چين جون يادون (4)
وري اسان چنگ دائو مان ڪلاڪ کن جي هوائي سفر کان پوءِ شنگهائي آياسون. اتي اسان کي (پيس هوٽل) ۾ رهايو ويو. اهو هوٽل سپر هاءِ وي اسٽار ڊيلڪس هو، هر ڪنھن کي الڳ ڪمرو ڏنو ويو. هوٽل نھايت خوبصورت ۽ جديد طرح جو هو. ڳالھائڻ واريون لفٽون ۽ اليڪٽرانڪ واش روم هئا. نھايت جديد قسم جو هوٽل هو، سڄو ڀريل هو، سڄو ڏينھن يورپ، آمريڪا ۽ ايشيا جا واپاري ۽ ڊيليگيشن سياستدان وغيرہ جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. ٻن سون کان ٽي سؤ ڊالر روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪمري جو ڪرايو هو.
شنگهائي هڪ وڏو صنعتي شھر آهي، بندرگاهون بہ اٿس، سمنڊ بہ اٿس تہ درياءَ بہ شھر مان ٿا وهن. ايشيائي يورپ جي تھذيبن جو ميلاپ آهي. چين جي پراڻي طرز جون عمارتون ڊگهيون، سوڙهيون ۽ ويڪريون ايشيائي بازارون بہ آهن تہ وڏن ۽ ويڪرن رستن تي ڪئين ماڙ جديد عمارتون ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور جن مان ڪيترن سان دنيا جو ڪوبہ اسٽور يا عمارت نہ فن تعمير تہ جدت ۾ مقابلو ٿو ڪري سگهي. ڪارخانا هر قسم جي مال ٺاهڻ جا پراڻن آڏاڻن ۾ هٿ سان جوڙيل مھانگين شين سان گڏ جديد خودڪار مشينري ۽ روبوٽ تي هلندڙ وڏن ڪارخانن تائين سڄي دنيا لاءِ سامان جوڙڻ ۾ مصروف آهن. اهو چين جيڪو اسان کان پوءِ آزاد ٿيو ۽ ڪجهہ پائليٽ هوائي جھاز هلائڻ لاءِ اڌارا ورتا هيائين. جھاز تہ ٺھيو پر وٽس ريل گاڏي بہ پوري ڪانہ هئي. اڌ صديءَ ۾ اٺن نون صدين جو سفر ڪري نہ فقط يورپ سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺو آهي پر سڄي دنيا جي اکين ۾ اکيون ملايون اٿس.
ڪارخانا ۽ ان ۾ چيني عوام ايترو تہ مصروف آهن جو لڳي ائين پيو تہ ڄڻ سڄي دنيا جا گهر جائو هٿ ڪنھن گداگر وانگر چيني مال حاصل ڪرڻ ۽ چين طرف ڊگهيڙيل آهن. ايڏي ساري دنيا کي شايد فقط چين جي ٺھيل مال جي اشد ضرورت آهي ۽ اهو ئي سندن پالڻھار آهي.
شنگهائي ڏاڍو سھڻو ۽ تمام وڏو شھر آهي، ٻن حصن ۾ ورهايل آهي نئون شنگهائي وهندڙ درياءَ ۽ ننڍي سمنڊ جي ٻئي پاسي آهي ٻہ ڪلوميٽرن ۾ ڦھليل نئون شنگهائي جو شھر اڏيو ويو آهي. چينين چواڻي شنگهائيءَ جو اهو شھر اڳ ۾ بہ ورهايل هو پر انتھائي پراڻي ۽ ڀڳل غريبن جون پراڻيون جايون، بکايل ۽ پيرين اگهاڙن وارا رهاڪو، مڇي ماري گذارو ڪرڻ وارا پراڻين ٻيڙن تي رهندڙ، مصيبتن جا ماريل سرمائيداريءَ ۽ جاگيرداريءَ جا نپوڙيل اگهاڙا پڃرا رهندا آهن، ٻنھي حصن جي وچ ۾ رابطي جو نظام ٻيڙيون هيون. انقلاب کان پوءِ ٻنھين شھرن جي وچ ۾ سمنڊ ۽ درياءَ جي هيٺان هڪ ڊگهي سرنگهہ هنئي وئي آهي. مٿان اسي کان هڪ سو ويھہ فوٽ تائين پاڻي ٿي وهيو. جنھن تي جھاز ۽ ٻيڙا ٿي هليا ۽ پاڻيءَ جي هيٺان ٻنھين طرفن واري خلاصي ٽريفڪ ٿي هلي. گهٽ ۾ گهٽ چاليھہ منٽ ان غار مان نڪرڻ لاءِ ڪنھن موٽرڪار کي ٿي لڳا. ٻن ميلن جيتري ڊگهي غار ٺاهي وئي آهي، جنھن ۾ بجليءَ جي نظام کان وٺي باھہ وسائڻ تائين انتظام ٿيل آهي. يورپ کي اهڙي سائنسي ڪمال لاءِ پھچڻ ۾ ڇھہ سؤ سال لڳي ويا. ۽ چينين چند سالن ۾ اهو سائنسي ڪمال ڪري ڏيکاريو.
