ميرن جي خيرپور ۾ گهاريل ڏينھن
مير سھراب خان هاليپوٽن کان هاڻوڪي خيرپور جي زمين خريد ڪري خيرپور جو شھر تعمير ڪرايو، پوءِ سھراباڻين جو تخت گاھہ ئي رهيو.
سنڌ فتح ٿيڻ ۽ ميرن کي شڪست کان پوءِ 1843ع ۾ سر چارلس نيپئر وٽ مير مراد علي خان پيش پيو، جنھن خيرپور ميرس جون نيون حدون مقرر ڪيون، هن کي خيرپور جو حاڪم تسليم ڪيو ۽ هن مير صاحب کي اهو نئون علائقو حوالي ڪيو، اها رياست 13 آڪٽوبر 1955ع تائين هلي ۽ ون يونٽ مڙهڻ کان پوءِ مغربي پاڪستان ۾ عرق ٿي.
منھنجو مامون ايڪسائيز ۾ هيڊ ڪلارڪ هو، اندران توڙي ٻاهران نھايت صاف انسان هو. ننڍڙي مسواڙي ڪچي گهر ۾ رهندو هو، سڄي شھر ۾ بجلي هئي. پر هنن جي گهر ۾ ڪانہ هئي، ٻہ گهرواريون ٽئين کان اڳ ري چڪي هيس، جنھن مان بہ کيس ٽي ٻار هئا. هڪ پٽ ۽ ٻہ ڌيئر، هڪ پرڻيل، ڌيءَ پٽ ڪنوارا . ٻن گهروارين مان بہ کيس ٽي ٻار هئا، پر هيءَ ٻہ بلڪل لاڏلا ۽ شھزادن وانگر رهندا هئا. سندن ماٽيجنون مائرون سندن هر نخرو برداشت ڪنديون هيون. حبيب ﷲ منھنجو ماروٽ مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچي پڙهڻ ويو، جتي هن ڪجهہ نہ پڙهيو فقط عياشيون ڪيون تہ کيس چائنا بوسڪي شارڪ اسڪن، ڪارڊرا ۽ گئبذن جي ڪپڙن جا انبار هوندا هئا. جڏهن خيرپور ايندو هو تہ ان جي شان ۾ وڏيون دعوتون ٿينديون هيون، هو نئين ڊزائين جا ڪپڙا ڪراچيءَ جي انھيءَ وقت جي مشھور Rainbow Tailors کان سبرائيندو هو، مان بہ انھن مان اسپيئر ڪپڙن کي پھري لئي ڪندو هيس.
گهر ننڍو، ماڻھو گهڻا، اومھاري سياري مھمان. دل وڏي ڪري ماپجي ويندا هياسي. مامون سڀني جو خيال رکندو هو ۽ وڏي شان سان رهندو هو، پر سندس فرزند حبيب ﷲ هر قسم جو نشو واپرائڻ لڳو ۽ مون کي بہ ڀنگ ۽ چرس تي اسڪولي زماني ۾ لاهي وڌائين.
خيرپور ۾ اسان جو محلو لاشارين جو محلو سڏبو هو، اسان جي گهر جي ڀرسان جمال رند جو گهر هو، جيڪو خود پنھنجي مامي جي گهر ۾ رهندو هو، پريان سليم خواجہ جو گهر هو. (جسٽس) اسلم جعفري جو گهر ڪجهہ پرڀرو هو پر ايترو پري ڪونہ هو. ابراهيم شاھہ بعد ۾ وائيس چانسلت ٿيو.
اسان سڀ ناز هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هياسين ۽ گهر دوست ٿي وياسين . ناز هاءِ اسڪول اڳ پراڻي بلڊنگ ۾ هو، اسڪول جي هيڊماستر کي پرنسيپال سڏيو ويندو هو، پھريائين استاد غلام اصغر ونڊيو هو، جيڪو ڪٽر سني ملان هو، سندس منھن تي ورلي ڪا مرڪ ايندي. سموري اسڪول ۾ ڪلاسن مان استادن لاءِ ڪرسيون ڪڍرائي ڇڏيائين. چئي ڪرسي هوندي تہ استاد ويھي رهندو ۽ پڙهائيندو ڪونہ پڙهائي تي سزا گهٽ، غير حاضري ۽ ڪئريڪٽر جي معاملي تي وڌيڪ سيکت ملندي هئي.
