چين جون يادون (2)
صبح جو روزانو اسان کي اٺين وڳي تائين تيار ٿيل هوٽل جي ٻاهران ڪوسٽر ۾ اچي ويھڻو هو، ناشتي لاءِ ستين وڳي هوٽل جي کاڌي جو هال کلي ويندو هو، جتي ڪانٽينيٽل کاڌو رکيل هوندو هو، يعني بيضا، ڊبل روٽي ۽ هر قسم جا فروٽ، جوس، ڪافي وغيرہ مان ڇا پر پوءِ سڀني اهو معمول ڪري ڇڏيو تہ ناشتو ڀرپور نموني ڪري ڇڏجي، اهو چيني کاڌي کان جان ڇڏائڻ جو هڪ بھترين طريقو هو، هو اسان کي وقت جي پابندي ڪرائيندي ڪڏهن ڪٿي تہ ڪڏهن ڪٿي وٺي ٿي ويا. پوءِ چيني عملدارن جي شيڊول مطابق اڳ رٿيل جاءِ تي پوري ٻارهين وڳي منجهند جو ۽ پوري اٺين وڳي رات جي ماني لاءِ ان مقرر جڳھہ تي ٿي پھچايون، ان ڪري ئي اسان لاءِ هڪ ڪوسٽر بس وٺي ڇڏي هيائون. هونءَ تہ اسان کي اتي خبر پئي تہ پاڪستاني ۽ هندستاني کاڌن وارا ريسٽورنٽ بہ هئا. جتي اسان جي ملڪ وارا کاڌا هئا، ان کان علاوہ ڪي ايف سي جا ريسٽورنٽ بہ هئا، پر ڇاڪاڻ جو هميشہ سرڪاري طرح ڪنھن اداري، يونيورسٽي، ميوزم يا ڪنھن اهڙي ٻي جڳھہ تي وٺي ٿي ويا، ان ڪري مانيءَ جو انتظام بہ ان اداري تي رکيو ٿي ويو، پوءِ هنن کي جيڪي کاڌو ان ميزبان جي خيال ۾ سٺو هو، سو خوب مان خوب تر سمجهي اسان جي اڳيان ٿي رکيائون، پوءِ نہ تہ اسان آزاد هئاسون نہ اسان جا ميزبان آزاد هئا.
آخر ڊاڪٽر افضل جيڪو پشاور يونيورسٽيءَ جو پروفيسر هو، هو ٽن ڏينھن کان پوءِ پاڪستاني سفير جي پيرن تي ڪري پيو ۽ ڏاڍين منٿن ميڙن کان پوءِ پاڪستان واپس هليو آيو، حقيقت ۾ پاڪستان سرڪار ۽ چيني سرڪار جي وچ “ اسان جي وفد متعلق هڪ سال کان وزيراعظم ليول تائين لکپڙھہ کان پوءِ هي ڊيليگيشن تيار ٿيو هو، پنجاھہ ماڻھن چين جي عملداريءَ تحت اسان جي دوري جي نگراني ٿي ڪئي.
عطا شاد صبح جو هڪ چانورن مان ٺھيل چيني شراب جي هڪ شيشي چاڙهي ڇڏيندو هو، پوءِ جيئن فصلن ۾ لٺ کي قميص پارائي بيھاري ڇڏيندا آهن تہ جيئن ڪو پکي يا جانور ائين سمجهي تہ ڪو ماڻھو پھري تي آهي، ان کي انگريزيءَ ۾ Scare Crow چئبو آهي. اهڙي ڊزائن سان عطا شاد هوٽل جون ڏاڪڻيون ٻانھون ڊگهيڙي لھندو هو، گهڻو ڪري ٿاٻڙجي ڪري پوندو هو ۽ پوءِ ملم پٽي ڪرائيندو رهندو هو. عبدﷲ حسين بہ ساڳيو شراب واپرائيندو هو، پر کيس نشو نظر نہ ايندو هو، هن چواڻي کيس لنڊن ۾ شراب جو دڪان هو، هن کي خاص طرح سان هن ٽوئر لاءِ لنڊن مان گهرايو ويو هو. سڄي رات ڪمري ۾ ناول لکندو رهندو هو.
