پنو عاقل : روح ۾ رهجي ويل يادون
منھنجي حصي ۾ جنت آئي، جيڪا مون اکين تي کڻي رکي، جنت جي ٿڌڙي ٿڌڙي هير، هندورن جھڙي هنج، دعائن سان ڀرپور ڀريون. محبت سان ڀريل مامتا هجي تہ ڄڻ سڄو وات ٿڃ سان ڀرجيو وڃي.
شاديءَ دٻي جي پسگردائي ۾ احمد خان چانڊيو ڳوٺ آهي. احمد خان هڪ قدآور ڀوري رنگ وارو، وڏن وارن سان روزانو ٽارين جي ڇانو ۾ کوھہ جي نار هيٺان ميٽ مٿي مان ڪڍندو هو. اهو ميٽ جيڪو اڪثر سنڌ جا ماڻھو منجهس سرهو تيل ۽ ليما ملائي مکيندا هئا ۽ کوهن تي وهنجي ميٽ ڪڍندا ها تہ سڄو ڏينھن سندن بدن ۽ وار هٻڪارن جا هل کنيون هلندا هئا. احمد خان بہ خبر نہ آهي ڪھڙي سببان پنھنجي گهرواري سميت هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو، هڪ ننڍڙي نياڻي سندن ناني مولوي حبيب ﷲ اچي روهڙيءَ جي ڪوٽ جھان ﷲ شاھہ ۾ رهائي ۽ پنھنجي خاندان سان سندس پالنا ڪرڻ لڳو، نانو حبيب ﷲ هڪ عالم ۽ بزرگ شخص هو. امڙ ٻڌائيندي هئي تہ جڏهن ڪا تنگي ٿيندي هيس تہ ڪو وظيفو پڙهندو هو ۽ روزانو نماز پڙهڻ واري جاءِ جي هيٺان گهربل پئسا کڻندو هو. مولوي صاحب خلافت تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ مولانا تاج محمود امروٽيءَ سان منسلڪ هو. اسان جو بابو 1923ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام مان مئٽرڪ پاس ڪري اچي روهڙيءَ جي جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو. مولوي صاحب جو هڪ ٻيو دوست هو. مولوي محمد يوسف مغل جيڪو سيشن ڪورٽ ۾ سرشتيدار هو ۽ سندس ايمانداري سبب کيس انگريز سرڪار انعام ۾ ڪجهہ زمين ٽڪرو پنو عاقل ۾ ڏنو. مولوي محمد يوسف روهڙي شھر جو امين بہ هو. ۽ موسوي خاندان سميت ڪيئي ٻيا ماڻھو بہ وٽس امانتون رکندا هئا، ان کي ڪجهہ جڳھيون بہ هيون جيڪي هو ڪرائي تي ڏيندو هو. اسان جي بابي هڪ جڳھہ کانئس ڪرائي تي ورتي هئي.
اسان جي بابي مولوي تاج محمود امروٽي ۽ مولوي محمد يوسف جي ڪوشش سان احمد خان چانڊئي جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي. امڙ نہ فقط اسان ڇھن ڀائرن ۽ ٻن نياڻين جي پالنا ڪئي پر ان سان گڏ ڪيترا ملازم بہ پاليائين ۽ پرڻايائين. ان کان سواءِ سڄي محلي جي هندن ۽ مسلمانن لاءِ بہ دعا جو دروازو هئي. سڄي خاندان لاءِ تسبيح جي بانگي وانگر هڪ اتحاد جي علامت هئي. سا منھنجي نصيب ۾ آئي سڄي پاڙي ٿي نير وهايا. جڏهن امڙ ڳوٺ کي جڳھہ وڪامڻ کان پوءِ خيرآباد چئي اچي سکر وسايو. کيس ميھڙ، شادي دٻي ۽ روهڙي سان ڪو تعلق نہ رهيو. هن پنھنجي مجازي خدا جي ڳوٺ کي ئي پنھنجو وطن سمجهيو ۽ ڀائرن جي جاءِ تي اسان کي پنھنجو ڀاءُ ٿي ڀانيو ۽ هر ڏک جي گهڙي صبر ۽ تحمل سان سان گذاريائين ۽ حالات جون سموريون سرديون ۽ گرميون پنھنجي مٿان وسايائين ۽ اسان اولاد کي وڏي بڙ جي ڇانوَ ۾ رکيائين. امڙ جي ڪري مون وٽ ميلا لڳا پيا هوندا هئا ۽ منھنجي سلڇڻي گهر واري هر مھمان جو هميشہ خيال رکيو. مان هميشہ فخر سان چوندو هيس تہ جنت منھنجي نصيب ۾ آئي آهي، ٻيو مون کي ڇا کپي؟
امڙ کي اباڻا ڪک ڪڏهن ڪونہ وسريا. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن اسان پنو عاقل واري تمام وڏي جاءِ ۾ اڪيلا هوندا هياسين جو بابو نوڪري سبب ٻاهر ويندو هو. سياري جون ڊگهيون اونداهيون ڀوائتيون راتيون کائڻ اينديون هيون تہ کيس اباڻا ياد ايندا هئا. وڏا ڀائر بہ پنھنجي نوڪرين سانگي ٻاهر رهندا هئا. ڀينر پرڻجي ويون هيون. فقط اسان ٽي ننڍا ڀائر ۽ امان اڪيلا هوندا هياسين. رات جو لالٽين ٻرندو هو، جيڪو ايڏي وڏي جڳھہ ۾ روشنيءَ لاءِ ڪافي ڪونہ هوندو هو. امان جا ڳوڙها ڳڙي ڳالھائيندا هئا.
