شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

صوفي آسورام هالا جي ادبي تاريخ جو روشن ستارو

ھالا جي ادبي تاريخ لڳ ڀڳ ڇھين صدي تائين ڦھليل آھي. ان جي رنگن ۾ لوڪ، ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، عروضي توڙي جديديت جھڙا عڪس ۽ اولڙا موجود آهن. اھڙي اِتھاس جا اڄ بہ ڪيترائي پنا اھڙا آھن جيڪي اڃان تائين اکين کان اوجهل آھن. ادب جي اھڙن گم ٿيل ورقن  ۾ صوفي آسورام(1854-1941ع) بہ ادب جو اھڙو ئي ھڪ باب آھي، جيڪو اسان کان وسري ويو آھي. لک شابس ھجي سندس تڙپوٽي آڪاش آسواڻي کي جيڪو صوفي آسورام جو ڪلام ھڪ ڀيرو ٻيھر سھيڙي وڏي محنت، جفاڪشي ۽ مٿاڪٽ کان پوءِ پڌرو ڪري رھيو آھي. صوفي آسورام جو ذڪر لڳ ڀڳ ٽيھارو سال اڳ مون سوز ھالائي کان ٻڌو، پوءِ ان ڪجهہ ھٿ لکيل صوفي جو ڪلام بہ منھنجي حوالي ڪيو. اھڙي ريت ’ديوان آسو‘(1897ع) بہ پڙھڻ لاءِ فوٽو ڪاپي ھٿ ڪيم. ڪجهہ وقت کان پوءِ پنھنجي شاگرد آڪاش کان معلوم ٿيو تہ ’صوفي آسورام‘ سندس تڙڏاڏو آھي. ھن نوجوان کي سندس ڪلام گڏ ڪرڻ جو دلي شوق ھو. ھن ڪجهہ وقت ۾ صوفي صاحب جو ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪلام ھٿ ڪري آڻي منھنجي سامهون رکيو ۽ نئين سِر ترتيب ڏئي شايع ڪرائڻ لاءِ چوندو رھيو. ايترو سارو شعري ذخيرو تہ ھر حال ۾ ضايع ٿيڻ کان بچائڻو ھو. حالتن جي ستم ظريفي جي باوجود صوفي صاحب جي ھٿ لکيل ڪلام جا ٽئي مجموعا محفوظ رھيا ۽ اسان تائين پھتا، اول انهن کي ترتيب ڏيڻ ۽ ايڊٽ ڪرڻ جو ارادو ڪيم، آڪاش مڪمل ساٿ ڏنو. ھن ٿوري وقت ۾ انهن جي سافٽ ڪاپي تيار ڪري منھنجي حوالي ڪئي. وقت گذرندو ويو. آڪاش بہ چوندو رھيو. ھو بہ روزگار سانگي اسلام آباد وڃي پھتو ۽ مون بہ اچي ڄام شوري جي ھوائن ۾ ساه پٽيو. ھُو ھر وقت صوفي صاحب جي ڪلام شايع ڪرائڻ لاءِ بيچين ھو. ان سبب ڪجهہ وقت ناراض بہ رھيو ۽ پري بہ رھيو. مون صوفي  صاحب جي ڪلام تي ڪم نہ ڪيو. ھن جي بيچيني ھن کان قلم کڻايو ۽ اڄ مون کي خوشي آھي تہ آڪاش ”ديوان آسو“ نئين سري سان ترتيب ڏئي اسان تائين آندو آھي. ھن ڪم دوران آڪاش جيتري جدوجھد ڪئي آھي آئون ان ڳالهہ جو گواه آھيان. وقت جا فيصلا درست ھوندا آھن. آئون چاھڻ باوجود صوفي آسورام تي ڪم نہ  ڪري سگهيس. آڪاش ڪري ڏيکاريو. ھا البتہ سنڌ يونيورسٽي ۾ BS سنڌي جي آخري سال ۾ ’سنڌي ويدانتي شاعري‘ جو ڪورس رکيل آھي، جنھن ۾ صوفي آسورام بہ شاگردن کي پڙھائڻو ھوندو ھو. اڳ ان بابت مختصر معلومات يا شاعري جي اڻھوند سبب ان بابت گهڻي گفتگو نہ  ٿيندي هئي، جنھن سبب شاگردن جو صوفي صاحب جي شاعري بابت ڪو شوق پئدا نہ ٿيندو ھو. مون ان ڪورس ۾ ’صوفي آسورام‘ کي تفصيل سان پڙھائڻ شروع ڪيو. جنھن ڪري ھو شاگردن سان ھڪ ڀيرو ٻيھر روشناس ٿيڻ شروع ٿيو.

