ون يونٽ جون تياريون
ان وقت جي اديبن پمفليٽ لکي ميمبر صاحبن ۾ ورهايا، جن ۾ ٺھندڙ پاڪستان ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي حقن، زبان، ڪلچر، زمينن، سنڌ جي قومي مسئلي ۽ انھن جي تحفظ ڪرڻ جون گذارشون ٿيل هيون، ڪيترن ميمبرن تہ انھن پمفليٽن کي اڇلائي ڇڏيو، ڪيترن ان کي پڙهيو بہ ڪونہ، شايد اڪثريت اسيمبلي ۾ اڻ پڙهيلن جي هئي.
بانيءِ پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح 21 مارچ 1948ع تي ڍاڪا ۾ اعلان ڪيو تہ پاڪستان جي واحد قومي زبان اردو ٿيندي، ان اعلان جي پٺڀرائي 24 جنوري 1952ع ۾ ٿي، بنگالين پنھنجي بنگالي زبان ۽ قومي حيثيت مڃرائڻ لاءِ تحريڪون هلايون. اها سڌي سنئين 1940ع واري قرارداد پاڪستان جي ڀڃڪڙي هئي. بنگالين قربانيون ڏنيون ۽ ڪافي تعداد ۾ ماريا بہ ويا. بھرحال ان نتيجي ۾ پاڪستان جون ٻہ قومي زبانون اردو ۽ بنگالي تسليم ٿيون. ٻہ قومي شاعر هڪ علامہ اقبال ۽ ٻيو قاضي نظر الاسلام تسليم ڪيا ويا. وري ون يونٽ يعني سنڌ، پنجاب، سرحد (خيبرپختونخواھہ) ۽ بلوچستان کي ملائي هڪ يونٽ ٺاهڻ جا سانباها ٿيڻ لڳا. اديب جيڪو سماج جو هڪ اهم جزو آهي، جيڪو باشعور ۽ باعزت بہ آهي، وري پنھنجي ذميواري کي سمجهندي پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لڳو، اياز جو ڪتاب ”ڀنور ڀري آڪاس“ اچي ويو، جنھن ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن ۽ موقع پرست اقتدار پسندن جي اندر ۾ آنڌمانڌ وجهي ڇڏي. هن ڪتاب ڄڻڪ باھہ لائي ڇڏي، گهڻو ڪري سمورن شاگردن جي زبان تي اياز جا شعر گونجڻ لڳا. سنڌي ادبي سنگت خيرپور تي بہ ان جو اثر پيو، اسان بہ ٻوليءَ جي هلچل ۾ شريڪ ٿيندي، ڀتين تي چاڪنگ ڪرڻ شروع ڪئي، اسان جو مرڪز جو صلاحڪار رشيد ڀٽي هوندو هو، جيڪو سکر مان اسان وٽ اچڻ لڳو ۽ سمجهائيندو رهيو، سليم خواجہ مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچي هليو ويو، هو اسان لاءِ نوان ڪتاب ۽ نوان پروگرام کڻي ايندو هو، ڪڏهن ڪڏهن حفيظ شيخ بہ ايندو هو. انھن جي صحبت ۽ سنگت جي ڪري مون گهڻو پرايو ۽ پڙهيو، مارڪس، اينگلز، ماپاسان، سارتر، گورڪي وغيرہ پڙهڻ لڳس.