سائين غلام مصطفى شاھہ رات جو ماني مان فارغ ٿي پاڪستاني سفير کي فون ڪري چيني مشھور ٻوٽي جن سنگ هٿ ڪري ڏيڻ لاءِ چوندو هو، هن ٻوٽيءَ جي ڏاڍي تعريف ٿيل هئي. خاص طرح سان مرد دائمي ڪمزوري لاءِ ڏاڍي ڪار آمد ٿي ٻڌائون، سو سائين اسان کان چوري سفير کي فون ڪندو هو يا وري نماز ۾ مشغول ٿي ويندو هو. اسان کي بيجنگ جو مشھور ڊپارٽمينٽل اسٽور ڏيکاريو ويو، اهو تمام وڏو اسٽور هو، هزارن ۾ ماڻھو خريداريءَ لاءِ موجود هئا، اتي جواهرات، ريشمي ڪپڙن مان ٺھيل زنانا لباس جيڪي گهڻو ڪري مغربي طرز جا هئا ۽ اسان جي ڪم جا نہ هئا، ڪوٽ، ڳھہ ڪوڙا ۽ سچا، خوشبوءِ جو سامان فرنيچر جيڪو دنيا جي ناياب قيمتي ڪاٺين مان ٺھيل ڏاڍو بھترين عاج مان ٺھيل فرنيچر کان وٺي ننڍين شين تائين پر ڏاڍو مھانگو هو، ٻيون هزار شيون رکيل هيون، مائوزي تنگ جي ڪميونسٽ نظام تحت ڪنھن کي بہ ذاتي ملڪيت نہ وٺڻي هئي نہ رکڻي هئي. سڀ شيءِ سرڪاري هئي، پر جڏهن اسان وياسون تہ مائوزي تنگ مري چڪو هو، جنھن ۾ هو فرنيچر، ڪپڙا، ڪجهہ سينگار جو سامان خريد ٿي ڪري سگهيا، هن سڄي چين کي مغربي لباس ۽ مغربي رهڻي ڪھڻي تي آڻي ڇڏيو هو، ڪميونسٽ نظام تحت ڪنٽرول ٿيل جمھوري نظام آهي، جنھن ڪري سڀني ماڻھن جي منھن تي مرڪون نہ هيون جيڪي هو زبان سان نہ ٿي ٻڌائي سگهيا، ڇوڪريون ڏاڍيون سھڻيون، مغربي لباس ۾ سندن جسم برف ۽ باھہ جو ميلاپ هو پر سندن خاموش نگاهن ۾ ڪي لڪل خوف بہ هئا، جن جو اظھار نہ پئي ٿي سگهيو. هنن کي سونن زيورن خريد ڪرڻ جي آس تہ هئي پر خريد ڪرڻ جي قوت ڪانہ هئي. مائوزي تنگ انقلابي عورتن ۽ مردن کي هڪ فوجي يونيفارم پھرائي هر مرد ۽ عورت کي بحالت جنگ رهڻ جي تلقين ڪئي هئي، عورتن کي سينگار ۽ زيب و آرائش کان منع ڪري ڏينھن رات محنت ۽ مشقت ۾ لڳائي ڇڏيو هو، صدين جا فاصلا مھينن ۽ ڏينھن ۾ ٿي پورا ڪرايائين. جن هن اسڪوائر ۾ چند ڏينھن ۾ هڪ وڏي عمارت جوڙيائين جيڪا ٻي ڪنھن ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻہ يا ٽڻ سالن ۾ ٺھي ٿي سگهي. آمريڪا کي ۽ يورپ کي پنج ۽ ڇھہ سؤ سال ان منزل تي پھچڻ تي لڳي ويا، جتي چين ٽيھن يا چاليھن ورهين ۾ پھتو. اهو مائوزي تنگ جو محنت ڪش نظريو ۽ ان تي عمل هو پر ان ڳالھہ جو هڪ سبب اهو بہ هيو تہ چين جي آدم کي کاڌو بہ کپي، ڪپڙو ۽ اجهو بہ گهرجي. سڄي چين ۾ ڪو بکيو نہ سمھي. ڪو اگهاڙو نہ هجي. ڪو فٽ پاٿ تي يا ڪنھن وڻ يا برپٽ ۾ بغير اجهي جي نہ هجي، سو هر چيني کي روزگار، گهر، ڪپڙو، تعليم، دوا درمل تہ مليو ۽ هر ڪنھن کي سواري لاءِ هڪ سائيڪل ضرور هئي. پر گهڻي پورهئي ۽ گهڻي سختي هنن کان چھرن تان گلابي رنگت کسي ورتي هئي. عورتن کان نسوانيت ختم ٿي وئي هئي. عورت جي نسوانيت هن جي سينگار ۽ سنوارڻ جي جاکوڙڻ ۾ آهي. هتي ننڍن دڪانن ۽ فٽ پاٿن تي موتين ۽ ڪوڙن زيورن تي عورتن جا ڳاهٽ هوندا آهن يا ٻھراڙين ۾ بہ مڻھيار موتي ۽ مڻيا کنيو ڳوٺن جي عورتن جي سينگار جو سامان کنيو پيا هلندا آهن. ان جو بہ ڪو سبب آهي، سختي ۽ سينگار جي بندش سبب چين جي عورتن مان ٻارن ڄڻڻ جي صلاحيت ختم ٿيندي ٿي وئي، ان کي محسوس ڪندي مائوزي تنگ کان پوءِ ڪافي سھولتون ڏنيون ويون، پر ان هوندي بہ آدمشماري تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فقط هڪ ٻار پيدا ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.
