آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيڪي ياد پيوم

فتاح ملڪ سنڌ ۽ سنڌين جي دردن جو احساس رکندڙ ۽ انھن کي شاعريءَ يا نثر ذريعي نمايان حيثيت ڏيندڙ شخص آھي. فتاح ملڪ پنھنجي يادگيرين ۾ اھڙا ورق پڻ کوليا آھن جيڪي نہ اعتبار ۾ ايندڙ آھن، خاص ڪري شيخ اياز ۽ ٻين بابت جيڪي اڳ ڍڪيل ھيا. فتاح ملڪ ھن ڪتاب ۾ ننڍپڻ جي يادگيرين، عوام جي مثالي نمائندن، اسڪولن ۽ مدرسن جي ماحول، گهر ڀاتين، خيرپور ۾ گهاريل ڏينھن، ون يونٽ جي تحريڪ، نوڪريءَ لاءِ جاکوڙ، سکر جي اڻمٽ يادن ۽ شخصيتن، غربت ۽ وڪالت جي ڏينھڙن، شاگرد جدوجھد، پرڏيھہ ياترا، ھندستان ۽ چين جي يادن، ڀلي پار جي سفر، سميت ڪيئي يادون شامل ڪيون آھن.

  • 4.5/5.0
  • 153
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فتاح ملڪ
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Jeki Yaad Payom

ماضيءَ ۾ جهاتي

پنو عاقل ۾ اسان جو اڪيلو گهر چوڌاري هندن جي گهرن سان وڪوڙيل هوندو هو، اسان جو گهراڻو بہ پڙهيل ڳڙهيل هو، بابا 1923ع ۾ سنڌ مدرسي مان مئٽرڪ پاس ڪري روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪئي، سندسن هم ڪلاسين مان نواب پير بخش خان ڀٽو، شمس العلماء دائود پوٽو، ڊاڪٽر تنوير جو والد صاحب ۽ ٻيا چڱا ماڻھو هئا. سندن خيالات مسلم ليگي هيا. منھنجي گهرواري جو ڏاڏو قادر بخش ڏهر سکر مان خان بھادر کھڙي جي اخبار سنڌ زميندار جو ايڊيٽر هو. ان جي وات تي بہ ڇڙو مسلم ليگ قائد اعظم محمد علي جناح ۽ پاڪستان هوندا هئا. منھنجا ڀائر اسڪول ڇڏي سڄو ڏينھن پيرزادي عبدالستار جي گاڏي تي ”پاڪستان“ جا نعرا هڻندا وتندا هئا. اسان جو پنو عاقل وارو گهر پاڪستان ۽ مسلم ليگ هائوس ٿي چڪو هو. سڄو گهر مسلم ليگ جي جهنڊن سان ڀريل هوندو هو. قسمين قسمين پروگرام ٺھندا هئا. بابو تعلقي هيڊ منشي هو. مرحوم (ر) جسٽس شاهنواز اعواڻ جو والد صاحب مختيارڪار هو. ايتري ۾ ريڊيو تي اعلان ڪيو ويو تہ پاڪستان ٺھڻ جو اصولي فيصلو ٿي چڪو آهي اسان جي گهر ۾ مٺايون پئي ورهايون ويون. سڄي شھر ۾ مسلمان جهمريون وجهي رهيا هئا. هندن جا منھن لٿل هيا، ايتري ۾ مختيار ڪار جو نياپو آيو تہ بابو هڪدم اچي. شھر جي مک بازار جي ونگ تي ادي جن پاڪستان جو جهنڊو هنيو هيو. هندن ۾ تاءُ هو،” اڃان پاڪستان ٺھيو تہ ڪونہ آهي؟“ هندن جو موقف هو، تمام وڏي مخلوق هئي. بابي ادي وارن کي جهنڊي لاهڻ لاءِ چيو، ”چپ“، ڪو جواب ڪونہ مليس، پٽيوالن کي حڪم ٿيو تہ ”جهنڊو لاهيو“ پر ڪير بہ جهنڊو نہ پيو لاهي، آخر بابي پاڻ هندن جي مدد سان جهنڊو لاٿو، اڃان گهر مس پھتو تہ خبر پيس تہ ادي وارن ٻيو جهنڊو چاڙهيو آهي.
