بنگلاديش جي آزادي ۽ شيخ مجيب الرحمان
اڳوڻي مغربي پاڪستان ۽ هاڻوڪي پاڪستان ۾ طاقتور طبقو فقط نوڪر شاهي هيو، باقي سڀ پتليون هيون، ملڪي وسيلن تي بہ ان جو قبضو هيو. يحى خان جي ڪرايل اليڪشن ۾ اڪثريت ميمبر بنگال مان چونڊجي آيا ۽ حڪومت بہ انھن کي ملڻ گهربي هئي. مجيب الرحمان، سيڪيولر آئين، صوبائي خودمختياري جنھن ۾ سمورن وسيلن تي صوبن جو اختيار هجڻ گهرجي. مرڪز وٽ ٻہ يا اڍائي کاتا هجڻ گهرجن، ملڪ جي نوڪر شاهي مڪمل سول قيادت جي ماتحت ۽ طابع هجي هئڻ جي گهر ڪري رهيو هو.
اهي سڀ ڳالھيون مغربي پاڪستان جي نوڪر شاهي ۽ مراعات يافتہ طبقي کي قابل قبول نہ هيون. بنگال کي مجيب الرحمان جي روپ ۾ اڳواڻ ملي ويو. باقي وفاق پرست ٽولي کي مغربي پاڪستان مان اڳواڻ جي ضرورت هئي. سو کين محترم ذوالفقار علي ڀٽو ملي ويو، سنڌ بلوچستان ۽ سرحد (خيبر پختونخواھہ) جا مطالبا بہ حقيقت ۾ بنگال جھڙا هيا. پنجاب مڪمل وفاق پرست هيو. بلوچستان کي آدمشماري آهر سيٽون ملڻيون هيون. سرحد (خيبر پختونخواھہ) جي پوزيشن بہ ساڳي هئي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪجهہ ٺيڪ پوزيشن هئي. باقي پنجاب اڪثريت حاصل ڪري ويو. هاڻي جيڪڏهن پاڪستان متحد ٿو رهي تہ ننڍا صوبا ۽ بنگال حڪومت بہ ڪن ها سو ٻيو ڪو رستو رهيو ئي ڪونہ هيو. سواءِ بنگال کي ٽوڙي الڳ ڪرڻ جي.
اڳوڻي مغربي پاڪستان ۾ خاص طرح سان پنجاب ۽ سنڌ ۾ مرحوم ڀٽو صاحب هڪ طوفان جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳو. جي ايم سيد کي نظربند ڪيو ويو. رشيد ڀٽي جيل ۾ بيمار ٿي پيو ۽ سول اسپتال جي جيل وارڊ ۾ داخل ٿيو. قاضي فيض محمد بہ گرفتار ٿي ويو. حميد سنڌي، پروفيسر محمد عمر ميمڻ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا کي بہ گرفتار ڪيو ويو.
شيخ اياز مون وٽ پاڻ منھنجي گهر شام جو آيو ۽ چيائين تہ هو بہ گرفتار ٿيڻ وارو آهي ۽ رات تائين گرفتار ٿي ويو.
ماڻھو سموريون پارٽيون ڇڏي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لڳا. اسان جي بار ۾ هڪڙو ڪامريڊ رڪن الدين قاسمي ٻيو مان ۽ شايد عثماني صاحب کان سواءِ سڀ وڪيل پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ داخل ٿيندا ويا. اردو دوست جماعت اسلامي يا نظام اسلام پارٽي يا جمعيت جي حمايت ڪرڻ لڳا.
اسان جو دوست مرحوم حبيب ﷲ شيخ تہ جذباتي طور ڀٽي صاحب جي ڪرشماتي شخصيت مان ايترو تہ متاثر هيو، جو هو بنگالين کي گهٽ وڌ ڳالھائيندو هو. هڪ نئون جذباتي پڙهيل ڳڙهيل نوجوان وڪيل نظام الدين بلوچ بہ اچي ويو. عبدالحليم پيرزادہ، محمد حنيف منگي، شمس الدين شاھہ، عبدالغني شيخ ۽ ٻيا ڪافي دوست پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ اچي ويا. علي حسن منگي بہ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. باقي مان، رشيد ڀٽي جيڪو جيل ۾ هيو، اياز جيڪو بہ جيل ۾ هيو، عثماني صاحب ۽ ڪامريڊ قاسمي اڪيلا ٿي پياسين.
