خواب اسان جا جنگي قيدي
ڏاڍي جاکوڙ ۽ جدوجھد کان پوءِ شيخ مجيب الرحمان ۽ بنگال، سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي عوامي جدوجھد جي ڪاميابي ۾ ڪجهہ خوابن کي پورو ٿيندو ٿي ڏٺوسين. اهي سڀ خواب ختم ٿي ويا. هميشہ هميشہ لاءِ دهليءَ کان آيل نوڪر شاهي ۽ پنجاب جي مفاد پرستن اهي سمورا خواب خواب ڪري ڇڏيا. اسان ڀٽي صاحب کي بہ انھن جو حمايتي ٿي ڄاتو، ان ڪري اياز جي وائيس چانسلر ٿيڻ کي مفاد پرستي ۽ سنڌ جي سوديبازي ٿي ڄاتوسون. مون اياز جي خلاف شعر لکيا. تڏهن بہ ساڻس فون تي ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي رهندي هئي. وٽس وڃڻ بہ ٿيندو هو، هو پاڻ بہ بنا پڇڻ جي وائيس چانسلري جي عھدي کي قبول ڪرڻ متعلق ٻڌائڻ شروع ڪندو هو.
منھنجو وڏو ڀاءُ جنھن اسان سڀني جو خيال رکيو ۽ سڄي خاندان جي سار سنڀال لڌي، اهو ڄام صادق جي عتاب ۾ اچي ويو. اياز منھنجي ننڍي ڀاءُ نور ﷲ کي سورهين گريڊ جي نوڪري ڏئي ويھين گريڊ وارو بنگلو ڏنو، جنھن ۾ ڀاءُ ٻارن ٻچن سان اچي رهيو، منھنجو وات بند ٿي ويو. تنوير جو ڀاءُ الطاف ايڪسائيز جو ڊائريڪٽر هو ۽ شاعر بہ هو، اهو روزانو ڪجهہ نہ ڪجهہ اياز کي ڏيندو هو، هو ان ڪري شيخ الشراب جي نالي سان مشھور ٿي ويو. حميد سنڌي ۽ ٻين دوستن کي بہ ويجهو آندائين.
مرحوم ڀٽي صاحب پاڪستان لاءِ ڪافي تاريخي چڱا ڪم ڪيا، جيڪي نہ لياقت ڪيا نہ ڪنھن ٻي مائيءَ جي لعل ڪري ڏيکاريا. اسلامي ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنھن ۾ اسلامي ملڪن جا سمورا سربراھہ آيا ۽ هن ڪانفرنس ۾ شيخ مجيب الرحمان بہ آيو. هن ڪانفرنس، اسرائيل، يورپ ۽ آمريڪا جا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا.
ڊاڪٽر قدير کي گهرائي ائٽم بم جو منصوبو ٺھرايائين. شاھہ ايران جي ڀيڻ اشرف پھلوي ائٽمي پلانٽ جو نقشو پرس ۾ لڪائي ڀٽي صاحب کي غير فطري ڀاڪر پائي چپ چپن ۾ ملائي چوري ڪنھن باغ ۾ گهمائي کسڪائي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌو، پر آمريڪن سيٽلائيٽ ان منظر جو فوٽو ڪڍي ورتو. شام. لبيا، سعودي عرب کان پئسن جو بندوبست ڪيائين. ٽيڪسيلا ۾ هيوي انڊسٽري هنيائين، چشما پارو پلانٽ هنيائين. روسين کان گڊو پاور پلانٽ ۽ فولاد جو ڪارخانو ورتائين. وڏي ڳالھہ تہ هارايل فوج جا اسي هزارن کان وڌيڪ فوجي هندستان کان آزاد ڪرايائين. مون کي لڇمڻ ڪومل دهليءَ ۾ ٻڌايو تہ هو ان منظر جو اکين ڏٺو شاهد آهي. لڇمڻ بہ ڪنھن اخبار جي نمائندگي ڪندي شملي ۾ موجود هو. اندرا گانڌي ۽ ڀٽي صاحب جون ڳالھيون ناڪام ٿي چڪيون هيون ۽ همراھہ واپس اچڻ لاءِ ٽپڙ ويڙهي رهيا هئا. لڇمڻ کي اڌ رات جو ڪنھن آمريڪي صحافيءَ ننڊ مان اٿاريو ۽ ٻڌايائينس تہ ڪا اهم خبر آهي. لڇمڻ ۽ ان آمريڪي کي خبر پئي تہ ڀٽي جي وڏي منٿ ميڙ کان پوءِ اندرا ڪجهہ منٽن لاءِ ڀٽي صاحب سان اڪيلائيءَ ۾ ملڻ لاءِ راضي ٿي هئي.
