آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيڪي ياد پيوم

فتاح ملڪ سنڌ ۽ سنڌين جي دردن جو احساس رکندڙ ۽ انھن کي شاعريءَ يا نثر ذريعي نمايان حيثيت ڏيندڙ شخص آھي. فتاح ملڪ پنھنجي يادگيرين ۾ اھڙا ورق پڻ کوليا آھن جيڪي نہ اعتبار ۾ ايندڙ آھن، خاص ڪري شيخ اياز ۽ ٻين بابت جيڪي اڳ ڍڪيل ھيا. فتاح ملڪ ھن ڪتاب ۾ ننڍپڻ جي يادگيرين، عوام جي مثالي نمائندن، اسڪولن ۽ مدرسن جي ماحول، گهر ڀاتين، خيرپور ۾ گهاريل ڏينھن، ون يونٽ جي تحريڪ، نوڪريءَ لاءِ جاکوڙ، سکر جي اڻمٽ يادن ۽ شخصيتن، غربت ۽ وڪالت جي ڏينھڙن، شاگرد جدوجھد، پرڏيھہ ياترا، ھندستان ۽ چين جي يادن، ڀلي پار جي سفر، سميت ڪيئي يادون شامل ڪيون آھن.

  • 4.5/5.0
  • 153
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فتاح ملڪ
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Jeki Yaad Payom

روشن خيال سنڌ ۽ منھنجو مذهب ڏانھن لاڙو

چوندا آهن تہ ”اڳ ئي هئي نچڻي ويتر پيس گهنگهرو“ منھنجي ننڍپڻ ۾ ئي اهڙن سان دوستي ٿي وئي. جن جا مذهب متعلق خيال مختلف هئا. مثال طور پنو عاقل جي تعليمي وقتن ۾ حسن حميدي سان واسطو پيو، اتي ڊاڪٽر علي حيدر هو. جنھن وٽ حميدي صاحب رهندو هو، حميدي صاحب منھنجو ڪلاس ٽيچر هو. ڊاڪٽر اعزاز نظير بہ اتي ئي ايندو هو. هن ئي دوست ڪميونسٽ هجڻ سان گڏ دهريا بہ هيا. هن جي صحبت ۾ مون ڪميونسٽ لٽريچر جو مطالعو شروع ڪيو، وري جڏهن مون انھن دوستن جي چوڻ تي اسڪول جي هڙتال سبب مون کي اسڪول مان ڪڍيو ويو ۽ ان سان گڏ حميدي صاحب جي نوڪري بہ هلي وئي ۽ مان خيرپور هليو آيس. مون کي ناز هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. اتي منھنجو مامو رهندو هو، جنھن وٽ مون کي رهايو ويو. خيرپور هڪ رياست هئي. خيرپور ۾ منھنجي دوستي جسٽس (ر) علي اسلم جعفري ۽ جمال رند سان ٿي. علي اسلم جعفري جي والد علي مطاهر جعفري سان سندس گهر ۾ ملاقات ٿي. علي مطاهر جعفري هڪ ليبر ليڊر هيو. خيرپور ٽيڪسٽائيل مل جي ڪري خيرپور مزدور ليڊرن جو مرڪز ٿي ويو. پاڪستان جا جڳ مشھور روپوش ڪميونسٽ ليڊر علي مطاهر جعفري وٽ ايندا هيا. مان انھن جي خيالن کان گهڻو متاثر ٿيس. وري مٿان سنڌي ادبي سنگت بہ ٺاهي سون جتي جمال رند، سليم خواجہ، حفيظ شيخ وارن سان دوستي ٿي. رشيد ڀٽي سان بہ اتي گھرائي ٿي. اهي سمورا دوست ترقي پسند ۽ ڪميونسٽ انقلاب جا حامي هئا. انھن جي صحبت ۾ ڪارل مارڪس، اينگلس وغيرہ جو مطالعو ڪيم.
