چين جون يادون (3)
سائين غلام مصطفى شاھہ مون کان پڇيو تہ ”وٺندين“، ”هائو سائين“ مون بہ سائين سان سر ملايو. سائين پاڪستاني سفير کي بوسڪيءَ جي ٻن ٿانن جي فرمائش ڪئي. اسان کي اها خبر چين ۾ پئي تہ چينين کي ان ڪپڙي جي ڪابہ خبر ڪانہ آهي، نہ وري اهو ڪپڙو ڪٿي ڪنھن دڪان يا بازار ۾ ملندو هجي. هونئن تہ ريشمي ڪپڙو چين جي قومي پيداوار ۾ آهي. توت پوکي پٽ ڪيئون پالڻ ۽ ان مان ريشم جا ڌاڳا ڪڍي ائٽ تي سڌا ڪرڻ ۽ گهرن جي آڏائڻ سان ان مان ڪپڙو تيار ڪرڻ چيني بخوبي ڄاڻڻ ٿا. پر وري بہ بوسڪي جي ڪپڙي جي سڌ ڪانہ اٿن. اسان کي ٻڌايو ويو تہ اسان جڏهن واپس وڃڻ وارا ٿينداسون تہ اهو ڪپڙو اسان کي ملي ويندو. سائين مون کي چيو تہ ٻنھين ٿاننن جا پئسا مان ڏئي ڇڏيان پوءِ مون کي هو واپسي کان اڳ ڏئي ڇڏيندو، سو مون ڊالرن جي روپ ۾ ڏوڪڙ ڏنا.
اسان کي بيجنگ مان هوائي جھاز رستي چين جي ٻي شھر چنگ دائو آندو ويو. ڪلاڪ کن کان پوءِ جھاز چنگ دائو ۾ لٿو. ننڍو هوائي اڏو هو. اتان جا وزير ۽ اديب نھايت محبت سان استقبال ڪرڻ آيا. اسان جو هوٽل سمنڊ ڪناري هڪ پھاڙ جي چوٽيءَ تي هو. هوٽل نھايت سٺو ۽ وڏو هو، ڪمري جي دريءَ مان هڪ طرف شھر جيڪو پڻ هڪ پھاڙيءَ تي هو، جو دلفريب نظارو هو، ٻئي طرف پھاڙ جي پيرن ۾ نيرو سمنڊ نھايت خاموش پنھنجي نيرين اکين سان نھاري رهيو هو. شھر ترتيب سان ٺھيل، شھر جي سمورن گهرن تي ڳاڙهي کپريل جون هڪجھڙيون ڇتيون هيون. حقيقت ۾ لڳي ائين پيو تہ سموري چين جون ڀونگيون ۽ ڪچا گهر ڊاهي ٻيھر جواڙايون ٿي ويون. نوان گهر، نوان هوٽل، نوان باغ، ڪشادا رستا، هر شيءِ نئين، هر عمارت نئين، هر باغ آڊيٽوريم نوجوانن لاءِ ڊسڪو سينٽر جوڙيا ويا هئا. پر فضا کليل، سرسبز، شاداب نئون چين اڏيو ٿي ويو. هر هڪ پرفضا کليل ۽ ڦھليل شھر هو. انگور ۽ آڙو اتان جا مکيہ فصل ٿي لڳا. شھر ۾ بجليءَ واريون بسون هيون. اسان کي شھر جو سير ڪرايو ويو، ڏاڍو مزو آيو، هن شھر ۾ ٺڪر جي ٿانون ۾ قلعيءَ سان ڍڪيل نھايت عمدي ڏهي ٿي ملي. ڪٿي بہ هڪ مک يا مڇر سان ملاقات نہ ٿي. اهو تہ لنڊن، سينگاپور ۽ چين ۾ حيرت ۾ وجهڻ جھڙي ڳالھہ آهي. ايتري آدمشماري هوندي، هيڏين سارين کاڌي پيتي جي وهنوار هوندي نہ مک، نہ مڇر اتي اتي بلڪل ڪونہ آهن. سبب شايد زبردست صفائيءَ جي ڪري آهي. اسان کي صفائيءَ سينگاپور ۾ لنڊن ۾ چين ۾ ۽ سعودي ۾ حيران ڪري ڇڏيو. اهي شھر ۽ اهي ملڪ رات جو دوائن سان ڌوپن ٿا. اسپري ٿئي ٿي. ماڻھو صاف کاڌا. صاف رستا، صاف پاڻي جون بوتلون هر هڪ جي هٿ ۾ آهن. حڪومتون آهن، پرگهور لھڻ وارا آهن، تعليم آهي، صحت آهي، ماڻھن ڪيئن رهجي، ڪيئن پائجي، ڇا ڳالھائجي، ڇا ڳالھائڻ جي ڄاڻ آهي. اهو ڪم دراصل اڳواڻن جو آهي، انھن ملڪن کي ليڊر مليا آهن، جن پيداگيري گهٽ خدمت وڌيڪ ڪئي اٿائون. چيني ليڊرن تہ جان جون قربانيون ڏنيون آهن. ڀارت بہ صاف آهي پر ايترو نہ جيترو چين آهي.