ادي وارا وڏا پوسٽر جن تي هندستان کان ايندڙ مھاجرن ۽ هڪ سنڌي ٽوپيءَ واري کي ڀاڪر پيل ”ڀلي آئين ڀاءُ، اچ تہ ڳلي لڳون“ ڇپيل پوسٽر سڄي شھر جي ڀتين تي هڻندا وتن. اسٽيشن تي سڄو ڏينھن ۽ ساري رات مانيون ۽ ٻوڙ پلاءُ کنيو بيٺا آهن. اسان جا ڀائر ٿا اچن، ريلن تان لاهي پنج سؤ رپيا روڪ، هڪ ڏاندن جو جوڙو ۽ گهر، زمين انھن ۾ ورهائيندا رهيا، قائد اعظم محمد علي جناح جي ڏاڏي پونجا کي ٽي پٽ هڪ ڌيءَ هئي. جن ۾ سندس پيءُ جناح پونجا سڀني ۾ ننڍي ۾ ننڍو هو، 25 ڊسمبر 1976ع تي محمد علي جناح کي ٻہ ڀائر، چار ڀينرون هيون، چوڏهين آگسٽ 1947ع تي پاڪستان قائم ٿيو، هندستان کي ٽوڙيو ويو، هڪ پاڪستان هڪ هندستان ٺھيو. 11 سيپٽمبر 1948ع تي جناح صاحب گذاري ويو، ترڪي ۾ سلطنت عثمانيہ هئي. جتي مسلمانن جو خليفو رهندو هو، ترڪيءَ جي عملداري ۾ عرب ۽ عراق صوبائي حيثيت ۾ قائم هئا، شام بہ هڪ وڏي ايراضي وارو ملڪ هو، جنھن کي ٽوڙي فلسطين، اردن، شام ۽ لبنان ٺاهيا ويا، بعد ۾ 1947ع ۾ فلسطين ۽ اردن کي ٽوڙي اسرائيل ٺاهيو ويو، جتي بہ سڄي دنيا مان مھاجرن جا ڪٽڪ زبردستي آباد ڪيا ويا ۽ اصلوڪي رهاڪن کي ڌڪي ٻاهر ڪڍيو ويو. هن وقت تائين اتي امن ڪونہ آهي، مئيڪل گرسر گيوچ گربچوف 1931ع 2، 3 ڏکڻ روسي پرائو لنيو ڳوٺ ۾ ڄائو. 1985ع کان سوويت يونين جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. هن 1952ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1970ع ۾ سپريم سوويت ڪائونسل ميمبر ۾ چونڊيو ويو. 1980ع کان پولٽ بيورو جو ميمبر رهيو ۽ آخر روس کي ٽوڙي ڇڏيائين. محترم جنرل يحى خان هڪ فوجي ڊڪٽيٽر هيو. هن 1967-68 ۾ هڪ ٻي ڊڪٽيٽر محمد ايوب خان کان اقتدار حاصل ڪيو. 1971ع ۾ يحى خان جنرل نيازي ۽ ٽڪا خان جي معرفت پاڪستان ٽوڙي ڇڏيو، کيس ڪيترن توبن جي سلامتي سان دفنايو ويو. ٽڪا خان بہ پيپلز پارٽيءَ جي ليڊري ماڻي مري ويو، 1977ع ۾ جنرل ضياءُ الحق مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو، سندس آبائي علائقو هندستان جو شھر جالنڌر آهي. ضياءُ الحق صاحب هوائي حادثي ۾ گذاري ويو، کيس بہ ايڪويھن توبن جي سلامي سان دفنايو ويو. مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي کي ضياءُ ڦاهي چاڙهيو، شيخ مجيب الرحمان کي فوج گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ٻئي همراھہ وڏي عوامي راءِ سان اليڪشن کٽي آيا هئا. محمد نواز شريف، امرتسر جي لوهر گهرائي سان تعلق ٿو رکي. وڏن عوامي ووٽن سان اليڪشن کٽي آيو، کيس 1999ع ۾ جناب پرويز مشرف دهليءَ جي قاضي خاندان سان گڏ دهلي هندستان مان 1947ع ۾ هجرت ڪري ڪراچي ٿو اچي. جيڪب لائنس ۾ ٿو رهي، ٻن سالن کان پوءِ انقرا ترڪي ۾ سندس والد صاحب جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ نوڪري سبب اتي وڃي ٿو رهي. اتي تعليم حاصل ڪري ڪمال اتا ترڪ ۽ ترڪي ۾ فوجي حڪومت کان متاثر ٿي آڪٽوبر 1956ع ۾ واپس پاڪستان ٿو