شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

مُقدمو

سنڌ ڌرتي جيڪا صدين کان ويدانت ۽ تصوف جو گھوارو ۽  علم، عشق جو سرگرم ميدان رھي آھي، تنھن گهڻا ئي عالم، مفڪر، شاعر، صوفي، سَنت ۽ ڀڳت پيدا ڪيا آھن. جن خدا جي مخلوق سان محبت ۽ رب جي ھيڪڙائي تي گهڻو زور ڀريو آھي. عمل توڙي اُپديش وسيلي پنهنجي علم کي ظاھر ڪندي پيار، محبت، امن، ڀائيچاري ۽ رب سان عشق جو سبق ڏنو آھي. اھڙي پرچارڪ سٿ ۾ حضرت صوفي شاه عنايت شھيدؒ، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيؒ، سچلؒ، بيدلؒ، رُوحلؒ، سامي، دلپت، مصري شاهؒ ۽ ٻين ڪيترن ئي درويشن جا نالا اچي وڃن ٿا. انھيءَ سٿ جا نرالا شاعر، صوفي با صفا، ويدانت توڙي يوڳ وديا جا گُرو، عالم ۽ ماھر حڪيم فقير صاحب ماستر آسُومل بہ آھن. پاڻ جهوڪ جي شاه عنايت صوفيءَ جن جي باغ جا گُل آھن. شاعري جي صورت ۾ سندن وشال فڪر جي خوشبوءِ سنڌو درياءَ ڪناري ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ’ھالا پراڻا‘ مان شروع ٿي ۽ ڀڳت ٽيئون رام ان کي پوري سنڌ سميت پنجاب ۽ ڪشمير تائين پکيڙيندو ھليو. 

 

1. زندگي جو احوال

صدين کان آباد ڳوٺ ’ھالا پراڻا‘ تعلقي ھالا ضلعي حيدرآباد (ھاڻوڪي ضلعي مٽياري) ۾ ورھاڱي کان اڳ ھِندن جو گهڻو تعداد رھندو ھو. وچ شھر کتري نگر ۾ شام جو رستن تي ڇٽڪارون ٿيندي ئي ھير گهلندي ھئي، ماسٽر چندر، جيوڻي ٻائي ۽ ڀڳت ڪنور رام جا فونن)[1]( تي رڪارڊ وڄندا ھئا، سانجهين جو ھاسَي مل جي سراءِ (جاءِ) ۾ منڊلي مچندي، ڀڳت ڀڳتيون ڪندا... رات جي ايڪانت ۾ اھڙا آلاپ پرانھان پکڙجي ويندا ھئا. ھاسَي مل جي سراءِ ۾ ھندو مسلم سڀ اچي حاضريون ڀريندا ھئا تہ ڀڳت ڪنور، جاڙا رام، ڏاھو مل ۽ ماسٽر چندر جھڙن ڳائڻن ۽ ڀڳتن ان سراءِ کي ويراڳ بخشيو)[2](. سموري سنڌ جيان ھالا پراڻا بہ  مذھبي رواداري جو سھڻو مثال ھو. مگر ورھاڱي جھڙي درد ناڪ واقعي اھي خوشيون برقرار نہ رکيون.... ۽ جلد ئي پکي پنھنجا آکيرا ڇڏي پرديس ھليا ويا. ان وقت ھالا پراڻا ۾ کترين (ھاڻي مھاجر يا سروري ڪالوني) ۾ ھِندُو کتري، برھمڻ، عامل، سھتا، سنڌ ورڪِي ۽ ڀائيبند يعني لوھاڻا رھندا ھئا ۽ ھتي ئي سائين ولايت راءِ)[3]( جو آستانو ھوندو ھو. ھُو صاحب خاندان وارن کان تنگ ٿي قمبر ھليو ويو. لڏڻ وقت چيائين: ”ھالا ٿيندا پالها، قمبر ٿيندو عمبر“([4]). سندس آستان واري جاءِ تي ھن وقت ’مَڪہ مسجد‘ ٺھيل آھي. ميمڻ محلہ يا فقير علي شاه(مدينہ) مسجد واري گهٽي، کيماڻي گهٽي، اربابن جي بارگاه ۽ سنائين واري پاسي برھم کتري ۽ ڀائيبند رھندا ھئا. ھتي چِٽائي ڪندا ھلون تہ کتري ۽ برھم کتري ٻہ جدا جدا ذاتيون ليکجن ٿيون.

برھم کتري ذات جو مختصر احوال:

جهنگل ۾ گهمندي ھندوستان جي کتري راجا سَھِسراجَن جي نظر ھڪ ڳئون تي پئجي وئي. ڳئون تمام سھڻي ھئي ۽ برھمڻ رِشِي جَمدگَنِي کيس وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو ھو. راجا پڇا ڪندي اچي جمدگني وٽ پھتو ۽ کيس اھا ڳئون ڏيڻ لاءِ چيائين. ھن وراڻيس: ”راجا! ھي منھنجي پياري ڳئون آھي، وڏي شوق سان پاليو اٿمانس. ھن کي ڇڏيو، باقي ٻي جيڪا ڳئون چئو سا حاضر ڪريان“. تنھن تي راجا ڪاوڙجي زوري ڳئون کڻي نڪتو. اِنهي معاملي تان جمدگني جي پٽ پَرسُرام ۽ راجا وچ ۾ تڪرار شروع ٿيو ۽ اڳتي ھلي جنگ ۾ ھُن راجا ۽ سندس ڪٽنب کي ناس ڪري کتري قوم جي خاتمي جو بہ انجام ڪيو. کترين کي قتل ڪندي پرسرام سنڌ پھتو ۽ ھتي سندس جنگ راجا رتن سِين کتري سان ٿي. رتن سين شڪست کائي پنھنجن ڳورھاري راڻين سميت اتان ڀڄي وڃي سَرسوَتي ندي جي ڪناري ڪنھن برھمڻ جي آشرم ۾ وڃي پناه ورتي. ھن کي اتي جيڪي ٻار ڄاوا، سي اصل نسل ڪري کتري ھئا، پر برھمڻ جي گهرن ۾ ڄاوا نپنا ۽ سکيا ورتائون، تنهن ڪري ’برھم کتري‘ سڏجڻ لڳا. اٽڪل 600 سال ٿيا تہ برھم کتري پنجاب مان لڏي گجرات (ھندستان) جي شھر چامپانير ۾ وڃي رھيا. سن 1484ع ۾ مسلمانن جي ڪاه تي ھي اتان لڏي احمد آباد ۽ ٻين ھنڌن ڏانھن ويا. سنڌي برھم کتري گجرات کان ڪڇ وسيلي سنڌ ۾ اول ننگر ٺٽي ۾ آيا ۽ اتان پوءِ ڪي ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور طرف ويا)[5](. ھالا پراڻا ۾ ھنن جي اچڻ جو سن يا احوال نٿو ملي. سنڌ ۾ رھندڙ برھم کترين کي اجرڪون ڇرڻ يا پٿراڻيون رڱڻ ڪري ’کٽي‘ بہ چيو ويندو ھو. 

صوفي آسُومل جو جنم ۽ نالو:

ھالا پراڻا ۾ فقير علي شاه (مدينہ) مسجد واري گهٽي ۾ ويٺل برھم کترين جي نُک ’ھرگڻ‘ ھئي. سياري ۾ اجرڪون ڌوئڻ يا رڱڻ لاءِ درياءَ ڪناري مڃنٺ ٻاري ويھندا ھئا تنھنڪري ’ماڃوٺي‘، ’مڃٺيا‘ يا ’مئٺيا‘ بہ سڏبا ھئا. ھن خاندان جي وڏي جو نالو لکيسري مل ملي ٿو. سندس پڙپوٽو ڏاندُومل ڳوٺ ۾ خوشحال، زميندار ۽ مال متاع وارو ماڻهو ھو. اھي انگريزن جي حڪومت جا شروعاتي ڏينھن ھئا جو سائين ڏاندُومل جي شادي ٿي ۽ کيس ٻن پُٽن ۽ ھڪ نياڻي  جو اولاد ٿيو. وڏي جو نالو رامچند ۽ ننڍي پُٽ جو نالو آسُومل رکيائون. جڏھن تہ نياڻي کي ’لالِي‘ ڪري ڪوٺيندا ھئا. سائين آسُومل جو جنم سال 1854ع برابر وڪرمي سنبت 1910 ۾ ٿيو، جيتوڻيڪ مھيني يا تاريخ جو پختو احوال ڪو نہ ملي سگهيو آھي. سندن جنم جي حوالي سان مختلف ليکڪن پنھنجي تصنيفن ۾ مختلف رايا ڏنا آھن. ھيٺ انهن تي روشني وجهي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ٿي:

 

  1. خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ (جنھن پھريون دفعو فقير صاحب جو احوال لکيو آھي) پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو: ”ماستر آسومل 21 اسُو 1910 وڪرمي سنبت برابر 1824ع ۾ ڄائو“. انھيءَ سنڌي تاريخ کي آن لائين ڪئلينڊر)[6]( ۾ چيڪ ڪرڻ تي عيسوي تاريخ 08 آڪٽوبر 1853ع ملي ٿي، پر جيئن صديق ميمڻ صاحب عيسوي سال 1824ع لکيو آھي تنھن کي بنياد بڻائي ٻين ليکڪن)[7]( بہ اھو سال ورجايو آھي. جڏھن تہ ڪتاب ’سنڌي شعر جي تواريخ‘ ۾ ڊاڪٽر ديال آشا مٿين ساڳي سنڌي تاريخ ڏئي عيسوي سال 1855ع ڄاڻايو آھي. 

  2. پروفيسر لال سنگهہ (ل.ه) اجواڻي پنھنجي ڪتاب ’ History of Sindhi Literature‘ ۾ سندن ڄم جو سال 1853ع لکي ٿو. 

  3. اھڙيءَ طرح ڪتاب ’سنڌي برھم کترين جو ڌارمڪ ۽ سماجڪ اتھاس‘ ۾ مورُومل ڌانڌا، فقير صاحب جو جنم سن 1854ع برابر وڪرمي سنبت 1910 ڄاڻايو آھي. 

  4. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ادب جي سلسلي جي ڪتابن جھڙوڪ ’جنگناما‘، ’مداحون ۽ مناجاتون‘، ’ھفتا، ڏينھن، راتيون ۽ مھينا‘ وغيرہ ۾ لکي ٿو: ”آسورام سن 1271ه/1854ع ۾ ڄائو“.

 

ان سلسلي ۾ فقير صاحب جي ڪلام ڏي نگاه ٿي ڪجي تہ پاڻ ’ديوان آسُو‘ قلمي جي شروعات ۾ ’جنم ساکي‘ شبد ھيٺ پنھنجي زندگي جو بيانُ ڏھن سالن جي وٿي تي فقط چاليھن سالن تائين ڪيو اٿن ۽ ديوان جي آخري غزل ’ڪيفيت فقير جي‘ جي آخري بند ۾ چون ٿا:

’چالِيھ وَرشَ‘ اِيل ۾، گذري ويا سبيل ۾،
ڏاتار نور ڏيل ۾، ’آسوءَ‘ ڏٺي ڏياٽـي. 

پاڻ ’ديوانِ آسُو‘ سن 1897ع ۾ لکي پورو ڪيائون ۽ مٿين ٻنهي اشارن مان اندازو لڳائجي تہ سندن جنم جو سال 54-1853ع پختو نظر اچي ٿو. اھڙي ريت خاندان متعلق ڊاڪٽر ھوتچند مانُومل)[8]( جي لکيل ھڪ نوٽ بُڪ ۾ فقير صاحب جي وصال وقت (1941ع) سندن عمر 87 سال لکيل آھي، ان حساب سان يقينن سندن جنم جو سال 1854ع ٿيندو. ان سال جي تصديق فقير صاحب جا پڙپوٽا حڪيم ليکراج مل بہ ڪن ٿا. ھاڻي جيڪڏھن مھيني جو اندازو لڳايون تہ مٿي ميمڻ صاحب جي ڄاڻايل وڪرمي سنبت 1910 جو آخري مھينو ڦڳڻ برابر مارچ 1854ع ٿئي ٿو. سندن جنم جو سنڌي مھينو پوهُ، مانگهہ يا ڦڳڻ 1910 وڪرمي سنبت ۽ انگريزي مھينو جنوري، فيبروري يا مارچ 1854ع بيھندو. 

فقير صاحب جن جو اصل نالو آسُومل ھو. پر ماستريءَ جي پيشي ۽ فقيراڻي رنگ ۾ رڱجڻ کان پوءِ کين ماستر آسُومل، آسُومل صوفي، صوفي آسُورام يا سَنت آسُورام ڪري ڪوٺيندا ھئا. پنھنجي تصنيفن جي منڍ ۾ پنھنجو نالو ھن ريت ڏنو اٿن:

ديوانِ آسُو:   آسُومل ڏاندُومل فقير صوفي

ويراڳ نامو:   آسُومل ڏاندُومل صوفي

رسالو ’آسُومل صوفي‘

ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي)[9]( پنھنجي ڪتاب ’يادِ ايام‘ (ص 166) ۾  سمن سرڪار جي خدمتگار فقير گلاب راءِ عرف حاجي گلاب جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”... سندس(گلاب) جي خاندان مان ھڪ ٻيو سَنت آسورام ٿي گذريو آھي“. ھتي ھن ڳالهہ جي وضاحت ۽ درستگي ڪندا ھلون تہ گلاب راءِ ذات جو کتري ۽ ھالن پراڻن ۾ کترين (مھاجرن) جي پاڙي  ۾ رھندو ھو. فقير صاحب برھم کتري ھئا. گلاب راءِ جو سندن خاندان سان ڪو بہ تعلق نہ ھو. فقير صاحب کي ھڪ پوٽو گلاب راءِ نالي بہ ھو، متان ڊاڪٽر عبدالحليم ڀُل ۾ تنھن کي حاجي گلاب سمجهيو ھجي! قريشي صاحب ٻيو احوال بہ 

[ھن جاءِ ڪجھ عڪس ۽ صوفيءَ جي خاندان جو شجرو ڏنل آھي. ڪتاب ۾ ڏسندا]

غير مستند ڏنو آھي. اھڙي طرح ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنھنجي ڪتاب ’عظيم سنڌي انسان‘ (ص 10-11) ۾ ’آسُورام [آسو] دادلاڻي‘ جي مضمون ۾ لکي ٿو: ”مشھور ويدانتي شاعر، ديوان آسورام ’آسو‘ پٽ ساجن سنگ دادلاڻي، تعلقي ھالا جي ڳوٺ ڪوٽڙي مغل 3 آگسٽ 1824ع تي جنم ورتو“. ميمڻ صاحب ان مضمون ۾ فقير علي شاه، مصري شاه ۽ فقير صاحب جي ٽنهي ڪتابن جو بہ ذڪر ڪيو آھي. جيڪر اھو مضمون صوفي آسُورام لاءِ سمجهجي تہ، ان ۾ آيل سمورو مواد غير مستند ٿو ڏسجي.