ڏهر صاحب جڏهن دادوءَ جو ڊپٽي ڪمشنر هو تہ امڙ جو ڳوٺ ڳولرائي کيس اتي وٺي ويو، جتي هن پنھنجي اباڻي ڦٽل ۽ ڊنل حويليءَ جي ڀترن کي ڀاڪر پاتا ۽ روئي راڄ روئاريو. شايد سندس اباڻن جا آلاپ بہ ايندا هوندا. سنڌي عورت اباڻن ڪکن کي ڏاڍو ڏکيو ٿي وساري ۽ اباڻا ۽ آيل لفظ شايد سنڌيءَ ۾ اهڙو مفھوم ٿا ماڻن جيڪو ڪنھن بي ٻوليءَ ۾ ڪونھي.
انھن ڏينھن ۾ ڀٽي صاحب ڏاڍو بيمار رهڻ لڳو پر هن ڪڏهن بہ ڀيرو ڪونہ ڀڳو ۽ روزانو شام جو هو مون وٽ ضرور ايندو هو. پھريائين عثماني صاحب وٽ ويندو ۽ پوءِ مون وٽ ايندو ۽ گهڙي پل گهاري هوريان هوريان گهر ڀيڙو ٿيندو هو، ڀَٽي صاحب کي پوئين جيل جي تڪليفن هيڻو ڪري ڇڏيو هو.
نيٺ هڪڙي ڏينھن مان جڏهن ڪورٽ وڃڻ لاءِ تيار ٿيس تہ فون تي خبر آئي تہ ڀٽيءَ صاحب جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي. مان وٽس وڃي پھتس، تنوير ڳوڙها ڳاڙيندو ٿي ويو. مون ڀٽيءَ جي حالت ڏاڍي خراب ڏٺي، کيس ايمبولنس ذريعي ڪراچيءَ ٿي ورتيون ويا. مون ڏانھن نھاري بہ نہ پيو سگهي. مون سڏ ڪيومانس: ”ڀٽي ڇا ٿو محسوس ڪرين؟“ ”ڪجهہ نہ“، ”پوءِ اکيون کول.“ هن پنھنجي خمارن سان ڀريل اکين مان ڇڪي ڇڪي نھاريو.“ ”ڊڄين ٿو.“ مون پڇيو، ”ڇا کان؟“ هن هوريان ورندي ڏني، ”موت کان“. مون چيو. هن جي منھن تي هڪ فاتحانہ طنزيہ مرڪ آئي.“ نہ بلڪل نہ.“ هن ساريون ڪھاڻيون ان هڪ پل ۾ ورجائي لکي ڇڏيون.
اياز اوڇنگاريون ڏئي روئڻ لڳو. پليجو بہ پاڻ جهلي نہ سگهيو. رباني، حميد، پروانو ڀٽي، حبيب ﷲ، علي بخش ميمڻ سڀ هڪٻئي سان چنبڙي پيا روئن. ڀٽيءَ جا پٽ تہ روئين ئي پيا. پر ڀٽيءَ جا دوست بہ روئڻ نہ جهلجي سگهيا. ڀٽيءَ کي دفن ڪري آياسين. رات جو رباني، حميد، اياز ۽ ٻيا دوست مون وٽ اچي ڪٺا ٿيا.
ڀٽي ڇو مري ويو؟ هڪ تہ سندس حياتي ايتري هئي. ٻيو ڀٽيءَ جو علاج نہ ٿي سگهيو، ٽيون پليجي صاحب هن يار کي عوامي تحريڪ ۾ ٻارين ٻچين آڻي ڇڏيو هو. ان جي هر گڏجاڻي ڀلي ڪٿي بہ هجي ۽ ڀٽي ڀل ڪھڙي بہ حالت ۾ هو، اتي ضرور شريڪ ٿيندو هو. ڀٽيءَ جي صحت کيس ايتري جاکوڙ ڪرڻ جي اجازت نہ پئي ڏني، ٿي سگهي ٿو ان هيڏي ساري هل هلان جي ڪري سندس انت آيو هجي.
اسان جي هن سپاهي ڪئين افسانا لکيا، ڪئين ڪتاب لکيائين، نور نچوڙي ترجما ڪيائين، سنڌ لاءِ راتيون جاڳيو ۽ لکندو رهيو. ”سنڌڙي رهي، اسان نہ رهياسون تہ ڇا ٿيو.“ ڀٽيءَ جي ان شعر تي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي چئي ڏنو تہ ”بابا سنڌ اسان جي اکين آڏو هجي نہ تہ ڇا ڪبي.“
ڀٽي غرض جو محتاج نہ هوندو هو، غرضون ڀٽيءَ جون محتاج هونديون هيون. ان ڪري ئي ڪنھن جي پرواھہ نہ ڪڍندو هو ۽ بھادريءَ سان جيل ڪاٽيندو رهيو. کرو اديب، کرو انسان، سڄو ڏينھن عوامي انسان، اياز کي پھريون دفعو اوڇنگارون ڏئي روئيندو ڏٺوسين.
