هندستان جي سياست تي هڪ سرسري نگاھہ
1960-61ع ڌاري جڏهن ڀارت ۽ چين جي جنگ لڳي هئي تہ چين ۽ ڀارت جي بارڊر تي هڪ پوسٽ تي وڏي لڙائي ٿي هئي. ان وقت جي وزير دفاع جناب ڪرشنامينن ان چيڪ پوسٽ جو دورو ڪيو. جنرل ڪول ان وقت ڀارت جي فوج جو ڪمانڊر ان چيف هو. ڪرشنامينن جنرل ڪول کي حڪم ڪيو تہ جنرل اها چيڪ پوسٽ ڪٿي آهي؟ جنرل ڪول هڪ نوجوان آفيسر کي حڪم ڪيو ”آفيسر، آنربل منسٽر کي اها چيڪ پوسٽ ڏيکاري“ ڪرشنامينن اهو ٻڌي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ جيڪو سندس هٿ انگوڙي وارو لڪڻ هو، اهو جنرل ڪول جي گردن ۾ وجهي رڙ ڪيائين. بدمعاش، اها چيڪ پوسٽ تون هن آفيسر سان ڏس، مون کي تون اڳتي هلي ڏيکار.“ جنرل ڪول اڳ ۾ ٿي وزير صاحب کي وزٽ ڪرائي، جنھن کان پوءِ منسٽر صاحب هليو ويو. ڪرشنامينن جي وڃڻ کان پوءِ اتي بيٺل آفيسرن جنرل کان پڇيو تہ هينئر ڇا ڪجي، جنرل کين چيو تہ اها شڪايت هو وزيراعظم صاحب جواهر لعل نھرو کي ڪندو.
جنرل ڪول جي ڌرم پتني جواهر لعل نھروءَ جي پاليل ڌيءَ هئي. ان ڪري ڪول جي وٽس وڏي عزت هئي. مھيني کن کان پوءِ وزيراعظم چونڊ جنرلن جي ماهوار گڏجاڻي ڪئي. اتي سمورين رسمي ڳالھين کان پوءِ جواهر لعل نھرو جنرل کان سوال پڇيو تہ ٻيو ڪو مسئلو هجي تہ کيس ٻڌايو وڃي. جنرل هڪٻئي ڏانھن نھاريو ۽ آخر جنرل ڪول کيس هن طرح مخاطب ٿيو، ”سائين اسان جو فقط هڪ ئي مسئلو آهي، وزيراعظم جي پڇڻ تي ڪول کي ٻڌايو ويو تہ فوج جي جنرل جو مسئلو فقط وزير دفاع آهي، هو جڏهن بہ ساڻس ملڻ ويندا آهن تہ خوف وچان بوٽن جا تسما بہ پورا نہ ٻڌي سگهندا آهن ۽ اڪثر جوراب بہ ابتا پائي ويندا آهن. هو هميشہ ساڻن سختيءَ سان پيش ايندو آهي ۽ هينئر هي تازو واقعو جنھن ۾ جنرل ڪول سان جيڪو واقعو پيش آيو بہ ٻڌايو ويو ۽ اهو بہ چيو ويو تہ هن تازي واقعي کان پوءِ فوج ۾ وڏي بيچيني آهي. جواهر لعل کين آرام سان ٻڌو ۽ آخر ۾ پڇيائين، ”ٻيو ڪجهہ؟“ بس اهو ئي چوڻو هو.“ سڀني جنرلن هم زبان ٿي وزيراعظم کي چيو، ”توهان سڀني جنرل ڪول جي ان راءِ سان متفق آهيو؟“ وزيراعظم سوال ڪيو ”هائو سائين“ سڀني جنرلن جواب ۾ وراڻيو. وزيراعظم اٿيو ۽ هنن کي سندس واپس اچڻ تائين انتظار ڪرڻ لاءِ چئي هليو ويو. ڪافي دير کان پوءِ وزيراعظم واپس آيو، تيستائين جنرل صاحب، سندس انتظار ڪندا رهيا. ڪمانڊوز اچي ويا، سمورن جنرلن جون ٽوپيون، اسٽار ۽ بيلٽ لاٿا ويا ۽ سندن هٿ پويان ٻڌا ويا. وزيراعظم ان ڪارروائي کان پوءِ هن ريت مخاطب ٿيو، ”جنرل صاحبان، هيءُ ڪارروائي ان ڪري ڪئي وئي جو اوهان ۾ بغاوت جي بوءِ هئي، ڪرشنامينن هندستان جي عوام جو چونڊيل نمائندو آهي ۽ اوهان هندستان جي عوام جا نوڪر آهيو، جڏهن بہ مالڪ ۽ نوڪر ۾ تڪرار ٿئي تہ نوڪر کي سزا ملڻ گهرجي. مان هندوستان کي پاڪستان ڪونہ ڪندس، هينئر سڀ نوڪرين تان خارج آهيو، پوءِ انھن جنرلن کي ڪورٽ مارشل ڪري سزائون ڏنيون ويون. اها حقيقت جنرل ڪول پنھنجي ڪتاب ”ان ٽولڊ اسٽوري ۾“ لکي آهي.