نئون شنگهائي انتھائي جديد وڏين خوبصورت عمارتن جو شھر آهي، وڏا ڦھليل روڊ رستا آمريڪا جي نيويارڪ کان گهٽ ڪونہ آهن. فقط هڪ فر ق آهي تہ نيويارڪ ۾ ٻٽون کسڻ وارا، پئسا ڦرڻ وارا زوري زنا ڪندڙ، ڪرائي جا قاتل خواه مرد سان مرد جي شادي ٿيل جوڙن جا ڪٽڪ ملندا پر شنگهائي ڇا پر سڄي چين ۾ اهو ناممڪن آهي، آمريڪا ترقي يافتہ دين تي هلندڙ خدا پرست چئي سڄي دنيا کي تابع ڪرڻ ۾ لڳل آهي ۽ ٻئي طرف هن چينين جي ترقي ڏٺي نہ پئي وڻي. فرانسسڪو جھڙي ان کان بہ جديد پل آهي. خود يورپي سياح ٻہ حيرت ۾ پئجي ويا. سموري گهڻ ماڙ يا ننڍين عمارتن ۽ فليٽن کي هر هڪ انجنيئر فن تعمير جي ڪمال جو مظاهرو ڪري ٺاهيو آهي، ڄڻ ڪو مقابلو هو. سڀني عمارتن تي گلينڊ ٽائيل فرش کان عرش تائين لڳل هئا. ڪا وٿي ڪانہ آهي. سڀ ڪم نيت، شوق، ايمانداريءَ ۽ خلوص سان ٿيل ٿي لڳو. ”پنھنجو ملڪ“ منھنجو ملڪ، نئين آزاد دنيا پنھنجي اڏڻي آهي. قربانين ۽ جدوجھد کان پوءِ حاصل ڪيل ملڪ جنھن ۾ هر هڪ کي هڪ جيترا حق حاصل هجن. ڪو ڪنھن کان مٿي نہ هجي، پورهئي ۽ پورهيت جي عزت ۽ عظمت جو احترام هجي. وڏي ڳالھہ تہ پنھنجائپ هجي، احساس هجي تہ هي ملڪ جيڪو ڪنھن ٻي جي پيءُ جو هجي، اهڙو ئي منھنجي پيءُ جو آهي. استحصال، رعب، داٻي ۽ ٻئي جي زور تي اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ لھڻ جو جتي امڪان ئي نہ هجي، اتي هرڪو اسٽيٽسڪو جي چڪر ۾ هوندو آهي. پر هتي ائين ڪونہ هو. لڳي پيو تہ چيني هر شيءِ صدين لاءِ پيا ٺاهين.
