آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيڪي ياد پيوم

فتاح ملڪ سنڌ ۽ سنڌين جي دردن جو احساس رکندڙ ۽ انھن کي شاعريءَ يا نثر ذريعي نمايان حيثيت ڏيندڙ شخص آھي. فتاح ملڪ پنھنجي يادگيرين ۾ اھڙا ورق پڻ کوليا آھن جيڪي نہ اعتبار ۾ ايندڙ آھن، خاص ڪري شيخ اياز ۽ ٻين بابت جيڪي اڳ ڍڪيل ھيا. فتاح ملڪ ھن ڪتاب ۾ ننڍپڻ جي يادگيرين، عوام جي مثالي نمائندن، اسڪولن ۽ مدرسن جي ماحول، گهر ڀاتين، خيرپور ۾ گهاريل ڏينھن، ون يونٽ جي تحريڪ، نوڪريءَ لاءِ جاکوڙ، سکر جي اڻمٽ يادن ۽ شخصيتن، غربت ۽ وڪالت جي ڏينھڙن، شاگرد جدوجھد، پرڏيھہ ياترا، ھندستان ۽ چين جي يادن، ڀلي پار جي سفر، سميت ڪيئي يادون شامل ڪيون آھن.

  • 4.5/5.0
  • 153
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فتاح ملڪ
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Jeki Yaad Payom

چرخي چت نہ لگدا، مين آتڻ ڪيوين آوان

اسان جي حج لاءِ وڃڻ کان ڪجهہ ڏينھن اڳ ڀارت کان سنڌي اديب آيل هئا. وفد ميمبر انڊين پارليامينٽ ۽ ڪانگريسي ليڊر ڪيسواڻي صاحب جي اڳواڻي ۾ آيو هو، جن ۾ ڪرشن راهي ۽ لڇمڻ ڪومل کان سواءِ ٻيا ڪيترائي ناليوارا ليکڪ هئا. هتي سگا جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ تاج جويو جي سربراهي ۾ سنڌي ادبي سنگت سندن آجيان ٿي ڪئي ۽ کين سڄي سنڌ جو دورو ڪرايو ويو هو.
هندستان وانگر هتي سنڌ ۾ بہ ائين بہ اديبن ۾ ٻہ گروپ ٿي چڪا آهن. مقصد ٻنھين گروپن جو هڪٻئي کي ڪٽڻ ۽ پنھنجي پذيرائي ۽ ٻي کي گهٽ ڏيکارڻ رهيو آهي، جيئن جو مون کي بہ ڪنھن نہ ڪنھن ڌر سان ملايو ويو آهي. ان ڪري هندستان کان آيل مھمانن جي مان ۾ جيڪي بہ گڏجاڻيون يا آجياڻا پئي ٿيا. ان ۾ مون کي پري ڌڪيو ٿي ويو ۽ ڪنھن بہ فنڪشن ۾ مون کي سڏ نہ ڏنو ويو، پر حميد سنڌي هر هنڌ گھليندو رهيو ۽ انھن آيلن سان ملائيندو رهيو، نہ سنڌي ادبي سنگت ٿي سڏ ڏنا نہ وري سگا وارن.
بھرحال منھنجي سعودي وڃڻ کان هڪ ڏينھن اڳ حميد مون کي ڀڳوانداس چاولا جي بنگلي تي وٺي ويو، جتي راڳ رنگ، مڌ ۽ مستي جي محفل لڳل هئي، شازيہ خشڪ نچي رهي هئي. چاولا صاحب گردن جي ڊائلاسس ڪرائي آيو هو ۽ منھنجي ڀرسان اچي کيس ويھاريو ويو، مون کيس ڏاڍي مشڪل کان پوءِ سڃاتو، ڪٿي هڪ برجستو، صحتمند، فراخ دل، کلڻو چاولا ۽ ڪٿي هي نٻل هڏائون پڃرو ۽ خاموش انسان بھرحال اسان هڪ هڪٻئي کي کيڪاريوسين ۽ پوءِ اٿي هليو آيس.