صوفي آسورام، صوفي شاه عنايت جي فڪر سان سلهاڙيل ھو. پيشي جي لحاظ سان استاد ھو. حڪمت بہ ڄاڻيندو ھو. راڳ ويراڳ سان بہ دل ھوندي ھيس. اندر ۾ ڪا دونھي دکيل ھوندي ھيس. سڀني مذھبن، فرقن سان انسيت رکندڙ ۽ احترام ڪندڙ ھو. پنھنجي جنم ساکي پاڻ لکي پنھنجي ڪرت، شغل، مزاج، طبيعت، حاصلات، مقصد ۽ مرشد بابت پاڻ ئي سڀ ڪجهہ چٽوپٽو چئي ويو آھي. اھا جيون ساکي سندس حياتي جو نہ  رڳو احوال آھي پر  سندس علمي، فڪري حيثيت کي ظاھر ڪري ٿي:

 

جنم ساکي

ڪرم ڪري آيو راڄ جو راڻُو، بنيو باغيچو ڀُتو ھيءُ ڀاڻُو!
1. سُرڪَ سِڪڻَ جِي ماءُ پياريُم، تَنجڻ محبت منجهہ تَنجايُم،
مليم پينگهي ۾ ڪو ڏک جو اولاڻُو!
2. اَٺن ورِھَن ۾ ٿيس ستسنگ ڀيڙو، ڪِريا ڪرم ۽ شاستر نيڙو،
ھوش انھيءَ وير ۾ ھو جو ٻاراڻُو!
3. ٻارھين ورھين ۾ ٿيو عشق مجازي، کوجڻ لاڳس: بَنِي ڪيئن بازي؟
سُور سرير ۾ ھو جو ساماڻُو!
4. ارڙھين ورھين ۾ ’اِنجيل‘ پڙھيُم، فھم سان ’فُرقان‘ جو مَتُ سوجهيُم،
لوڪ نِدا جو کنيُم سِرَ تي ھلاڻُو!
5. ويھن ورِھَن ۾ سڀ ڌرم سڃاتم، ستگُر ڍونڍڻ جو ڄاڻ ڄاتم،
دلڙِي اُداسِڻ، من ھو نماڻُو!
6. ٻاويھين ورھين ۾ اچي ستگُر مليو، ڀاڳ نِڌر جو نرمل کليو،
وَرَ جي ملڻ ڪارڻ ھوس ويڳاڻو!
7. پنجويھين ورھين ۾ صوفي صاحبَ، غير ڪڍي چِتَ مان ڪيائين غائبَ،
’سُرتِي، شبد‘ جو ٿيو مَنَ ۾ ملاڻو!
8. ٽيھن ورھيَنِ کان آفت ٽارَي، جوڳ اڀياسَي چُست چِتارَي،
دوستُ دِکايائين دل ۾ ڌِڱاڻو!
9. چاليھن ورھين کان پِرَگهٽ ٿيَڙس، وَسِوَسو وھم سڀوئي ويَڙس،
مَنَ ٿِرِ ورتو ھڪ ھنڌ ۾ ٽِڪاڻُو!
10. ’آسُو‘ چوي ويکان ساجن ساڳيو، ديپڪ جوتِ جو دل ۾ جاڳيو،
جنم مرڻ جو ويو ڀيرو ڀلاڻُو!
 