نئون شنگهائي گهمائي هڪ ريسٽورنٽ تي وٺي آيا. اتي ميزبان جا فرض هڪ ڪمپنيءَ وارا ڪري رهيا هئا. اسان کي پھريائين سائي چانھہ پياري وئي. اهو بہ ٻڌا.يندو هلان تہ چيني کنڊ استعمال نہ ڪندا آهن، سو بغير کنڊ جي سائي چانھہ پيتي سون، مٿان ننڍن ننڍن پيالن ۾ ڪا شيءِ اڳيان اچي رکيائون. پياليون ايتريون هيون. جيتريون پٺاڻن ۾ قهوه خانن ۾ هونديون آهن. اسان کي انھن پيالين ۾ کير جھڙي اڇي رٻڙي وانگي ڪجهہ نظر آيو. ٻڌايو ويو تہ هيءَ هڪ ناياب شيءِ آهي ۽ ڪنھن خاص مھمان جي لاءِ وڏي جاکوڙ ۽ جدوجھد کان پوءِ تيار ڪئي ويندي آهي. آخر آهي ڇا؟ سائين کان رهيو نہ ٿيو ۽ رڙ ڪري پڇيائين، ٻڌايائون تہ هي جهرڪين جي زبانن مان تيار ڪيل سوپ آهي يعني Sparow tongue soup جتي هيتريون ساريون ٻيون نعمتون پيٽ ۾ وجهي چڪا هئاسون، اتي هي بہ هلي وڃي، سو هڪڙي ڳيت ڏئي مان تہ پي ويس، باقي ڪنھن پيتو ڪنھن نہ پيتو.
ٻي ڏينھن تي اسان کي شنگهائي جي اديبن سان گڏجاڻي ڪرائي وئي. نھايت خوبصورت جڳھہ ان ۾ سنگ مرمر مان جڙيل بھترين مجسمن، هڪ سھڻو ڦوهارو ۽ باغ جي وچ ۾ عمارت هئي. اتي اٺ يا نوَ اديب ۽ اديبائون هيون. شعر و شاعري جي محفل ٿي. انھن مان هڪ شاعرہ جيڪو شعر پڙهيو ان جو ترجمو مس شيرالي هئين ڪري ٻڌايو تہ ” اي منھنجا محبوب جيڪڏهن مون کي ملي وڃين تہ مان تنھنجو آڌرڀاءُ لکن چمين سان ڪنديس.“ ٻيا شعر بہ ڪجهہ اهڙي قسم جا هئا. عطا شاد هميشہ ن، م راشد جا چورايل شعر ٻڌائي داد وٺندو هو. مون مٿس پابندي هنئي هئي تہ هو بلوچي شعر ٻڌائي. سو هن هڪ بلوچي شعر پڙهيو، جنھن جو مفھوم هو تہ ” اي منھنجا فرزند هي جيڪو سوئر پھاڙ جي چوٽيءَ تي بيٺو آهي، ان کي مان ماري نہ سگهيو آهيان. سو تون ان کي مارجان“ جڏهن مِس شيرلي ان شعر جو چيني زبان ۾ ترجمو ڪيو تہ ان تي چيني اديبن ڪجهہ هن طرح جو تبصرو ڪيو“ آخر ان معصوم هن جو اهڙو ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آهي.“
شاعري ختم ٿي تہ ڪچھري شروع ٿي. اسان جو وڏو تہ سائين غلام مصطفى شاھہ مرحوم هو، سو فقط ان ئي ٿي ڳالھايو. سائين انگريزي ٿي ڳالھائي، مس شيرلي ان جو ترجمو چيني زبان ۾ ڪري چينين تائين ٿي پھچايو، وري جيڪو چيني پيا ڳالھائين اهو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري اسان کي ٿي ٻڌايائين. سائين وڏي بحث کي ڇيڙي ڇڏيو، پاڪستان، هندستان يورپ کان ڦرندو آمريڪا ۽ پوءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ان سان سندس ذاتي تعلقات ايوب خان ۽ آخر ۾ امير محمد خان نواب آف ڪالاباغ تائين هليو آهي، چئي ”مون ڪالاباغ کي چيو فلاڻي ڳالھہ غلط آهي. ڪالاباغ مون کي وراڻيو تہ اوهان غلط آهيو“ هاڻي ان جو انگريزي ترجمو هن ريت ٿيو، جيڪو بعد ۾ چيني زبان ۾ عين بہ عين ٿيو.
يعني ڪاري باغ هيئن چيو ۽ هونءَ چيو، جنھن تي چينين وراڻيو تہ هنن وٽ ڪالاباغ آهن ۽ اتي ڳالھائيندا بہ آهن؟
مون سائين کي چيو تہ سائين هتي ڪھڙو ضرور هو نواب ڪالاباغ جي ڳالھہ ڪرڻ جو.