هندستان ڏانھن اڏام
پوليس هيڊڪوارٽر تي جتي اسان کي رپورٽ ڪرڻي هئي، اتي پاڪستاني قطار ڪيو بيٺا هئا. چڱي وڏي قطار هئي. هر ڪنھن جي هٿ ۾ پاڪستاني پاسپورٽ هو. اندر وڏو هال هو جتي ڪنھن ڪلارڪ پاسپورٽ جي ڪنھن رجسٽر ۾ داخلا رکي ٺپو هڻي اندر ڪمري ۾ ويٺل پوليس انسپيڪٽر ڏانھن صحيح لاءِ ٿي موڪليو. جنھن پاسپورٽ تي صحيح ڪري پاسپورٽ واپس ٿي ڏنو. اهو ساڳيو طريقو جڏهن بمبئي ڇڏجي تہ ڪرڻو هيو تہ هينئر بمبئي کي ڇڏي وڃون ٿا. مون کي ٻڌايو ويو تہ جيڪڏهن مان هر هڪ پاسپورٽ ۾ پنج رپيا وجهي پٽيوالي کي پاسپورٽ حوالي ڪيان تہ جلدي بہ ٿي ويندي ۽ قطار ۾ بہ نہ بيھڻو پوندو. مون جڏهن اندر ويٺل صاحب ڏانھن نھاريو تہ هو هڪ ٽن ستارن وارو پوليس انسپيڪٽر هو. مون سوچيو تہ پنج رپيا بہ ڪا رشوت آهي؟ سا بہ هيڏي وڏي صاحب لاءِ؟ سو ڏهين ڏيھن جا ٻہ نوٽ وجهي پاسپورٽ پٽيوالي کي ڏنم. انسپيڪٽر ايترو تہ خوش ٿيو جو هن ذري گهٽ چانھہ جو آرڊر ٿي ڏنو. رشوت ڀارت ۾ بہ آهي پر تمام نہ جھڙي، ۽ اها بليڪ ميلنگ يا داداگيري واري طريقي سان نہ ٿي ورتي وڃي ٿي ڪم قانون مطابق ٿيندو. صاحب جو آواز دٻيل ۽ عوام جو وڌيل آهي. ڪنھن کي مجال نہ آهي جو ڪو ڪنھن سان ناجائزي ڪري، سياسي ڪارڪن هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ لاءِ بي پھچ جي مدد ڪرڻ ۾ مگن لڳا پيا آهن، جي ڪنھن جي مرضي پوي تہ ڏھہ ويھہ رپيا خرچي ڏئي ڇڏي نہ تہ بس، انھن ڏينھن ۾ بمبئيءَ ۾ سبزيءَ جو اگهہ گهڻو ڪري ڏھہ رپيا هو. اڪثر ماڻھو سبزي خور آهن. بمبئيءَ جي فليٽن ۾ ننڍا ڪٽنب آهن، نوجوان شاديءَ کان پوءِ پنھنجي فليٽن ۾ پيءُ ماءُ کان جدا ٿا رهن. جيڪڏهن ڪنھن کي ڏھہ رپيا بہ مليا تہ ڪلوسبزي جو ملي ويو، جيڪو هن لاءِ ڪافي آهي. يورپ وانگر صبح جو کير جي بوتل هر فليٽ جي در تي پھچي ويندي، اخبار بہ سستي، اردو اخبار بنھہ ڪانہ آهي. ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن بہ سستي آهي. ڪابہ خانگي بس نہ آهي. ٽوئرزم ڊپارٽمنٽ جي طرفان گائڊيڊ بسون آهن. سڄي بمئي گهمي سون. شيوا جي پارڪ، ميوزم، هيگنگ گارڊن، گيٽ وي آف انڊيا، خاص طرح سان باندرا ريلوي اسٽيشن واري پل جي ڀرسان مشھور ڌوٻي گهاٽ، جتي سون جي تعداد ۾ ساڙهيون اس تي سڪي رهيون آهن. مون کي ڪرشن چندر جو لکيل ناول” باندرا ڪي ساڙهيان“ ياد اچي ويو.