لڇمڻ ۽ آمريڪي صحافي چوري ان جاءِ تي وڃي پھتا. اها جاءِ هڪ باغ ۽ جهنگ هو. ڀٽي صاحب نھايت عاجزي سان اندرا کي ستائي فوجي آزاد ڪرائڻ تي راضي ڪري ورتو. اها سين هت لکڻ جھڙي نہ آهي جيڪا لڇمڻ ڏٺي ۽ مون کي ٻڌائي، پوءِ ڀٽي صاحب سان انھن ماڻھن ڇا ڪيو؟
منھنجي والد صاحب اسان کي ٻڌايو هو تہ جڏهن ننڍو هو تہ اسان جو ڳوٺ پنو عاقل بہ ننڍڙو ڳوٺ هو. بابا ڪن باگڙين کان هڪ بگهڙ جو ٻچو ڪتي جو ٻچو سمجهي ورتو هو. ان کي پالي تاتي جوان ڪيائين. هڪڙي ڏينھن هو ان بگهڙ کي زنجير ڳچيءَ ۾ وجهي معمول مطابق گهمائڻ ويو. گهمائيندي شھر کان ٻاهر نڪري آيا، جڏهن بگهڙ بابي کي اڪيلو ڏٺو تہ اکيون ڦيري اهڙن نظرن سان نھارڻ ۽ گرڪڻ لڳو جو بابي خوف وچان زنجير کڻي ڦٽو ڪيو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو، ڀرسان ڪنڀرن جا گهر هئا اهي ڊوڙندا آيا ۽ بگهڙ ڀڄي ويو، ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ معلوم ٿيو تہ اهو بگهڙ زنجيرن ۾ وچڙڻ ڪري ڦاسي مري ويو.
اياز کي بہ ڀٽي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي ترقي وٺرائڻ لاءِ وڏي مالي مدد ڪئي. ان مان کيس يونيورسٽيءَ ۾ ايتري تہ ترقي وٺرائڻي هئي جو سنڌ يونيورسٽي وڻن، گلن، ۽ سائنسي فئڪلٽيز سان ڀرجي وڃي ها پر شايد شيخ صاحب انھن ڳالھين طرف ڌيان گهٽ ڏنو. باقي پھريون دفعو مون محسوس ڪيو تہ هي عھدو شيخ صاحب جي ڪمزوري ٿيندو ويو. ايتري قدر جو ٽي وي تي ڀٽي صاحب کي ”قائد عوام“ چوڻ شروع ڪيائين ۽ جڏهن ڀٽو صاحب عتاب ۾ آيو تہ ضياءُ الحق صاحب اقتدار ۾ آيو تہ مون پاڻ شيخ صاحب کي ٽي وي تي ڏٺو جتي هو مرد مومن مرد حق، ضياءُ الحق جا نعرا هڻي رهيو هو. منھنجو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو، اياز پنھنجي وي سي هائوس ۾ ٽيبل تي مولانا مودودي جا ”سيرت النبي“ جا ڪتاب سجائي رکيا ۽ نماز جي صندلي بہ گهرائي رکي. مولانا غلام مصطفى قاسميءَ کي ”علامہ“ جو خطاب ڏئي سندس پويان نماز پڙهڻ لڳو، نماز خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ هئي يا ڪنھن ٻئي کي؟!! اڳ ۾ ئي يونيورسٽيءَ جا اهي سينيئر استاد جيڪي اياز جي مقرري تي خوش ڪونہ هيا پر هن جي شخصيت ۽ نالي کان دٻيل هئا اهي بہ اياز جي خلاف ميٽنگون ڪرڻ لڳا. اياز ڀٽي صاحب کي شڪايت ڪئي ۽ ان جي اجازت کان پوءِ ڇھن پروفيسرن کي نہ فقط نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائين پر کين ڏاڍو ذليل ڪري کانئن گهر بہ خالي ڪرائي ڇڏيائين.
