پاڪستان ۾ ٻولين جو سوال ۽ رشيد ڀٽي
ان ايڏي ساري پٽاڙ جو مقصد اهو ٻڌائڻ آهي تہ شروع کان ئي قومن ۽ قوميتن جي حقن جي لتاڙ مان ظاهر ٿيڻ لڳي پيو تہ ميلو ئي ڪنھن جي پٽڪي لاهڻ لاءِ مچايو ويو هو. فوجي ۽ سول نوڪر شاهي ۽ عدليه جي وچ ۾ سمجهوتو ٿي چڪو هو ۽ ڏاڍائي ۽ جبر سان هڪ محدود ٽولو اقتدار جي بکين سياستدانن سان وقتي سمجهوتا ڪندي ڪم هلائيندو رهيو آهي. 1977ع جي مارشل لا ۾ گهٽ ۾ گهٽ چاليھہ هزار ماڻھن کي اگهاڙو ڪري سرعام ڪوڙا هنيا ويا. ان ۾ اڪثريت سنڌ جي ماڻھن جي هئي. هيڏي ساري گهٽ، ٻوسٽ ۽ سالن کان زور زبردستي ۽ داداگيري جي نتيجي ۾ سياي پارٽين جي معمولي للڪار تي سڄي پاڪستان مان فقط سنڌ جي عوام متحد ٿي. پاڪستان جي ايسٽيبلشمينٽ کي للڪاريو. 1983ع ۾ سنڌي ماڻھو جن ۾ عورتون بہ شامل هيون، ٽينڪن، توبن ۽ هوائي بمن آڏو ارڏائي سان اچي بيھي رهيا. جيل ڀرجڻ شروع ٿي ويا. ٽيئر گئس کپي ويا. گوليون ختم ٿيڻ لڳيون پر سنڌي عوام جو عزم وڌندو ويو. جيل وڃڻ هر ڪنھن جي بي عزتي بجاءِ عزت افزائي ٿي سمجهيو. ريلون بيھجي ويون، رستن تي وڻ وڍي رڪاوٽون وڌيون ويون. سنڌي عوام جون اهي اکيون ڪنھن ڪڏهن ڪونہ ڏٺيون هيون، جن ۾ صدين جا سور سمايل هئا. پيڙهيل ماڻھو پاڃارين جي پيڙا مان جان ڇڏائي، پنھنجي پڳ ۽ پوتيءَ جي حرمت جي حفاظت ٿي ڪئي.
مان سکر بار ۾ ويٺو هئس تہ ڪنھن ٻڌايو تہ رشيد ڀٽي گرفتار ٿي ويو. مان بار مان نڪري گهر آيس تہ ڪنھن چوايو تہ منھنجو نالو بہ گرفتار ٿيڻ وارن ۾ آهي. مان منڍ کان جيل وڃڻ کان لنوائيندو آيو هيس. سو بريف ڪيس ۾ ڪجهہ ڪپڙا، ڪجهہ ضرورت جون شيون وجهي حيدرآباد هليو آيس. حميد سنڌي وڏي دل ڪري گهر ۾ رهايو. شام جو روز ڪچھريون ٿيڻ لڳيون. شمشير، جمال رند، ۽ ٻيا ڪيترائي دوست روزانو ايندا هئا ۽ رات جو دير تائين ڪچھري ٿيندي هئي. شمشميرروزانہ ”مھراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو هو. هن اخبار جي سرڪيوليشن چند سون مان هزارن تي اچي پڄائي. سنڌي اخبارون، سنڌي عوام سان پنھنجي مالڪن جي مرضيءَ جي خلاف عوام جو ساٿ ڏيڻ لڳيون، جنھن تي حڪومت فقط سنڌي اخبارن کي سينسر ڪرڻ شروع ڪيو، شمشير روزانو هڪ باڪس نيوز هلائڻ شروع ڪئي تہ ”فتاح ملڪ غائب، پوليس جي ڇاپن کي اڄ نائون ڏينھن.“ ايتري ۾ حيدرآباد جي ڪمشنر حميد کي آگاھہ ڪيو تہ ” يا تہ همراھہ کي چئوس تہ واقعي گم ٿي وڃي يا وري اچي پيش پوي.“ ڀٽيءَ کي نارا جيل ۾ رکيو ويو ۽ ڪافي تڪليفون ڏنيون ويون. ڪافي دوست اڳ ۾ ئي جيل هليا ويا. مون بہ فيصلو ڪيو تہ هلي آڱر وڍائي شھيد ٿيان نہ تہ تاريخ ڏاڍو بڇڙو ڪندي. سو سکر هليو آيس ۽ پوليس کي نياپو ڪيم تہ مان گرفتاريءَ لاءِ حاضر آهيان.