’صوفي آسورام‘ شعر جي ڪيترن ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي. جن ۾ غزل، قصيدا، مثنويون، وايون، ڪافيون، ڀڄن، شبد، آرتيون، اشلوڪ، بيت، دوھا، رباعيون، مخمس، قطعا، ٽيھ اکريون ۽ ٻاونجاه اکريون شامل آھن. يعني ھو شعر جي علم کان چڱي ريت واقف ھو، ۽ ھڪ ئي وقت تي ايترين سارين صنفن ۾ شعر چيائين. سندس ٽنهي شعري تصنيفن، (1) ديوان آسو، (2) ويراڳ نامو، (3) رسالو آسومل صوفي ۾ سندس ڪل 2250 کان وڌيڪ شعر موجود آھي. 

رِي فضل آگي جي، ’آسو‘ ناه نِيت
ڪيئن پوي اڳڙي، جو ڦاٽي پيوءِ اُڀ؟

 ’ديوان آسو‘ صوفي صاحب جي غزل جو مجموعو آھي، جيڪو ھن سال 1897ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ سال 1934ع/1935ع ۾ پھريون ڀيرو شايع ٿيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌريل/وڌايل ڇاپو آھي. جنھن ۾ ڪُل 160 غزل موجود آھن. ھن ڪتاب جي جُڙڻ تائين سنڌي غزل جا ھيٺيان ديوان شايع ٿي چڪا ھئا:

  1. ديوان گل - 1858ع

  2. ديوان فاضل - 1873ع

  3. ديوان قاسم - 1875ع

  4. ديوان بلبل - 1891ع

  5. ديوان سانگي - 1893ع

يعني صوفي صاحب آڏو سنڌي غزل جي صورت بلڪل چٽي ۽ واضح موجود ھئي. ھن جي جنم جي ٺيڪ چار سال کان پوءِ سندس ئي ڳوٺ جي خليفي گل محمد ’گل‘ ھالائي جو سنڌي غزل جو ديوان بمبئي جي محمد حُسين پُٽ محمد سليم جي ڇاپخاني مان شايع ٿيو، جيڪو خليفي صاحب حج تي ويندي پاڻ شايع ڪرايو هو. ان ئي ’ديوان گل‘ کي سنڌي ادب ۾ سنڌي غزل جي پھرئين شايع ٿيل ديوان جي حيثيت حاصل آھي. ان کان پوءِ ھالا پراڻا جي آخوند قاسم ھالائي جو ديوان قاسم شايع ٿيو. يعني ’ديوان آسو‘ سنڌي شاعري ۾ شايع ٿيل ڇھون ديوان ۽ ھالا جي شاعرن ۾ کيس ٽيون ’صاحبِ ديوان‘ شاعر جو اعزاز بہ حاصل آھي.