وري پليجو صاحب ۽ وڪالت جي دوران شيخ اياز سان دوستي ٿي. سائين شمس الدين شاھہ جي شاگردي ماڻيم، جنھن وٽ حيدربخش جتوئي. سي آر اسلم موني سن وغيرہ سان ملاقاتون ٿيون. اهي همراھہ دهريا يعني مذهب کان انڪاري هئا. مون مئٽرڪ 1956ع ۾ پاس ڪئي، پنو عاقل 1954ع ۾ ڇڏيو، حيدرآباد لا ڪاليج ۾ 1961ع ۾ آيس، وڪالت 1963ع ۾ پاس ڪيم وڪالت جي شروعات 1964ع ۾ ڪيم، ان سموري دور ۾ منھنجو واسطو جويو صاحب، رباني، تنوير، رشيد ڀٽي، شيخ حفيظ، اياز، علي مطاهر جعفري، سي آر اسلم، مولانا گرامي، جمال رند، سليم خواجہ، حميد سنڌي سان گھرو ۽ ويجهڙائپ رهي. سڄا ڏينھن سموريون راتيون مختلف موضوعن تي علم، ادب، سياسي تحريڪون، نظريہ پاڪستان جو ڍونگل،ون يونٽ جو رياستي جبر، بنگالين تي ظلم، بلوچستان تي فوج ڪشي، مسلسل فوجي حڪومت تي بحث مباحثن مطالعي منھنجي مذهبي خيال کي بہ متزلزل ڪري ڇڏيو. سواءِ ڪميونسٽ پارٽي جي ٻي ڪا سياسي پارٽي اکين نہ ٿي وڻي. جيڪا جاگيرداري، سرمائيداري يا اسٽيٽسڪو جي مخالف هجي. ڀٽو صاحب زبردست نعرو هڻي اٿيو تہ ”طاقت جو سرچشمو عوام آهي“ پر پوءِ معلوم ٿيو تہ اهو فقط ووٽن تائين ۽ اقتداري ڌر يعني 1970ع ۾ ڪچليل فوج کي ساھہ وجهڻ لاءِ هو.
بھرحال مان سائين سائين جي ايم سيد کي نعپ يعني نيشنل عوامي پارٽي، پوءِ عوامي ليگ ۽ هاري ڪاميٽي کي دل سان لاتو جتي جيڪي دوست ملندا ويا، اهي مذهب جي معاملي ۾ ڏاڍا خراب خيال رکندا هئا ۽ مان بہ انھن جي خيال کان بچي نہ سگهيس. هوڏانھن منھنجو گهراڻو پير پرست، ديني، نمازي هو، ڏاڏاڻي مرشد گهوٽڪي جا جيلاني، سيد، ناناڻي گهراڻي ۾ جڳ مشھور ڪوٽ جھان ﷲ شاھہ روهڙي ۾ رهندڙ حبيب ﷲ چانڊيو منھنجي امڙ جو نانو هو، بابو ۽ امڙ عاشق رسول ۽ نمازي هئا پر انھن جو اثر گهٽ پيو. جو مان ننڍپڻ ۾ ئي گهر ڇڏي چڪو هوس ۽ پراون درن تي ڌڪا کائيندو بکن، اڃن، مفلسي ۽ بيوسيءَ ۾ اڪيلي سر پئي پنھنجي مستقبل جي جنگ وڙهيس. ڪو چوڻ وارو ڪونہ، ڪو روڪ ٽوڪ وارو ڪونہ، ۽ اچي هت پھتس. منھنجي شادي مرحوم فقير محمد ڏهر جي نياڻي سان ٿي. ڏهر صاحب جن بائيجي شريف جي بزرگن جا مريد هئا. ڏاڍو پابند، صوم و صلوات جو گهراڻو آهي. منھنجي گهرواري پنج ئي وقت خدا جي حضور ۾ حاضر هوندي آهي. مان بي نمازي، مذهب کان منڪر ان سان هن ويچاري 1967ع کان گذارو ڪيو آهي. ڪڏهن اف بہ نہ ڪئي اٿائين. منھنجو گرمي سرديءَ ۾ ساٿ ڏنو اٿائين، جن دوستن کي وڪالت جي سردين ۽ گرمين جي ڄاڻ آهي تہ هي پيشو انھن ماڻھن جي لاءِ ڪيڏو ڏکيو آهي، جن وٽ سفر جو ثمر نہ هوندو آهي.