ننڍپڻ ۽ تعليم:

حڪيم ليکراج مل جو خيال آھي تہ پاڻ شروعاتي تعليم ڀر واري ڳوٺ خانوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائون. مورُومل ڌانڌا پنھنجي ڪتاب ’سنڌي برھم کترين جو ڌارمڪ ۽ سماجڪ اتھاس‘ ۾ لکي ٿو: 

”ھُو سن 1871ع ۾ (سنڌي) ورنيڪيولر فائينل امتحان پاس ڪري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ٿيو“. 

اھو انگريزن جي حڪومت جو شروعات وارو زمانو ھو جو ھنن نئين سر تعليم جو نظام رائج ڪيو ۽ لڳ ڀڳ 1854ع کان اسڪول کولڻ شروع ڪيا. ڳوٺن جي اسڪولن تي گورنمينٽ ورنيڪيولر ۽ شھر جي انگريزي اسڪولن تي گورنمينٽ اينگلو-ورنيڪيلور جو نالو رکيائون. ان دور ۾ ورنيڪيولر اسڪولن ۾ چار درجا ھوندا ھئا. پوءِ شاگرد جي مرضي ھوندي ھئي تہ اڳيان انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿئي يا ورنيڪيولر فائينل امتحان ڏي؛ جيڪو ان وقت ميونسپالٽي وٺندي ھئي)[10](. ڌانڌا صاحب ورنيڪيولر جو ذڪر ڪيو آھي تہ ان وقت ھالا پراڻا ۾ بہ گورنمينٽ ورنيڪيولر اسڪول موجود ھو جيڪو سن 1855ع ۾ قائم ٿيو جنھن جو ھاڻوڪو نالو گورنمينٽ مين بوائز پرائمري اسڪول، ھالا پراڻا آھي. ممڪن آھي تہ فقير صاحب شروعاتي تعليم ان اسڪول مان ورتي ھجي. ساڳي تعليم واري زماني ۾ سندن صحبت پاڙي جي بزرگ سيد فقير علي شاه (وڏي) سان ٿي. پاڻ وقت جا مشھور خدا پرست، بلند پائي جا ماھر حڪيم ۽ نبض شناس ھئا. وٽن سدائين بيمارن جو ميڙاڪو لڳو پيو ھوندو ھو. فقير سائين جي بہ شاه صاحب سان گهڻي عقيدت ھوندي ھئي ۽ وٽن وقت گذاريندي حڪمت جو علم بہ پرايائون.

پاڻ اٺن سالن جي عمر ۾ فقيرن، سَنتن جي صحبت ۾ رھيا ۽ کين ويدن، شاسترن جو علم پرائڻ لاءِ پاٺشالا ۾ ويھاريو ويو. چون ٿا:

اَٺن ورھيَن ۾ ٿيس ستسنگ ڀيڙو، ڪِريا ڪرم ۽ شاستر نيڙو،
ھوش انھيءَ وير ۾ ھو جو ٻاراڻو!
(ڏسو ص 153) 

حڪيم ليکراج مل جو چوڻ آھي تہ کين ’ديوان حافظ‘ پورو ياد ھوندو ھو. فقير صاحب جا فارسي ۾ لکيل حڪمت جا نسخا، ڪجهہ شعر ۽ سندن ڪتب خاني ۾ عربي توڙي فارسي ڪتاب)[11]( ملڻ ان ڳالهہ جو ثبوت آھي تہ کين فارسي تي بہ دسترس حاصل ھئي. سوامي شانتي پرڪاش پڻ پنھنجي وڊيو ستسنگ ۾ چوي ٿو: ”ڏاڏا آسورام پارسي جا گوھر ھئا“([12]). اھڙي نموني سان ويراڳ نامي جي وچ ۾ پاڻ حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيؒ جن جو عربي قصيدو ڏئي ھر ھڪ سِٽ ھيٺان سنڌي ترجمو ڏنو اٿن ۽ وٽن قرآن شريف جو نسخو ھجڻ مان سُڌ پوي ٿي تہ کين عربي جي بہ سٺي ڄاڻ ھئي. لڇمي ڪيسواڻي لکي ٿي: ”ڏاڏا (آسورام) صاحب اُن زماني جا سنسڪرت ۽ پارسيءَ جا وڏا وِدِوان ھئا. چارون طرف سندن قابليت جو ڌاڪو ھو.“([13])

سنسڪرت، فارسي ۽ عربي جي تعليم ڪٿان حاصل ڪيائون؟ تَنھنجو احوال اڃان نہ ملي سگهيو آھي. پاڻ ارڙھن سالن جي عمر ۾ انجيل ۽ قرآن شريف پڙھيائون، جنھن تي مٿن دنيا وارن جون گلائون ٿيڻ لڳيون. چون ٿا:

ارڙھن ورھين ۾ ’اِنجيل‘ پڙھيم، فھم سان ’فرقان‘ جو مَتُ سوجهيم،
لوڪ نِدا جو کنيم سر تي ھلاڻو!
(ڏسو ص 153)

فقير صاحب سن 1871ع برابر 1927 وڪرمي سنبت ۾ (سنڌي) ورنيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪري نارمل اسڪول (ھاڻوڪي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين) حيدرآباد ۾ داخل ٿيا، جتان 3 سالن جو ڪورس ڪاميابي سان پاس ڪري ماستري جو سرٽيفڪيٽ وٺي نڪتا)[14](.

سرڪاري نوڪري:

مورُومل ڌانڌا لکي ٿو: ”ماستري جو ٽريننگ ڪورس پاس ڪرڻ بعد کين اسسٽنٽ ماستر مقرر ڪري ڦڪن جي ڳوٺ لڳ خدا آباد ضلعي لاڙڪاڻي (ھاڻوڪي ضلعي دادو) ۾ رکيو ويو. اتان وري جوھيءَ بدلي ٿيا. جنھن بعد  پاڻ اڳتي ھلي ھيڊ ماستر ٿيا. مختلف شھرن ۾ نوڪري ڪندي آخر کين پنھنجي جنم ڀوميءَ ھالن پراڻن ۾ ھيڊ ماستر جي عھدي تي بدلي ڪيو ويو جتان پاڻ 55 ورھين جي ڄمار ۾ 1909ع برابر 1965 وڪرمي سنبت ۾ رٽائر ٿيا“([15]). جڏھن تہ صديق ميمڻ صاحب لکي ٿو: ”ھو حيدرآباد جي نارمل اسڪول)[16]( ۾ ماستريءَ جي تعليم وٺڻ ويو ۽ اتان ڪاميابيءَ سان پاس ٿي نصرپور جي اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿي ويو.“  

فقير صاحب جي پوسٽنگ جو ڪو پختو ثبوت تہ ڪو نہ ملي سگهيو آھي، جيتوڻيڪ مٿين ليکن مان مورُومل ڌانڌا جو ليک وڌيڪ اعتماد جوڳو سمجهہ ۾ اچي ٿو ڇاڪاڻ پاڻ ڪنھن قدر تفصيل سان  ذڪر ڏنو اٿس ۽ اھو احوال کيس فقير صاحب جي پوٽي ڀڳت اوڌَوداس)[17]( وٽان مليو آھي. فقير صاحب جي پوسٽنگ نصرپور ۾ ضرور رھي آھي جنھن جو ذڪر حڪيم ليکراج مل بہ ڪن ٿا پر ان دور جو پختو احوال نٿو ملي. تنھن کان علاوہ ھالا لڳ ڳوٺ کنڊُو ۾ بہ لڳ ڀڳ 1901ع ڌاري ھيڊ ماستر جي عھدي تي فائز رھيا آھن. پاڻ وقت جا ھوشيار ۽ فرض شناس ماستر ھئا ۽ غزل: 11 ۾ پڻ ھڪ ھنڌ استاد کي تاڪيد ڪندي چون ٿا:

ھوش رک استادَ! جو شاگرد پنج ڀيرا پُڇي،
ڪيئن اثر تنھن کي ٿئي، جَي تاءَ تِک مان ڏين ڇِڙٻَ؟

5-4 جولاءِ 1911ع ڌاري ھالن پراڻن ۾ ھڪ تعليمي ڪانفرنس ٿي، جنھن ۾ جملي 13 ماستر شامل ھئا، جنھن جي صدارت مسٽر شڪت سنگهہ (فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ضلع حيدرآباد) ڪئي. ڪانفرنس جي پڇاڙي ۾ ھالا نوان اسڪول جي ھيڊماستر سھجرام بالا آفيسر جي شڪر گذاري ڪئي. جنھن کي ھالن پراڻن جي ھيڊماستر مسٽر ’آسودي مل‘ ٽيڪو ڏنو)[18](. ان مان اھو سمجهجي ٿو تہ ان وقت ماستر آسُومل ھالن پراڻن ۾ ھيڊماستر ڪو نہ ھئا. ڌانڌا صاحب سندن رٽائرمينٽ جو سن 1909ع ڄاڻايو آھي. ان سلسلي ۾ گورنمينٽ مين بوائز پرائمري اسڪول ھالا پراڻا جي جنرل رجسٽر (اندازن 1903ع کان 1930ع تائين) جا ورق ورائيندي فقير صاحب جا ھٿ اکر 11 جولاءِ 1914ع کان 1914ع جي پڇاڙي تائين تہ ھُوبھو مليا آھن باقي اڳين سالن ۾ معمولي فرق ٿو نظر اچي. ممڪن آھي فقير صاحب رٽائرمينٽ کان پوءِ بہ اسڪول جي سرگرمين ۾ شامل رھيا ھجن! 

شادي ۽ اولاد:

ٻارھن سالن جي ڦوه جواني ۾ صوفي آسورام جن کي مجازي عشق جڪڙي ورتو. جيئن پنھنجي ’جنم ساکي‘ ۾ لکن ٿا:

ٻارھن ورھيَن ۾ ٿيو عشق مجازي، کوجڻ لاڳس: بني ڪيئن بازي؟

سندن مائٽ سُکيا آسودا ھئا، جن ترت شادي ڪرائي ڇڏين)[19](. حڪيم ليکراج مل جو چوڻ آھي تہ سندن شادي ڄامشوري جي برھم کترين مان ٿيل ھئي. جن مان کين 2 نياڻين ۽ 2 پُٽن جو اولاد ٿيو. ھڪ ويرسي مل (جنم: 3 جنوري 1890ع. وفات: 19 سيپٽمبر 1958ع)  ۽ ٻيو پٽ ننڍي ھوندي ئي چالاڻو ڪري ويو، تنھن جي نالي جو پتو ڪو نہ پئجي سگهيو آھي البتہ سندس نالي تي گهر ۾ نم جو وڻ پوکيل ھوندو ھو. ويرسِي مل جو اولاد صفحي 27 تي شُجري ۾ ڏيکاريل آھي. صوفي آسُومل جي وڏي نياڻي ’پيوان ٻائي‘ ھالا ويجهو ڳوٺ خيبر ۾ ڀڳت ڍالُومل جي گهر ۾ پرڻيل ھئي. پاڻ صوفيءَ جو طالب ۽ وٽن ايندو رھندو ھو، اڳيان سندس تفصيلي احوال ايندو. صوفي صاحب جي ننڍي نياڻي ’اُتم ٻائي‘  ھالا ويجهو مھرن جي ڳوٺ (مھرڪا) ۾ پوھُومل کٽي (نُک کُوھا) جي گهر ۾ پرڻيل ھئي. کين ٽن پُٽن)[20]( جو اولاد ٿيو. ورھاڱي کان پوءِ لڏي ھندستان جي شھر احمد آباد ۾ ويٺا ۽ اتي ئي سندن سمورو اولاد رھي ٿو.

حقيقي عشق ڏانهن لاڙو ۽ مرشد:

فقير آسُورام ننڍي ھوندي کان فقير طبع ھوندا ھئا. کين تصوف جو شروعاتي اثر سيد فقير علي شاه وٽان مليو. تنھن کان علاوہ ڌرمي شاسترن، انجيل، قرآن ۽ تصوف جي فارسي ڪتابن جي مطالعي کين سچي واٽ ھٿ ڪرڻ لاءِ بي قرار ڪيو. ويھن سالن جي عمر تائين ٻين مذھبن جي پڻ ڄاڻ حاصل ڪري چڪا ۽ جيئن چوندا آھن تہ ’گرُوءَ بنا گت ڪا نہ ٿيندي‘ تيئن صوفي صاحب بہ مرشد جي ڳولا ۾ نڪتا. چون ٿا:

ويھن ورھين ۾ سڀ ڌرم سڃاتم، ستگر ڍونڍڻ جو ڄاڻ ڄاتم،
دلڙي اُداسڻ، من ھو نماڻو!
(ڏسو ص 153)

نصرپور ۾ ماستري دوران سندن صحبت ڪافيءَ جي وڏي شاعر سيد مصري شاه سان ٿي. شاه صاحب نياپو ڏياري موڪليندا ھئن تہ ”ماستر ھليا ھاڻ ڪچھري ڪريون“)[21](. ھن صحبت ۾ کين چڱو فيض حاصل ٿيو، منجهن شاعري جو شوق بہ وڌيو ۽ اتان ئي کين جهوڪ جي سلسلي جي آگاھي پڻ ملي. تِھان پوءِ جهوڪ شريف جي صوفي درويشن سان وڃي صحبتي ٿيا. چون ٿا:

مڱڻھارُ ملهايو، ’ميران پور‘ جا ميرَ!
مون جيئن ڪئين مڱتا، پھرايا تو پيرَ!
ھلي آيس ’ھالن‘ کان، رکي آس اُڪيرَ!
فضل ڪر فقيرَ! سُونھان سرتين وچ ۾.
(رسالو آسُومل صوفي، (قلمي)، ص 76)

غزل 160: ’ڪيفيت فقير جِي‘ ۾ چون ٿا:

جن جان جوش جالِي، سائِل ڏٺم سوالي،
آيا ويا نہ خالي، منجهہ ’جهوڪ‘ جام جاٽِي.

ڪِن کي خَرارُ مليو، ڪِن لاءِ ڪاسو کليو،
ڪِن ڪاڻ ٽويو ٽليو، ڪِن لاءِ پَڻُ ۽ پاٽِي.)[22](

سانگهاري وقت آيو، آرام کي ڦٽايو،
جانب اچي جڳايو، کنيُم ڪُلهي ڪَنواٽِي.