غزل جو موضوع ۽ لھجو نمايان ۽ جدا آھي. ابتدائي سنڌي غزل ان خوبصورتي کي قائم بہ رکيو آھي تہ ڪٿي ڪٿي منجهس ڪافيءَ جو رنگ بہ محسوس ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ تہ سنڌي ۾ غزل چوندڙ ابتدائي شاعر ڪافي جي ويجها رھيا آھن. خليفي گل جي مڪمل علمي اوسر پير ڳوٺ ۾ ڪافيءَ جي شاعر پير علي گوھر شاه ’اصغر‘ وٽ ٿي. جتي خليفو نبي بخش ۽ عبدالله  ڪاتيار جھڙا ڪافيءَ جا شاعر پڻ موجود ھئا. خليفي گل پاڻ بہ  ڪافي چئي آھي. ھُن فارسي ۾ بہ ڪجهہ  شعر چيو. صوفي آسورام جي غزل مان اسان کي ڪافيءَ جي رچاءَ  جو رس اچي ٿو، جيڪو اُن ڪري بہ  سڀاويڪ آھي، جو ڪافي چوندڙ شاعر ان جو رچاءُ رِدم تي رکي ٿو ۽ پنھنجي ٻوليءَ ۾ چئي ٿو، غزل ڌاري ٻوليءَ مان آيل صنف آھي. ابتدائي سنڌي غزل گو شاعرن اُن جو رچاءُ ان ئي زبان ۾ رکڻ بجاءِ اُن کي ڪافيءَ جي اثر ھيٺ سنڌي ۾ آندو آھي. اھو محض ان ڪري اتفاق نظر اچي ٿو، جو جن شاعرن جي علمي تربيت يا اوسر ڪافيءَ جي رنگ ۾ ٿيل ڏسجي ٿي، انهن  جي غزل تي  فارسي اثر بنهہ گهٽ آھي ۽ جن شاعرن جو ڪافيءَ سان تعلق نہ رھيو ۽ ھُنن غزل چيو تہ انهن جي غزل تي فارسي جو اثر نمايان نظر اچي ٿو.

صوفي آسُوءَ جي ڪلام جو بنيادي نقطو خدا، انسان ۽ ڪائنات آھي. ھو صوفين، گيانين، رشين جيان ان تي زور ڏئي ٿو. ڪائنات جي ڳجهہ تي ويچاري ٿو. غور ڪري ٿو. مالڪ جي راز رمزن تي سوچي ٿو. ھُن جي اُن سوچ، ويچار جي نتيجي ۾ سوال پئدا ٿئي ٿو. اھو سوال ھن کان پھرئين، اُن واٽ تي ھلندڙن وٽ بہ  پئدا ٿيو آھي. ھر ڪنھن اُن جو جواب ڳوليو آھي:

حڪيم جي ڏِس عجيب حڪمت، ڪيئن بنايائين کيل قدرت؟
کولي نہ سگهندو ڳُجهي ڳجهارت، اَننت جا ڪنھن نہ انت پاتا.

جھان ڇا کئون ڪيئي ھويدا؟ ڪري ڪَرائي خدائي وعدا،
سرڳ، نرڳ ڇو ڪيائين پيدا؟ اتي عقلين ڇو زور لاتا؟ 

 بندي جو اھو سوال پنھنجي مالڪ سان آھي. ھو ڄاڻي ٿو تہ سمورا اختيار اُن مالڪِ ڪُل وٽ آھن تہ پوءِ بندي جو اختيار ڇا آھي؟ قاضي قادن بہ اھو ئي سوال اٿاريو آھي:

اسين ٻانهان تون ڌڻي، پاڻو پاڻ ھي ڄاڻُ،

منڊي تُر مِيزاڻُ، ليکو ڪندين ڪَنِ سين.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 69)