”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏيھاڙي سومرا !“
مون کي ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي. خاندان ۾ ڪافي حاجي ۽ حاجياڻيون، زنوار ۽ زنواريون آهن، جن جو هميشہ مطالبو رهندو آيو، ”ادا حج ڪري آ، ڪڏهن امام صاحبن جون زيارتون ڪري آ“ مان هميشہ ڪو نہ ڪو بھانو ڪري کين ٽاري ڇڏيندو هيس. آخر مون زال سان انجام ڪيو تہ جڏهن سمورا فرض پورا ٿيندا تہ پوءِ هي فرض بہ ادا ڪبو ۽ کيس بہ حج ڪرائيندس.
آخر جڏهن سڀني ٻارن جي شادي ٿي وئي. يعني ڌيءَ بہ پڙڻجي وئي ۽ ٽنھين پٽن جي شادي بہ ٿي وئي تہ منھنجي انجام پوري ڪرڻ جو وقت اچي ويو. منھنجي وڏي پٽ عبدالقيوم هڪ مھانگي ٽريولنگ ايجنسي سان رابطو ڪيو ۽ حج جا انتظام ٿي ويا. 2005-2004 ع مان ۽ منھنجي گهرواري حج لاءِ تيار ٿياسون. هڪ رات اڳ ڀڳوانداس چاولا جي گهر ڀارت مان آيل سنڌي دوستن جي دعوت هئي. حميد سنڌي اتي مون کي بہ وٺي ويو. شازيہ خشڪ نچي رهي هئي. سوم رس جو وڏو دور هو. مان بہ اڌ رات تائين ان مستيءَ ۾ شامل رهيس. رات جا ٻارهن ٿيا، اوچتو ڄڻ مون کي ٻانھن کان جهلي اتان ڪنھن اٿاريو. اهو ڪير شخص هو. مون کي ڄاڻ ڪانہ آهي پر مون کي پڪ آهي تہ ڪنھن مون کي ٻانھن کان جهلي اٿاريو. ڪجهہ وقت اڳ منھنجي پياري دوست حبيب ﷲ جي پٽ جي شادي هئي. هو اتي اوچتو هوٽل ۾ دعوت دوران ڪري پيو، کيس اسپتال کڻي ويا. مان جڏهن چاولا صاحب جي دعوت مان ٿڙندو ٿاٻڙندو، گهر پھتس تہ منھنجي گهرواري مون کي شرمائيندي چيو” سڀاڻي پاڻ حج تي ٿا هلون ۽ اوهان جو اڄ هي حال آهي“، بس اڄ اهو ختم ٿي ويو، مون وراڻيو.
ان کان اڳ مون خواب ڏٺو، جنھن ۾ مون پنھنجي والدہ کي بلڪل واضح ۽ چٽو ڏٺو، جنھن اهو حڪم ڏنو ”ابا عبدالفتاح وڃ، وڃي حج ڪري آ“ حاضر امان“ مون وراڻيو، مون پنھنجي ماءُ جنھن جنم ڏئي هيءُ جھان ڏيکاريو، سان وچن ڪيو، جيڪو مون کي پاڙڻو هو.