سڄو شھر ريلوي پٽڙين سان ڀريل آهي. ڪئين ريل جون اسٽيشنون آهن، هڪٻئي جي پٺيان ماڻھن سان ڀريل ريلون پيون ٿيون هلن. وري ڪرشن چندر جو ٻيو ناول ” سرانچ لائين“ ياد آيو. مون جئہ ڪشن جي فليٽ جي گيلريءَ مان باندرا جي اسٽيشن تان هزارن ماڻھن کي ريلن ۾ چڙهندي ۽ لھني ڏٺو. هندستان ۾ ايشيا جو وڏو ريلوي نظام آهي. هر ٽرين وقت تي نڪري ٿي ۽ وقت تي پھچي ٿي. تازو منھنجو ڀاءُ عبدالستار گلي جي ڪنھن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو. سندس علاج پاڪستان ۾ ڪونہ هيو. ٻاهرين ملڪن ۾ اٺن نون لکن کان گهٽ ڪونہ هو. هو رٽائرڊ اسڪول انٽرنيٽ ذريعي کيس مدراس جي هڪ ڊاڪٽر ڪرشنا رائو چوايو تہ هو پئسن جو فڪر نہ ڪري ۽ هڪدم هليو اچي. سندس مفت علاج ٿي ويندو، ادي چواڻي مدراس ايڪسپريس دهليءَ مان پوري وقت نڪتي ۽ 36 ڪلاڪن کان پوءِ پوري ساڍي اٺين وڳي صبح جو مقرر وقت تي مدارس اسٽيشن تي پھتي، ڊاڪٽر صاحب سندس انتظار ۾ ويٺو هيو. ڪامياب آپريشن ٿيو. وڏي پرگهور لڌي وئي ۽ هو صحتياب ٿي هليو آيو. معمولي خرچ ٿيس ۽ اٽڪل ٽي سال ٿي ويا اٿس وري ڪابہ تڪليف ڪانہ ٿي اٿس. اتم اسان کي صلاح ڏني تہ اسان اجتنا ۽ الورا جا کنڊرات ڏسي اچون. جيڪي مھاراشٽر جي ڏکڻ ۾ حيدرآباد دکن جي ويجهو اورنگ آباد ۾ هئا. اسان کي ان طرف جي ويزا ڪانہ هئي. اتم چواڻي ويزا ڪو مسئلو ڪونہ هيو ۽ اسان وڃي گهمي اچون. 400 رپيا بس جي اوٽ موٽ جي هڪ ماڻھو جي ٽڪيٽ هئي. ان ۾ رهائش مفت هئي. اسان ٻہ ٽڪيٽون وٺي رات جو بس ۾ چڙهي ويٺاسون. اورنگ آباد ڪافي پري هو. سڄي رات جو سفر هو، بس ايئر ڪنڊيشن هئي. ٿوري دير کان پوءِ پھاڙي چڙهايون شروع ٿي ويون، بس ڏهين يا يارهين وڳي ڌاري هڪ پھاڙ جي چوٽيءَ تي ٺھيل ننڍڙي هوٽل وٽ بيٺي. هڪ ڪلاڪ اتي بيھڻ کان پوءِ بس وري هلي. صبح جو پنجين يا ڇھين وڳي اورنگ آباد پھتاسون. هڪ سرڪاري وڏي هاسٽل ۾ اچي بس بيٺي. اسان کي ان ۾ ڪمرو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ اٺين وڳي تيار ٿي اچي بس ۾ ويھون، اسان جلدي تيار ٿي اتان جي ڪينٽين مان ناشتو ڪري بس ۾ اچي ويٺاسون . گائيڊ هڪ مسلمان هو. اسان کي پھاڙن مان گذاري هڪ قلعي جي ٻاهران اچي لاٿائين اهو دولت آباد جو مشھور وڏو قلعو هو. اهو علاؤالدين خلجي جو جوڙايل ناقابل شڪست قلعو هو. اندر ڪئين ڀول ڀليان، انڌيريون ۽ شب خون هڻڻ جون جايون هيون. جتان دشمن جا لاش ڪئين گم ڪري ڇڏجن. زندان خانہ، عقوبت گاهون، واڳن سان ڀريل تلاءُ ۽ هڪ مسجد بہ هئي. اتان الورا آياسون جتي پھاڙن کي ٽڪي اندر هندو ۽ ٻڌڌرم جون عبادت گاهون ٺاهيون ويون هيون. هي پھاڙ ڪئين کوٽيا ويا ها ۽ انھن ۾ ڪئين اهي عمارتون ڪڍيون ويون هيون؟ حيرت جھڙي ڳالھہ آهي ڀرسان هندن جو پٿر مان جڙيل هڪ بھترين مندر بہ هيو، اهو بہ ڏاڍو خوبصورت هو. اسان کي هڪ پھاڙ تي شو ديوتا جو مندر ڏيکاريو ويو. ڀرسان ريسٽورنٽ هو جتي منجهند جي ماني کارائي وئي ڪجهہ مفاصلي تي خلدآباد جو شھر هو. جتي هڪ دڙي تي اورنگزيب جي مزار هئي. سندس فرزند بہ ساڻس گڏ دفن هيو، قبر انتھائي شرعي طريقي سان زمين سان لڳل سنگ مرمر مان جڙيل هئي. وچ ۾ ڪچي هئي. جنھن ۾ نازبوءِ جو ٻوٽو پوکيل هيو، ساڻس گڏ مسجد ۽ مدرسو بہ هو.