چنگ دائو هڪ ننڍو اسٽور هو، جيڪا بہ چار يا پنج منزل عمارت هئي. سامان سان ڀريل هو، هر شيءِ وٺڻ جھڙي هئي. اتان مون ڪجهہ خريداري ڪئي. منھنجي ڳوري بيگ منھنجي لاءِ عذاب ٿي وئي، مان ان جو کولڻ وارو ڪوڊ وساري ويٺم، سکر فون ڪري پڇي پوءِ کوليو، اسان کي چنگ دائو ۾ انگورن مان ٺھندڙ سرڪو ۽ شراب جو ڪارخانو ڏيکاريو ويو. اتي اسان جي منجهند جي ماني رکي وئي. اسان جي خدمت لاءِ ميڪسي پاتل نھايت حسين چيني ڇوڪريون مقرر ٿيل هيون. هڪ ڇوڪريءَ کي سندس گلاب جي پنن جھڙن چپن تي ٻہ ترِ هئا. مون سندس ڏاڍي تعريف ڪئي. هوءَ اتان غائب ٿي وئي ۽ وري ڪونہ آئي. مون سوچيو تہ هلاڪو جي دور ۾ حافظ شيرازي هڪ تر جي بدلي سمرقند ۽ بخارا ٿي قربان ڪيا. جيستائين مان ڪجهہ ڏيان هوءَ ڳالھہ سمجهي پاڻ ئي اتان هٽي وئي. اتي فھميدہ جي فرمائش تي سائين کان سواءِ سڀني اهو انگوري رس، پيتو، ڏاڍو مزو آيو، ماحول ۽ ماڻھو ٻئي لاجواب هئا.
چنگ دائو کان هڪ سؤ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ ٻيو سوچو نالي شھر هو. صبح جو اوڏانھن ڪوسٽر بس ذريعي وياسون. رستو وڏو ۽ گلن سان سينگاريل هو. سڄي شھر ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي سختيءَ سان منع هئي. شھر جي صدر دروازي وٽ هڪ وڏي ونگ ٺھيل هئي. جنھن تي وڏن اکرن سان هيءَ عبارت لکيل هئي. ”هي شھر صاف آهي، ان کي صاف رکڻ ۾ اسان سان تعاون ڪيو.“ شھر ۾ توت جا وڻ عام جام هئا. ٻڌايو ويو توت ۽ شهتوت جا باغ آهن. جن تي پٽ ڪيئون پاليو ٿو وڃي ۽ ان مان پٽ ڪڍجي ٿو، ٻيو شھر ۾ صندل جي ڪاٺي جي خوشبوءِ ڦھليل هئي. ٻڌايو ويو تہ هتي صندل جي ڪاٺيءَ مان ڪافي شيون ٺاهيون ٿي ويون.
هڪ ڪارخانو ڏيکاريو ويو، جنھن ۾ صندل جي ڪاٺيءَ مان نھايت نفيس سامان تيار ٿي ڪيو ويو ۽ اتي ئي ريشم جي ڪپڙي جو آڏاڻن مان پٽ ڪيئن مان پٽ ڪڍي ٺاهڻ ۽ ريشمي ڪپڙي جي نفيس ۽ خوبصورت تصويرون ٿي ٺاهيون ويون. ان ڪارخاني ۾ هزارن جي تعداد ۾ چيني ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا خاموشيءَ سان انتھائي مھارت ۽ محنت سان ڪم ۾ مصروف هئا. اسان کي ائين ٿي لڳو ڄڻ اسان ٿا گهمون ۽ ٻيو ڪو بشر اتي موجود ڪونہ هو.