الست بربکم، جــــڏهن ڪن پـــيوم،
قالوا بلى قلب سين، تــــڏهن تت چيوم
تنھن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
مون کي هميشہ وحدت الوجود پنھنجي والدہ ۾ نظر ايندو هو. مان بہ هميشہ ان جي پيرن ۾ هوندو هيس. هن وقت جڏهن بہ ڪو منجهارو پيدا ٿيندو آهي تہ قبرستان وڃي ان جي هنج کي ڳوليندو آهيان. سڀني کان موڪلايوسين. وڏي ڀاءُ عبدالستار موڪلائڻ وقت پنھنجي گهر ۾ جيڪي چيو اهو بہ ٻڌائڻ جھڙو آهي، ”ادا مان هلان ٿو، مون کي کليو ڳالھايو بخشجو“ مون ادب مان چيو، ”ڪاڏي ٿو وڃين“، هن پڇيو ”حج تي مون چيو، ڇو ٿو وڃين، مون جواب ڏنو” بخشرائڻ“، اهو تہ هتي بہ ٿي سگهي ٿو. ”ادي چيو، “ نہ مون کي هتي بخشش ڪانہ ملندي“ مون چيو،”ڇو؟!“ هن عجب مان پڇيو. “هڪ تہ منھنجا سمورا دنيوي فرض پورا ٿي چڪا آهن، ٻيو مون تي قرض وغيرہ بہ ڪونہ آهي. ٽيون تہ مان سرندي وارو آهيان، چوٿون تہ امڙ بہ حڪم ڪيو آهي. مون تفصيل سان کيس جواب ڏنو.“ ۽ هي ست ڪوئا کاڌا اٿئي“ ادي چيو، ”توهان ڪھڙي ڳالھہ ٿا ڪريو، ڪوئا مون تہ ٻلا بہ کاڌا آهن.“ مون وراڻيو پوءِ هو چپ ٿي ويو.
ان کان ٿي آغا خان اسپتال آيس. جتي منھنجو دوست حبيب ﷲ شيخ داخل ٿيل هو، هشاش بشاش هو مرڪي موڪلايوسين. اها اسان جي آخري ملاقات هئي، وري ڪونہ ملياسين.
مان سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ بيٺل هيس. اها بہ ڦٽي ڪري آيس. ايئرپورٽ تي ڪافي عزيز قريب ڇڏڻ آيا ۽ اسان پي آءِ اي جي فلائيٽ تي احرام ٻڌي چڙهياسون.
حج بيت ﷲ، خدا جي گهر ٿي ويس، سڄي ڄمار جنھن جي ڳولا ٿي ڪيم. ان جي گهر ڏانھن ٿي ويس. ڪڏهن دل جي ڪڏهن دماغ جي عبادت ڪيم، ڪڏهن ڏولاون، ڪڏهن مائٽن مٽن، ڪڏهن ڪڏهن بيوفا جي مقصد کي حاصل ڪرڻ کي عين عبادت سمجهيم، ڪڏهن سمنڊ، ڪڏهن ڦڙو، ڪڏهن کوھہ، ڪڏهن نار، ڪڏهن سمجهہ، ڪڏهن نا سمجهي کي پوڄيم. هر حسين تي سر بسجود ٿيڻ چاهيم. دلبر ۽ دلربا اندر ۾ ابليس ٿي لڳا. صورت ۾ سبحان، خود پرست لڳم، دوست ۽ همدرد هڪ هڪ ٿي هليا ويا، پوءِ ڪنھن کي پوڄجي؟ ڪنھن جو تہ سھارو وٺجي؟ اڪيلو؟ اٻاڻڪو، لوڀين ماس پٽيندڙ جي گهيري مان نڪرڻ چاهيم، مون کي ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي تہ مان هڪ مئل ڍور آهيان ۽ ڊيڍن جي شھر ۾ آهيان، جيڪي ٿالھيون ۽ ڇريون کنيو بيٺا آهن. انھن سڀني جي ڪنھن کي دانھن ڏيان، ڪنھن جي آڏو وڃي ڪران، ڪوتہ آهي جنھن هيڏي باهوڙ بڇي ڇڏي آهي. سو ڊوڙي وڃي چڙهيس جھاز تي، خدا جي آڏو پاڻ کي پيش ڪرڻ، لالچين، حاسدن جي دنيا کان پري جتي هي سوڙهو بوٽ لھي ٿو وڃي.