شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’الف‘

اوم

حق موجود

 

غزل (1)

اول تون آراڌِ1، اندر الکُ پنھنجو اي ادا!
رام، رب، رحمان ۽ ڪلتار، قادر سو خُدا!

’نحن اَقرب‘2 يا تہ ’نِرنو اِيش ۽ ڏِس جِيوَ‘3 جو،
پل پراھُون ناه ويڇو وارَ جو تو کان جُدا.

پاڻ ڀائڻ کي وڃائي، پاڻ ۾ مَڱ پاڻ کان،
ساڻ سِڪ سالم4 سچيءَ، سائل! سدا ڪر ڪا صدا5.

لاڳُ6 وِصلتِ لعل7 جو، توکي مُيَسر8 تان ملي،
گهور تَنُ، مَنُ، ڌَنُ سمُورو، ٿيءُ فنا، فائق فِدا.

سچ چوڻ، سچَ سان ھلڻ، نِيَت سچي نِيتارو9 آه،
پاڻ ٻوڙڻ: ڪُوڙ، چوري ۽ ٺڳِي، غيبت10، نِدا.

ٻَھر ٻگهہ جان ڌيان لائڻ، چپن مان چوکو چوَڻ،
ڪِين سريو ڪاج11 اُن کي، جي اندر ميرا، مَدا12.

ھٿ ٻَڌِي ’آسُو‘ ڪري ٿو، وينتيون صاحبَ سچا!
مھِر مان مون سان ملِي، پھراءِ ھيءُ گولو گدا.
 

(1) ٻاڏاءِ، پُوڄا، عبادت ڪر   (2) ساه جي رڳ کان ويجهو   (3) مخلوق ۾ رب جي موجودگي     (4) صاف دل    (5) سوال، سڏڙا ڪري گهُرڻ    (6) اُجورو   (7) محبوب جي ميلاپ  (8) آساني سان حاصل   (9) ڇوٽڪارو  (10) گلا ڪرڻ   (11) ڪم، مراد   (12) خراب   

 

غزل (2)

پيءُ پيالو پريم جو کئُون ابتدا،
ڄاڻ دُک، سُک سَم1 ڪري تا انتھا.

ھِن توڻي ھُن پار جو، ڪارج سَرئِي،
سِيل2 ۽ سنتوش3، رک دل ۾ دَيا4.

نِردِيا5 جي جاءِ آھي نَرڳ6 ۾،
پر دَيا وارَي جَي مُلهہ جِي ڪَٿِ نہ ڪا.

ٻن ڏينھن ڪارڻ، ڪرڻ ناھي عقل،
پاڻ کي حرص و ھوا ۾ مبتلا7.

پنج رھزن8 ٿا ڦُري گمراه ڪن،
وٺ بچائڻ لاءِ پنھنجو رھنما.

جن جهليو رھبر سچيءَ نِيَت منجهان،
نا اچي ويجهي انهن کي ڪا بلا.

رِي جهڄڻ، جهوريءَ ۽ زاريءَ مُحبَ وٽ،
ڪا نہ پئي ڪا ساب9 اڳيان التجا.

ڏي جفا10، جيءُ ڪر صفا، ره با وفا،
پوءِ ’آسُو‘ ڏس اندر اجنما11.

 

(1) برابر  (2) چڱو سُڀاء  (3) صبر  (4) رحم  (5) بي رحم  (6) دوزخ   (7) قابُو، ورتل   (8) پنج وِڪار: ڪام(خواھش)، ڪروڌ(ڪاوڙ)، لوڀ(لالچ)، اھنڪار(تڪبر)، موه (لاڳاپوAttachment )   (9) قبول   (10) ڪشالو، محنت، درد   (11) اڻ ڄاول يعني ايشور   

 

غزل (3)

ويئي عمر اجائي، ھُلَ1 ٿا پون ھَلڻ جا،
ويندا ڪَھين نہ واريا، ٿيا ڪينڪي جهَلڻ جا.

بنگلا اڏين ٽڪاڻا، ڪنھن پل ڇڏين نڄاڻا،
سي سڀ مُئي پڄاڻا، ڪنھن ڪم نہ ٿيا اَچڻ جا.

دنيا دورنگ چَٽڪو، باطن ۾ زھر اٽڪيو،
رک يار! خوف کُٽڪو، ٻوجها2 ٻڌو لَڏڻ جا.

جوڀن ۽ ٻل جواني، رھندي نڪا نشاني،
دنيا مڪان فاني، ھي حال ڇڏ ھَسڻ جا.

سنسار موه3 مَمَ4 ۾، ڀورا ڀُلين ڀِرَم5 ۾، 
ھن مانِکي6 جنم ۾، ڪيئي ڪم نہ سي ڪَرڻ جا.

نا ڀُوت، جِن، جنتر، ڦيڻو نہ مَنڊُ، مَنتر،
ڏِس سار نِجُ7 سَتنتر8، ڇڏ ڀِرم ھي ڀُلڻ جا.

ڪاني نڪا ڪرامت، نا وِير9 نا سَحارت10،
ره صاف باسلامت، ڇڏ ڦيرَ، ڦندَ ڦَسڻ جا.

ري رام جي بُتن کي، پُوڄِن ولي، نبين کي،
سج، چنڊ ۽ اگن11 کي، لائق اُھي ڪَھڻ جا.

