عشق عقاب پکي پرڏيھي
چون ٿا عشق ۽ مشڪ لڪي نہ ٿو سگهي، گهر ننڍو، ڳالھہ وڏي، لڪي تہ ڪيئن لڪي، پر مون نمڪ حرامي نہ ڪئي ۽ حال کان پنھنجي حفاظت ڪئي. ان آڙاھہ ۾ ٽنگڙ ٽپو ڪونہ ڏنم، پر تڏهن بہ بدنامي کان پاڻ بچائي تہ ڪونہ سگهيس، ڪجهہ ڪونہ ڳالھايوسين، سچ پڇو تہ هڪ لفظ نہ ڳالھايوسين، سڀ ڪجهہ اکيون پيون ڳالھائين، گهمڻ پيو ڳالھائي، ٿڌا ساھہ ۽ سھڪا پيا ڳالھائين.
سرينھن جي وڻ ۾ جڏهن گل ٿيندا آهن تہ انھن جي ھٻڪارن جا هل ئي هلندا آهن. سارو سماج اٿي بيھي رهيو، اهو ڪيئن ٿيندو بھرحال مون کي اتان نڪرڻو پيو ۽ مان خيرپور جي لقمان محلي ۾ سومرن صاحبن جي گهر ۾ اچي رهيس. چون ٿا تہ جڏهن اسان جو بابو سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ پڙهندو هو تہ اسان جي ڏاڏي هر مھيني کيس هڪ رپيو مني آرڊر ڪندي هئي. پاڙي جو پوسٽ ماسٽر مسٽر علي بخش سومرو هوندو هو، جنھن اسان جي ڏاڏيءَ کي پنھنجي امڙ ڪري سڏيو، اها سڃاڻپ هلندي آئي ۽ اڄ هو مون کي گهر وٺي ويو ۽ مون مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ۽ ڳوٺ هليو آيس، پر دل اتي ڇڏي آيس. ڪجهہ نہ پيو وڻي، رنگ زرد ۽ آھہ سرد کڻي آيس. پنوعاقل ۾ صوفي محمد هاشم بلو جيڪو پرائمري اسڪول ۾ استاد هو، ان سان دوستي ٿي، هو سنڌي زبان جو سٺو شاعر هو، منھنجي شاعريءَ ۾ عشق جو رنگ اچڻ لڳو، جدائي جا نغما اچڻ لڳا. صوفي ڏاڍي مدد ڪئي ۽ اصلاح بہ ڪندو هو، مون اسلاميہ ڪاليج سکر ۾ داخلا ورتي پر رهان خيرپور ۾ پيو، اتي مون رهڻ جو سبب بہ ٺاهيو، ٻيلي کاتي ۾ ڪلارڪي ڪيم، سٺ رپيا پگهار ملي. فيض آباد ڪالوني نئين نئين ٺھي هئي. اتي هڪ ڪوارٽر مليو، سڄي ڪالوني خالي، فقط مان ڳوٺان کٽ کڻائي اچي رهيس. ماني ڪنھن وقت هوٽل تي، ڪنھن وقت ابراهيم شاھہ وارن وٽ، ڪڏهن بنھہ بک تي سمھي رهندو هيس. ان عشق ۾ گهٽيون پيو گهمان. هڪ دفعي ڪنھن سبب جي ڪري سکر اچڻو پيو، واپسي جو ڪرايو ڪونہ هو، مون ڪنھن جي اڳيان هٿ نہ ٽنگيو، حالانڪہ منھنجا ويجها عزيز بہ سکر ۾ هئا. اتان ڳالھہ کلي پئي، مان ساري پيادو هلي، خيرپور آيس، فقط ان گهٽيءَ جي واس وٺڻ لاءِ، جتي حوا جو گهر هو، ٻہ ڏينھن بخار ۾ اڪيلو ڪوارٽر ۾ سمھي پيس. جمال رند بہ حيدرآباد پڙهڻ هليو ويو، باقي ابراهيم شاھہ ۽ مان هياسين. هڪڙو ٻيو غير ادبي دوست حسن لاشاري بہ هو، خواجہ سليم ڪڏهن ڪڏهن ڪراچي کان ايندو هو، ون يونٽ لڳي چڪو، رياست ختم ٿي وئي.
سنڌي ادبي سنگت خيرپور جو مان سيڪريٽري ٿيس. پر منھنجو من نہ پيو لڳي، منھنجو چت چرين وانگي هجي، نوڪري بہ ختم ٿي وئي، تڏهن بہ مان خيرپور ۾ مئو پيو هجان. نيٺ اهو جيڪو ٿيندو آيو آهي. سو ٿيو. مون ڏاڍو سڀني کي ستايو پر ڪنھن نہ ٻڌو. هوڏانھن حوا کي هڪ اڻ پڙهيل لوهر جي حوالي ڪيو ويو، زبردستي ڪرائي وئي، رڙيون ڪوڪون، دانھون پولار ۾ غرق ٿي ويون. لاڏڪوڏ سان پاليل، گلن جي ٽوڪري کي گند جي ڍير تي اڇلايو ويو. مان بلڪل چرين وانگي خودڪشي ڪاڻ تيار ٿي ويس. تڏهن هڪڙي وڏڙيءَ ويھاري سمجهايو ”بابا اڃا مئٽرڪ پاس آهين، کيسي ۾ ڪجهہ بہ ڪونہ اٿئي، وڃ وڃي پڙهائي ڪر، ڪجهہ ٿي ڏيکار، پوءِ کوڙ حوران پريون تنھنجي اڳيان اچي بيھنديون، هن چنڊ ۾ اڳ ڪافي داغ لڳل آهن. جن جي توکي خبر ئي نہ آهي. هن تو جھڙا ڪافي شڪار ڪيا آهن. تون دل جي ڳالھہ ڇڏ ۽ دماغ کان ڪم وٺ، هيءَ جي لائق هجي ها تہ اسان توکي وٺي ڏيون ها.“ مون کي ائين لڳو تہ ڄڻ منھنجو مٿو ڪنھن هٿوڙيءَ سان چٿي ڇڏيو آهي. ڀيٽو جي عشق ۽ سڃي جي ياريءَ ۾ ائين ٿيندو آ. حوا پنھنجو تحفظ ڪونہ ڪيو، ان ڪري نمبر ٽو مال ڪمائي نيڪال ٿي وئي. مان زخم ڇٽائي فقط داغ سنڀالي پنھنجي پڙهائي ۾ لڳي ويس ۽ اچي سکر ۾ رهڻ لڳس، پر اهو داغ اڄ تائين ڌوپي نہ سگهيو، چاهت جي سزا گهاريندي واريءَ جو گهر ڊهي ويو.