ڀٽي صاحب جي هٽڻ ۽ مارشل لا لڳڻ سان اياز مڪمل طرح فوجين جو زيردست ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ان ڪري استادن ۽ شاگردن جي نظرن ۾ ڪري پيو. هيرو مان زيرو ٿي ويو ۽ ساڍا ٽي سال يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. ”شيخ اياز سنڌ جو آواز“ جي بدران سڄي سنڌ ۾ ڀتين تي اياز لاءِ نھايت غليظ جملا لکجڻ لڳا. اياز اديبن ۽ دوستن لاءِ بہ مصيبت ٿي ويو. سندس پياري دوست رشيد ڀٽي جيڪو سندس هر ڏکئي وقت جو ساٿي هو، ان کي بہ ناراض ڪري ڇڏيائين. سندس پٽ خالد کي مائڪروبائلاجي ۾ داخلا ڪانہ ڏنائين ۽ اها سيٽ هڪ فوجي آفيسر جي پٽ کي ڏئي ڇڏيائين. اياز هڪ دفعي لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي هڪ فنڪشن جي صدارت ٿي ڪئي جتي مان بہ موجود هيس. اتي ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سندس گهرواري قمر اعلان ڪيا تہ سندن مرڻ کان پوءِ هنن جا لاش ايل ايم سي کي ڏنا وڃن ۽ عضوا خيرات ڪري سندن پڃرا ڪاليج ۾ رکيا وڃن. هينئر تنوير اسلام آباد جي قبرستان دفن آهي.
ان کان پوءِ اياز سرڪاري خرچ تي پنھنجا ڪتاب حمايت علي شاعر ۽ احمد سليم کان ترجما ڪرائي ڇپرايا. ڪجهہ ٻيا ڪم بہ اهڙا ڪيائين جن مان اهو ظاهر ٿي ويو تہ اسان مان هر هڪ وٽ هڪ ذاتي ايجنڊا آهي ۽ سولائي سان وڪامي سگهون ٿا ۽ ادارا نہ پر پاڻ ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهيون.
بھرحال اياز اسان لاءِ ۽ سنڌ لاءِ ۽ سنڌ وارن لاءِ ديوتا ٿي چڪو هو ۽ ديوتا جا پير مٽيءَ ۾ ٿيندا آهن ۽ هيرو هميشہ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ملندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن باز جا ٻچا ڪانءَ پاليندو آهي. آخر شيخ صاحب يونيورسٽيءَ مان جڏهن واپس سکر آيو تہ اڪيلو آيو ۽ پنھنجي آفيس اچي کوليائين. اهو وقت اهڙو هو جو ڀٽي صاحب کي قتل ڪيو ويو هو. سنڌ ۾ زبردست تاءُ هو ۽ ضياءُ الحق تقريبن چاليھہ هزار ماڻھن کي ڪوڙا هنيا هئا. ۽ هن جا حمايتي ڪنھن کي ڪونہ پيا وڻن. ٻي طرف شيخ صاحب سکر بار ۾ ويھي ظاهر ظھور ضياءُ الحق جي تعريف ڪندو هو ۽ ان ڪوشش ۾ هوندو هو تہ من کيس ٻيھر ڪا نوڪري ملي وڃي. مان بار جو عھديدار هيس. اسان جيڪو بہ ريزوليشن پاس ڪيون. جيڪڏهن ضياءُ الحق جي خلاف هجي تہ شيخ صاحب يا تہ اٿي هليو ويندو هو يا هو چئي ويھي رهندو هو تہ سندس نالو نہ لکيو وڃي. ڪورٽن جو بائيڪاٽ ٿئي تہ اياز وڃي ڪيس هلائيندو هو.