فھميدہ سگريٽ کان سواءِ ڏاڍي پريشان ٿيڻ لڳي. نيٺ اسان کي هڪ ڪاٺيءَ جي ٺھيل گهر ۾ وٺي ويا. اتي هڪ چيني اڌيڙ عمر واري عورت اسان جو نھايت پاٻوھہ مان استقبال ڪيو. چيائون تہ هيءَ اتان جي سٺي اديب هئي ۽ اسان جي مانجهاندي جي ميزبان هئي. ان وٽ بہ اسان جي خدمت لاءِ هڪ چيني گڏي موجود هئي. ڪجهہ خير عافيت کان پوءِ فھميدہ سگريٽ دکايو. کيس هڪدم منع ڪيو ويو تہ هن شھر ۾ سگريٽ ڇڪڻ تي بندش آهي. ”هتي گهر ۾ بہ نہ ٿو ڇڪي سگهجي. ”فھميدہ ڪاوڙ مان پڇيو. هائو، اسان پنھنجي ليڊرن جي حڪمن جي پوئيواري ڪندا آهيون.“ کيس ان اديب نھايت ادب وچان ٻڌايو.
هيٺ ماني جي ٽيبل تي اچي ويھاريو ويو. پليٽون لڳي ويون، هن سھڻي من مھڻي ڇوڪريءَ اچي ٽيبل تي نھايت سجايل هڪ وڏي پليٽ تي اٻريل نانگ رکيو. فقط نانگ، ها فقط هڪ ڪارو نانگ . ٻيو ڪجهہ بہ نہ اسان هڪٻئي ڏانھن نھاريو. ان اديبہ محترم فرمايو”مون ڪافي جاکوڙ کان پوءِ هي توهان لاءِ هٿ ڪيو آهي”ايتري ۾ سائين جو رعبدار آواز ٻڌڻ ۾ آيو”کائبو بابا کائبو“ فھميدہ ۽ محموده تہ چپ ڪري ويھي رهيون، باقي اسان مردن ٿورو هن کي منھن ڏنوسي. وري اٻريل چانور ۽ اٻريل مڇي آئي. اها بہ بي سوادي۽ ڦڪي، بھرحال منھن ماري کائي جان ڇڏائي سون.
چنگ دائو کان سوچو جي شھر ويندي اسان هڪ روڊ ٺھندڙ ڏٺو. روڊ سيمينٽ جو ٿي ٺاهيائون. تقريبن سو سوا ڪلوميٽرن تي ماڪڙ وانگي چيني ننڍين ننڍين پورٽبل مشينن ذريعي روڊ ٺاهڻ ۾ ائين رڌل هئا، ڄڻ هو پاڻ بہ ڪا مشين هجن. اسان چئن پنجن ڪلاڪن جي ترسڻ بعد جڏهن واپس آياسون تہ منھنجي خيال ۾ اهو ايڏو وڏو رستو جيڪو سو سوا ڪلوميٽر ڊگهو ۽ چاليھہ فوٽ ويڪرو ٺھي راس ٿيڻ جي ويجهو هو، يعني هڪ ڏينھن ۾ ايڏو وڏو رستو ٺھي ٿي ويو، ڇاڪاڻ جو نہ ٺيڪيدار، نہ ٽيھہ سيڪڙو صاحب جي ڪميشن، سڀ ڪم نيت سان ٿي ٿيو. مون هڪ ڪيس هلايو هو، اهو ڪيس سکر جي ڀرسان بيگاري بند جو هو. ان بند کي درياءَ جي ٻوڏ کان بچائڻ خاطر پٿر جي پٺ ڏيڻي هئي. ٻيو اڍائي ڪروڙ جو ڪم هو، ان وقت جو چيف منسٽر سمورا پئسا ڪڍرائي پاڻ کائي ويو هو. ڪم ڪجهہ ڪونہ ٿيو. فقط ڪاغذي ڪارروائي ٿي. فوجي حڪومت انڪوائري ڪرائي. انجنيئر ۽ ٺيڪيدارن تي ڪيس داخل ٿيا. مزي جي ڳالھہ تہ ٺيڪيدارن ۾ صغير ٻارن جا نالا لکيل هئا. جن کي قانون مطابق گرفتار نہ ٿو ڪري سگهجي. سڄو ڪم ڪوڙو ٿيل هو. حڪومت ڊهڻ شرط چيف منسٽر صاحب ٻاهرين ملڪن ڏانھن ڀڄي ويو. ستن اٺن سالن کان پوءِ هينئر ويل چيئر تي پاڻ کڻائي وتي ٿو، معصوميت سان ضامن ڪرائيندو. اهڙا ڪيترا سريلا ڪم سڀ ٿا ڪن، پر چين ۾ ويل چيئر بدران ان لاءِ گوليءَ جو حڪم آهي.