سردارن، نوابن، جاگيردارن عوامي طوفان ڏسي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ اعلان ڪري ڇڏيا. فقط انھن سردارن جو فيصلو ڪيو جن جا ازلي دشمن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ويا ۽ هنن کي پارٽيءَ کان سواءِ بہ ڪا ٻي پوزيشن هئي.
مان بار ۾ اڪيلو ۽ ويڳاڻو هوندو هيس. مون کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور، وڏيرا سردار ۽ جيالا ڏٺي نہ پيا وڻن. ان ڪري مون دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو تہ ڪنھن بہ سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ناهي ٿيڻو. ٿيان ها تہ بہ ڪيان ڇا ها؟ علي حسن منگيءَ جي حمايت ۾ ڪارنر ميٽنگون ڪري ڇا ڳالھايان ها. مون کي منھنجي سوالن جا جواب نہ پيا ملن تہ مفاد پرست اقتداري ٽولن جي صدين کان رنگ، روپ ۽ پارٽيون مٽائيندڙ اقتدارين وٽ مون جھڙي غريب جي حيثيت ڪھڙي هوندي، نہ غريبن کي ڪجهہ ملڻو هيو نہ ننڍن صوبن کي ڪجهہ حاصل ٿيڻو هيو.
انھن جن اسان کي اروڙان اٿاريو جن اسان کي مياڻيءَ ۾ ماريو، جيڪي مدد خان جا حامي ارغونن جا استقبالي، استحصالي، ڦورو ۽ لٽيرن سان ويھي ڪيئن سگهندس. آدرش جدا، خيال جدا، مان انھيءَ غريب کي ڪھڙو جواب ڏيندس، جنھن جا درياھہ ڦرجڻا هيا، جنھن جي تيل، گئس ۽ پنجويھہ لک ايڪڙ زمين تي ڌارين جو قبضو ٿيڻو هيو.
امير ٻارن جا ڪتا سونين صندلين تان نہ لھڻا هيا ۽ غريب کي پٽ تان اٿي کٽ تي نہ ويھڻو هيو. سکڻا نعرا ڪير هڻي؟ ۽ ڇو هڻان.
شايد مان ئي هڪڙو پاڳل هيس هن ساري پاڳل خاني ۾ منجهند جو حافظ خير محمد اوحدي وٽ ۽ هر آچر تي صبح جو عثماني صاحب وٽ گڏ ٿيندا هياسين ۽ وڏي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. اليڪشنون ويجهيون اچي ويون. سمورا سياسي قيدي آزاد ٿي آيا. فقط اياز آزاد ڪونہ ٿيو. سموري سنڌ جي اديبن سکر ۾ جلوس ڪڍيو، برادرم حميد سنڌي، غلام علي الانا، پروفيسر محمد عمر ميمڻ بہ آزاد ٿي ويا.
ٻيو جلوس اياز جي آزاديءَ لاءِ حيدرآباد ۾ ڪڍيو ويو، جنھن جي قيادت مرحوم بيگم زينت عبدﷲ چنا ڪئي. سنڌي پاڙن مان گلن جي ورکا ٿي ٻين دوستن پٿر تہ نہ هنيا پر گل بہ نہ هاريائون. بھرحال اياز بہ آزاد ٿي آيو، سکر اسٽيشن تان کيس وڏي جلوس ۾ وٺي آياسون.