مان بار جي صدر جي حيثيت سان محترمہ بينظير کي بار جي خطاب جي دعوت ڏني. ان کان اڳ مون جنرل باڊيءَ سان سمورن سياسي اڳواڻن کي خطاب ڪرڻ جي اجازت ورتي. پھريان بينظير صاحبہ آئي. ان جلسي ۾ اياز گهر ويھي رهيو ۽ ڪونہ آيو. ان کان پوءِ غوث علي شاھہ جيڪو وقتي چيف منسٽر هو ان کي بہ گهرايوسين. جڏهن ضياءُ الحق جو مارشل لا لڳو تہ ان وقت سکر جو ڊپٽي ڪمشنر برادرم غياث جوڻيجو هو جيڪو پڻ اديب هو. هڪڙي شام جو ڪلب ۾ موٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن منٿ ميڙ ڪئي تہ ضياءُ الحق سان ملڻ لاءِ وڪيلن جو وفد جيڪو ڊي سي ٺاهي رهيو آهي ان ۾ هنن جا نالا بہ هجن. مون ساڻن غياث سان بہ ڳالھرايو. ان وقت همراھہ ڏاڍا ڊنل هئا. جڏهن ضياءُ الحق سان ملڻ جو وقت آيو تہ ڪافي وڪيلن احتجاج ڪيو. بھرحال سائين شمس الدين شاھہ جيڪو بہ ڪو اهم عھديدار هو، مان ۽ ٻيا عھديدار بہ ۽ ٻيا ضياءُ ڏانھن انجام مطابق وياسون. ان وقت جسٽس عبدالقادر شيخ جسٽس بہ هو ۽ گورنر بہ هو، اسان سکر لاءِ هاءِ ڪورٽ ۽ سيڪنڊري بورڊ آف ايجوڪيشن جو مطالبو ڪيو، ٻئي مطالبا تسليم ٿيا، باقي ميڊيڪل ڪاليج گهريوسين، ان کان انڪار ڪيائين.
اهي دوست جن اسان کان غياث کي منٿ ميڙ ڪرائي هئي عين وقت تي ڦري ويا، پوءِ اسان تہ واعدا ڪري ويٺاسين ۽ جڏهن ضياءَ الحق ڏي وڃڻو پيو تہ فيصلو ڪيوسين تہ ڪجهہ ڪري اچون. مان تہ ننڍو وڪيل هيس، اڳواڻ تہ پيپلز پارٽيءَ جا سربراھہ هئا مان چئي سگهان ٿو تہ انھن سربراهن وٽ ٽريڪٽرن ۽ ٻين ذاتي معاملن جون درخواستون هيون. مون وٽ هاءِ ڪورٽ ۽ بورڊ آف ايجوڪيشن جا مطالبا هئا، ۽ اهي ٻئي مطالبا پورا ٿيا. ڊاڪٽر انور پراچا بہ اتي موجود هو جنھن جنرل صاحب کان پلاٽ گهريو جتي سندس چواڻي هو هڪ اسپتال ٺاهيندو جيڪا اڳتي هلي ميڊيڪل ڪاليج ٿيندي. جنرل ضياءُ اها رٿ قبول ڪئي ۽ کيس ريلوي ناچ گهر مان پلاٽ ڪڍي ڏنائين. جتي هينئر انور پراچا جي اسپتال تہ آهي پر ميڊيڪل ڪاليج نہ آهي. ميڊيڪل ڪاليج هنيئر مھر سردارن منظور ڪري قائم ڪيو آهي ۽ هلي پيو. اسان جي دوستن مرحوم ڀٽي صاحب جي دور ۾ هاءِ ڪورٽ ۽ ميڊيڪل ڪاليج جا واعدا تہ ڏاڍا ڪيا پر شايد صاحب جي سامھون يا تہ همت ڪانہ ٿيندي هين يا ڪجهہ عوامي مطالبن جي بھاني ڪي ٻيا ڪم ڪرائي ايندا هئا.