هر اسيمبلي وقت استاد غلام اصغر هڪ لٺ هٿ ۾ کڻي بيھندو هو، انھن شاگردن جي جيڪي شھر ۾ اجايو رلندا هئا، فلمن تي ويندا هئا. جوئا کيڏندا هئا، يا ڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪندا هئا، انھن کي اسيمبلي مان ٻاهر ڪڍي سڀني جي سامھون ٻٻر جي وڏن لڪڻن سان ماريندو هو.
هڪ ڀيري استاد ٽن شاگردن کي انھن جي مائٽن کي گهرائي اسڪول مان خارج ڪري ڇڏيو ۽ انھن کي فتوى ڏني تہ هي ٽئي خون ڪندا ۽ ڦاهي چڙهندا. انھن مان هڪڙو جمعو جتوئي ٻيو نثار لاشاري ۽ ٽيون ڪوري ذات جو هو، هن وقت ان جو نالو ياد نہ ٿو اچي. ٿيو بہ ائين ڪافي عرصي کان پوءِ نثار پنھنجي چاچي جو خون ڪيو ۽ ڦاهي چڙهي ويو، جمعي بہ خيرپور جي پنج گلي چؤڪ وٽ ڏينھن ڏٺي خون ڪيو ۽ ڦاهي کائي ويو، ٽئين جي خبر ناهي تہ ڪھڙو حشر ٿيس. استاد غلام اصغر ڪنھن جي سفارش ڪونہ ٻڌندو هو، انگريزي، حساب ۽ عربي جو بادشاھہ هو، هن ڪن عرب ملڪن کي عربي نصاب ۾ حسابن جا ڪتاب لکي ڏنا ۽ ويجھڙائيءَ ۾ نھايت وڏي ڄمار ماڻي پنھنجي هڪ پٽ پروفيسر محمود وٽ ٽنڊي ڄام يونيورسٽي ۾ گذاري ويو.
هڪڙو ٻيو مولوي شھاب الدين هو، جيڪو اسان جو عربيءَ جو استاد هو، ان وقت انگريزي ڇھون ۽ ستون مئٽرڪ سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي. مون ۽ ابراهيم شاھہ بخاري عربي جو مضمون استاد شھاب الدين کان پڙهيو، استاد ڪنھن کي بہ مفت مارڪون ڪونہ ڏيندو هو.
هڪڙي امتحان ۾ استاد شھاب الدين هڪ شاگرد کي سؤ مان سئو مارڪون ڏنيون، جو هن استاد کي وڌيڪ رشوت ڏني، مان اهو بہ ٻڌائيندو هلان تہ استاد شھاب الدين جي رشوت پئسا نہ هئي. مٺائي جي دٻي يا ڪا ٻي سوکڙي پاکڙي هوندي هئي.
استاد غلام اصغر وٽ استاد شھاب الدين جي حاضري لڳي، غلام اصغر کانئس پڇيو، ”سائين اوهان کي هڪ سؤ مارڪن جو اختيار آهي، ڇوڪرو ڪيترو بہ هوشيار ڇونہ هجي. کيس فل مارڪون نہ ڏنيون آهن“ چي ” سائين ڇوڪرو هوشيار هو، ”پوءِ هي سؤکان وڌيڪ اوهان ڪٿان آنديون؟“ جواب ڏنائين تہ ”هي مون کيس پنھنجي ڏٺيون آهن. ” اڳ مئٽرڪ جي فارم ڀرڻ کان اڳ هڪ Preleminary امتحان ٿيندو هو، جنھن ۾ جيڪڏهن ڪو شاگرد ناپاس ٿيو تہ ان جو امتحان جو فارم اسڪول وارا يونيورسٽي نہ موڪليندا هئا.