جيئن تہ اجهو، لٽو ۽ روزگار حڪومت جي ذميواري آهي، ان ڪري چين ۾ ننڍا ننڍا ڪارخانا ۽ بجلي گهر هر علائقي ۾ هنيا ويا آهن، جنھن علائقي ۾ جيڪا شيءِ زراعت ذريعي پيدا ٿئي ٿي، ان سان لاڳاپيل ڪارخانو هنيو ويو آهي ۽ هر ڪارخاني هڻڻ کان اڳ مزدورن جي رهائش جي ڪالوني، اسپتال، اسڪول ۽ ڪميونٽي سينٽر پھريان ٺھيا، ڪارخانو بعد ۾ ٺھيو، جيئن مزدور کي سڀ ڪجهہ اتي ئي ملي وڃي. هارين لاءِ زمين جيڪا ڪوآپريٽو فارمنگ ذريعي آباد ٿي ڪئي وئي، انھن جي رهائشگاھہ لاءِ فارمرس ڪالوني جنھن ۾ ٽن ڪمرن وارو گهر جنھن ۾ فرنيچر ۽ ٽي وي بہ سرڪار طرفان مليل هئي، انھن لاءِ اسپتال ۽ اسڪول بہ زمين تي هيو، اسان کي اهڙا فارم ۽ گهر بہ ڏيکاريا ويا.
هينئر مائو کان پوءِ حڪومت جن ليڊرن کي ملي آهي، انھن ذاتي ملڪيت رکڻ ۽ ٻيو ڪافي آزاديون ڏنيون آهن، پر ڪميونسٽ نظريو ۽ سامراجين متعلق ڪابہ سمجهوتو بازي نہ ٿا ڪن. ڪي مغربي سرمائيدار ملڪن جا شاگرد چين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ اتان جي نظام خلاف چيني شاگردن کي ڀڙڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. شاگرد چن من اسڪوائر تي ڌرڻو هڻي ڪيئي اهڙا مطالبا ڪيا، جن ۾ ڪميونسٽ معاشري کي تبديل ڪري مغربي سامراجي نظام کي قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ اهڙيون آزاديون بہ گهريون، جيڪي چيني انقلاب ۾ لکين جانين کي قربان ڪرڻ واري نظريي سان سڌيون متضاد هيون. جيڪڏهن انھن شاگردن جا اهي مطالبا تسليم ڪيا وڃن ها تہ پوءِ چين جي ڪيل اقتصادي ترقي بي معنى ٿي وڃي ها ۽ چين وري سامراجيت جي ور چڙهي وڃي ها.