سکر ۾ علي حسن منگي ۽ اي ڪي بروهي دوبدو بيٺا . بروهي صاحب جماعت اسلامي جي حمايت سان ۽ منگي صاحب پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي بيٺا. ٽيون اميدوار هيو مرحوم محترم پيرزادہ عبدالستار سندس هڪ فرزند عبدالحفيظ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن پيو وڙهي. پيرزادہ عبدالستار قيوم ليگ جو اميدوار هيو. عبدالمجيب پيرزادہ پنھنجي والد صاحب سان هيو، اسان کي بہ نيٺ هڪ پڙهيل ڳڙهيل اميدوار ملي ويو. سو مان، رشيد ڀٽي ۽ مرحوم قادر صديقي پيرزادہ صاحب جي بنگلي تي وڃي ووٽن جون لسٽون وغيرہ چيڪ ڪندا هياسون سڄي ڏينھن ۾ ٻہ دفعا هوٽل جي چانھہ ۽ بسڪوٽ کائڻ لاءِ ملندا هئا. پاڻ وڃي الصحرا تان ماني کائي ايندا هيا. نيٺ ڪڪ ٿي ڀڄي آياسين. سائين شمس الدين شاھہ وٽ جيڪو پنو عاقل جي تڪ تي صوبائي اميدوار هيو. سندس مد مقابل هيو سردار علي انور مھر ۽ قومي تڪ تي سردار نور محمد لنڊ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ۽ سردار غلام محمد مھر مسلم ليگ طرفان بيٺل هئا. اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار سردار نور محمد لنڊ کٽي ويو ۽ سردار غلام محمد مھر هارائي ويو. ٽن ڏينھن کان پوءِ صوبائي تڪ تي شاھہ صاحب هارائي ويو ۽ علي انور خان مھر مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي کٽي ويو. مان ۽ رشيد ڀٽي جو ننڍو ڀاءُ لالو پني عاقل کان پري ڊٻ جي تڪ تي شاھہ صاحب جا ايجنٽ ٿي وياسون. سائين قوت علي شاھہ اسان کي سواري ڏئي ڊٻ پھچايو، اها سياري جي مند هئي.
سڄو ڏينھن پولنگ هلي، اسان وس آهر بک تي منھن ڏنو بھرحال شاھہ صاحب سڄي تعلقي مان اليڪشن هارائي ويو ۽ علي انور خان مھر کٽي ويو. اسان کي رات ٿي وئي. سمورو عملو هليو ويو، اسڪول جتي پولنگ هئي، بند ٿي ويو، پر شاھہ صاحبن طرفان ڪير بہ وٺڻ ڪونہ آيو. نيٺ رات ڌاري مرحوم علي محمد خان ڌاريجو جيڪو اسان جو مخالف هيو، ان کي نياپو آيو تہ هينئر نانگ پٽيندو هيڏانھن هليا اچو. اسان نڪ ٻوڙي مخالفن وٽ وڃي رات رهياسون، صبح جو انھن جي گاڏين تي پنو عاقل پھتاسون ۽ پوءِ بس تي چڙهي سکر پھتاسون.
اليڪشن کان پوءِ مون پاڻ ڀٽي صاحب جي تقرير ٻڌي جنھن ۾ هن اسيمبلي ميمبرن کي بنگال وڃڻ کان روڪيو ۽ مجيب الرحمان کي مخاطب ٿي چيو اڌرتم، اڌرهم.
مجيب الرحمان کي گرفتار ڪيو ويو، ٽڪا خان ملٽري ايڪشن ڪيو. هندستان پاڪستان جي جنگ ٿي، مشرقي پاڪستان مان بنگلاديش ٿيو، هتي محترم ڀٽو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر پاڪستان ٿيو. مجيب الرحمان کي آزاد ڪري بنگلاديشن موڪليو ويو، جتي هو صاحب اقتدار ٿيو.
هڪڙي ڳالھہ ٻي بہ ٻڌائيندو هلان تہ بنگلاديش جو قومي جهنڊو پھريائين سنڌ ۾ ٽنڊي آدم جي جلسي ۾ سنڌوديش جو جهنڊو ڪري ڏيکاريو ويو. جڏهن مجيب الرحمان جهنڊو ڏٺو تہ هن هڪدم اهو ڪنھن شاگرد کان کسي ورتو ۽ آخر ۾ بنگلاديش جو جهنڊو ڪري ڇڏيائين. فقط رنگ جو فرق آهي هو سائو آهي ۽ هي ڳاڙهو هيو.