ايوب خان ڪوڙا لينڊ رفارمس آندا ۽ زمينداري جي حد مقرر ڪيائين، جيڪو هڪ فراڊ ثابت ٿيو، مرحوم ڀٽي صاحب بہ زمينداري جي حد مقرر ڪئي پر اهو بہ هڪ ڪاغذي ڪم هو. ان جي ابتڙ هندستان مڪمل ڪاميابيءَ سان زمينداري ختم ڪري ڏيکاري، ان ڪري ڀارت ترقي ڪري رهيو آهي. هر بيماري جو ڪارڻ هتي وڏيرن جون زمينداريون آهن. جتي ڏوھہ پلجن ٿا. اقتصادي ناهمواري بہ ان ڪري آهي. نانگن مارڻ سان نانگ ڪونہ کٽندا آهن، ٻوڙن ساڙڻ سان نانگ ختم ٿيندا آهن. اقتدار تي قبضا آمريڪي مفادات جو تحفظ وغيرہ بہ اهي ماڻھو ڪندا آهن جن کي اقتدار جي نہ کٽندڙ بک هوندي آهي. اياز وڪالت ۾ واپس اچي ڪري منھنجو پاڙيسري ٿي پيو. ڀٽي روزانو شام جو مون وٽ ايندو هو. اياز سان نہ ڳالھائيندو هو. آخر اياز گهر وڃي وڏي منٿ ميڙ ڪري پرچائيس پر دليون ٿڌيون گهٽ ٿيون.
قادر صديقي ۽ غلام مصطفى جج ٿي ويا. قادر اسلام آباد ۾ ايڊيشنل لا سيڪريٽري ٿي ويو هو. هن هڪ ڳالھہ ٻڌائي تہ اياز جون نئين عھدي لاءِ جنرل ضياءَ ڏانھن درخواستون وينديون ٿيون رهن. ڪيترا ڏينھن اياز ان چسڪي لاءِ تڙپندو هو. مس مس وڃي ٺاپر ڪيائين پوءِ بہ جڏهن محترمہ جي حڪومت آئي تہ اياز علاج ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ سنڌ جي ان وقت جي چيف منسٽر عبدﷲ شاھہ کان شايد مالي مدد ورتي هئي ۽ رابطا ڪرڻ لڳو پر شايد فقط ڪجهہ پيسا مليس. بعد ۾ ڪراچيءَ جي سنڌي اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ دعائون لکڻ شروع ڪيائين. اسان جو ديوتا تہ هو پر مٽيءَ جو، شايد دنيا جي وڏن شاعرن درٻارن جو رخ رکيو آهي. اقبال مسلم ليگ مان جان ڇڏائڻ خاطر نوڪري جي طلب ڪئي جيڪا کيس ڪانہ ملي. غالب تہ ويٺو ئي درٻار جي دروازي تي هوندو هو. عظيم انسان ڏوھہ بہ عظيم ڪندا آهن. جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي ويندا آهن. اڳتي هلي اياز رهندو، کيس ڪير ڇا بہ ڪري نہ هٽائي سگهندو انھن عظمتن تان جتي هو پھچي ويو آهي. ايندڙ نسل اياز کي شاھہ جي جڳھہ ضرور ڏيندو ۽ هو ايندڙ انقلاب جي راھہ هموار ڪندو.