اسان کي ٻڌايو ويو تہ شاگردن جو ڌرڻو ڪيئي ڏينھن هليو. جڏهن حڪومت ۽ شاگردن وچ ۾ ڳالھيون ناڪام ٿيون تہ پھريائين لاشن ساڙڻ واريون بٺيون آنديون ويون. پوءِ ٽئنڪون آڻي راتو رات سڀني شاگردن جيڪي سون جي تعداد ۾ هئا، کي گوليون هڻي ختم ڪري سندن لاش انھن بٺين ۾ ساڙي ختم ڪري ڇڏيائون، سڄو ميدان مشين ذريعي صاف ڪيو ويو، صبح جو ميدان صاف هيو، ڪجهہ بہ ظاهر ڪونہ هيو. اسان کي بيجنگ کان ٻاهر هڪ شھر خموشان بہ ڏيکاريو ويو، جيڪو هزارن سالن کان ڪئين سو فوٽ زمين ۾ داخل هيو، اندر وڃڻ لاءِ جديد لفٽون لڳل هيون. ٻاهر ڪيترن ايڪڙن ۾ باغ هيو، هنڌ هنڌ ڪيمرائون ۽ ٻيون تفريح لاءِ جڳھون هيون، هڪ سينگاريل ميوزيم هيو، جتي نوادرات محفوظ نموني رکيل هيا. کنڊرات بہ هڪ دل وندرائيندڙ جڳھہ هئي، ريسٽورنٽ هيا، مون کي وري پنھنجو موهن جو دڙو ياد اچي ويو. جتي ڌوڙ ٿي اڏامي ۽ نوادرات چوري ڪيا ٿا وڃن. شل نہ قادر ڪنھن جي رات وجهي. هڪ يورپي جوڙي رات جو عزت بچائڻ خاطر ڀڄي جان بچائي نہ تہ همراهن انگريز مائي جي عزت لٽڻ لاءِ ڪافي منصوبا رٿيا هئا، چين ۾ اهڙي حرڪت واري ۽ راشي ڪاموري کي چند ڪلاڪن ۾ فيصلو ڪري گولي ٿا هڻن.
وري اسان کي بيجنگ کان ٻاهر ڪنھن هل اسٽيشن تي وٺي ويا، جتي تائو TAU جو مندر هيو، ان ۾ تائو TAUجو مجسمو بہ رکيل هيو، ڪجهہ ماڻھن ڌوپ واس ڪري عبادت پئي ڪئي، هڪ بڙجي وڻ جھڙو وڏو وڻ بہ هيو، جنھن مان هڪ ٻيو گلن سان ڀريل وڻ ڦٽي نڪتو هيو، جنھن بابت چيو وڃي ٿي ويو تہ هزارن سالن جو پراڻو وڻ هيو، ماڻھن ان جي عبادت بہ پئي ڪئي، ڏاڍي سردي هئي، بارش ۽ برفباري بہ هئي. هر ماڳ مڪان سجايو ۽ سينگاريو ويو آهي. بھترين رستا، ان جي چوڌاري سووينيئر جا ڊسيپلين سان دڪان ۽ صاف کاڌي جا ريسٽورنٽ جن ۾ يونيفارم سان اڇا دستانا پھريل ويٽر ۽ بئرا هئا، انھن کي ڇڏيو پر کاڌي پيتي جي شين واري ننڍي دڪان مڇي وڪرو ڪندڙ سبزي ۽ فروٽ وڪرو ڪندڙن کي بہ مٿي تي اڇي ٽوپي، اڇو ائپراٽن، اڇا دستانا پھريل ويٽر بئرا.
اوچتو هڪ مائي هڪ ٿرماس ۾ کير واريون برف جھڙيون قلفيون وڪڻڻ جا هوڪا ڏيندي نظر آئي. سيد غلام المصطفى شاھہ صاحب برف واري قلفي جيڪا اٺ نو انچ ڊگهي هئي، ويھي هيڏي ٿڌ ۾ پلٿي هڻي کاڌي، قلفي کائي پوري ڪيائين تہ سائين جو ساھہ منجهڻ لڳو، نيرو پيلو ٿيندو ويو، سائينءَ جا ڦڦڙ سبز ٿي ويا، چيني ميزبان آفيسر سخت پريشان ٿي ويا. هڪدم بيجنگ واپس ڀڳاسون ۽ اچي هوٽل ۾ لٿاسون، چينين سڄي رات سائين کي اهو گرم پاڻي ۽ ان ۾ سائي چانھہ ملائي پيئاريندا رهيا. نيٺ صبح جو شاھہ صاحب ساھہ کنيو ۽ سڀني کي پيٽ ۾ ساھہ پيو. ان ڏينھن اسان ان سبز چانھہ واري گرم پاڻي جو ڪرشمو ڏٺو، نہ تہ چين جي ڪنھن اسپتال ۾ داخل ڪرايو وڃي ها ۽ اسان جو سمورو دورو منسوخ ٿي وڃي ها.