حقيقت ۾ ورهاڱي کان اڳ هندستان سياسي، اقتصادي ۽ سماجي طور ڪجهہ حصن ۾ ورهايل هو، هڪ حصي، جتي ڪجهہ راجا، مھاراجا، جاگيردار، زميندار ۽ اڪثريت ۾ پڙهيل ڳڙهيل محنت ڪش، پورهيت، هاري ۽ وچولي طبقي جا ماڻھو هئا، جن جي اڳواڻي اتان جي عوامي قيادت جن ۾ گانڌي، جواهر لعل نھرو، مولانا آزاد جھڙا ماڻھو ڪري رهيا هئا. جن اڳتي هلي اقتدار کان اڳ پنھنجو ڪلاس بدلي ڇڏيو ۽ عوامي رنگ ۾ رنگجي ويا. آزادي کان پوءِ راجا، مھاراجا، زميندار ڪلاس ختم ڪري ملڪ کي آئين ڏنو حڪومت هلائي، ٻيو حصو جتي زميندار، جاگيردار ۽ انگريز غلام ۽ جيتمڙا ڄام ۽ ڄامڙا، انگريزن جا پيدا ڪيل سردار ۽ ليڊر آزادي جي مخالفت ڪندڙ ڪامورن جي زور تي هلندڙ طاقتور طبقا هئا. جيڪي انتھائي موقعي پرست ۽ وڏي حد تائين ويڪائو هئا، جن جي اڳواڻي علامہ اقبال ۽ محمد علي جناح ڪري رهيا هيا. نہ سٺي صحبت نہ سنگت ملين، بي اصولي تي چوٽ چڙهيل مسلمان طبقو هو. اهي مسلم ليگ جي خلاف هيا پر جڏهن اقتدار مسلم ليگ کي ملڻ وارو ٿيو تہ هڪدم پاڪستان جا حمايتي ٿي ويا ۽ اچي مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويا. ورهاڱي کان پوءِ فوجي ۽ سول نوڪر شاهي جي مدد سان پاڪستان جي اقتدار تي قابض ٿي ويھي رهيا ۽ اڄ تائين قابض آهن.
جيڪي بہ پڙهيل ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ سنڌي توڙي اردو اديب هن پٺتي پيل موقعي پرست معاشري مان مايوس ٿي ڀارت هليا ويا، انھن ۾ مسلمان بہ هئا ۽ هندو به، هندو فقط سنڌي اديب هئا. هتي محمد ابراهيم جويو، اياز ۽ پليجي، سائين جي ايم سيد سان هڪ فقري متحدہ محاذ ٺاهي ون يونٽ تحريڪ ذريعي مھاڏو اٽڪايو پر ون يونٽ ٽٽڻ ۽ بنگال جي جدا ٿي وڃن کان پوءِ سنڌي اديب هيڏي ساري فوجي، سول ۽ جاگيرداري نظام سان اٽڪڻ بجاءِ هڪٻئي جو پٽڪو لاهڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن.
ڀارت ۾ سنڌي زمين کان ڪٽيل لغڙ وانگر هيڏي هوڏي هٿ هڻي رهيا آهن. ان ڪري معمولي مفادن خاطر پاڻ ۾ نہ ٿا ٺھن، اها پيڙهي بہ پوري ٿيڻ تي آهي، پوءِ سڀني جو ﷲ حافظ آهي، جڏهن مقصد ڇڏائجي ويندو آهي تہ پوءِ اتي بہ انڌن وانگر پنھنجا لتاڙڻ شروع ڪيو ويندو.
اسان جڏهن سعودي کان ڪراچي ايئرپورٽ تي پھتاسون تہ اتي منھنجو نياڻو ثناءُ ﷲ، منھنجي ڌيءَ مومل، منھنجا پٽ عبدالقيوم، عبدالصمد ۽ ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالجبار ۽ ٻيا ڪيترائي مٽ مائٽ آيل هئا، ان کان سواءِ سکر مان ڪيترا وڪيل منھنجي جونيئر نورحسن، طارق منگي، عمران شمسي ۽ ٻين ڪيترن سان آيل هئا. هنن وڪيلن منھنجي غيرحاضريءَ ۾ منھنجي طرفان سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن وڙهي هئي. جنھن ۾ مون چند ووٽن سان هارايو هو، مان انھن دوستن کي سلام ٿو ڪيان، جن مون کي هيڏي تعداد ۾ غير حاضري ۾ ووٽ ڏنا. منھنجو هڪڙو پٽ ڊاڪٽر عبدالسميع لنڊن ۾ پنھنجي تعليم ۾ مصروف هو، ان ڪري ڪونہ اچي سگهيو ۽ فون ذريعي رابطو رکندو آيو.
مون ننڍپڻ کان ڌاڍي محنت ڪئي آهي ۽ انتھائي مشڪل حالات ۾ معمولي نوڪري ڪري بکون ڪٽي تعليم حاصل ڪئي. ٻار پڙهايم ۽ انھن جون شاديون ڪرائي پنھنجي هر ڏک ۾ ساٿي پنھنجي گهرواري سان حج پڙهي آيس ۽ سوچيم تہ هينئر سک جو ساھہ کڻندي وقت گذاريندس پر بندي جي من هڪڙي هوندي آهي ۽ مالڪ جي من ۾ ڪجهہ ٻيو هوندو آهي، مون هڪ گهر سکر ۾ ٺاهيو، ٻيو ڪراچي ۾ ڏاڍا خوش هئاسون، ٽئي پٽ پڙهيل ۽ پرڻيل، مومل جي شادي بہ ٿي وئي، مٺايون ۽ کير ٿي ورهايا ويا.