اچي، ان کان پوءِ ڪرسچن ڪاليج لاهور ۾ تعليم ٿو حاصل ڪري، ٽائيم بم ٺاهڻ جي تربيت ٿو حاصل ڪري، 1961ع ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ۾ ڀرتي ٿو ٿئي، ڪمانڊو ٽريننگ ٿو وٺي. 1998ع ۾ نواز شريف جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قابض ٿيو، محترمہ بينظير ڀٽو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نياڻي آهي، کيس بہ وڏو عوامي ووٽ مليو، پر هوءَ هن وقت جلاوطن آهي. پار بتي پنو عاقل جي سماجي ڪارڪن آهي، مارواڙي عورت، پاڪستان ٺھڻ وقت مسلمانن سان گڏ هندستان کان ايندڙ ڪٽڪن جي خدمت ۾ لڳي پئي آهي. مھراج سيتل داس بہ پار بتي سان گڏ آهي، ٻئي پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ هندستان نہ ويا. پار بتي کي ٻہ دفعا پاڪستان جي غداريءَ جي الزام هيٺ جيل وڃڻو پيو. آخر پاڪستان ڇڏي وئي، راجستان ۾ ڪٿي سنڌ ڏانھن نھاريندي مري وئي، مھراج بيمار ٿي گذاري ويو. سموري ملڪيت هڪ اسڪول ٺاهي. ان تي خرچ ڪري ڇڏيائين. آدم حوا بہ پاڪستان ٺھڻ جي شوق ۾ جهنڊا ورهائيندا ٿا وتن، اسٽيشن تي بيٺل آهن، چندا ڪري ريلوي اسٽيشن تي مسجد ٺھرائي اٿائون. اسلامي مملڪت آهي، کين هڪ هندو گهر ۽ دڪان ڏئي هندستان ٿو هليو وڃي. ڌڱ ۽ ڌڱاڻو ٻہ پٽ اٿن. ڊکاڻڪي ٿا ڪن. ڏاڍا خوش آهن. اوچتو کين نوٽيس ٿو ملي. جڳھہ ۽ دڪان هڪ مھاجر ڀاءُ کي ڪليم ۾ ٿا ملن. آدم پاڪستاني جهنڊو کڻي پٽن سوڌو ڪراچي ٿو وڃي. اتي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس اچڻو آهي. من انصاف ملي، وڪيلن جا ڪٽڪ بہ آهن، جج بہ بيٺو آهي، پار بتي کي ٿو ڳولي، اسان جي دردن تي ٿو اچي. اهو پوسٽر جنھن تي سنڌي ۽ مھاجر ڀاڪر پايو بيٺا هئا، کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، آدم کي پنھنجي سوالن جا جواب گهرجن. اسرائيل ڇو ٺھيو؟ فلسطين کي پنھنجي حق رسي ڪيئن ٿيندي؟ گورباچوف ڪير هيو؟ ان روس کي ڇو ٽوڙيو؟ آدم آڏو گولين جا ٺڪاءَ، دونھون، گاڏين جو سڙڻ، ٽيئر گيس ۽ ماڻھن جا لاش زمين جون آهون آهن. سياستدانن جا جهنڊا ڪرندي ٿو ڏسي جناح صاحب جي مقبري کي بارود جو دونھون وڪوڙي ويو آهي، حيرت ۾ پئجي ٿو وڃي. جڏهن هو پنھنجي آڏو هڪ شخصيت کي قبر مان نڪرندي ٿو ڏسي، جناح صاحب جي هٿ ۾ ٽي ٽي پسٽول آهي. هو سڌو اچي اهو پستول آدم جي هٿ ۾ ڏئي غائب ٿي وڃي ٿو. سڄو شھر بارود جي دونھين سان ڀريل آهي. آدم پنھنجي هٿ ۾ پستول جهليو بيٺو آهي. ٻن پٽن جا لاش ۽ پاڪستاني جهنڊو بہ اٿس. آدم کي پنھنجي مڙني سوالن جا جواب ملي ٿا وڃن. گهڻو وقت اڳ ۾ ڪنھن نجومي اڳڪٿي ڪئي هئي، ان کان اڳ هڪ شرما مون کي سينگاپور ۾ سن ۽ تاريخون ڏئي ٻڌايو هو ۽ زائچو بہ ڪڍي ڏنو هو تہ هت ائين ٿيندو، جيڪو اڄ ٿي رهيو آهي. مان حج فلائيٽ ۾ ويٺو آهيان مون کي اها خبر ڪانہ آهي تہ منھنجي حج پڙهڻ کان پورن ٻن سالن کان پوءِ ڇا ٿيندو، منھنجو نجوم ۾ يقين ڪونہ آهي، مان تہ اسلامي فرض ادا ڪرڻ ٿي ويس.