فقير صاحب کي 22 سالن جي عمر ۾ مرشد مليو. جيئن پنھنجي ’جنم ساکي‘(شبد) ۾ لکن ٿا: 

ٻاويھن ورھين ۾ اچي ستگُر مليو، ڀاڳ نِڌر جو نرمل کُليو

صوفيءَ جي پڙپوٽن ھريرام ۽ ٿانور داس جو خيال ھو تہ سندن مرشد ٽنڊي محمد خان وارا نور محمد شاه ھئا. جيتوڻيڪ پڇا ڳڇا ڪندي راقم کي ٽنڊي محمد خان ۾ ڪنھن بہ اھڙي درويش جو احوال نہ ملي سگهيو آھي. مگر سندن مرشد جو نالو ضرور نُور محمد شاه آھي جو اھڙا اشارا پنھنجي شاعري ۾ ھن ريت ڏنا اٿن:

آرتِي ڪرُون اَلک نِرَنجَن، جِس نَي جَڳٽ اُپايا، کيل بنايا.
اَوَتارِي توڻي پيغمبر ٿيا، جهڳ مڳ جوت جڳايا، راس رچايا.
عبدالقادر شاه جيلاني، قادر قدرت لايا، نور رَلايا.
عبدالملڪ سائين سچ پرگهٽيا، نوبت نينھن بجايا، الک لَکايا.
شاه عنايت صوفي صاحب، شير شھادت پايا، ڀرم مٽايا.
’نور محمد شاه‘ ستگُر مليا، دفتر دُوئي جلايا، شبد سنايا.
سَروَ ساڌن سَنتن ڀڳتن نُون، ’آسُوءَ‘ نِيچ نِمايا، آپ سمايا.
(ويراڳ نامو، (قلمي)، آرتي: 1)

 

’نور محمد شاه‘ مُرشد مليا، شبد ڏتائين سَٻول،
                           اديون مونسان ٿي ھمراھي.
(ويراڳ نامو، (قلمي)، ڪافي: 108)

 

’آسو‘ آکي لک شڪرانا، ’نُور‘ ۾ مليو نُور، وو! ماھي يارا.
(ويراڳ نامو، (قلمي)، ڪافي: 462)

مورُومل ڌانڌا لکي ٿو: ”جڏھن ڦڪن جي ڳوٺ ۾ نوڪري ڪندا ھئا، اُتي مرشد ڪيائون“. ڳوٺ ڦَڪا تعلقي جوھي ۾ نُور شاه ۽ گُل شاه جي نالن سان ٻن درويش ڀائرن جون مزارون آھن، جيڪي ڪلهوڙن جي دور جون ٻُڌايون ٿيون وڃن. فقير صاحب جو دور انگريزن جي صاحبي وارو ھو تہ يقينن مذڪورہ نُور شاه صاحب سان سندن روحاني تعلق نہ ھوندو. فقير آسورام جن جي مرشد جي حوالي سان پختو خيال تجل جي سائين نور محمد شاه جن ڏي وڃي ٿو. ضلعي خيرپور تعلقي ناري جي ڳوٺ تجل شريف ۾ حضرت صوفي شاه عنايت الله شھيدؒ جن جي ننڍي فرزند حضرت صوفي سلام الله شاه ’ٿر ڌڻي بادشاه‘ جن جي درگاه آھي. صوفي شاه شھيد جن جي خاندان مان مخدوم محمد شاڪر عرف سُکيل سائين([23]) جهوڪ شريف مان لڏي تجل شريف وڃي رھيا ۽ درگاه جا پھريان سُجادہ نشين ٿيا. سندن وصال کان پوءِ مخدوم سُلطان علي سائين درگاه تجل شريف جا مسند نشين بڻيا. مخدوم سُلطان علي شاه جن کي 7 پٽن جو اولاد ٿيو: مبارڪ شاه، شاڪر شاه، قلندر بخش شاه، علي اڪبر شاه، شھاب الدين شاه، نور محمد شاه ۽ خواجہ عبدالستار شاه. جڏھن تہ سندن نياڻي درگاه جهوڪ شريف جي پنجون نمبر سُجادہ نشين صوفي ابراھيم شاه ’بنگلي ڌڻي‘ سائين جن سان پرڻيل ھئي. مخدوم سلطان علي سائين جي وصال (1252ه/1836ع) کان پوءِ سندن فرزند مبارڪ شاه ۽ قلندر بخش شاه ھڪ ٻئي پٺيان درگاه تجل شريف جا مسند نشين ٿيا. سائين عبدالستار شاه درگاه جهوڪ شريف جا ستون نمبر سجادہ نشين ٿيا)[24](. حضرت نور محمد شاه وقت جا وڏا صوفي درويش ھئا. زماني کان گوشہ نشيني ڪري اڪثر رياضت ۾ مشغول رھندا ھئا. حضرت پير علي گوھر شاه ’اصغر‘ تي پڻ سندن وڏو راز ھو. پاڻ 17 شوال 1298ه/1881ع تي وصال فرمايائون. اصغر سائينءَ، صوفي نور محمد شاه جن جي وصال تي ھيٺيون فارسي نظم چيو([25]):

عجب صوفي صافي نيک بخت،
زهي نور محمد خہیٰ نيک بخت
بتاريخ ھفتد ھم ماهِ شوال،
از اين دار فاني برآ در درخت
بہ شامِ غريبان، بروز سہ شنبہ،
به فردوس بخشت بالائي تخت
هزار و دو صد نود ھشت سال،
ببود آن کہ افتاد آن خوش درخت
جہان به سور آمد از مرگِ ولي،
ز داغش دلي دوستان لخت لخت

ترجمو: عجب صوفي صاف دل وارو خوش قسمت، واه واه ’نور محمد‘، سچو خوش قسمت۔ شوال جي 17 تاريخ جو ھُو فنا جي گهر مان نڪري جاوداني وڻ (بقا) ۾ داخل ٿيو۔ غريبن جي شام (وفات جي شام)، اڱاري ڏينھن فردوس ۾ بلند تخت تي جاءِ مليس. سن 1298ه ۾ خوش نصيب وڻ (ولي ڪامل) دنيا مان رخصت ٿيو. ان ولي جي وصال تي جھان سوڳوار ٿيو ۽ انهي داغ سان دوستن جا دل ٽڪر ٽڪر ٿي پيا.

ممڪن آھي فقير آسُورام جن مذڪورہ صوفي نور محمد شاه جن جا طالب ھجن، جو ھيٺيان دليل اھا ثابتي ڏئي رھيا آھن:

  1. صوفي آسُورام صاحب کي مرشد 22 ورھين ۾ مليو ۽ اھو سال 1876ع ٿيندو. سائين نور محمد شاه جن جو وصال سن 1298ه/1881ع ۾ ٿيو آھي يعني صوفيءَ جي طالب ٿيڻ جي 4 سالن کان پوءِ جھان ڇڏيو اٿن.

  2. مٿي ڏنل آرتي ”آرتي ڪرون الک...“ مان صاف ظاھر آھي تہ سندن ذڪر ڪيل مرشد نور محمد سائين جي طريقت جو سلسلو قادري ۽ صوفي شاه عنايت شھيدؒ سان جڙيل آھي. ھاڻ جيڪڏھن تجل وارن نور محمد سائين جن جي طريقت ڏي ڏسبو تہ پاڻ صوفي شاه شھيد جي سلسلي سان ئي واڳيل آھن ۽ اُن دور جي سموري سلسلي ۾ اِن نالي سان فقط ھڪ ئي سائينءَ جو ذڪر ملي ٿو. سندن طريقت جو سلسلو ھن ريت آھي)[26](: 
    صوفي نُور محمد شاه (تجل شريف)  
    سندن مرشد صوفي عزت الله شاه ’سخي پير‘  (جهوڪ شريف) 
    سندن مرشد صوفي فضل الله شاه ’داتا پير‘ (جهوڪ شريف)
    سندن مرشد  مخدوم محمد زاھد شاه ’ڪلان‘ (جهوڪ شريف)
    سندن مرشد مخدوم ابراھيم شاه ’ڊٻ والا‘ (جهوڪ شريف)
    سندن مرشد  مخدوم سيد اسماعيل شاه (ٺٽو)
    سندن مرشد شاه عنايت الله شھيد صوفي (جهوڪ شريف)

3. 1875ع کان 1883ع تائين درگاه جهوڪ شريف جي گادي خالي ھئي ۽ درگاه جو ڪار وھنوار حويلي مان جناب بنگلي ڌڻي جن جي گهر واري ۽ سائين نور محمد شاه جن جي ڀيڻ ’سڳورا پاڪ‘ ھلائيندا ھئا. صوفي نُور محمد جن درگاه تي باقائدہ حاضريون ڀريندا ھئا ۽ اھلِ الله فقيرن ۾ سندن مقام مٿاھون ھو.

4. تنھن کان علاوہ فقير صاحب جو پنھنجي ڪلام ۾ تجل جي ٿر ڌڻي بادشاه جن جو ذڪر ڪرڻ بہ مٿين راءِ ڏي ڌيان ڇڪائي ٿو.

 

جهوڪ شريف سان گھري تعلق جو ھڪڙو ثبوت درگاه جي اڱڻ تي موجود سندن ٻارِي پڻ آھي جتي ميلي توڙي مختلف موقعن تي رھندا ھئا. ان جو ذڪر جڏھن درگاه جهوڪ شريف جي سُجادہ نشين حضرت صاحب ڪريم صوفي عطاءُ الله شاه ستاري جن سان ڪيو ويو تہ پاڻ فرمايائون: ”بلڪل فقير جي ٻاري ھئي. ڪچي ٺھيل ھئي جنھن ۾ ننڍو وڻ بہ ھو“. سا ٻاري سندن وصال پڄاڻان سار نہ لھڻ ڪري ختم ٿي وئي. 

فقير صاحب چاليھا بہ ڪڍيا ۽ راتين جو جاڳي عبادت ڪندا ھئا. اڌ رات جو اُٿي وضو ڪري مراقبي ۾ ذڪر فڪر ڪرڻ سندن روز جو معمول ھو. پاڻ ڪو بہ خاص آستان ڪو نہ بڻايائون ۽ گهر ۾ تہ ڪڏھن سامهون اوطاق ۾ رھي فقيري آنند ۾ گذاريائون. فقير آسورام ھر مھيني شاه شھيدؒ جي ’سترھين‘ ۽ غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلانيؒ جن جي ’يارھين‘ (ڏينھن جو) سندن گهر جي سامهون واري اوطاق ۾ ملهائيندا ھئا، شام جو 5 بجي محفل ٿيندي ھئي جنھن ۾ پاڻ ۽ سندن عقيدتمند سندن ڪلام ڳائيندا ھئا ۽ آخر ۾ طعام تقسيم ڪيو ويندو ھو. فقير صاحب جي وصال کان پوءِ 20/22 سالن تائين سندن اولاد ٻئي رسمون جاري رکيون. مگر ورھاڱي کان پوءِ اڪثر خاندان جي ھندوستان لڏڻ ڪري اھي رسمون بند ٿي ويون. ھينئر بہ سندن ڪجهہ اولاد حال سارُو اھي رسمون نڀائيندو اچي.

درگاھ جھوڪ شريف جا صوفي ۽ ھمعصر:

فقير صاحب جن جهوڪ شريف وارن بزرگن جي شان ۾ تمام گهڻو ڪلام چيو آھي. ڪاملن جي ساراه ۽ عقيدت ۾ نيازمندي ۽ صدائن جا گُل نڇاور ڪيا اٿن ۽ ڪن بہ ڪيئن نہ؟ اُتان جي فيض مان ئي تہ سندن اندر جا مونجهارا لٿا ۽ پاڻ سالڪ صوفي بڻيا. چون ٿا:

واه واه سچارا صوفي، جن مِٽايو غير گمان.

صافئون صاف صفا دل سھڻا، ترڪ ڪيئون اڀِمان.
وڻجارن ھيءُ وکر وھايو، وحدت جو سامان.
محبت ’ميرانپور‘ جي جن کي، ويَڙو تن ارمان.
آيا ڦٽجي فراقي ڦٽ کان، دُرس ملين درمان.
’آسُو‘ سَرن پيو ستگُر جي، ڏھرو ڏنائين دان.
(ويراڳ نامو، (قلمي)، ڪافي: 131)

جهوڪ شريف ۾ فقير صاحب جي خاص صحبتين جو پختو احوال تہ ڪٿان ڪو نہ ملي سگهيو آھي. جيتوڻيڪ پاڻ حضرت صوفي شاه عنايت شھيد، صوفي سلام الله ’ٿر ڌڻي‘، صوفي فضل الله ’داتا پير‘، صوفي زاھد شاه ’وسڻ شاه‘ جو ذڪر مختلف جاين تي ڪيو اٿن. ھڪ ڪافي ۾ چون ٿا:

سا شل وسندي جهوڪ، پاڻ پريَن جت پاڻ پسايو.


آسانگو سر جو لاھي آيا الا! ’ٿر ڌڻيءَ‘ جي ٿوڪ،
جنم مرڻ ڪل من جو مٽايو.
فضل ’فضل شاه‘ جي فڪر فنا ڪيا، ذات ورن جي ويئي روڪ،
سَرن پيل جو سڀ ڪم سجايو.
وارث ’وسڻ شاه‘ سُرڪ سِڪڻ جي، ميخانہ مان موڪ،
مچ محبت جو من تي مچايو.
ميران پور ۾ گهايل گهوٽيا، ٽرڪيا ٽاريا نہ ٽوڪ،
پتنگ جيان تن پاڻ جلايو.
’آسُو‘ ٻانهي ٻانھن ٻڌڙي، لک نہ پسئي لوڪ،
مطلب من جو عرض اگهايو.
(ويراڳ نامو، (قلمي)، صدائون شاه شھيد، صدا: 4)

شاه شھيد، ٿر ڌڻي بادشاه ۽ داتا پير تہ فقير آسُومل کان اڳ جا بزرگ رھيا آھن. جيتوڻيڪ صوفي محمد زاھد شاه عرف وسڻ سائين جن جو وصال فقير صاحب جي جواني ۾ ٿيو آھي. مٿين ڪافي کان علاوہ فقير صاحب ھڪ ٻي ڪافي ۾ بہ وسڻ شاه جو ذڪر ڪيو آھي. ٿل آھي:

وه واه ’وسڻ شاه‘، بي پرواه قلندر،
بيواه سندي آه، سڻج شاه قلندر.
(ويراڳ نامو، (قلمي)، ص 402)

درگاه جهوڪ شريف جي سُجادہ نشين صوفي ابراھيم شاه ’بنگلي ڌڻي‘ جن جي وصال(1269ه/1853ع) کان پوءِ سندن فرزند صوفي محمد زاھد عرف سائين وسڻ شاه جن درگاه جهوڪ جا ڇھون نمبر مسند نشين ٿيا. سائين وسڻ شاه کي اولاد نہ ٿيو ۽ پاڻ سن 1291ه/1875ع ۾ وصال فرمايائون. فقير آسُومل جن کي 1876ع ڌاري مرشد مليو. يعني وسڻ سائين جي وصال جي ٺيڪ ھڪ سال کان پوءِ! ٿي سگهي ٿو تہ فقير آسُومل 22 سالن جي عمر يا 1876ع کان اڳ درگاه جهوڪ پھتا ھجن ۽ وسڻ سائين سان سندن ملاقات يا صحبت بہ ٿي ھجي! ان وقت ۾ تاجپور وارا فقير نواب ولي محمد صوفي(1836-1914ع) بہ گهڻو درگاه جهوڪ تي ايندڙ ھئا. پاڻ حضرت بنگلي ڌڻي سائين جا دست بيعت طالب ھئا ۽ سندن صحبت صوفي محمد زاھد شاه ’وسڻ سائين‘ سان گهڻي رھي. فقير ولي محمد سائين جن سان نصرپور واري مصري شاه(1828-1906ع) جي گهڻي صحبت ۽ محبت ھئي، پاڻ ۾ شعر گوئي ۽ فقرائي خيالن جا تبادلا بہ ڪندا رھندا ھئا. ساڳئي نموني سان فقير آسُورام جي صحبت بہ سائين مصري شاه سان ٿي آھي جنھن جو ذڪر اڳ ڪري آيا آھيون. ضرور فقير صاحب جي ملاقات ۽ رھاڻ نواب ولي محمد سائين سان بہ ٿي ھوندي!