اسان جيئن تيئن ٻيا سبجيڪٽس تہ پاس ڪري ورتا اچي ڦاٿاسين عربيءَ ۾ استاد شھاب الدين وٽ. اونھاري جي موسم هئي. ابراهيم شاھہ وٽ سائيڪل هئي، جنھن تي اسان ٻئي اسڪول ويندا هئاسين. ابراهيم شاھہ ۽ مان ان سائيڪل تي استاد شھاب الدين وٽ وياسين، جيڪو شھر کان کان ٻاهر هڪ مينھن جي واڙي ۾ هڪڙي ننڍڙيڪوٺڙيءَ ۾ هٿ جو پکو کنيو ويٺو هو، استاد ٺھي ئي ڪونہ نيٺ چيائين تہ ”منھنجي هن پٽ کي (جيڪو هو اڪثر امتحان وقت گڏ آڻيندو هو وئي وڃو. هڪ ڪاري عينڪ ۽ هڪ ريشمي رومال وٺي ڏيوس. پوءِ ڳالھائبو.“
اسان سائيڪل جي اڳين ڏنڊي تي استاد جي پٽ جيڪو اٺن يا نون سالن جو هو، کي ويھاريو، پويان مان ويٺس، سائيڪل ابراهيم شاھہ هلائي. رستي ۾ اسان ڇوڪري سان ڪجهہ ڳالھايو. کيس سواءِ بلوچيءَ جي ٻيو ڪجهہ بہ نہ پئي آيو، هاڻي اسان هن کي خيرپور جي شاهي بازار ۾ غني جنرل اسٽور، تي وٺي آياسين، اسان کي خبر هئي تہ استاد شھاب الدين اتان مھيني تي اوڌر تي سامان کڻندو هو، غني استاد جي پٽ کي سڃاتو، کيس هڪ عينڪ ۽ هڪ وڏو رومال ڏياري استاد جي حساب ۾ لکرائي ڇڏيائين. اسان وٽ ڪل پنج يا ست آنا کيسي ۾ هئا. جنھن جي هڪ ڪئنچي مارڪ بوتل ڇوڪري کي پياري استاد وٽ آياسين.
استاد شھاب الدين خوشي ۾ ڀرجي سمورا پيپر کڻي اسان جي اڳيان اڇلايا. اسان پاڻ کي تہ فل مارڪون ڏنيون پر ٻيا دوست بہ پاس ڪيائين.
ڳالھہ آئي وئي ٿي وئي. اسان جا فارم جيڪو ان وقت پرنسيپال هو تنھن يونيورسٽي موڪلي ڇڏيا، اسان جا ڪلاس امتحان کان ڪجهہ ڏينھن اڳ بند ٿيا، نہ تہ امتحان جي تياري لاءِ هلندا هئا، اوچتو هڪڙي ڏينھن اسان کي ڪنھن ٻڌايو تہ استاد شھاب الدين ٻہ لڪڻ هٿ ۾ کنيو مون کي ۽ ابراهيم شاھہ کي ڳوليندو ٿو وتي. پھريائين اسان ڳالھہ نہ سمجهي پر پوءِ جڏهن اسان کي ياد پيو تہ مھيني جي پھرين تاريخ گذري وئي آهي پوءِ تہ اسڪول مان ڀڄي آياسين ۽ وري استاد کي منھن نہ ڏيکاريوسين. اسان وٽ ايترا پئسا هوندا ئي ڪونہ هئا جو غني اسٽور واري کي منھن ڏئي سگهو. پوءِ اسان بعد ۾ استاد کان بخشرائيا ۽ ڪافي وقت ساڻس دعا سلام رهي ۽ اهو استاد هونئن تہ سائين قائم علي شاھہ، غوث علي شاھہ ۽ ٻين ڪيترن وڏين شخصيتن جو استاد هو، پر بعد ۾ اسان سان قومي ڪمن ۾ بہ سندس ڪافي ساٿ رهيو، جنھن جو ذڪر بعد ۾ ڪبو.
خيرپور شيعا فرقي وارن حاڪمن جي رياست هوندي بہ ڪنھن کي فرق محسوس نہ ٿيندو هو، سني بہ ائين رهندا هئا جيئن شيعا، رياست لاءِ ٻئي هڪ جھڙا هئا، ڪو ڪٽرپڻو ڪونہ هو، ان مان سمجهو تہ ٺيڙهي جو مدرسو ۽ شھر ڪٽر سني ملن ۽ انھيءَ خيالن سان ڀريل هو، اهو بہ خيرپور رياست جو شھر هو ۽ ميرن ڪڏهن بہ انھن سان ٻہ اکيائي ڪانہ ڪئي ۽ رياست سڀني جي لاءِ ساڳي هئي، ۽ ٺيڙهيءَ کي برداشت ڪرڻ مير صاحب جي حاڪميت کي سلام هو.