ستگر وچن12 سُڻايا، ڀولا13، ڀِرَمَ14 مِٽايا،
عامن مٿي اجايا، آھن سُخن سَلڻ15 جا.

پيرين نہ پنڌ پُڄڻو، آھي ھِيئين سان ھلڻو،
’آسُو‘ منجهان ئي ملڻو، افعال ڇڏ اَجهڻ جا.
 

(1) واڪا   (2) ڳٺڙيون   (3) دنيا جي لاڳاپي(Attachment)   (4) ڏائڻ   (5) خوش فھمي، وھم  (6) مانشي، انساني   (7) خالص   (8) آزاد، پاڪ، پوتر   (9) جن، ڀُوت   (10) جادو   (11) باه   (12) ٻول، چوڻ   (13) وھم   (14) شڪ، گمان    (15) ٻول ٻڌائڻ، تاڪيد ڪرڻ   

 

غزل (4)

ڪيا حُسنِ تو ھزارين حيران ڪيترا!
ٿيا ڳڻڻ کئُون اپارين احسان ڪيترا!

عاشق ڳجهو ڳري ويا، سڪ سوز ۾ سڙي ويا،
اِن نُور جي نُما1 ۾، پروانَ2 ڪيترا!

عاشق جو ڦَٽُ فِراقي3، مِٽجي ٿين مُلاقي4،
ويڄن5 ڪيا ٻيا وس، درمانَ6 ڪيترا!

عاشق جي لاءِ سُوري، خلقئي اھا کٿورِي7،
ڀائن ٻيا نہ مَن کي، سامان ڪيترا!

عاشق ڪئين ڪنبايا8، ھن حُسنِ تو ستايا،
ڪفني گلي گدائي، سلطان ڪيترا!

عاشق سِرَي سنباھي9، آيا ڪُڏي ڪي ڪاھي،
پر محل جي درن تي، دربانَ ڪيترا!

معشوق ڪھل10 ڪھڙي؟ عادت وفا نہ جھڙي،
ان مام ۾ ڏٺا مون، مستانَ ڪيترا!

آھيان نہ ھيڪ سائل، سھسين ٻيا سڪايل،
سر گهور گهايلن ڪيا، قربانَ ڪيترا!

ھن بي بقا دنيا جي، ٿيا حُسن ۾ فدا جي، 
ھَئِہ ھَئِہ وڃائي ويَڙا، ايمانَ ڪيترا!

توفيق رکج ’آسُو‘، ھرگز نہ ٿيءُ نِراسُو11،
آخر ملين، ڪرين ڇو؟ ارمان ڪيترا!
 

(1) نظاري   (2) پتنگ (ھڪ جيت). روشني ڏسي چاه مان ان ڏي ڪاھي پوندو ۽ نيٺ ان ۾ پاڻ جلائي ويھندو آھي   (3) جدائي وارو   (4) ملاقاتي   (5) حڪيمن   (6) علاج   (7) خوشبوءِ   (8) ڊپ ۾ ڏڪيا   (9) ٺاھي جوڙي   (10) قياس، رحم   (11) نا اميد   

 

غزل (5)1

صبح سويرو اُٿي الک کي جپيو، اندر ساڻ توڻي واتا،
گلاب سان صاف ڪر تون مُک2 کي، وٺي گرُوءَ جو گِيان گياتا3.

سروَ وِياپَڪ4، نہ لامڪاني، اگرچہ5 رَميو سڀن سَماني6،
جدا نہ توکان، اٿئي نِھاني7، ڌيان دل ۾ ڌرين چپاتا8.

عجب رچايائين رنگُ رنگِي، سدا سنڀالي ٿو ننگُ ننگِي،
ڌڻيءَ بنا ڪو نہ سنگُ سنگِي، توڻي ٻيا خويش9، مِٽ، ڀِراتا10.

وڏِي وڏائِي خدا جُڳائَي، مَجال ٻئي کي نہ مُور آھي،
رھي نگھبان، ڍڪ ڍڪائي، نڪو جھڙس ٻيو پِتا ۽ ماتا.

حڪيم جي ڏِس عجيب حڪمت، ڪيئن بنايائين کيل قدرت؟
کولي نہ سگهندو ڳُجهي ڳجهارت، اَنَنۡت11 جا ڪنھن نہ اَنۡتَ12 پاتا.

جھان ڇا کئُون ڪيَئي ھويدا13؟ ڪري ڪَرائي خدائي وعدا،
سرڳ14، نرڳ15 ڇو ڪيائين پيدا؟ اتي عقلين ڇو زور لاتا؟

بنا عبادت ۽ بندگيءَ جي، سواءِ سخاوت جي زندگيءَ کي،
ٿئي اُجارو نہ گندگيءَ کي، ڪرين ھزارين، انيڪ ڄاتا.

’آسُو‘ ڪجان نِت نِمِي نيزاري، سدائين توبھ شڪر گذاري،
ڪندو مھر سان ڀلي موچارِي، آھي ديالو، ڪريم داتا.
 

(1) ھي غزل اڳين ڇاپي مان ورتل آھي.    (2) وات    (3) اِلاھي علم، مڪمل ڄاڻ   (4) ھر جڳھہ موجود   (5) جيتوڻيڪ   (6) برابر   (7) ڳجهو    (8) ماٺيڻو، ڌيمو    (9) عزيز    (10) ڀائر    (11) لافاني    (12) ڳُجَهہ    (13) پڌرو    (14) جنت   (15) دوزخ