1965ع واري پاڪ ڀارت جنگ وقت هندوستان جو جنرل اسان جي جنرل موسى جيڪو ان وقت اسان جو ڪمانڊر ان چيف هو، جي طنبوءَ ۾ گهڙي آيو ۽ ايوب خان سان اتان ٽيليفون تي ڳالھايائين تہ مان پنھنجي آرمي چيف جي سامھون بيٺو آهيان. ايوب خان تہ خبر نہ تہ ڇا ڪيو، باقي ڀارت جي ان وقت جي وزيراعظم لعل بھادر شاستريءَ ان ڀارتي جنرل کي سزا ڏني ۽ تاشقند معاهدو ڪيائين ۽ اتي گذاري ويو. شاستريءَ ان ڀارتي جو ڪل بينڪ بئلنس ان وقت ٽي يا چار سؤ رپيا نڪتو هو. احوال ورتو تہ سندس مالي حالت ڪھڙي آهي، هن ويچاري وراڻيو تہ وزارت کيس بي مزه مليل آهي. تنھن هوندي بہ هن کي هڪ ڇڪو لڳي ويو، جيڪو پارٽي فنڊ ۽ چيف منسٽر کي حصو ڏيڻ کان پوءِ بہ ايترو بچايو آهي جو هڪ بنگلو ۽ ايترو پاڇي اٿس جو سڄي ڄمار لاءِ ڪافي آهي.
اسان کي 31 تاريخ تي هندستان ڇڏڻو هو، سو راجوءَ کي وٺي پوليس رپورٽنگ ڪرايم، ان کان پوءِ وينا ۽ سندس ڀيڻ اسان جي هوٽل تي آيا ۽ اچي موڪلاڻي ڪيائون. راجو اسان سڀني کي گاڏين ۾ ويھاري ايئرپورٽ تي اچي پڄايو، سڀني ڌاڍي پيار ۽ پنھنجائپ سان اسان کان موڪلايو، جھاز ۾ چڙهي ڏيڍ ڪلاڪ جي سفر کان پوءِ اچي ڪراچي پھتاسون، هتي جون اخبارون جڊيشري، فوج ۽ سياستدانن جي ڄنڊاپٽ جي خبرن سان ڀريون پيون هيون. عوام ۾ خوف، حراس ۽ بي يقيني وڪوڙيل هئي. مان ڪراچي ۾ رهي پيس، ٽين تاريخ نومبر تي اسان جي ملڪ ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي. آئين کي معطل ڪيو ويو، چوويھہ کن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جا جج هٽائي کين گهرن ۾ نظر بند ڪيو ويو. سندن بنيادي حق ختم ڪيا ويا، پريس ۽ ٽيليويزن تي پابنديون مڙهيون ويون. وڪيلن ۽ ميڊيا وارن تي عضب جو رياستي تشدد ڪيو ويو، کين بازارن ۾ سندن گهرن ۾، گهٽين ۾ لٺين، لتن ۽ مڪن جا وسڪارا ڪري گهليو ٿي ويو. هيڏي انسان ذات جي تذليل ڪئي وئي. جو علامہ اقبال جي پٽ جاويد اقبال کان رهيو نہ ٿيو، هن پريس کي هي بيان لکرايو تہ ”اڄ علامہ اقبال جيئرو هجي ها تہ پڪ سان هو يا وڪيل هجي يا جج هجي ها ۽ يا جيل ۾ وڌو وڃي ها، يا کيس نظربند ڪيو وڃي ها، اقبال اڄ پاڪستان کي پنھنجي پوٽن جي اکين سان ڏسي رهيو آهي ۽ هي اهو پاڪستان نہ آهي، جنھن جو هن خواب ڏٺو هو.“
هندستان جو عوام زبردست غربت جو مقابلو سخت پورهئي، محنت، تعليم ۽ جمھوري عمل ذريعي ڪري رهيو آهي، ساڳيا اڻڀا وار، ميرا گدلا ۽ بکيا، روڊن ۽ رستن تي گداگري ڪندي نظر ايندا، پر ڪنھن کي بہ اها جرئت ڪانہ آهي تہ ڪو وردي وارو ڪنھن جي گهر ۾ گهڙي وڃي، عورت، لڄ ۽ چار ديوار جي بيعزتي ڪري. سپريم ڪورٽ صوبن لاءِ هڪ آهي تہ بہ جج داد رسي ڪري رهيا آهن. ڪوبہ سول يا فوجي ادارو ڪنھن جي پيءُ، ڀاءُ، مڙس يا پٽ کي بغير وارنٽ جي گرفتار نہ ٿو ڪري سگهي. قانون جي حڪمراني آهي. حڪمرانن جو قانون نہ آهي. دل چوي ٿي تہ ائين شال اسان وٽ بہ هجي. ڪو ڪنھن جو دروازو بيگاھہ وقت نہ کڙڪائي، نہ ڪنھن ئي ڪو پريس وارو ڪنھن سفيد پوش کي ڪالر يا وارن کان وٺي قانوني احتجاج کان روڪي.
اســــــان اڌارا، آڻـــــــي آونگ چاڙهـــيا
منھن ڏيندي مون پيا، سامھان سيارا!
اڀـــرن سيڪارا پسيو ور ٻين جـــــا .“
(شاھہ)