هن ڌرتيءَ تي شاعرن، اديبن، هڏڏوکي انسانن جا ڳوڙها ٿا ڪرن جيڪي فقط پيار ڪرڻ ڄاڻيندا آهن. انھن ارڏن، ڏکويلن جا ڳوڙها ڪير اگهي، جيڪي زمانن جا ڳوڙها ٿا اگهندا وتن، سي بہ اڄ روئي پيا. صدين ۾ ڪو سچو ليکڪ ڪنھن نڌڪڻي ڌرتيءَ کي ملندو آهي سو بہ اڄ هليو ويو. اسان جو پنھنجو قبيلو آهي هڪ ساٿ ۽ سٿ آهي. هڪ کٽي پيو ۽ هڪ ڪلو خالي ٿي ويو.
ائين اکيون کڻي ٻوٽيائين ڄڻ کيس عدم جي اگهور ننڊ ٿي آئي جڏهن ڪو پکي پڃري ۾ ڪونہ مرندو. جڏهن بکين ٻارن کي دلاسي لاءِ ڪا امڙ خالي ديڳڙو باھہ تي نہ چاڙهيندي، جڏهن گلن جھڙا ٻارڙا گپ جھڙي اگهاڙي اڱڻ تي نہ سمھندا، جڏهن هار تي هر کڻ ليلا ڇڏي ڏيندي، جڏهن مارئي بند مان آزاد ٿي آجپو ماڻيندي، تڏهن ڪو ليکڪ، ڪو ڏاهو، ڪو اروڙ جو انسان وري جيئرو ٿي پوندو. تڏهن رشيد ڀٽي سنڌ جي ڪک مان نڪري ايندو. هيءَ ڌرتي نيٺ تہ ڪو نئون انسان ڄڻيندي.
مون کي جيل کان گهٻراهٽ ٿيندي آهي. ڀٽيءَ جو خيال هو تہ مان پنھنجو ڪلاس مٽائي چڪو آهيان. ڊبل بيڊ، ايئر ڪنڊيشن، هوائي جھاز واري زندگي مون کي بيمار ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري مان جيل کان ڪيٻايان ٿو، سو تربيت خاطر هڪ ڀڳل بس ۾ رات جو گرميءَ ۾ نڪري پياسون. ڪراچيءَ لاءِ اتي رهايائين جتي سندس همراھہ پاڻ ٻھارو ڏئي گهر صفا ڪندا هئا. پاڻ رڌوپڪو ڪندا هئا، ٻہ ٽي ڏينھن انھن جوڳين ۽ آڌوتين وٽ رهياسين، پوءِ ڀٽيءَ کي مون تي رحم آيو ۽ آزاد ڪري ڇڏيائين.
هڪ دفعي ڀٽيءَ کي ڪنھن ڪھاڻي لکڻ لاءِ پلاٽ نہ پيو ملي سو چڙهي پياسون، هڪ پئسينجر ريل ۾، ريل جا دٻا نوان پينٽ ٿيل هئا. پليٽ فارم پھريون دفعو ڌوتل ٿي لڳو. اسٽيشن تي هوڪيباز بہ گهٽ نظر آيا. اسٽيشن تي جهنڊيون وغيرہ بہ لڳل هيون. سڄو معاملو نئون ۽ آئيڊيل ٿي لڳو. معلوم ٿيو تہ اتي وقت جي ريل جو وزير ڪا تازي وزٽ ڪري ويو آهي.
جڏهن ريل پليٽ فارم ڇڏيو تہ ٿوري دير کان پوءِ ريل جي دٻي واري غسل خاني مان ڪنھن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون. معلوم ٿيو تہ ڪو همراھہ اندر ڦاسي پيو آهي ۽ مٿس پاڻيءَ جي ٽانڪي ڪري پئي آهي. ايتري ۾ اسان جي ڀرواري سيٽ جي مٿان ستل همراھہ اوچتو ڪري پيو جو سيٽ جو زنجير ٽٽي پيو هو. لڳو ٿي هيءَ فلم ريلوي جي وزير صاحب کي ڏيکارڻ لاءِ تيار ڪئي وئي هئي.
”ڪھاڻي ملي وئي!“ ڀٽيءَ چيو ۽ اسان خيرپور ۾ لھي پياسون. ”وڃايل اٺ“ ”حنيف ڪاري جا عشق“ پنھنجي دوستن تي لکيائين پر اسان جي اڳيان عدم جي ننڊ ۾ هليو ويو، بلڪل سرمد شھيد جي هن شعر وانگر :
شور شد من از خواب عدم چشم ڪشو ديم
ديديم کہ باقـــي اســـت شــــب فتنہ غنو ديم