مظلوم قومن جي جدوجھد
بلوچستان تي فوجي آپريشن ڪيو ويو ۽ سمورا سردار جن پنھنجي وسيلن کي آزاد ڪرڻ جي گهر ڪئي، ڪي ماريا ويا، ڪي گرفتار ڪيا ويا. نوروز خان جا پٽ ۽ پوٽا ڦاهيءَ چاڙهيا ويا. بنگال جيئن تہ اڪثريت ۾ هو پر ان کي بہ اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ کان لنوايو ويو.
ملڪ تي سول ۽ فوجي نوڪر شاهيءَ مڪمل قبضو ڪري ورتو، وڏيرا سڀ جي جوءِ ! ”کدڙي جو جهيڙو ماءُ ۽ ڀيڻ“ واري مثال وانگر اهي پنھنجن کي پيڙهين ۽ پيڙاهائن.
جيئن تہ سول ۽ فوج تي گهڻي ڀاڱي پنجاب جو قبضو آهي ان ڪري سڄي پاڪستان ۾ هر ڏاڍ ۽ ظلم ۾ پنجاب پيو نظر اچي، بندوق جيڪا فوجيءَ جي هٿ ۾ هئي، اها بہ ڄڻ پنجابي جي هٿ ۾ ٿي لڳي.
بنگال بلوچستان، سرحد (خيبر پختون خواھہ) ۽ سنڌ پنھنجا پنھنجا انقلابي ليڊر پيدا ڪيا. بنگال ۾ شروع ۾ فضل حق، مولانا ڀاشاني، خيبر پختونخواھہ ۾ خان عبدالغفار خان، بلوچستان ۾ مري، مينگل، بگٽي ۽ بزنجو، سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدربخش، جي ايم سيد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري اڳڀرا هئا، پريس جي پابندي جي ڪري عوامي رابطا مشڪل هئا.
لياقت علي خان آئين آڻڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون. هندستان کان گهڻي ڀاڱي جيڪي مھاجر آيا. انھن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو، هندن جون ڇڏيل ملڪيتون بہ انھن کي مليون. اهڙا قانون پاس ڪيا ويا، جن جي ڪري ڪوبہ سنڌي هندن جي ملڪيت الاٽ نہ پيو ڪرائي سگهي.
1951ع ۾ لياقت علي خان کي قتل ڪيو ويو، ڪجهہ وقت خواجہ ناظم الدين جيڪو بنگالي هو ۽ پوءِ چوڌري غلام محمد گورنر جنرل پاڪستان مقرر ٿيو، بعد ۾ چوڌري محمد علي وزيراعظم پاڪستان ٿيو، جنھن ون يونٽ جو منصوبو ٺاهيو. غلام محمد پاڪستان جي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. سندس اهڙي قدم کي ان وقت جي اسپيڪر مولوي تميز الدين جيڪو بنگالي هو، سنڌ جي چيف ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. سنڌ جي چيف ڪورٽ گورنر جنرل جي حڪم کي رد ڪري ڇڏيو. حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي وئي. ان وقت چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس منير هو، جيڪو پنجابي هو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي جي هڪ هڪ رپورٽ باقاعدگيءَ سان گورنر جنرل چوڌري غلام محمد کي پھچائيندو هو، جسٽس منير گورنر جنرل جي اسيمبلي ٽوڙڻ واري فيصلي کي اهو چئي حق بجانب قرار ڏنو تہ اهو فيصلو ”نظريہ ضرورت“ تحت ٿيو آهي، ان فيصلي ۽ فلسفي جي ڪري جيڪي بہ ملڪ تي فوجي حڪومتون آيون ۽ آئين کي ٽوڙيو ويو، انھن قدمن کي پاڪستان جي اعلى عدالتن جسٽس منير جي فيصلي کي بنياد بڻائي ”حلال“ قرار ڏنو، ان وقت حيدر بخش جتوئي هڪ پمفليٽ انگريزي ۾ لکي ڇپرائي ورهايو، جنھن جو عنوان هو: Injustice By Chief Justice اهو پمفليٽ جناب محمود علي قصوري وڃي جسٽس منير جي ٽيبل تي رکيو، جنھن پڙهيو تہ سھي پر ان تي ڪو قدم کڻڻ کان لنوائي ويو.