وسڻ سائين جن جي وصال کان پوءِ شاه شھيد جي خاندان مان نرينو اولاد نہ ھجڻ ڪري درگاه جهوڪ جي گادي 8 سال خالي رھي ۽ درگاه جو ڪار وھنوار حويلي مان سڳورا پاڪ (صوفي ابراھيم شاه ’بنگلي ڌڻي‘ جن جي گهر واري ۽ وسڻ سائين جن جي ماءُ) ھلائيندا ھئا. آخر سندن راءِ ۽ فقراءَ جي رضامندي سان سندن ڀاءُ صوفي عبدالستار شاه (اول) ولد سلطان علي شاه سن 1301ه/ 1883ع ۾ درگاه جهوڪ جا ستون نمبر سجادہ نشين ٿيا. فقير آسُومل جن جي جهوڪ اچڻ (1876ع) کان پوءِ سندن دور (1941ع تائين) ۾ ھيٺيان صاحبَ ڪريمَ سُجادہ نشين رھيا جن سان سندن صحبت رھي ھوندي:
حضرت خواجہ عبدالستار شاه صوفي (اول) (وصال: 1900ع)
حضرت غوث بخش شاه صوفي ’ھادي سائين‘ (وصال: 1925ع)
حضرت عبدالستار شاه صوفي (ثاني)  (1902-1961ع)

تنھن کان علاوہ ان دور ۾ جهوڪ جا جيڪي ٻيا طالب صوفي ھئا تن ۾ حضرت صوفي عبدالستار شاه(اول) جن جا دست بيعت طالب: سائين رکيل شاه(1846-1940ع)، نصير محمد فقير جلالاڻي(1842-1960ع)، صوفي مسڪين داس(1850-1922ع) وغيرہ ناميارا آھن. 

فقير صاحب قادري طريقي جا صوفي ھئا. پنھنجي شعر ۾ چون ٿا:

ٿورو گهڻو سڀ ڪنھن ڪاپائتي ڪَتو،
منھنجو طريقو ’قادري‘، ’صوفي‘ جو مَتو،
جنھن سان لَھُ لَتو، مَت مٽائڻ ات ھلي.
(رسالو آسُومل صوفي، (قلمي)، ص 132) 

فقير آسورام جن جي خانوٺ (تعلقو ھالا) جي سيد مسڪين شاه سان بہ صحبت رھي. سَنت لِيلا شاه بہ فقير صاحب وٽ روح رھاڻ لاءِ ايندو رھندو ھو. توشيح صنعت تي جوڙيل غزل: 140 ۾ ھر بند جي پھرين سِٽ جو پھريون اکر ملائي ’آسومل‘ ۽ ٻئي سِٽ جو پھريون اکر ملائي ’خوبچند‘ ٺاھيو اٿن، جنھن مان معلوم ٿيندو تہ خوبچند نالي ڪنھن شخص سان گهڻو چاه ھئن. سندن دور ۾ ھالن پراڻن ۾ سائين ولايت راءِ سميت گهڻا ئي فيض وارا فقير ٿي گذريا آھن. سائين ولايت راءِ (1825-1887ع) علم وارا سَنت ھئا ۽ سندن آستانو فقير صاحب جي گهر کان ٿوري ئي مفاصلي تي ’کتري پاڙي‘ ۾ ھو. سوامي شانتي پرڪاش پنھنجي (وڊيو) ستنسنگ ۾ چوي ٿو: ”سائين ولايت راءِ ۽ ڏاڏا آسورام جن لاڙڪاڻي پاسي گڏجي نوڪري ڪئي ھئي ۽ پاڻ ۾ صحبتي ھئا. انهي خيال سان وڏن کان وٺي انهن (ولايت راءِ وارن) سان ناتو ڳنڍيو ايندو آھي“)[27](. سائين ولايت راءِ اٽڪل پنجاه ورھين جي عمر ڌاري قمبر مان نوڪري ڇڏي پنھنجي ڳوٺ ھالن پراڻن ۾ اچي رھيا([28]). اُھو زمانو 1875ع واري ڏھاڪي جو ٿيندو ۽ فقير صاحب جي ڦوه جواني ۽ نوڪري جو شروعات وارو وقت ھو. سائين ولايت راءِ ھالن پراڻن ۾ موٽڻ کان پوءِ پنھنجي آستاني تي صبح، شام نيم سان ستسنگ ڪندا ھئا، گهڻي خلق ايندي ھئن. وٽن سندن طالب ۽ مشھور شاعر صوفي جيوت سنگهہ(1831-1899ع) بہ خدمت ۾ ھوندو ھو. ھي ٻئي ويدن، شاسترن توڙي عربي، فارسي جا عالم ھئا. ضرور ھالن پراڻن ۾ بہ فقير آسورام ھنن درويشن جي ستسنگ ۾ شامل ٿيا ھوندا.

مريد/چيلا ۽ عقيدتمند:

سَنت آسُورام جا مُريد ٽنڊوآدم، حيدرآباد، ڪشمور ۽ کيرٿر ڏي ڪافي ھئا، جن جي ھن وقت ڪا ڄاڻ نٿي ملي. اڪثر ورھاڱي کان پوءِ ھندستان جي شھر اجمير ۽ ٻين علائقن ۾ وڃي رھيا. فقير صاحب جي مکيہ طالبن (چيلن) مان سَنت ٽيئون رام، ڀڳت ڍالُومل، مائي ڀوڄي ۽ ڀائي پرمانند جو ذڪر ملي سگهيو آھي. ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ، ڪوي رام سوامي ۽ سوامي گوالانند مھاراج کي صوفي آسورام جو طالب ڪري لکيو آھي، جڏھن تہ ھي ٻئي فقير صاحب جا طالب ڪِينَ ھئا. اھا ثابتي اڳيان تفصيل سان ايندي. فقير آسورام جن جي دست بيعت طالبن جو احوال ھن ريت آھي:

1. سَنت ٽيئون رام: ھن فقير جو جنم 6 جولاءِ 1887ع ۾ ڀائي چيلارام آسنداس کتري جي گهر ڳوٺ کنڊو تعلقي ھالا، ضلعي حيدرآباد (ھاڻوڪي ضلعي مٽياري) ۾ ٿيو. ڀائي چيلارام سندس آستاني تي روزانو شام جو ستسنگ ڪرائيندو ھو ۽ آيل سَنتن جي خوب خدمت چاڪري ڪندو ھو. ٽيئون رام اڃان 13/14 سالن جو ٻالڪ ھو جو 1901ع ڌاري فقير صاحب آسُورام جن کنڊُوءَ جي اسڪول ۾ ھيڊ ماستر مقرر ٿي آيا. پاڻ ڀائي چيلارام جي ھاڪ ٻُڌي سندن آستاني تي ڪھي ويا، جنھن کين ڀليڪار ڪري، سندن خوب خدمت چاڪري ڪئي. سَنت آسُورام ان شام ۽ رات جو موج سان ستسنگ ڪيو. سندن پريم ۽ ڄاڻ ڀريو ستسنگ ٻُڌي ڀڳت چيلارام کين عرض رکيو تہ: ”ڪرپا ڪري روزانو ھتي اچي پنھنجي مٺن ٻولن جي ورکا ڪندا ڪريو، جو اسان کي ۽ ستسنگين کي ڏاڍو آنند اچي رھيو آھي“. فقير صاحب سندن وينتي قبول ڪئي ۽ روزانو اسڪول جي ڪم کان فارغ ٿي ھن آستاني تي ستسنگ ڪندا ھئا. ننڍڙو ٽيئون بہ دِلا ماٽا ڀري تياري ڪري وڏي شوق ۽ ڌيان سان ستسنگ ٻڌندو ھو. ھڪ رات فقير صاحب ستسنگ ۾ مرشد (ستگرو) ڪرڻ جي وارتا ھلائي ۽ فرمايائون تہ: ”مرشد کان سواءِ آتما جو نہ ڀلو ٿيندو ۽ نہ ئي کيس پنھنجي منزل ملندي. حال حيات مرشد ڪرڻ بلڪل ضروري آھي. ستگرو برھم شروتري (ويدن، شاسترن جو علم رکندڙ) ۽ برھم نيشٺي (پنھنجي آتما ۾ نشٺا رکندڙ) يعني ڪامل يا مالڪ ۾ مڪمل فنا کاڌل ھجيس ۽ الاھي رازن کان واقف ھجي. اھڙي مرشد جي صحبت ۾ طالب جو جلد ڀلو ٿئي ٿو“. اھا ڳالهہ فقير صاحب ڪلامن ۽ مثالن سان کولي سمجهائي. اتي ويٺل سڀني ستسنگين اھا وارتا ٻڌي ۽ ٻئي ڏينھن فقير صاحب جن کان طريقي موجب نام جو اُپديش يعني ذڪر وٺي پنھنجو ستگر ڪيو. اھڙي ريت ذڪر ملڻ کان پوءِ ڀڳت ٽيئون رام ڪڏھن باغيچي ۾تہ ڪڏھن درياءَ ڪناري وڃي ايڪانت ۾ نام جو اڀياس ڪندو رھيو([29]) ۽ اڳتي ھلي پاڻ بہ فيض وارو صاحب ٿي پيو. ستسنگ ڪندو رھيو ۽ گهڻا ئي ھندو، مسلم سندس مريد ٿيا. پنھنجي منڊلي سميت سير سفر ڪندي ٽنڊي آدم ۾ 1917ع ڌاري وارِيءَ جي ڊِٻ تي سڪونت وارو نظارو ڏسي اتي ’امراپور درٻار‘ اڏي ويٺا، جتي کين گهڻيون تڪليفون پيش آيون پر انهن مان ھي پار پئجي ويا. 

ڀڳت ٽيئون رام جي فقير آسُومل سان ڏاڍي محبت ھوندي ھئي. پاڻ وقت بوقت ھالن پراڻن ۾ پنھنجي منڊلي سميت ايندو رھندو. فقير آسُورام جن جي پڙپوٽي ڀڳوانداس ڪُندو مل(جئپور، انڊيا) ھڪ واقعو ٻڌايو تہ: ”ھڪڙو ڀيرو ڀڳت ٽيئون رام پنھنجي منڊلي سميت فقير صاحب ڏي ھالا پراڻا آيو ۽ سندن اوطاق ۾ جيئن داخل ٿيا تہ عجيب نظارو ڏٺائون جو اوطاق ۾ جيڏانھن نگاه ڪن تيڏانھن فقير صاحب پئي نظر آين. ڀڳت صاحب چيو: ’حق موجود‘ ۽ صاف صورت سائين آسُورام سامهون ٿيا“. ٽيئون ڀڳت ۽ سندس مريد عقيدت وچان فقير صاحب کي ’ڏاڏا آسُورام‘ ڪري ڪوٺيندا ھئا. کين جڏھن کنگهہ ٿيندي ھئي تہ ٽيئون رام ھٿ اڳيان ڪري ڏيندو ھئن. ھڪ دفعي وٽس ڪي مريد ملڻ لاءِ آيا، ان وقت پاڻ ڌيان (ذڪر فڪر) ۾ ويٺل ھو. گهڻي انتظار کان پوءِ نيٺ پريمين پُڪاريس. تنھن تي پاڻ چيائين: ”اوھين ويھو، في الحال اسان پنھنجي ستگر جي درشن ۾ آھيون. بعد ۾ اوھان کي درشن ڏينداسين“)[30](. ڀڳت صاحب پنھنجي مرشد کي ارداس ڪندي ھڪ ڀڄن ۾ چوي ٿو: 

ٿل: سِڪ تُنھنجيءَ ۾ ستگُر! دِلڙي دانھُون ڪرَي،
اُڀريو اچن ٿا اُڌما، راتيان ڏينھن رَڙَي.

1. ڪُوڙِيءَ ھن ڪايا ۾، ڏوه ڪيا مُون ڪيئي،
     معاف ڪيو سي ستگُرَ! شَرَن اوھانجي پيئي،
مھر ڪيو ڪا مُئيءَ تي، ڀَوَجل پار تَرَي. 

2. منھنجي من پاپيءَ کي، پاڻ اچي ڪر پَوِيتَر،
     اوٽَ اَجها ٻيا ڇڏي، ورتو مُون تُنھنجو در،
صاحب! توکان سواءِ، ساعَت ڪِينَ سَرَي.

3. عمر وَئي اَوَگڻ ۾، سُڪرت ڪو نہ سَنڀران،
     آس اٿم گُر ’آسُو‘! مارِگ تُنھنجي مران،
پريم سندو ڏي پيالو، ڀاويءَ ساڻ ڀرَي.