جڏهن جنگ جو اعلان ٿيو، بليڪ آئوٽ ٿيڻ لڳا ۽ بنگال تي فوجي آپريشن جون خبرون اچڻ لڳيون اياز، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا دوست جيل هليا ويا. يحى خان ۽ پوڊگورني جي خط و ڪتابت پڙهڻ کان پوءِ مون تي زبردست ذهني دٻاءُ ٿيڻ لڳو. ان اڪيلائي جنگ، قتل عام، بار جي ماحول جي ڪري نروس بريڪ ڊائون ٿيڻ لڳو ۽ مان ڊپريشن جو شڪار ٿي ويس.
ڊاڪٽر محمد عمر بلوچ جيڪو منھنجو پيارو دوست آهي. اهو پاڻ ۽ ٻيا ڊاڪٽر سدائين منھنجي مٿان ساري ساري رات ويھاريون ويٺو هوندو هيو. ڪئين نشي آور گوريون ۽ انجيڪشن جي باوجود سڄي سڄي رات ننڊ ڪانہ ايندي هئي، وات بہ نہ کلندو هيو.
آخر ڀاءُ حيدرآباد وٺي ويو، جتي حميد سنڌي ڊاڪٽر عالماڻي کان علاج ڪرايو. ڪافي عرصو پئٽريڊن تي هلايو ۽ پوءِ نشي آور گوريون منھنجي عادت بڻجي ويون.
ڪنھن وقت امرتسر فتح ٿي ويو. ڪڏهن دهلي ختم ٿي وئي، ڪڏهن ڪشمير فتح ٿي ويو، غدار سڀ قتل ٿيندا، آمريڪا جو ستون ٻيڙو اجهو آيو ڪي آيو. اهي خبرون سڄو وقت بار روم ۾ هلنديون هيون ۽ مان عجيب صورتحال سبب سڀ ڳالھيون مڃيندو هيس. منھنجا پيارو دوست مرحوم حبيب ﷲ شيخ بہ جڏهن زور ڏئي اهي ڳالھيون ڪندو هيو تہ مون کي مڃڻ کان سواءِ ٻي واھہ ڪانہ هوندي هئي.
جنگ ۾ هارائڻ، بنگال جو ٽٽي وڃڻ ۽ بي گناھہ انسانن جو قتل عام، انھن ڳالھين جو دوست کي ايترو غم ڪونہ هوندو هيو. جيترو محترم ڀٽي ۽ ان جي پاڪستان پيپلز پارٽي جو اقتدار ۾ اچڻ جي خوشي هئي. سڀني جا منھن خوشيءَ ۾ ٻھڪڻ لڳا. سائين شمس الدين شاھہ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ضلعي صدر ۽ عبدالحليم پيرزادہ سٽي پريزيڊنٽ ٿيا. راشن ڊپو، نوڪريون پلاٽ، امپورٽ ايڪسپورٽ کان وٺي ڪيترين ٻين ڳالھين جا اختيار کين مليا.
مون کي اهو ائين لڳندو هيو ڄن فرعونن کي ملڪ جو مالڪ ڪيو ويو هجي يا ڊيڍن جي اڳيان ڪنھن گگدام کي ماري اڇليو ويو آهي ۽ هر ڪو چاڪون ۽ ٿالھي کڻي ڀڄندو ٿو وڃي پنھنجي پنھنجي حصي وٺڻ ڪاڻ.
قائد اعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي ٻہ ٽڪر ڪيو ويو، لاش لتاڙي عسڪريت پسندن کي عارضي اقتدار جي ڪنوار سينگاري ڏني وئي.
مون ڀٽي صاحب تہ پري کان بہ ڪونہ ڏٺو هيو، منھنجي لاءِ تہ سڀ ڪجهہ هتان جا ليڊر هيا جيڪي منھنجي سامھون هيا.