ورهاڱي کان اڳ گڏيل پنجاب وٽ پنج درياءَ هئا. ورهاڱي وقت ٻہ ڀاڱي ٽي پنجاب پاڪستان ۾ ۽ هڪ ڀاڱي ٽي هندستان هليو ويو. ٿيڻ اهو کپندو هو تہ ٽي درياھہ پاڪستان کي ۽ ٻہ هندستان کي ملڻ کپندا هئا پر نوڪر شاهي ۽ سندس حريفن ون يونٽ جو فائدو وٺي قبضو ڪري ورتو. سنڌو درياھہ جيڪو سنڌين جي زندھہ رهڻ جو واحد ذريعو هو اهو بہ کسجي ويو.
ان وقت ڪنھن سنڌي سياستدان ٻڙڪ بہ ڪانہ ڪڇي. سنڌي انجنيئرن ڪجهہ گوڙ ڪيو پر انھن کي بہ خاموش ڪيو ويو.
مرحوم شير محمد بلوچ جيڪو ان وقت آبپاشي کاتي ۾ بالا آفيسر هو، تنھن ”پاڻي منجهہ پساھہ“ نالي ڪتاب لکي ڇپرايو، جنھن ۾ ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ حقيقتون بيان ڪيل آهن ۽ انگن اکرن کان علاوہ رڪارڊ جا اوتارا بہ ڏنا اٿائين.
انھيءَ ڪتاب تي بندش پيل آهي.
اسان جي سنڌي وزيرن مان هڪ مک همراھہ جيڪو بعد ۾ قدرتي وسيلن جو وزير ٿيو، ان تہ چشما لنڪ ڪئنال بہ کولي پنجاب جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ سنڌ طاس معاهدو ڪري سنڌوندي تي بہ قبضو ڪيو ويو. جيئن جو ان وقت سنڌ صوبو ڪونہ هو ۽ فقط پاڪستان ۾ ٻہ صوبا هئا. هڪ مغربي ٻيو مشرقي. مشرقي جو تہ درياھہ ڪونہ ٿي ورهايو ويو، باقي سنڌوندي کسجي وئي، اهي زيادتيون ۽ ٻيون انيڪ ڳالھيون. سنڌين کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ سجاڳي سلسلي واري پمفليٽ ۾ لکيون وينديون هيون.
بلوچستان جي ماڻھن ۽ انھن جي سردارن پنھنجن حقن لاءِ آواز اٿاريو پر انھن تي زبردست فوج ڪشي وئي. جنھن جي نتيجي ۾ ڪيئي بلوچ ماريا ويا ۽ ڪجهہ پھاڙن تي چڙهي مقابلو پيا ڪن، بلوچ سردار اڪبر خان بگٽي (جنھن کي مشرف جي دؤر ۾ قتل ڪيو ويو)، عطاءُ ﷲ خان مينگل، خير بخش مري ۽ ٻيا سون جي تعداد ۾ گرفتار ٿيا. جنرل موسى دوکو ڪري بلوچ سردارن سان قرآن شريف تي ڳالھيون ڪرڻ جي وعدي تان ڦري ويو ۽ بعد ۾ نوروز خان جا پوٽا ڦاهي چاڙهيا ويا ۽ بلوچن جا مطالبا رد ڪيا ويا.
ڪامريڊ حيدر بخش هڪ پمفليٽ جيڪو ”چوڌري محمد علي جو ون يونٽ متعلق خفيہ دستاويز“ جي نالي چپرائي ورهايو، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جو ان وقت جو ليڊر قاضي صاحب کانئس اهو پمفليٽ کسي نالي ۾ اڇلايو ۽ ڪامريڊ کي بہ ڌڪا ڌوڻا ڏنا ويا. جيڪو بعد ۾ وڃي پٽ تي ڪريو. ان ڳالھہ جو شاگردن تي ڪافي اثر پيو ۽ انھن ۾ ڏاڍو تاءُ حڪومت جي خوف کان ڪير ڪڇي ڪونہ سگهيو.
شوڪت برادرس منھنجي نئين هاسٽل جو نالو هو. اسر ويل اوچتو سليم خواجہ در کڙڪايو. مون ڪمري جو دروازو کوليو. سليم خواجہ بستري واري چادر واري هڙ مٿي تان کڻي اڇلائي ۽ ٻي کٽ تي وڃي سمھي رهيو، ان هڙ ۾ اهي سمورا پمفليٽ هئا، جيڪي ڪراچي مان هو ڇپرائي کڻي آيو هو.
مون تي اهو بار رکيو ويو تہ اهي مان لڪائي رکان ۽ جيڪو شاهينگ جمال رند جي لکت ۾ چٺي آڻي تہ اوتريون چوپڙيون ان جي حوالي ڪيان جيڪو وڃي پاڻ ورهائيندو. گهڻي ڀاڱي ڄام ساقي جيڪو ان وقت نوجوان هو ۽ بي اي جو شاگرد هو، وٺي ويندو هو ۽ اٽڪل سان ڪاليجن ۾ ورهائي ايندو هو، اهي چوپڙيون هو شلوار جي ور ۾ لڪائي کڻي ويندو هو.
منھنجي هاسٽل جي سمورن ڪمرن ۾ بجلي تہ هئي پر هوائي پکو ڪونہ هو. جوابي سوالي دريون هيون جن مان هوا ايندي رهندي هئي. لطيف چنو ٻي ڪمري ۾ شفٽ ٿي ويو. مالڪ مڪان ڏاڍو شريف ماڻھو هو. ان لطيف جي حالاتن کي ڏسي کانئس ڪرايو وٺڻ ڇڏي ڏنو.
مون واري ڪمري ۾ مظھر علي علوي (شڪارپور وارو) مون سان اچي پارٽنر ٿيو، هو اها ڳالھہ تسليم نہ ڪندو هو تہ ڪڏهن فوجي حڪومت ويندي يا سنڌ صوبو وري بحال ٿيندو.
مان بازار مان چار پنج ڪپڙي جون چڊيون وٺي آيس. پنجن سالن جا پرچا بہ ڀاءُ وٺرائي ڏنا. ڇاپي والا سيريز وٺي اچي ڏينھن رات پڙهائي کي لڳي ويس. هر آچر تي ڪڏهن مان ڪڏهن منھنجو ڀاءُ جبار ايندا ويندا هئاسين. ادا غفار سار سنڀال لھندو هو.
منھنجي ڪمري تي جمال رند مرحوم محمد صديق کرل، ابراهيم شاھہ بخاري، حميد سنڌي غياث جوڻيجو ايندا هئا ۽ مون وٽ رکيل ”ڀڳڙا“ جنھن کي Dry Fruit سڏيندا هئاسين کائيندا هئا.
منھنجي ملاقات جمال رند، شير محمد مري، جيڪو بعد ۾ جنرل شيروف جي نالي سان مشھور ٿيو سان ڪرائي شير محمد حيدرآباد اسٽيشن ويجهو تاج هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ رهندو هو. هي بہ بلوچ اڳواڻ هو ڏاڍو پڙهيل ۽ رعبدار شخص هو ڀٽو صاحب جيڪو ان وقت سنڌي ايوب خان جي ڪابينا ۾ اهم وزير هو، حيدرآباد گهڻو اچڻ لڳو ۽ سنڌي شاگرد جيڪي خوش پوش ۽ انگريزيءَ جي سٺي ڄاڻ رکندا ۽ ڳالھائيندا هئا تن سان تعلقات رکندو هو. قاضي برادران سندس ڏاڍي خدمت ڪندا هئا. قاضي صاحبان وٽ اخبارون هيون، سئنيمائون ۽ انھن تي دادا جن جي زور تي يونيورسٽي جي شاگردن ۾ ڏهڪاءُ هوندو هو. قاضي صاحبن جا فرزند وڏي شان مان سان ۽ وڏي اٽالي سان يونيورسٽي ۾ ايوب خان جي حمايتي سياست ڪندا هئا. سندن هوٽل ۾ ڀٽي صاحب لاءِ ”خاص“ ڪمرو رکيو ويو جنھن ۾ هو اڪثر اچي رهندو هو.
ان وقت سنڌي اخبارن جي ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ ڪا سياسي خبر لڳندي هئي نہ تہ يا ڌيان طلب يا وري ايوب شاهي جو حڪومتي موقف.