4. ’ٽيئون‘ گُڻ ھي ٽيئي، جن ۾ جيوَ ٻَڌا،
     سوال منھنجو سُڻ سائين، نرگڻ نام ڏي سدا،
شانتِ سچِي مان پايان، تُنھنجو ڌيان ڌري. 
(شري پريم پرڪاش گرنٿ، ص 753-754)

ڀڳت ٽيئون رام، ٽنڊي آدم ۾ پنھنجي آستان تي ھر سال سنڌي چيٽ مھيني جي 12 تاريخ تي ميلو لڳائيندو ھو ۽ فقير صاحب کي بہ دعوت نامو لکي ميلي ۾ اچڻ جي درخواست ڪندو ھو. 1927-28ع ڌاري ھڪ ميلي ۾ سائين آسُورام بہ آيل ھئا ۽ ستسنگ ختم ٿيڻ تي ٽيئون رام کي چيائون تہ: ”ڪنھن پريمي کي چئو اسان جي چرڻداسي (جُتي) کڻي اچي، اسان ھاڻ ٻاھر وينداسون“. ڀڳت صاحب پاڻ اٿي چرڻداسي سيني سان لڳائي پنهنجي مُرشدن جي پيرن ۾ پارائي، جنھن تي فقير صاحب سوال ڪيس: ”ھي اوھان ڇا ڪيو؟ اوھان کي چيوسين تہ ڪنھن شيواڌاري کي چئو. اوھان پاڻ ڇو کڻي آيا؟“ جنھن تي ڀڳت صاحب وراڻيو: ”مالڪ! آئون اوھان جو شيواڌاري ڪونہ آھيان ڇا؟“ اھا ڳالهہ ٻُڌي سائين آسورام سندس مٿي تي ھٿ رکي مُشڪي چيو: ”ھزارين پريمي اوھان جي شيوا ڪندا، اھا اسانجي آسيس (دعا) آھي ۽ انھيءَ کي ئي گُر ڀڳتي (مُريدي) چئبو آھي “. اھڙو واقعو ڏسي سڄي سنگت عجب ۾ پئجي وئي ۽ جئڪار منائڻ لڳي([31]).

ڀڳت ٽيئون رام پنھنجي مريدن کي چوندو ھو تہ: ”ڏاڏا آسُورام اوھان جي لاءِ ماستر آھي پر منھنجي لاءِ الله آھي“. اِنهي جملي کي ٿل بڻائي ڪوي پھلاجرام ھي نظم لکيو آھي:

’آسُو‘ ماستر اوھان جي لاءِ آه، پر مون ليکي ادا ھِي اللھ آه.

1. اُھا نظر اوھان کي نا ملِي، تڏھن خذمت ڪري تون ٿو کِلين،
وٺي اُھو جنھن ۾ ويساه آه.

2. ڀلا پَٽ تي ويھو ڇو پاڻ ٿا، سڀ ڄاڻن اوھان جو ئي ڄاڻ ٿا،
ادا مان شيوَڪ ھُو شاه آه.

3. اوھان مڇِي کائو نا ماس ٿا، پوءِ سندو وٺو ھي ڇو واس ٿا،
ھُو پوتر سچو پاتشاه آه.

4. چئو چلم جهوٺِي جڳ جوءِ ٿا، پوءِ نڙ ڇو پسايو گوءِ ٿا،
ھيءُ راضي ڪرڻ جو راهُ آه.

5. جڏھن ھر ڪنھن کي ٿا اوھان وڻو، پوءِ جُتي پراڻي ڇو ٿا کڻو؟
ڇا شيوا ڪرڻ ڪو گناه آه.

6. ھيءَ ڪھڙي اوھان لِيلا رچِي، کڻو پاڻ ھٿن سان چِرمچِي،
مونکي نفرت جي نہ نگاه آه.

7. جيڪي شيوا ۾ عيب پيا اُڻيندا، اُھي ’پھلاج‘ موج نہ ماڻيندا،
ھيءَ جيئري مرڻ جي راه آه.([32])

پريم پرڪاش پنٿ ويب بلاگ)[33]( ۽ ٻين ليکڪن ڀڳت ٽيئون رام کي سَنت آسُورام جن جو پوٽو ڄاڻايو آھي. ھت اُن جي درستگي ڪندا ھلون تہ: ٽيئون رام ذات جو کتري (سندس جيوڻي مطابق) ۽ فقير صاحب برھم کتري ھئا. جيئن مٿي ڄاڻائي آيا آھيون، فقط عقيدت وچان سڀ کين ’ڏاڏا آسُورام‘ ڪري ڪوٺيندا ھئا. باقي ڀڳت صاحب جو صوفيءَ سان خانداني رشتو ڪو نہ ھو.

ڀڳت ٽيئون رام سنڌي، سرائڪي ۽ ھندي ٻولين ۾ شاعري ڪئي آھي. سندس گاديسرن سندس ڪلام گڏ ڪري ’پريم پرڪاش گرنٿ‘ نالي سان ڇپرايو آھي. ھن جي طالبن پڻ پنھنجا ڀڄن مرشد جي نظر (ارپڻ) ڪري ’ٽيئون‘ تخلص سان مذڪورہ گرنٿ ۾ شامل ڪرائي ڇڏيا، جنھن ڪري ’پريم پرڪاش گرنٿ‘ ۾ ڏُکي خبر پوي تہ ڪھڙو شعر ٽيئونءَ جو آھي ۽ ڪھڙو سندس طالبن جو. سندس نظم جي ٻولي ايڏي پُختي نٿي ڏسجي جيتري فقير آسورام جن جي آھي ۽ وٽس ڌرمي خيال بہ ڪجهہ سوايو آھي. پوءِ بہ ھن تي فقير صاحب جي ڪلام جو رنگ ملي ٿو. مثال طور:

صوفي آسورام:

فقيري ايڪانتي سدا رک صبوري، فقيري تہ شانتي شُڪر سان شُڪوري،
فقيري تَن لئُون لائي پِرَ ساڻ پُوري. 

1. فقيري تہ ڪھڙي رکين دلگيري، فقيري تہ ڇا کون جُڳائي اميري؟ 
 فقيري تہ غازي غضب ڪڍ غرُوري. 

2. فقيري تہ ڇا کون رکين ڪِبر ڪينو؟ فقيري تہ صافي صفا صاف سينو، 

فقيري قلب مان ڪڍي ڇڏ ڪدُوري. 

3. فقيري تہ مايا منڊل ڇڏ تياڳي، فقيري تہ ڀئُہ ڀِرم مُور مون نہ لاڳي، 

فقيري تہ دلبر کان دم ناه دُوري. 

4. فقيري تہ فاقو فڪر ۽ قناعت، فقيري تہ ياري فڪر ۽ رياضت، 

فقيري تہ ڪج نا پڌر ڪا پسُوري. 

5. فقيري تہ رت رڳن مان سُڪائي، فقيري تہ مچ ۾ پرينءَ پچائي، 

فقيري  فنا ٿي الک ۾ ضرُوري. 

6. فقيري تہ مَرُ تون مرڻ کان اڳي ئي، فقيري تہ ڇڏ واسطا ٻيا سڀيئي، 

فقيري تہ ڏي جان جانب سمُوري. 

7. فقيري تہ ’آسو‘ اٿيئي اڙانگي، فقيري تہ ملهہ ۾ مڙن کان مھانگي، 

فقيري تہ ھر دم ھئي حق حضُوري.
 

ڀڳت ٽيئون رام:

اٿئي موج مستي فقيريءَ جي نياري،
عجائب الستي چڙھي خود خماري.

1. نشن ۾ نشو ٿي فقيريءَ جو اعلى،
     جنھن جي چڙھڻ سان پوي سمجهہ ساري.
2. رکي ڪين پرواه فقيري ٿي ڪنھنجي،
     گجي شير وانگي ھميشه ٿي ڀاري.
3. فقيري حڪومت ھلي ٿي سڀن تي،
     وڏو شھنشاه ڀي اڳيان تنھن بکاري.
4. فڪر کان ٿي فارغ فقيري بڻائي،
     ڪھي ’ٽيئون‘ دل کي سا ڏي ٿي بھاري. 

 (سري امراپور واڻي (ڀاڱو پھريون)، 1947ع، ص 76)

ڀڳت ٽيئون رام 20 جون 1942ع تي حيدرآباد ۾ سوامي ماڌَوُداس وٽ وصال ڪيو. سندس جسد خاڪي کي ٽنڊي آدم ۾ آڻي اگني سنسڪار ڪيو ويو ۽ ’امراپور درٻار، ٽنڊو آدم‘ ۾ سندس سماڌي بہ جوڙي وئي. کانئس پوءِ ھڪ ٻئي پٺيان ڀڳت سروانند، سوامي شانتي پرڪاش ۽ سوامي ھرداس رام سندس گادي تي ويٺا. ورھاڱي کان پوءِ سندس سماڌي جئپور، انڊيا ۾ منتقل ڪري ’امراپور درٻار جئپور‘ جوڙيو ويو. تنھن کان علاوہ بہ ھند سنڌ سميت پوري دنيا ۾ سندن ’پريم پرڪاش آشرم‘ آھن. جتي ھر سال ڀڳت صاحب جو ميلو لڳندو آھي. ھن وقت سائين ’ڀڳت پرڪاش‘ گاديسر آھن. 

ڀڳت ٽيئون رام سان گڏوگڏ سندس طالب فقيرن جي بہ سَنت آسورام سان گهڻي عقيدت ھوندي ھئي ۽ کانئُن فيض پرايائون. ٽيئونءَ جي سَنت منڊلي مان سندس طالب سوامي ماڌَوُداس ھالا نوان جي ويجهو ڳوٺ ’ٻَنڌِ‘([34]) جو رھواسي ھو. ھي 1914ع ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ ڳوٺ ۾ ڀڳت راچُورام جي مڙھِي ۾ ويندو ھو ۽ ڳائڻ وڄائڻ بہ سکيو. راچُورام جي مڙھي ۾ ھڪ ڏينھن ڀڳت ٽيئون رام اچي ستسنگ ڪيو، سو ننڍڙي ماڌَوَ جا ساڻس دل جا پيچ پئجي ويا. گهڻا دفعا لِڪ ۾ وٽس ٽنڊو آدم نڪري ويندو ھو پر مائٽ زوري واپس وٺي ايندا ھئس. ھڪ ڏينھن ڀڳت راچُورام کي چيائين تہ: مونکي ڪيئن بہ ڪري سوامي ٽيئون رام جا ديدار ڪرايو، آئون سندن شِشيہ (طالب) ٿيڻ ٿو چاھيان. راچُورام کيس فقير آسورام جن وٽ ھالا پراڻا وٺي آيو ۽ چيائينس تہ: ”ڏاڏا صاحب سنسڪرت ۽ فارسي جا عالم آھن. ھِتي تون ٻَئي ٻوليون بہ سِک ۽ پنھنجي محبوب جو بہ ديدار ڪندو رهُ، جو ڀڳت ٽيئون رام پنھنجي گُرُوءَ وٽ ٻئي ٽئي ڏينھن ايندو رھندو آھي“. ماڌَوَ، صوفي آسورام جن کي عرض رکيو تہ: ”سوامي! ڏيوم ڪا ڏات ذري جو سنسڪرت ۽ فارسي سِکان. مون ۾ ايتري سمجهہ تہ ڪانهي پر پنھنجو ٻچڙو سمجهي مھر جي نظر ڪريو“. فقير صاحب سندس عرض قبولي کيس نوازي ڇڏيو. سعدي شيرازي جو ھيٺيون فارسي بيت ٻڌايائونس:

تونگری بَہ دِل است نَہ بہ مال
بزرگی بَہ عقل است نَہ بَہ سال

فرمايائون: ”ماڌَوَ! ھن بيت جو مطلب اٿئي تہ شاھوڪاري دل سان ھوندي آھي، پئسي سان نہ. دنيا ۾ اُھو وڏو شاھوڪار آھي جنھن جي دل وڏي آھي. اھڙي نموني عمر وڏي ٿيڻ سان ڪو وڏو نہ سڏبو پر وڏو اُھو آھي جنھن کي عقل ھجي“. اِنهن لفظن ماڌَوَ تي گھرو اثر ڪيو ۽ ڄاتائين تہ فقير صاحب علم جا درياءَ آھن. سو وٽن ڪو وقت ھالن پراڻن ۾ رھي فارسي ۽ سنسڪرت سِکيو ۽ راڳ ويراڳ سميت سندن خدمت بہ ڪندو رھيو. اتي محبوب ٽيئون رام سان بہ سندس رھاڻيون ٿيون ۽ کانئُس نام (ذڪر) وٺي پنھنجي آسَ پوري ڪيائين.([35]) اھڙي نموني ڀڳت ٽيئون رام جي ٻين طالبن/چيلن ۾ سوامي گرمُک داس، فقير آسورام جي عقيدت ۾ ڪلام چيو آھي (ڏسو ص 79). سوامي شانتي پرڪاش 1921ع ڌاري چَڪَ شھر ۾ ڀڳت ٽيئون رام جو چيلو بڻجي جڏھن امراپور درٻار، ٽنڊوآدم پھتو تہ فقير آسورام جن اڳي ئي اتي ويٺا ھئا، ننڍڙي شانتي پرڪاش کين ڏنڊوَت پرڻام ڪيو تہ پاڻ پيار منجهان ڳراٺڙي پائي کيس پنھنجي سيني سان لڳايائون([36]). سوامي جِيوَن مُڪت ھر سال کيرٿل (انڊيا) ۾ سندن ورسي ملهائيندو ھو. ڊاڪٽر مانجهي، ’سوامي گوالانند مھاراج‘ بابت لکي ٿو: ”ھي آسومل جو طالب ھو ۽ سندس ڀاءَ ٽيئون رام کان بہ گهڻي روحاني تعليم حاصل ڪئي ھئائين“)[37](. جڏھن تہ حقيقت ان جي ابتڙ آھي. ڀڳت گوالداس عرف گوالانند يا گوال لعل پنھنجي ڀاءَ ٽيئون رام جو چيلو ھو ۽ ساڻس گڏ ھالا پراڻا ايندو رھندو ھو جنھنڪري فقير صاحب کان گهڻو ڪجهہ پرايائين. پنھنجي شاعري ۾ سندس مرشد جي چِٽائي ڪندي چئي ٿو:

ڪريان وَندنا ٿو پَنۡھ، ستگر ’ٽيئون رامَ‘،
بِن ڪَرمن ڪِرپا ڪري، جن ڏنِي آتم مامَ،
ڪَٽيا وِڪار ڪليش پڻ، ڏنا گڻ اَپرامَ،
’گوالا‘ پُورن ڌامَ، پھچايو تن پل ۾.
 (گوال شلوڪاولي، 1939ع، ص 1)
 

’ٹیئوں رام‘ گُرُو پُورن پایا، انتر آتم ماہيں سمایا۔
 (سوامی گوالانند گرنتھ، 1984ء، ص: 214)

سندس ڪلام تي فقير آسورام جي فڪر جو اثر پڻ موجود آھي. مثال طور گوال شلوڪاولي مان ٻہ بيت ھيٺ پيش ڪجن ٿا:

فقير آسورام: 

 ڀؤنرا! رکي ڀئُہ، وٺج واس سُڳنڌ جو،
ڪانڊيريءَ جي ڪَنڊن کان، کائج پيو ڪئُہ،
 مَنان موهَ جو مئُہ، ڇڏ تہ ڇُٽين ’آسو‘ چوي.