ھر سوچيندڙ ذھن انسان جي تخليق ۽ ڪائنات ۾ ان جي حيثيت بابت سوچي ٿو. الله تبارڪ و تعالى ڪائنات جو ھر ذرو ڪنھن نہ ڪنھن مقصد لاءِ بڻايو آھي. انسان، فرشتا، جن ۽ ٻي جاندار ۾ انسان کي عقل، فھم، سمجهہ جي بنياد تي اشرف/ اعلى بڻايو آھي. انسان ضرورت جي بنياد تي هر روز نئين ايجادات ڪندو رھي ٿو. ھو ڪجهہ بہ نئون تخليق نہ ڪري رھيو آھي. پر ھو ڪائنات کي دريافت ڪري رھيو آھي. يعني ڪائنات جا راز جيڪي زمين ۽ آسمان جي سائنس آھن انهن تائين رسائي حاصل ڪرڻ جا جتن ڪري ٿو ۽ ڪجهہ نئون ڳولي لھي تہ  ان تي پنھنجي سمجهہ ۽ ضرورت موجب ترتيب ڏئي فائدو حاصل ڪري ٿو. اھو يقينن خدا جي منشا موجب ئي ممڪن آھي. انسان، خدا جي اعلى، ارفع مخلوق آھي. خدا ان کي سوچڻ، سمجهڻ جي سگهہ عطا ڪئي آھي. جنھن جي بنياد تي انسان ڪائنات جي ڳجهہ  کي پروڙي ٿو. ظاھر ڪري ٿو. انسان جو اھو عمل خدا جي ظاھر ٿيڻ جي برابرآھي. خدا جو ڳجهہ يعني ڪائنات جي سائنس جڏھن انسان دريافت ڪري ٿو تہ اھو خدا جي حڪمت جي ئي سبب ٿئي ٿو ۽ اھو اُن ڪري جو ’خدا پاڻ کي دريافت ڪرائي ٿو.‘ سمورا صوفي، رشي، گياني خدا کي ڳولين ٿا. ان جي راز، رمز کي پروڙڻ جا جتن ڪن ٿا. اُن لاءِ ھُو پاڻ کي مختلف عملن(Practices)  مان گذارن ٿا. ان دوران ايندڙ رڪاوٽن کي ھٽائڻ جا جتن ڪن ٿا. ھو انسان کي ئي خود ان جي وڏي رڪاوٽ سمجهن ٿا. يعني انسان ڀلائي، برائي، ڄاڻ ۽ اڻ ڄاڻائي ٻنهي سان گڏ زندہ آھي. اُن کي اُن ناسمجهي مان نڪري سمجهہ جي دنيا ۾ پير رکڻو آھي. ھو ڪَام، ڪروڌ، موه، لوڀ، اھنڪار کي انسان جا بنيادي دشمن يا رڪاوٽون سمجهن ٿا. انهن تي غَلبو ڪرڻو آھي. انهن عنصرن جي تابع ٿيڻ بجاءِ انهن تي غالب ٿيڻو آھي. اھا ئي انسان جي حاصلات ڏانھن پھرئين وک آھي. يعني اُن کان پوءِ، اُن کي ڪائنات کي دريافت ڪرڻو آھي. انهن سمورن رازن کي سمجهڻو آھي جيڪي انسان جي لاءِ ھر طرح فائديمند آھن. انسان کي انهن مان فائدو حاصل ڪرڻو آھي. خدا انسان کي اُن لاءِ پئدا ڪيو آھي. خدا انسان کي اُن لاءِ عقل، سمجهہ، شعور عطا ڪيو آھي ۽ ڏاھپ ۽ حڪمت ئي انسان کي ٻين مخلوقن کان اُن کي جدا ۽ منفرد بڻائي ٿي.

پوءِ بہ مرندين، اڳ بہ مرندين، مَرُ تہ موچارو ٿين،
جي مئا مرڻا اڳي، سي ٿيا مري هرگز نہ مات.

صوفي آسورام بہ اُن بنيادي فڪر کي بيان ڪندڙ ھندو فلاسافي سان سلهاڙيل ڪوي آھي. ھُن پنھنجي ڪلام ۾ مجاز کان حقيقت جو سفر طئہ ڪيو آھي ۽ اھي سمورا تجربا ۽ مشاھدا بيان ڪيا آھن جيڪي اُن راه ۾ مالڪ تي عيان ٿين ٿا.

آه منزل ستينءَ ۾ حق همَ اَوست،
ناه اُن ۾ گُمان شڪ، همَ اَوست.

’معرفت‘ ڀُومڪا ’تُريا‘ پَد ۾،
تَرڪ ۾ جي ڪرين تَرڪ، همَہ اَوست.

 

مخمور بخاريءَ جو گهرــ ڄامشورو                                               

ڊاڪٽر مخمور بخاري
پھرئين آگسٽ 2025ع