اوچتو وڏي خبر ڏني تہ هن ڪو واپار ڪيو، جنھن ۾ نقصان ٿيو اٿس ۽ قرضي ٿي ويو آهي. ننڍي پنھنجو گهر برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٽيون ڊاڪٽر عبدالسميع انگلينڊ مان جگر جي لا علاج بيماري کڻي آيو. هي ٽي هاٿي منھنجي آڏو اچي بيھي رهيا.
هو ٻہ وڏا معاملا پنھنجي جاءِ تي پر هي ٽيون محاذ ڏاڍو ڏکيو هو ٻہ ورهيہ عبدالمسيع جو علاج هليو پر سڀ علاج بيڪار ويا جو ﷲ جو امر ڏاڍو ٿي ويو. جوان پٽ حياتي جي جنگ هارائي ويو ۽ مان هن عمر ۾ پٽ ڌڻي حوالي ڪري آيس. مان انھن سڀني دوستن، عزيزن ۽ قريبن جو ٿورائتو آهيان. جن مون سان ڏک ونڊيو، خاص طرح سان جسٽس راڻا ڀڳوانداس، جسٽس حامد علي مرزا، جسٽس سيد ديدار حسين شاھہ جن ٽيليفون ڪري پرچايو. تاج بلوچ جي اداري سوجهرو بہ همدردي ڪئي. سمورن اديبن، شاعرن، وڪيلن ۽ سون جي تعداد ۾ شھر واسين، واپارين، غريبن بہ ڏک ونڊايو. وينا شرنگي دهلي مان فون ڪيو، سندس ڀاءُ بہ شھدادڪوٽ مان وقتائتو اچي پھتو. پٽ تہ موٽي ڪونہ ايندو پر جيڪڏهن ڪو هڪ پل بہ ڏک ۾ ساڻ ٿو هلي نہ وسارڻ گهرجي، مون کي قمر شھباز جي اڳواڻي ۾ ڪرشن راهي جي ياد ۾ احمد آباد وڃڻو هي، سو نہ ويس، لکڻ پڙهڻ ڇڏائجي ويو، آخري ڪالم ٽين جون 2007ع تي ڇپيو. پٽ تيرهن جون تي موڪلائي، ڀاڪر پائي ۽ چميون ڏئي لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ توڻي لکڻ تي دل نہ ٿي چئي پر خبرون وارن پچر ڪانہ ڇڏي آهي. اولاد جو غم شال ڪنھن دشمن کي بہ نصيب نہ ٿئي. هونءَ سور سڀئي ڏاڍا پر اولاد جي وڇوڙي جو غم ڏکيو آهي. شل هيئن ڪيان ها. جيڪر هي علاج ڪرايان ها تہ پٽ بچي پوي ها. اڄ بہ دل چوي ٿي تہ يا تہ قبر مان ڪڍي اچان يا پاڻ وڃان ها تہ پٽ بچي پوي ها. اڄ بہ دل چوي ٿي تہ يا تہ قبر مان ڪڍي اچان يا پاڻ وڃي ساڻس سمھي پوان. جيئري رهڻ جو سبب بہ سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي. منظور اڄڻ، بشير منگي، راڻو ڀٽي، ادل سومرو، اياز گل ۽ ٻين ڪيترن نوجوان اديبن اڪيلو نہ ڇڏيو آهي ۽ اهو احساس ڏياريندا رهيا آهن تہ جي هڪ پٽ ويو تہ هي سڀ کوڙ سارا بہ منھنجو اولاد آهن ۽ مون کي زندھہ رهڻ تي اڪسائي رهيا آهن. ڪڏهن ٿو هي ڏيئو هيڏن سارن طوفانن اڳيان ڦڙڪي ڦڙڪي وسامي، خبر نہ آهي. ها شايد جيئن ڪو سمنڊ ۾ هڪ تختي جي سھاري لھرن ۾ لڙهندو هجي ۽ فقط ساھہ کڻندو رهي. جيستائين رھيل ساھہ هوندا آهن. جيئرو رهندو، منھنجي حالت هن وقت ساڳي آهي.
چرخي چت نالڳدا، مين آتڻ ڪيوتن آوان.