ڀڳت گوال لال:

ڀؤنرا! ٿيءُ ھوشيار، وٺ سُڳنڌ گلاب جو،
متان ڦاسين ڪنڊن ۾، غافل! ڪِرِي گينوار،
’گوالا‘ ڪري ويچار، پاڻ بچائج پنھنجو.

فقير آسورام:

ٿيو اُدءِ راس رَوِي، ڪَنۡوِلا جو ڇوڙ سَٻَنڌُ.
ڀئُہ رکِي ڀَورا ڀَنۡؤرا! وٺجي واسُ سُڳنڌُ. 

ڀڳت گوال لال: 

ڀنؤرا! رکج ڀئُہ، ڇو ڇيڪ گهمي ڇدرن ۾؟
سڄو ڏينھن سڳنڌ وٺي، ڪرين گلن مان ڍءُ،
سج لٿي سماءُ پوندءِ، لھي ويندءِ سڀ رءُ،
’گوالا‘ ڇڏي مئُہ، ره سائين جي سڪ ۾.

ڀڳت گوالانند نثر ۽ نظم جا ڪتاب لکيا جيڪي ورھاڱي کان اڳ ڇپيا. ھن سنڌي، سرائڪي ۽ ھندي ٻولي ۾ شاعري ڪئي آھي. ڪافي، ڀڄن، بيت، دوھو، سہ حرفي، ٻاون اکري ۽ ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس مريدن ھن جو ڪلام گڏ ڪري ’شري سوامي گوالانند گرنٿ‘ نالي سان ديوناگري لِپي ۾ 1984ع ڌاري ڇپرايو. گوال لعل جي ڪلام ۾ تصوف ۽ ويدانت ٻنهي جا خيال ملن ٿا. سندس گرنٿ (ص 304) مان ھڪ ڀڄن پيش ڪجي ٿي:

سنسا ٽوڙي ٿي منصور، جي تون صوفي صاف سڏائين۔ 

ڪرم ڀرم ڪوڙا ڪاٽي، دين ڪفر کان ره تون دور.
ڇني طريقا ترڪ ڪري سڀ، حاضر ڏس تون هِڪ حضور.
مھڻا بَديون سوڙھيون سختيون، مٿي ھن جي ڪر منظور.
درد جي دل ۾ ديڳ چاڙھي، بره دي وچ ره تون ڀرپور.
’گوالا‘ گم ٿي ويک وجودا، دردوندن جو هيءُ دستور.

اھڙي نموني سان جڳ مشھور شاعر ڪوي پھلاجرام(1893-1967ع) بہ فقير صاحب آسورام جن سان عقيدت جو اظھار ڪيو آھي (ڏسو ص 49). ھي اصل سوامي شامانند ڀارتي جو چيلو ھو. پوءِ ڀڳت ٽيئون رام سان گهڻي عقيدت رھيس. ھڪ ڀڄن ۾ چوي ٿو:

ٿل: پنڌ پيرين ھلڻ، گُرَ ڏيري ھلڻ، ھن ڀيري ھلڻ، ھڪ رات، 
           بابا ڀلي پوي برسات.
     ڪنڌ ڪيري ھلڻ، ڦندو ڦيري ھلڻ، سڪ سيري ھلڻ سوغات،
     بابا ڀلي پوي برسات.
1. چِڪ چارو ٿئي، گپ گارو ٿئي، مينھن مارو ٿئي مون مٿان،
   وڄ وارو ٿئي، پاڻي پارو ٿئي، ڀل سيارو ٿئي مون مٿان،
    ڏک ڏوري ھلڻ، سر گهوري ھلڻ، ھوري ھوري ھلڻ، ھڪ رات.
2. ڀل ڌوڙيو وسي، واچوڙو وسي، ڳڙو ڳوڙهو وسي واٽ تي،
    ڪک ڪوڙو وسي، ڊاڀوڙو وسي، سر ٻوڙو وسي واٽ تي،
    ھٿ جوڙي ھلڻ، ٻيائي ٻوڙي ھلڻ، ٽڳا ٽوڙي ھلڻ، ھڪ رات.
3. گيت ڳائيندا ھلون، ۽ وڄائيندا ھلون، راڳ ٺاھيندا ھلون ٺاه سان،
   پلئُہ پائيندا ھلون ۽ منائيندا ھلون، بخشائيندا ھلون ڀاوَ سان،
    ڇڏي ماڻو ھلڻ، ٽانءِ ٽاڻو ھلڻ، ٿي نماڻو ھلڻ، ھڪ رات.
4. ڪَڏي منھنجي ڪرَي، آيا پيرا ڀرَي، سو ڏينھن وسرَي ڪين ٿو،
    ھاڻي مينھن جي ڪرَي، ڇا ٽيم ٽرَي، ڏيل منھنجو ڏرَي ڪين ٿو،
   سائين ’آسو‘ ادا، ٿيندو ساڻي سدا، ’پھلاج‘ پھچون پرڀات.([38])

پھلاجَ، صوفي شاه عنايت شھيد جي شان ۾ بہ ڀڄن چيو آھي. جنھن جون چند سِٽون ھيٺ ڏجن ٿيون:

ماريندين جي جيئاريندين، تہ بہ مُنھن نہ مرشد مان مَٽيندوسانءِ.
عنايت الله جهٽ ڀاڪر پاتو، بلو ’پھلاج‘ ڇاتيءَ سان لاتو،
سڪ سان يار سنڀاريندين، تو عاشق مان بہ اڏيندوسانءِ.
(پھلاج پريم واڻي (ڀاڱو ٽيون)، ص 71)

سَنت ٽيئون رام جا طالب/چيلا: ھِند سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ستسنگ ڪندي ڀڳت صاحب جا ڪيترائي مريد بڻيا. گهڻا سندس سنت منڊلي ۾ بہ شامل ٿيا ۽ پنھنجا شھر ڇڏي ’امراپور درٻار‘ ٽنڊي آدم ۾ اچي رھيا. سندس جن طالبن (چيلن) جو احوال ملي سگهيو آھي تن جا نالا، اصل علائقو ۽ جنم، وصال جو سال ھت ڏجي ٿو: 

ڀڳت گوالانند(ڳوٺ کنڊُو تعلقو ھالا. 1897-1941ع)، رمضان فقير(کنڊُو)، فقير خير محمد(کنڊُو)، سوامي آتمانند(کنڊُو)، سوامي اوم پرڪاش(کنڊُو)، سوامي جِيوَن مُڪت(کنڊُو. وفات: 1979ع)، سوامي ھنسراج(کنڊُو)، سوامي سَروانند(ڀٽشاه. 1897-1977ع)، سوامي گُرمکداس(ڀٽشاه. 1896-1965ع)، سنت شيوڪرام(ڀٽشاه)، سوامي ڪرشن داس(ڀٽشاه)، ڀڳت ايسرداس(ڀٽشاه)، سوامي ماڌَوُداس(ٻَنڌِ تعلقو ھالا. 1914-1984ع)، سوامي چندن پرڪاش(ڳوٺ مَسُو، حيدرآباد. 1913-1978ع)، سوامي ھر پرڪاش(ڳوٺ ٺوڙھا، ضلعو حيدرآباد)، ڪيول رام گوَيو(حيدرآباد)، سوامي نامديو(ڪراچي)، سوامي ڌرمداس(شھدادپور. 1910-1991ع)، سنت ھنس پرڪاش(شھدادپور)، سوامي بَسنت رام(ڳوٺ کاھِي، ضلعو سکر. 1903-1980ع)، سوامي پريمانند(کاھِي)، سوامي مرليڌر(کاھِي)، سوامي سَنت داس(کاھِي)، سوامي گڻيشانند(کاھِي، ج. 1900ع)، سوامي شانتي پرڪاش(ڳوٺ چَڪ، سکر. 1907-1992ع)، سوامي اُوڌوُداس (چَڪ. وفات: 1967ع)، سوامي گيان پرڪاش(چَڪ)، سوامي پريتمداس(چَڪ)، سوامي مينگهنداس(چَڪ)، سوامي کيمانند(ڳوٺ عظمت، تعلقو سکر)، سوامي ڀڳت پرڪاش(عظمت)، سوامي ھريرام(شڪارپور)، سوامي رام ڪرشن(شڪارپور)، سوامي وڇائت رام(لاڙڪاڻو)، سوامي ارجن ديو(ڪنڌڪوٽ)، سوامي جئہ پرڪاش(وفات. 1975ع)، سوامي گنگارام(وفات: 1991ع)، سوامي ستيہ پرڪاش(خانپور، ضلعو شڪارپور)، سوامي ھيرانند، سوامي گوبند پرڪاش، سوامي ڀڳوانداس، سوامي کيارام، سوامي ڪنولداس، سوامي ھرداس رام، سوامي چرنداس، سوامي نتيہ پرڪاش، سوامي جوتي پرڪاش، سوامي گهنشامداس، سوامي پُورن پرڪاش، سنت شوَنداس، ساڌ جيوڻ لعل برھمڻ، نانڪرام برھمچاري، گيانچند برھمچاري، سوامي تيرٿ پرڪاش، سوامي واڌورام، ڪلياڻ پرڪاش، شنڪر لعل، روچيرام پوڄاري، رامو ڀڳت، ڀڳت پرين مل، ڀڳت منگهن رام، ڊاڪٽر پرمانند وغيرہ. ھنن مان ڪجهہ ساڌَن شاعري پڻ ڪئي آھي ۽ پنھنجا طالب/چيلا پڻ ڪيائون.

2. ڀڳت ڍالُومل: ھي صوفي آسورام جن جو طالب/چيلو ھو. ڀڳت ڍالُومل ولد ٽوپڻ داس مولچند برھم کتري (نُک سورٺيا) جو جنم 1882ع ڌاري مٽياري شھر ۾ ٿيو. جلد ئي پوءِ ھن جا مائٽ ڀر واري ڳوٺ کيبر ۾ لڏي ويا. ڪي سال اُتي رھي واپس مٽياري موٽي آيا. ڍالُومل اباڻو رڱاوت جو ڪم ڪندو ھو. شادي ھالا پراڻا مان فقير آسُورام جي نياڻي سان ڪيائين. ساڌن سَنتن سان ننڍپڻ کان صحبت ھئڻ ڪري ستسنگ ۾ بہ ويندو ھو. چاليھن سالن جي عمر ۾ کيس ٽيٻر ويراڳ لڳو ۽ گهر ڇڏي ساڌن فقيرن سان نڪري ويو. مائٽ سال کن پڇا ڪندي ڪندي نيٺ قلندر شھباز جي درگاه سيوھڻ مان ھٿ ڪري وٺي آيس ۽ سمجهايائونس تہ ڀڳوان جي ڀڳتي رڳو سنياسي ٿي نہ پر گرھستي ٿي (گهرُو ڪار وھنوار ۾) بہ ڪري سگهجي ٿي. جنھن کان پوءِ ھالن پراڻن ۾ وڃي پنھنجي سَھُري سَنت آسورام کان نام جو اُپديش (ذڪر) وٺي کين پنھنجو مرشد ڪيائين ۽ صوفي سلسلي ۾ داخل ٿيو. ھڪ ڀڄن ۾ چئي ٿو:

مُوڙها ڇو ٿيو آھين گرفتار.

1. ھِردو پنھنجو کولي ڏس، تو اندر تارڻ ھار.
2. ٿوري آھي ويل جيئڻ جِي، سمجهي ٿيءُ ھوشيار.
3. ڌيان چرڻن جو ڌارڻ، توکي اصل آھي اقرار.
4. ’ڍالُو‘ ستگر پُورن پايا، ’آسُو‘ صوفي اَوِتار. 

ذڪر وٺي سال کن مٽيارين ۾ رھڻ کان پوءِ درگاه جهوڪ شريف ھليو ويو ۽ وڃي صوفين سان صحبت ڪيائين. ھتي ڪنھن ڪامل درويش سان ڏيٺ نصيب ٿيس، جنھن کيس فيض سان واسي ڇڏيو ۽ ھي فقيري رنگ ۾ رچي لعل ٿيو. ٻہ سال جهوڪ ۾ گذارڻ کان پوءِ واپس پنھنجي ڳوٺ مٽياري آيو ۽ پنھنجي ڪم سان گڏوگڏ اِيشور ڀڳتِي ۾ محوُ رھيو. ھالن پراڻن ۾ فقير آسُورام جن وٽ بہ گهڻو ايندڙ ھو. ورھاڱي کان پوءِ خاندان سميت ھندستان جي شھر آگري ۾ وڃي رھيو. کيس چئن پُٽن)[39]( جو اولاد ٿيو، سي چار ئي وفات ڪري ويا آھن. سندن اولاد آگرا، جئپور، راجڪوٽ ۽ سُورت ۾ رھي ٿو. آخري وقت ۾ صوفي ڍالُومل پنھنجن عزيزن ۽ مٽن مائٽن کي گهُرائي نصيحتون ۽ وصيعت ڪري، سندس چالاڻي کان پوءِ سماڌي ٺاھڻ جي منع ڪئي. سڀني کان موڪلائي تاريخ 4 آکاڙ وڪرمي سنبت 2007 برابر 4 جون 1950ع تي جسم جي قيد کان آزاد ٿي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو. سندس جسد خاڪي جو اگني سنسڪار ڪيو ويو. جنھن کان پوءِ سندس وڏو پُٽ ڀڳت گاگُومل گادي تي ويٺو. گاگُومل 1976ع ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ ھن وقت ڀڳت سِيتل داس گادي ڌڻي آھي، پاڻ راجڪوٽ ۾ رھي ٿو ۽ ھر سال ڀڳت ڍالُومل جو ڏھاڙو ملهائيندا آھن. ھي ھڪ ٻئي کي ’حق وِجُود‘، ’سدا موجود‘ ڪري سلام ڪن. ڍالُو ڀڳت کي مريد بہ ھئا جن ۾ سندس پُٽ گاگُو ڀڳت ۽ ڀڳت جهمٽ مل جو ذڪر ملي ٿو. ھن شاعري پڻ ڪئي آھي. 