اتان ڪجهہ پھاڙ لتاڙي اورنگ آباد جو شھر گهمايو ويو. وڏو شھر هو، جديد قسم جا هوٽل ۽ ڪشادا رستا ها. وچ شھر ۾ نرمدا ندي هئي. ان جي ڪناري تي اورنگزيب جو پنھنجي گهرواريءَ مٿان جوڙايل”بي بي ڪا مقبرہ“ بلڪل تاج محل جي ڪاپي هئي. ساڳي ريت اچي سنگ مرمر مان جڙيل ساڳيا اڇا منارا ۽ ڪشادو باغ هيس پر اصل ۽ نقل ۾ فرق اهو هو تہ هن جا منارا سنگ مرمر جا نہ هئا پر چن سان ليپيل هئا ۽ الائي ڇو هيءُ هڪ مذاق ٿي لڳو ۽ اسان کان سواءِ ڪير بہ ڏسڻ وارو ڪونہ هيو، اسان اجنتا ڪونہ وياسون. اورنگ آباد اسان جي پياري محسن دوست فتح ﷲ عثمانيءَ جو شھر هو. اسان هڪ رات رهي بمبئي واپس هليا آياسون ۽ اتان ارڙهين تاريخ سنگاپور روانا ٿياسون. بمبئي ۾ جئي وير مليو، پروفيسر رام پنجواڻي سان بہ ملاقات ٿي ماستر چندر سان بہ ملياسين.
سنگاپور بہ هڪ نھايت خوبصورت شھر آهي. ايئرپورٽ ڏاڍو سينگاريل ۽ سھڻو آهي. اسان بمبئيءَ کان سنگاپور ايئر لائين ذريعي هلياسين. اندر جھاز ڏاڍو سينگاريل هيو. ايئر هوسٽس مان هڪ کي روايتي گيشا گرل جھڙي ڊريس پھريل هئي. ڇھن مھينن جي ويزا ايئرپورٽ تي ئي هڻي ڏنائون. سڄو شھر گلن، گلدانن، باغن، ڪشادن رستن سان آهي. هتي نھايت مھذب ۽ خاموش طبيعت وارا خوشحال ماڻھو رهن ٿا، اسي سيڪڙو چيني، باقي هندستاني ۽ ٻيا ٿا رهن، سڄو شھر هڪ ملڪ بہ آهي سياحت ئي ملڪ جي مک آمدني آهي. وڏا وڏا شاپنگ سينٽر ۽ وڏيون جديد قسم جون عمارتون هيون. دنيا جو وڏو واپاري شھر آهي. شھر گهمڻ لاءِ ٽوئر سٽ بسون آهن. ڏاڍو مھانگو شھر آهي، تقريبن يورپ جي شھرن جيترو مھانگو آهي. امن امان جو ان مان اندازو لڳائجي تہ ان وقت سنگاپور جي جيل ۾ فقط هڪ قيدي هيو. ڪو ڏوھہ ڪونہ ٿيندو هيو. ماڻھو خاموش ۽ پنھنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارا، ڀرسان ملائيشيا جو شھر جو هر بوهر اٿس. سنگاپور مان بس تي چڙهي جوهر بوهر بہ ڏٺوسين. سمنڊ ڪناري مسجدن ۽ مدرسن جو مسلمان ملڪ آهي، اتي منجهند جي ماني بہ کاڌي سون، جيڪا بس جي ڪرائي ۾ شامل هئي. سرڪاري ريسٽ هائوس جي مٿان ڪلمو پاڪ وڏن اکرن ۾ لکيل هو. اندر هڪ هال ۾ شراب جو ڪائونٽر هيو. عورتن ۽ مردن جا قبرستان الڳ ها. ٽي ڏينھن رهي بئنڪاڪ هليا آياسين. ٿائلينڊ جي ويزا بہ ايئرپورٽ تي ملي، هيئنر چون ٿا تہ اسان کي ويزا پنھنجي ملڪ مان وٺي وڃڻي آهي. اڳ لنڊن جي ويزا بہ مون کي اتان جي ايئرپورٽ تي ملي هئي. اسان کي بئنڪاڪ پسند ڪونہ آيو، ان ڪري ٽي ڏينھن رهي واپس هليا آياسون. توڙي بئنڪاڪ اسان جي حساب مطابق ڏاڍو سستو هو. ٻہ ٿائي سڪا هڪ پاڪستاني روپئي جي برابر ها، هينئر چون ٿا تہ ٻہ پاڪستاني رپيا هڪ ٿائي جي برابر آهن، شھر ۾ بدبوءِ هئي. ڪتا، ٻلا، ڪوئا، نانگ، ڪميون عام جام پيا کائين. چمڙو هنن جي پسنديدہ خوراڪ آهي. نانگن جا فارم اٿن. چون ٿا هينئر بئنڪاڪ دنيا جي جديد ترين شھرن مان آهي. ڏاڍي ترقي ڪئي اٿس. ماڻھو بہ خوشحال ٿيا آهن.