جڏهن محترم ڀٽي 1973ع جو آئين پاس ڪرايو تہ مدد علي سنڌي پنھنجي رسالي اڳتي قدم لاءِ مضمون گهريو. مون ان آئين جي خلاف شعر لکي موڪليو مانس. ڇاڪاڻ جو ان آئين ۾ صوبا تہ هيا اختيار ڪونہ هيا. سنڌ وسيلن هوندي بي وس هئي. سنڌي زبان ۽ ڪلچر کي ڪوبہ تحفظ ڪونہ هيو. جاگيرداري ۽ سرمائيداري مڪمل محفوظ هئي. قومي فوج بہ ڪانہ هئي بنگال کي جدا ڪرڻ کان پوءِ ڪھڙي بہ جمھوريت ڇو نہ هجي ننڍا ۽ وڏا صوبا جا نوان اصطلاح استعمال ٿيڻ لڳا.
جڏهن بلوچستان تي فوج ڪشي ڪئي وئي ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي تہ اياز مون کي سڏ ڪري مشتاق باگائيءَ جو ڇپيل شعر پڙهايو تہ :
تو جو ڀانيو ڀت
ريڍارن جو رت
ٺاري ٺاري کائجان
بار جي ننڍڙي ماحول کي آمريت پسندن پنھنجي رنگ ۾ رنڱڻ شروع ڪري ڏنو، بغير جنرل باڊي جي ڪوڙيون قراردادون پاس ٿيڻ لڳيون، ڪوڙا منٽ بوڪ ٺھڻ لڳا. جيڪو ٻرڪ بہ ڪڇي ان جي عزت ئي لاٿي وئي اهو تہ ٺھيو پر الصحرا هوٽل جي مالڪ پاشا کي ان ڪري جيل اماڻيو ويو جو هن شھر جي سياسي اڳواڻ کي هوٽل ۾ حصو ڏيڻ کان لنوايو. آخر هوٽل تي حملو ڪري تباھہ ڪيو ويو.
آفيسرن کان حصا گهريا ٿي ويا. انھن کان شادين ۽ غمين جا خرچ ڪرايا ٿي ويا. اوستائين جو رمضان شريف ۾ افطار پارٽيون بہ سرڪاري ڪامورن جي خرچ سان پي ٿيون.
نيٺ هڪڙي ڏينھن اياز مون کي ٻاهر سڏي مون کان وڪالت واري ڊائري گهري ۽ ان تي انگريزيءَ جي هڪ پراڻي چوڻي لکي ڏنائين تہ :
When rape is inevitable Then relex and enjoy
اياز کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿي ڪيو ويو، سندس لاڙڪاڻي جا پنڌ ڪم آيا. هونءَ بہ بنگال جي ٽٽي وڃڻ کان پوءِ ۽ نئين ماحول ۾ بار بار جي جيلن اياز جي مون وانگر همت هارجي چڪي هئي. هٿيار ڦٽا ڪرڻا هيا، لٽا لاهي ڪنڌ سٽڻو هيو ۽ مزا ماڻڻا هيا.
ان وقت شيخ اياز جون دعوتون شروع ٿي ويون. مون بہ هڪ ننڍڙي موڪلاڻي جي دعوت ڪئي. ان ۾ مرحوم غلام قادر ڊکڻ، مرحوم قادر صديقي، مرحوم غلام مصطفى شاھہ، مرحوم رشيد ڀٽي، مرحوم تنوير عباسي، حال حيات رسول بخش پليجو، سيد عالم شاھہ ۽ مان هياسين ڊاڪٽر تنوير پاڻ سان انگلينڊ مان آيل ٽي پروفيسر بہ وٺي آيو.
پليجو صاحب پنھنجي عادت مطابق انگريزن سان بحث ۾ وچڙي ويو، مس مس ٻنھين ڌرين ۾ جنگ بندي ٿي.
آخرڪار شيخ صاحب هتان لاڏين ڪوڏين ڄامشورو لاءِ روانو ٿي ويو. سنڌ يونيورسٽيءَ وارن ڀٽ شاھہ کان زبردست استقبال ڪيو ۽ يونيورسٽي جي تخت تي ويھاريس. سائين جي ايم سيد جي اياز کي چيل ڳالھہ پوري ٿي.