ڍالُو ڀڳت کي ڪل ٽي ڀائر ھئا، ٻہ وڏا ۽ ھڪ ننڍو. آخري ڀاءَ جو نالو جَسُومل ھو. ھي ڀڳت ۽ شاعر پڻ ھو. جَسُو ڀڳت، سَنت تاراچند جو طالب ھو. اجرڪ جي ڇپائي ۽ رڱاوت جو ڪم ڪندو ھو، پنھنجو ڪارخانو ھيس ۽ گهڻا ڪاريگر وٽس ڪم ڪندا ھئا. ھڪ دفعي ھن ھريدوار وڃڻ جو ويچار ڪيو ۽ اٺن ڏينھن جو ڪم سڀني ڪاريگرن کي ورھائي کين تاڪيد ڪيائين تہ سندس موٽڻ کان اڳ ئي مال تيار ڪري رکن، سو سڀن کيس ھائوڪار ڪئي. ھي ھليو تيرٿن تي تہ پويان ڪاريگر بہ سُست ٿي پيا چون: ”سائينءَ ۾ دير آھي سڀاڻ پريئن ڪم ۾ ھٿ وجهنداسون“. سُستي ۾ ڇھ ڏينھن نڪري ويا. ھاڻ جو سڀ گڏجي ڪم تي ويٺا تہ پريشانيءَ وڪوڙين، جو ڪم گهڻو ڏينھن ٿورا. نيٺ ڪنھنجي صلاح تي گاگُو ڀڳت (ڍالُو ڀڳت جو پٽ ۽ جسُوءَ جو ڀائيٽيو) وٽ ويا ۽ نماڻي وينتي ڪيائون تہ ”سائين! ڪم گهڻو آھي ۽ ڏينھن ٻہ بچيا آھن. جسو ڀڳت بہ اچڻ وارو آھي، ڏاڍو ناراض ٿيندو، اوھان ڪا مھرباني ڪريو تہ مال تيار ٿي وڃي“. گهڻين منٿن ۽ نيزارين تي نيٺ گاگُو ڀڳت چيُن: ”چڱو! رنگ ۽ پَور مونکي سمجهايو ۽ اوھين ھليا وڃو“. ڀڳت صاحب ڪارخاني جو در بند ڪري ڪجهہ ڪلاڪن کان پوءِ ٻاھر آيو ۽ ڪاريگرن کي چيائين توھان جو ڪم تيار آھي. ڪاريگر خوش ٿي ويا ۽ ھن جا ڏاڍا ٿورا مڃيائون. ٻئي ڏينھن جسُو ڀڳت تيرٿن تان موٽي آيو ۽ سڀني کي گهرائي مال جانچيائين. کيس شڪ ٿيو، سو پڇيائين: ”ھيڏي صفائي ۽ سھڻو ڪم تہ مون ڪڏھن ڪو نہ ڏٺو آھي. سچ سچ ٻڌايو، ھي ڪم ڪنھن ڪيو آھي؟“ ڪاريگرن ھا نہ ھا نہ ڪري نيٺ حقيقت ڪئي تہ ”گاگُو ڀڳت اھو چمتڪار ڏيکاريو آھي“. تنھن تي جَسُوءَ، صوفي ڍالومل وٽ وڃي کيس سڄي حقيقت ٻڌائي. ڍالُومل پنھنجي پُٽ کي گهرائي فرمايو: ”گاگُو! ھي تو ڇا ڪيو! تو سڀ وڃائي ڇڏيو“. ڀڳت جو ايترو چوڻ ۽ سندس پُٽ دماغي توازن وڃائي ويھي رھيو، ڪي سال تہ پنھنجا ڪپڙا بہ لاھي ڦٽي ڪري ڇڏيائين. آخر سندس ماءُ (صوفي آسورام جي نياڻي) ڍالو ڀڳت کي آزيون ڪيون ۽ ڀڳت صاحب کيس پنھنجي مرشد ۽ سھري سنت صوفي آسورام وٽ وٺي وڃي کين سڄو احوال ڏنو. فقير صاحب جي دعا سان گاگُو ڀڳت ٺيڪ ٿي ويو ۽ کيس دوا درمل ڏنائون جو آخر تائين کائيندو رھندو ھو. سندس گهڻو عقيدو ھو. ڀڳت گاگُومل کي فقير آسورام، ڍالو ڀڳت ۽ جسُو ڀڳت جا ڪلام ياد ھوندا ھئا. ڍالُو ڀڳت جو بيت ۽ ھڪ ڪافي ھيٺ ڏجي ٿي)[40](:

مايا موهُ من ۾ ڌاري، وڏا ڪرين پيو ويچار،
وِشيُنِ پنھنجو پاڻ ڦاسائي، تِرڪڻ اٿئي تار،
ڪي تريا ھن تلاءَ مان، باقي ٻڏڻ ھار،
’ڍالُو‘ ٿي ھوشيار، وٺي آسرو الک جو.
 ---

مُورک تو ڪو نہ ڪيو ويچار ڀڄن جو،
ڪو نہ ڪيئي ڙي، ڪو نہ ڪيئي ويچار. 

گرڀ ۾ ھوئين، قول ٻَڌا تو، پوءِ آئين سنسار،
واس ورتوئي،  ڪو نہ پِرائي رَسن جي آڌار.

مايا موھي منُ وِڌوئي، وڏا ڪرين ويچار،
پاڻهي پنھنجو پاڻ ڦاسايئي انڌن جي آڌار.

يار، جيڏا، ڀائر، ڀائيٽيا تن سان رکين ٿو پيار،
انت ويلي سڳا چوندئي، پوءِ ڀڄي ٿيندئي ڌار.

’ڍالُو‘ آکي سائين پڇندئي، غفلت ڇڏ گينوار،
ڪينَ سُوڌيئي، اچي جڳ ۾، ھاريئي پنھنجو اقرار. 

جَسي ڀڳت جي ڪلام جو نمونو:

ڏجو ڏکيءَ کي اوھين ڏس ڙِي ڀينر،
ڪيئن پسان آئون پرينءَ کي پيھي؟!
سُمهان سويرو اٿان اويرو،
اکين کي آلس ڙِي ڀينر.
جيڏين سرتين ڪئين سمجهايو،
ڪو نہ مُئيءَ جو وس ڙِي ڀينر.
جيڏين سرتين سُھاڳ جي ماڻيو،
آئون رھيس بيوس ڙِي ڀينر.
’جَسُو‘ ڄاڻج پاڻ سُڃاڻج،
ڪڍ ڪوري قلب مان ڪس ڙِي ڀينر.

3. مائي ڀوڄي: ھن جي حوالي سان حڪيم ليکراج مل ٻڌايو تہ فقير صاحب  آسُورام جن جي چيلِي ھوندي ھئي. سندن ستسنگ، محفلن ۽ سندن وصال بعد ميلي ۾ اچي ڪلام ڳائيندي ھئي. مائي ڀوڄي قد جي ڊگهي، بدن ۾ ڀريل ھوندي ھئي. سنڌ ۾ ھن جو تعلق ڪھڙي شھر سان ھو؟ سو پتو نہ پئجي سگهيو آھي جيتوڻيڪ ڪتاب ’ستگرو ٽيئون رام جن جو جيون چرتر‘ ۾ ڀڳت سروانند لکي ٿو: ”سوامي ٽيئون رام ٽنڊي آدم مان ريل وسيلي سکر لاءِ نڪتا، شھدادپور ۾ گاڏي بيٺي تہ اتي جي پريمين ۾ مائي ڀوڄي بہ ساڻن ملڻ آئي“.  جنھن مان محسوس ٿئي ٿو تہ متان شھدادپور جي رھواسڻ ھجي! ورھاڱي کان پوءِ ھندستان جي شھر اجمير ۾ وڃي رھي. اُتي ھر سال فقير صاحب جو ميلو ڪندي ھئي، گهڻي خلق ايندي ھئس. ماڻهو سُکائون کڻي ايندا ھئا، پوءِ جن جي مراد پوري ٿيندي ھئي سي نذرانو ڏئي ويندا ھئا. کيس شايد نرينو اولاد ڪو نہ ھو. سندس چالاڻي کان پوءِ ڏوھٽو دريانُو مل ھر سال فقير صاحب جو ميلو لڳائيندو ھو. درياني مل جو گهڻو اولاد ھندستان جي شھر ڀِيلواڙَي ۾ رھي ٿو. سندس پوٽاڻ مان ڀائي انيل ڪُمار عيال سميت مائي ڀوڄِي  جي اجمير واري اصل گهر ۾ رھي ٿو. سي بہ ھر سال فقير صاحب جو ميلو ڪندا آھن ۽ کين ’ڏاڏا آسُورام‘ جي نالي سان ياد ڪن، ڏاڍو صِدق اٿن.)[41](

4. ڀائي پرمانند: ھن فقير جو جنم 11 اپريل 1882ع ڌاري کيمچند برھم کتري (نُک وارڏَي) جي گهر ھالا نوان ۾ ٿيو. بعد ۾ لڏي حيدرآباد ۽ پوءِ ماتلي شھر ۾ ويٺا. چُوڙِيگر ۽ پاٽولڪو (پَٽ يا ريشم جو) ڪم ڪندو ھو. اِيشور ڀڳتي ڏانھن لاڙو ھئڻ ڪري ستسنگ بہ ڪرائيندو رھندو ھو. پاڻ سَنت آسُورام جو طالب ھو پر متو گلابداسي)[42]( ھيس. وڏو سماج سُڌارڪ، زماني سان ھلڻ وارو ۽ اجاين رواجن کي ترڪ ڪرڻ جو قائل ھو. ان سلسلي ۾ پرچا ۽ ھڪ ڪتابڙي ’پرم آنند وھنوار‘ ڇپائي ميڙاڪن ۾ پرچارَ ڪيائين. انهي عمل ۾ فقير صاحب بہ سندس چڱو ساٿ ڏنو. ورھاڱي کان پوءِ لڏي ھندستان جي شھر اِنڊور ۾ ويٺو، 1960ع ڌاري ديواس ۾ ويٺو جتي 5 جولاءِ 1963ع ڌاري چالاڻو ڪيائين. بيدل سائين جي ڪافي: ’سِک رمز وجود وڃاوڻ دِي، نھين حاجت پڙھڻ پڙھاوڻ دِي‘ گهڻي جهونگاريندو ھو. ڀڳت صاحب کي ھڪ پُٽ رتن لال ھو، جيڪو سنڌ ۾ گذريو. رتن لال کي ھڪ پٽ روچي رام ٿيو، جو 2022ع ۾ گذاري ويو. کيس 4 پُٽن جو اولاد ٿيو جي ھاڻي اُجين ۾ رھن ٿا. ڀڳت پرمانند شاعر بہ ھو. ھڪ ڪافي ھت ڏجي ٿي:)[43](

ستگرو گلابداس ڪلنگي وارو، جنھن ڪيو پرگهٽ انڀئُہ گيان سارو.

1.  جيڪو آيو سو چڙھيو در دوست جي، جيئن وريو گر عطر سنگ جو وارو.
2. پئي ڪرپا انڀئُہ ستگرن جي، تين لوڪ ۾ وِشين وڄايو نغارو.
3. ستگر سَنت ساکِي سرجڻهار ٿيا، جنھن ڪٽيو چوراسي جو چارو.
4. ’پرمانند‘ چوي پل پل پور پرين جا، ’سَنت آسُو‘ گُرَ ڏنو شبد سچارو.

ڊاڪٽر مانجهي پنھنجي ڪتاب ۾ صوفي آسورام جي سلسلي جي شاعرن جو احوال ڏيندي ’ڪوي رام سوامي‘ بابت لکي ٿو: 

”ڪوي رام سوامي، روحاني علم آسومل کان حاصل ڪري سندس ئي طالب ٿيو“)[44](

اِنھيءَ ۾ حوالي طور ڊاڪٽر ديال آشا جو ڪتاب ’سنڌي شعر جي تواريخ (ص 427)‘ ڏنو اٿس. جڏھن تہ حوالي طور ڪتب آندل ڪتاب/صفحي ۾ رام فقير جي مرشد يا روحاني استاد جو ڪو بہ ذڪر ناھي. رام فقير جي ٻن ڪتابن ’رام درشناولي‘ ۽ ’رام شبداولي‘ جي مطالعي مان اندازو ٿيندو تہ سندس ڪو بہ خاص ستگر (مرشد) نہ ھو. ھي ويدانتين، صوفين ۽ مختلف مَتي وارن وٽ ويو پر ڪٿي بہ سندس دل ڪو نہ ٺھڪي ۽ مايوس ٿي واپس موٽيو. ھن جي خيال مطابق سندس گُرو رب پاڻ آھي ۽ اھو ئي سندس مَن مان روحاني رھنمائي ڪري ٿو. ظاھري گُروءَ جي کيس ضرورت نہ ٿي ڏسجي جو پنھنجي ڪلام ۾ اھڙا اِشارا ڏنا اٿس:

سي سُڻي سڏ ۽ تنوارون، دل سنديون دل مان،
آپڻي شرڌا اندر ڀڳوان کي پريمي وڌن.
ڪو نہ ات ھمراه ٿئي، ٻھرئين گروءَ جي گهرج ناه،
’رام‘ چئي جڳ جا گرو ٻھرين سجاڳي ٿا ڏين.

پاڻ پر اڳواڻ ٿي سجهندو ڏئي ٿو ساه ۾،
ڪين ات پستڪ پنا گهربل ٿين گس راه ۾،
’رام‘ چئي ھر وار ۾ سائين وسي ھر پار ۾،
جابجا جت ڪٿ اھو ئي ناٿ ٿئي آڌار ۾. 

(رام درشناولي اٿوا رام فلاسافي، درشن اٺون، ص 7)


ستگر ديوُ ’ھَري‘ ھِرديہ ۾ مرشد ٻيو نہ منايان ٿو.
(شري رام شبداولي اٿوا گيان گلشن، ص 72)

مٿي آيل لفظ ’ھَرِي‘ جي معنى رب، خدا آھي. فقير رام سوامي شروع واري زماني ۾ ’پرڀ‘ نالي ڪنھن شخص جو چيلو بہ بڻيو پر بعد ۾ اتان بہ موٽي آيو. چوي ٿو:

”پرڀ آھيان تُنھنجو مان چيلو، مونکي ڇڏ تون ڪِين اڪيلو“

اِنهي شعر ھيٺان لکي ٿو:

”سِٽون تمام ساديون ۽ بي ملهيون پيون لڳن پر ارٿ ھو عجيب سمايل، جو بابا رام سواميءَ کي بہ دير سان معلوم ٿيو جڏھن ڪ ھو خود درشني بڻيو ۽ ڏٺائين تہ ’پرميشور سواءِ ٻيو گرو بڻيو بہ ڪو نہ‘، پوءِ سامرٿ ڪو نہ ٿيو يا ضرورت  ڪا نہ رھي سو لکڻ ئي اجايو.“([45])

ھِن منجهان گهٽ ۾ گهٽ اھو پڌر پيو تہ ڪوي رام سوامي، صوفي آسورام جو طالب نہ ھو. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي صاحب اھا غلط روايت پنھنجي ڪتاب ۾ درج ڪئي آھي. ساڳي غلط روايت سوامي گوالانند مھاراج سان پڻ منسوب ڪئي اٿائين. 