گرامي صاحب سان بہ اتي ملاقات ٿي، جيڪو رفيق شاھہ واري اوطاق جي مٿان فقيري حال ۾ رهندو هو.
محترم محمد ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، تنوير عباسي جيڪو ان وقت ميڊيڪل پڙهي چڪو هو ۽ هائوس جاب پيو ڪري، تنوير محترمہ قمر سان اڃان شادي نہ ڪئي هئي پر تڏهن بہ گڏجي هڪ ڪلينڪ کولي هيائون. جنھن تي الڳ الڳ بورڊ هڻي ۽ وچ ۾ هڪ پردو ڏئي ڇڏيو هيائون. انھن سان اتي اليڪ سليڪ ٿي ۽ پوءِ گهرائي ٿي وئي . ناصر مورائي شمشير الحيدري نياز همايوني سان بہ سلام دعا ٿي وئي.
ڇاڪاڻ جو سنڌ ۽ سنڌين جو موقف هوريان هوريان مختلف طريقن سان اچڻ لڳو ۽ بلوچ ليڊرن مان ڪيترائي سنڌ ۾ اچي ويا ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بہ هاري ڪاميٽي کي سرگرم ڪرڻ لڳو ۽ سنڌي شاگردن ۾ بہ ڪجهہ چرپر ٿيڻ لڳي تہ حڪومت جا ادارا بہ متحرڪ ٿيڻ لڳا. ان وقت سنڌي اخبارون ان وقت جي سنڌي وزيرن جون اهي تصويرون جن ۾ سنڌي زبان ٻولي، ڪلچر جي مخالفت هجي وڏين سرخين سان شايع ڪرڻ لڳيون.
انھن وزيرن ۾ در محمد اوستو تہ سنڌ ۽ سنڌين خلاف لٽا لاهي ڪڍ پئجي ويو. اگهاڙو ٿي سنڌ ۽ سنڌين جي خلاف ون يونٽ جي حمايت ۾ تحريڪ پيو هلائي.
ان وقت سرهاري ۾ هاري ڪانفرنس ٿي، جنھن ۾ اسان پمفليٽ ورهايا. ماڻھو گهٽ پوليس گهڻي هئي. ڪامريڊ حيدر بش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد ۽ محترم علي محمد مطاهر جعفري ڏاڍيون سٺيون تقريرون ڪيون ۽ اسٽيج تان ئي گرفتار ٿي ويا.
باقي اسان چوپڙيون ورهائي لڪي ڀڄي آياسين. اسان ابراهيم شاھہ بخاري کي سنڌ يونيورسٽي جي يونين جو صدر چونڊرايو، سندس مقابلو هڪڙي قاضي صاحب سان ٿيو. ان اليڪشن دوران قاضي صاحب سان مرحو محمد صديق کرل جو ڏاڍو خراب جهڳڙو ٿي پيو، هو ڪيترائي ڏينھن سئنيمائن جي داداگيرن کان لڪل هو پر پوءِ ٺاھہ ٿي ويو، وري ٻي دفعي نيڪ محمد شيخ صدر چونڊيو، اهو بہ اسان جي گروپ جو هو.
ان جو فائدو اهو ٿيو جو يونيورسٽي ۾ مشاعرا ٿيڻ لڳا ۽ شاھہ لطيف جي پناھہ ۾ سنڌين کي گڏ ڪرڻ جا بھانا ملي ويا. اديبن يونيورسٽي کي پنھنجي تحريڪ جو مرڪز بڻايو.
آخر يونيورسٽي جي شاگردن جو هڪ وفد سنڌ جي دوري تي نڪتو، ان وقت جي سنڌي وزيرن سان ملياسين، کين گذارش ڪئي سون تہ گهٽ ۾ گهٽ سنڌي وزير سنڌ ۽ سنڌين خلاف ۽ ون يونٽ جي حمايت ۾ بيان بازي نہ ڪن. هنن اهو وعدو ڏنو تہ آئندہ اهڙي ڳالھہ نہ ٿيندي.
ڀٽي صاحب ۽ سنجراڻي وعدي خلافي نہ ڪئي اوستو صاحب نڙ ۽ پڇ واري ڪار ڪئي. سنڌ ۽ سنڌين خلاف گارگند تي لھي آيو.