اڌ رات مھل منھنجي گهر جي چؤگرد پوليس جا وڏا وڏا اٽالا پھچي ويا. مون بريف ڪيس ٺاهي رکيو هو سو لھي آيس. ڪو مھر صوبيدار هو. ڏاڍي فضيلت سان ٿاڻي تي هڪ کٽ ڏنائين جتي مان اچي سمھي پيس. صبح جو سنتري جيڪو مھر هو. اهو پنھنجي گهران چانھہ ۽ اڦراٽو پچرائي کڻي آيو. منجهند جو منھنجي گهران ماني آئي، پاڙي ۾ آفتاب بلوچ جو گهر هو. آفتاب منھنجي لا ڪاليج جي پروفيسري جي ايام ڪاري ۾ منھنجو شاگرد هو، سو گهران ٽيبل فين، ٿرماس ۽ ٻيون ضرورت جون شيون کڻي آيو. ڪافي دوست ۽ مائٽ ملڻ ٿي آيا. هر ڪنھن جي هٿ ۾ مٺائي ۽ فروٽ ضرور هوندو هو، جيڪو مان سپاهين کي ڏئي ڇڏيندو هيس. هو پاڻ ۾ اهو ڳالھائيندا هئا تہ ”يار جڏهن ڪو وڏو ماڻھو ٿو گرفتار ٿئي تہ کائڻ لاءِ چڱو ڪجهہ ملي ٿو.“
سپاهين جا ڪوارٽر هڪ کٽ رکڻ جيتري ڪمري، اگهاڙي ڇت ۽ ڀڳل فرش تي مشتمل هئا. ٻار اڪثر اگهاڙا ۽ بکايل هوندا هين. منھنجي ڀر واري ڪمري مان جمنا جو ڪمرو هو، جمنا جي سس ۽ سندس مڙس رامون چئن يا پنجن ٻارن سان رهندا هئا. رات جو گرميءَ سبب مان، سپاهي، جمعدار، رامون ۽ ان جو خاندان ٿاڻي جي اڱڻ ۾ سمھندا هياسون. جمنا ۽ رامون ٻار پنھنجي پوڙهي ماءُ حوالي ڪري ڪنھن نئين ٻار کي جنم ڏيڻ لاءِ سڀني جي سامھون ڪمري ۾ واڙجي ويندا هئا. جنھن تي سپاهي ۽ جمعدار ڏاڍو ناراض ٿيندا هئا. هو ويچارا چپ ڪري ٻھارا هٿن ۾ کڻي صفائي ڪرڻ لڳي ويندا هئا.
سڄي ٿاڻي تي فقط هڪ ئي ماڻھو وٽ ريڊيو هو، جنھن مان سڀئي ڪن لائي بي بي سي ٻڌندا هياسين. ريڊيو دراصل ملڪيت ئي هئي رامونءَ جي، جنھن کان زوري کسي سپاهي وڄائيندا هئا. سپاهين جون زالون شام جو سينگارجي جمنا سان گڏجي جيڪا پڻ رات جي راڻي ٿي پوندي هئي. پاڙي ۾ ٽي وي ڏسڻ جي بھاني نڪري وينديون هيون ۽ اڌ رات جو ٽھڪڙا ڏينديون واپس اينديون هيون. سندن مڙس شاليمار سئنيما جي داداگيرن سان چرس جا سگريٽ ڇڪي اچي کٽن تي اونڌي منھن ڪرندا هئا. سندن زالن کي هنن جي ڪا گهرج ڪونہ هوندي هئي. هو بہ جمنا سان آرس ڀڃي اينديون هيون. جنھن جاءِ تي مان ويٺو هيس ۽ يا جتي پوليس اسٽيشن هئي. اهو کرڙيءَ جو ميدان هو، جتي سنڌ جي جوڌن ڪيئي جنگيون جوٽيون هيون. احمد شاھہ ابدالي، مدد خان، نادر شاھہ، علاؤالدين خلجي، شاھہ بيگ ارغون، شاھہ شجاع ۽ مغلن جي يلغار کي منھن ڏنو هو. شڪستون ٿيون هيون پر قبول ڪونہ ڪيو هيائون. ڪنڌ ڪپيا هئا پر جهڪيا ڪونہ هئا. پريان درياءُ هو، ان جي وچ ۾ بکر جو ٻيٽ هو، جتي دارا شڪوہ اچي پناھہ ورتي هئي. درياءَ جي هن پاسي اروڙ هو، جتي محمد بن قاسم ۽ ڏاهر جي وچ ۾ جنگ ٿي هئي. سنڌ باب الاسلام ٿي وئي. سپاهين جون للڪاريون ۽ گهوڙن جون هڻڪارون هيون. ٽيئر گئس ۽ گولين جا ٺڪاءَ هڪ ٻئي ۾ وچڙي مون کي سڄي رات سمھڻ ڪونہ ڏيندا هئا. عيد هجڻ ڪري مون کي ٿاڻي تي رکيو ويو هو، جو جيل بند هيو. منھنجو سھرو محترم و مرحوم فقير محمد ڏهر ان وقت سنڌ حڪومت ۾ هوم سيڪريٽري هو، کيس جڏهن منھنجيءَ گرفتاريءَ جي خبر پئي تہ منھنجي ڀاءُ سان گڏجي اچي سکر نڪتو. ٻاهران ئي ٻاهران ڊپٽي ڪمشنر وٽ معافي نامو لکي ڏئي آيو ٿاڻي تي، سپاهين سمجهي ورتو. ”سائين معافي نہ وٺجو“ پر هي تہ ڪم ئي لاهي آيا هئا. مان آزاد ٿي جڏهن گهر پھتس تہ سڄو گهر مھمانن سان ڀريو پيو هو. ڪنھن روئي ڏنو، ڪنھن ٿڌا ساھہ ڀريا، مان سينو تاڻي پنھنجي بھادري جو مظاهرو ڪندو رهيس، رشيد ڀٽي ڏاڍو دير سان آزاد ٿيو. سندس والد صاحب مولوي عبدالحميد ڀٽي جيڪو اڳ پٽ جو هم خيال نہ هوندو هو سو ساڳي ڳالھہ ڪرڻ لڳو تہ ”هي فاتح ٿي آيا آهن. ” هڪ دفعي سيد سڳورو سنڌ جو چيف منسٽر ٿيو، ضياءُ الحق ۽ ان جي رفقاء هڪ منصوبو تيار ڪيو، جنھن تحت سنڌ ۾ هڪ دهشتگرد لساني تنظيم جوڙي وئي. ان تنظيم جو سربراھہ اعلان ڪيو تہ ”ٽي وي وڪڻي ڪلاشنڪوف وٺو“ اسان جي قوم پرستن پنھنجي ڪوتاهين سان علمي ادارن ۾ جيڪو ماحول جوڙيو هو، ان انھيءَ تنظيم جي ارادن جي آبياري ڪئي. سکر جو جيل ٽوڙايو ويو، خطرناڪ قيدين کي سرڪاري گاڏين ۾ کڻي وڃي ٻيلن ۾ منظم ڪري هٿيار ڏئي غريبن کي لٽڻ جي ترغيب ڏني وئي ۽ ڏهڪاءُ جو ماحول جوڙيو ويو. سنڌ کان بدلي وٺڻ لاءِ هڪ طرف شھري دهشتگردي ۽ ٻھراڙين ۾ ڌاڙيلن کي اڳتي آڻي بدامني جي ازدها اڳيان اڇليو ويو، منھنجي پٽ جي شاديءَ دوران منھنجي گن مئن کان گهوٽ جي دوستن سرڪاري هٿيار کسي ڪجهہ هوائي ٺڪاءَ ڪيا. ٻي ڏينھن گن مئن منھن لڙڪائي اچي بيٺو تہ سندس سرڪاري گوليون ڪٿان پوريون ٿين؟ ”بازار مان وڃي وٺي آءُ“ مون کيس چيو. ”سائين اهي سرڪاري ميڪ جون گوليون بازار ۾ ڪونہ ملنديون آهن، اهي سرڪاري طور هيڊڪوارٽر مان ملنديون آهن.“ مون هڪڙي پوليس جي عملدار کي چيو، هن کتو جواب ڏنو. ”ملڪ صاحب هي ناممڪن آهي. هينئر توهان جو گن مئن ڪوارٽر گهاٽ ٿيندو.“ ايتري ۾ منھنجو هڪ اصيل آيو. اچڻ شرط گولين سان ڀريل ٻُڪ اچي اڳيان رکيائين. گن مئن خوشيءَ ۾ نہ پيو ماپي، سرڪاري گوليون ملي ويون.