چنگ دائو اچڻ وارو هو تہ اسان کي ڪوسٽر ۾ اسان جي ميزبانن چينين ٻڌايو تہ هو اسان کي رات جي ماني هڪ ڪورين ريسٽورنٽ تي کارائيندا. جتي اسان جي ٽيسٽ وارو کاڌو آهي، سائين کي رستي ۾ ننڍو هڪ لڳو. وڏي منٿ ميڙ ۽ هنگامي کان پوءِ اسان کي پنھنجي هوٽل تي ان قدرتي سڏ کي پورو ڪرڻ لاءِ آندو ويو. هوٽل تہ پھاڙ جي چوٽيءَ تي هو. شاھہ صاحب اسان کان اڳ هوٽل جون ڏاڪڻيون ٿي چڙهيون. مان سڀني جي آخر ۾ آهستي آهستي ٿي آيس تہ شاھہ صاحب پڇيو” اي فتاح آهستي ڇو ٿو هلين؟ بک ڪانہ لڳي اٿئي ڇا؟“ مون وراڻيو هائو سائين، بک تہ ڏاڍي لڳي آهي پر هن هوٽل جو نالو پڙهي بک هلي وئي آهي.“ هوٽل جو نالو مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل هو. شاھہ صاحب جي نظر جڏهن ان نالي تي پئي تہ وٺي وڏو ٽھڪ ڏنائين ۽ چيائين تہ ”يار هاڻ چپ ڪر مان ٻيا ساٿي ان جو مطلب نہ پڇي وٺن. هوٽل جو نالو هو، Hung-hai-Hotel
اسان کي ڪورين ريسٽورنٽ وٺي آيا. فھميدہ جيڪا سڄو ڏينھن بک تي هئي. ڏاڍي خوش هئي تہ اڄ اسان کي اسان جي ملڪ واري ماني ٿي ملي. سو جلدي ڪري هڪ گول ڦرڻ واري ٽيبل تي اچي ويٺي. هڪڙي من موهڻي ڇوڪري لوڻ ۽ ڳاڙهن مرچن سان ڀريل پيالا اسان جي اڳيان رکي وئي. پوءِ اٻريل چانورن سان ڀريل پيالا بہ اسان جي اڳيان رکيائين. پوءِ هڪ گيس ڀريل چلھہ اچي ٽيبل تي رکيائين. ان جي مٿان پاڻيءَ سان ڀريل ڪڙهائي بہ اچي رکيائين. جڏهن پاڻي اٻرڻ لڳو تہ ڪٿان هڪ چمٽي ۾ ڦٿڪندڙ جيئري مڇي اچي ان ڪڙهائيءَ ۾ وڌائين. مڇيءَ جا تارا سندس نراڙ ۾ هئا. اها اسان جي سامھون ان اٻرندڙ پاڻيءَ ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي گذاري وئي، پوءِ ان ڇوڪريءَ اها مڇيءَ واري ڪڙهائي چُلھي تان لاهي اسان جي اڳيان رکي ۽ فاتحانہ ۽ داد وٺڻ واري انداز ۾ اسان کي جهڪي سلام ڪري هلي وئي. مون ان مڇيءَ کي چانورن سان ملائي لوڻ مرچ وجهي مڇيءَ جو پلاءُ سمجهي کاڌو باقي ٻين ساٿين ذري گهٽ ساڳيو ڪم ڪيو.
مون کي لڳو تہ چيني اسان کي سھڻين ڇوڪرين ذريعي پنھنجا لاجواب کاڌا کارائيندا ٿي ويا. عطا شاد پھريون دفعو شاعرانہ جملو چيو ”يار جي هي ڇوڪريون زهر بہ ڏينديون تہ پي وينداسين.“