقط ذاتي خرچ ايترو ٿيو جيتري خريداري ڪئي. باقي سڀ سرڪاري هو، ايڏو مزو سرڪاري ٽوئر جو ڏسي دل ٿي چئي جيڪر هميشہ سرڪار کي چنبڙيل رهجي. ڀل ڪنھن جي بہ سرڪار هجي. هيڏا مزا مفت وري نہ ملي سگهيا، وري سائين خورشيد احمد شاھہ جو دعاگو آهيان. آخر ۾ مون فرمائش ڪئي تہ منھنجي پٽ کي ٽيڪسٽائيل انجنيئرنگ ۾ اسڪالرشپ وٺي ڏي، جيئن شنگهائي ۾ پاڪستاني ڇوڪرا ٿي پڙهيا. خورشيد شاھہ ڪجهہ وقت چپ ٿي ويو ۽ ڪافي ڏينھن تائين لنوائيندو رهيو، آخر ۾ ٻڌايائين تہ ”اهي اسان لاءِ نہ آهن...“