راڳ ويراڳ:

فقير آسُورام جن ڪلام ڳائيندا ۽ سازَ بہ وڄائيندا ھئا. وٽن ھر قسم جا سازَ جن ۾ يڪتارو، تنبورا ۽ سِتار وغيرہ پڻ موجود ھئا. ھڪ جاءِ تي فرمائين ٿا:

راڳ روپ ڪئين گانا گايم، چَنگ، مَرڌنگ، سُرود وڄايم،
پر پتو نہ پيو ڪنھن پارَي.
(ويراڳ نامو، (قلمي)، ڪافي: 556)

کين علم موسيقي جي سٺي ڄاڻ ھئي. سندن جوڙيل ڪتاب ’ويراڳ نامي‘ ۾ ڪلامن کي مختلف سُرن ۾ ورھائي ترتيب ڏنو اٿن. ڪتاب جي پھرين صفحي تي لکن ٿا:

”ھن ۾ سُرن جو اٺ سٺو ٿيل آھي، مگر ڳائيندڙ ڪنھن بہ سر مان ڳايو ٿو سگهي.“  (ويراڳ نامو، (قلمي)، ص 1)

فقير صاحب جن سان گڏ فقيرن، ساڌن جو سُنگ (منڊلي) بہ ھوندو ھو. انهن فقيرن جي بہ معلومات نٿي ملي. پاڻ سن 1917-18ع ڌاري ھڪ ڏينھن سير ڪندي کنڊوءَ ۾ ڀڳت ٽيئون رام وٽ سندس آستاني تي اچي نڪتا ۽ رات جو پنھنجي سُنگ سان يڪتاري تي ڪلام چئي ستسنگ شروع ڪيائون ۽ حافظ شيرازي جو ھيٺيون شعر ڏنائون:

جان با جانا بدہ، ورنہ بستا ندا جل
خود تو منصف باشد حافظ، این نکو یا آن نکو

مطلب تہ: پنھنجي جان مالڪ جي بندگي ۽ چڱن ڪمن ۾ لڳائي سڦل ڪر، ھڪڙي ڏينھن ھونءَ ئي موت توکي ماري ويندو. ھاڻ تون پاڻ ئي انصاف ڪر، توکي ھيئن وڃڻو آھي يا ھونءَ! ساڳي ڳالهہ مثالن سان سمجهائيندي ھيٺيون بيت ڏنائون([46]):

جي ڀائين ملان مُڳت کي، تہ ڳالهيون چوانءِ چار،
عھد جو الست جو، سو پرين ساڻ پار،
موت کي ياد ڪر، منان ڪيمَ وسار،
اَوڳُڻ ڏس پانھجا، ٻين جا نہ ويچار،
جيڪي چڱايون ڪرين، سي دل تان ڇڏي ڍار،
’آسو‘ آخر ڪار، جنم سڦلو تو ٿئي.

ھڪ دفعي فقير آسُورام جن کي ڪن پريمين عرض ڪيو تہ، ”سائين! سَنت فقير چون ٿا تہ ھي دنيا ڪوڙ، مِٿيا آھي، پوءِ بہ ماڻهو نٿا سمجهن، اِئين ڇو؟“. تنھن تي فقير صاحب جن ابوسعيد جو ھيٺيون فارسي شعر چيو)[47](:

حال عالم سر بہ‌ سر پرسیدم از فرزانہ‌ ای
گفت: یا خاکی ‌ست یا بادی ‌ست یا افسانہ‌ ای
گفتمش، آن کس کہ او اندر طلب پویان بود؟
گفت: یا کوری ‌ست یا کری‌ ست یا دیوانہ ‌ای
(سخنان منظوم ابوسعید ابوالخیر، نفیسی،  تھران ۱۳۳۴، ص 118) 

(ترجمو: مون ھڪ داناءَ کان دنيا جو حال پڇيو. چيائين: يا مٽي آهي، يا هوا آهي، يا ڪا ڪھاڻي آهي. چيم: اهو ماڻهو، جيڪو ان جي تلاش ۾ ڀڄي ٿو؟ چيائين: يا انڌو آهي، يا ٻوڙو آهي، يا ڪو پاڳل آهي.)

اھڙو خيال غزل: 32 ۾ بہ پيش ڪيو اٿن:

دنيا ڄاڻ سپنُو يا افسانہ جيئن،
يا سمجهين سڄڻ يار! واسِينگ سَپُ.

فقير صاحبَ ھيٺيون فارسي شعر پڻ پنھنجي رھاڻين ۾ چوندا ھئا)[48](:

دو چیز آدمی را کشاند بزور،  یک آب و دانہ دیگر  خاکِ گور

(ترجمو: ٻہ شيون انسان کي زوريءَ پاڻ ڏي ڇِڪين ٿيون. ھڪ داڻُو پاڻي (روزي) ۽ ٻيو قبر جي مٽي (موت).)

يوڳ وِديا:

يوڳ يا جوڳ سَناتن ڌرم جو مُکيہ پايو آھي. يوڳ (Yoga)  جسماني، ذھني ۽ روحاني ورزش آھي، جنھن جي وسيلي اِنسان تندرست بہ رھي ٿو ۽ روحاني طور پاڻ کي مالڪ سان ملائي ٿو. سَنت آسُورام کي يوڳ وِديا تي عبُور حاصل ھو، جنھن جو مُکيہ ثبوت ديوان آسُو (قلمي) جي شروعات ۾ يوڳَ بابت چونڊ لفظن ۽ گھرن اشارن سان ’اشلوڪَ‘ آھن. انهن جي مطالعي مان محسوس ٿيندو تہ، پاڻ انهن سڀني تي عمل (يوڳ اڀياس) پڻ ڪيو اٿئون ۽ يقينن وڏي منزل جا يوڳي ھئا. يوڳ جي سِکيا ڀڳت ٽيئون رام ۽ گوالانند کي بہ ڏني ھئائون. گوال ڀڳت تہ يوڳ بابت تفصيلي ٻہ ڪتاب: ’ٻال يوڳ سِکيا‘ ۽ ’ پِنڊ برھمنڊ گيان گُڇا‘ لکيا آھن، جن مان ھُوبھُو فقير آسُورام جي (يوڳ بابت) اشلوڪن جي خوشبوءِ اچي ٿي.

حڪمت:

فقير صاحب سائين آسُورام کي حڪمت جي تعليم سيد فقير علي شاه وٽان مليل ھئي. جنھن جو ذڪر اسان اڳ ڪري آيا آھيون. ماستري مان رٽائرمينٽ کان پوءِ گهر جي سامهون واري اوطاق ۾ حڪمت جو ڪم ڪندا ھئا. وٽن بيمارن جو ميڙاڪو ھوندو ھو،  بيمارن کي دوا سان گڏ دعا پڻ ڏيندا ھئا، دوا لاءِ ڪنھن بہ قسم جي ڪا بہ فِي وغيرہ ڪو نہ وٺندا ھئا. ڪن کي دوا ڏيندا ھئا تہ ڪن کي نسخو بہ لکي ڏيندا ھئا تہ جيئن ھو ڀلي ان مان فائدو وٺن. سندن ھٿ ۾ چڱي شفا ھوندي ھئي. حڪمت جي شاگردي ۽ خدمت ۾ ساڻن گڏ سندن پوٽو اُوڌَوُداس ھوندو ھو. حڪيم اُوڌَوُداس چوندو ھو تہ: ”ڏاڏا آسُوءَ پنھنجي دوائون ٺاھڻ دوران ڪي بہ زھرات واريون شيون استعمال ڪو نہ ڪيون. ۽ ساڳي ھدايت اسان کي بہ ھئي. تہ دوائن ۾ زھرات استعمال نہ ڪجو، ائين ئي ٽِڪو پَنجو پيو ھلندو.“)[49]( انھيءَ ھدايت تي اڃان تائين عمل ٿيندو اچي. غزل: 92 ۾ بہ اھڙو اشارو ڏنو اٿن:

علم جي اڀياس، استعمال ۾ حاذقُ طبيب،
پر اُنھيءَ ۾ پڻ ادا! ھٿ جي شفاعت آه شرط.

فقير صاحب جي وصال کان پوءِ حڪيم اُوڌَوُداس سندن دواخانو ھلائيندو رھيو. پاڻ پنھنجي ڀائيٽي حڪيم ليکراج مل کي حڪمت جو ڪم سيکاريائون. ورھاڱي کان پوءِ حڪيم اُوڌَوُداس بہ 1970ع ڌاري ھندستان لڏي ويو. اصل جايون وڪڻڻ ڪري حڪيم ليکراج مل ھالا پراڻا جي کيماڻي گهٽي ۾ سندن عزيز ڀُڳڙي مل کٽي)[50]( جي جاءِ ۾ دواخانو کوليو، جيڪو ھن وقت ھلائي رھيا آھن. سندن جنم 15 فيبروري 1940ع تي ٿيو ۽ کين سائين آسُورام وٽ کڻي آيا، ٻالڪ کي ڏسي پاڻ فرمايائون: ”پٽ! زندگي ۾ ڏاڍيون تڪليفون ڏسندين“. ۽ حڪيم صاحب چواڻي تہ ھن وھيءَ تائين بہ سُک جي گهڙي ڪو نہ ڏٺيسين. حڪيم ليکراج مل علم ادب جا گوھر آھن. ھن وقت سندن عمر 85 سال آھي. حڪمت جي لحاظ کان پنھنجا 4 شاگرد تيار ڪيا اٿن:

1. حڪيم چانڊُومل: حڪيم ليکراج جو ڀاءُ. ڳوٺ خانوٺ، ضلعي ڄامشوري ۾ پنھنجو دواخانو کوليائين. پاڻ شاعر ۽ ڀٽائي سائين جو عقيدتمند ھو. 12-02-2003ع تي لاڏاڻو ڪيائين. شاعري جو نمونو:

ڀرم رکجان ڀٽ ڌڻي، ڀرم سندو ڀَرُ،
ايندا پرين اڱڻ، ڪندا ولهيءَ تي وَرُ،
ٿيندي مھر مومنين، اڳيان نينھن اٿم نَرُ،
’پياسي‘ جهاڳيان پئي جَرُ، جاني ايندا جوءِ ۾.

راھي ويا روح ۾، رحمت ڀريو رنگ،
آيو عجيب اڱڻ مون، سھڻو ٿيو سنگ،
نينھن کنيو ننگ، دلبر جي ديدار جو. 

2. حڪيم پارُومل: حڪيم ليکراج جو ڀاءُ. ھالا نوان ۾ پنھنجو دواخانو ۽ پنسار اسٽور ھلائي رھيو آھي. ٻہ پُٽ (ڌرمُو مل، دولت رام) سندن شاگرد آھن.

3. حڪيم کيمچند: حڪيم ليکراج جو پُٽ. ھالا نوان ۾ پنھنجو دواخانو ۽ پنسار اسٽور ھلائي رھيو آھي.

4. حڪيم گنگارام: پنھنجي والد حڪيم ليکراج سان گڏ ھالا پراڻا ۾ اباڻو دواخانو ھلائي رھيو آھي.

حڪيم فقير آسُورام جن وٽ حڪمت جا ڪتاب جن ۾ قرابادين قادري، فرھنگ جعفري وغيرہ موجود ھئا. ھڪ ڪاپي ۾ حڪمت جا نسخا پڻ لکيا اٿن، جيڪي اڪثر فارسي ۽ ڪجهہ سنڌي ۾ آھن. تنھن منجهہ فارسي ۾ نثر پڻ لکيل آھي، محسوس ائين ٿو ٿئي ڄڻ حڪمت متعلق ننڍڙو ڪتاب جوڙيل ھجي، مگر ڪاپي جي حالت ضعيف آھي ۽ گهڻا صفحا ڦاٽي چڪا آھن. ھڪ بہ صفحو ٺيڪ پڙهڻ ۾ نٿو اچي.  

شخصيت ۽ لباس:

فقير صاحب قد جا ڊگها، سندن وار وڏا ڪُلهن تائين ۽ ڏاڙھي سٺي ھوندي ھين. سندن لباس ۾ گيڙو پٽڪو، ڊگهو پھراڻ ۽ سٿڻ کاڌِي جي ھوندي ھئي. پاڻ سان لڪڻ رکندا ھئا. ڊاڪٽر ديال آشا پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جا سَنت‘ (ص 47) ۾ لکي ٿو: ”سَنت آسُورام سادي لباس ۾ لڪل لعل ھو“.

فقير صاحب بابت روايتون / واقعا:

(1)         ھيٺين روايت ڪجهہ قدر حڪيم ليکراج مل ٻڌائي ۽ باقي ڊاڪٽر ديال آشا پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جا سَنت‘ (ص 47-48) ۾ ڏني آھي:

ھڪ دفعي ھڪ پريمي مورُومل، ڀڳت ٽيئون رام وٽ عرض کڻي آيو تہ: ”سائين مونکي پُٽ جو اولاد ڪونهي. تعويذ لکي ڏيو تہ پٽ جو اولاد ٿئيم“. ڀڳت صاحب چيس: ”ابا اسان تعويذن مان ڪينَ ڄاڻون“. مورُومل جي گهڻي ضد تي ڀڳت صاحب کيس چيو: ”ڏاڏا آسُورام کان وڃي آسيس (دعا) وٺ.“ ان وقت فقير صاحب بہ اتي ويٺا ھئا سو مورُومل اچي کين ساڳيو عرض رکيو تہ: ”سائين! تعويذ لکي ڏيو تہ پٽ جو اولاد ٿئيم“ ۽ فقير سائين بہ کيس ڀڳت صاحب وارو جواب ڏنو. آخر گهڻي اصرار تي فقير صاحب پني جي ٽڪري تي ڪي لفظ لکي کيس ڏنا. مورُومل خوش ٿي تعويذ ٺاھي وڃي پاتو. ۽ سال کان پوءِ کيس پُٽ جو اولاد ٿيو. ساڳي خبر پريمي نيوَند رام کي پئي سو اچي فقير صاحب وٽ نڪتو ۽ عرض رکيائين تہ: ”سوامي! اوھان مورُومل کي تعويذ لکي ڏنو، سو کيس پُٽ جو اولاد ٿيو آھي. مونکي بہ اھڙو تعويذ لکي ڏيو تہ مونکي بہ پُٽ جو اولاد ٿئي.“ فقير صاحب وراڻيو: ”ابا اسان تعويذ لکڻ مان ڪينَ ڄاڻون. مورُومل کان تعويذ وٺي اچو“. پاڻ تعويذ کولي ڏيکاريائونس تہ ان ۾ لکيل ھو: ”مالڪ! اولاد ڏين نہ ڏين. بندو بي معيار آھي“. سَنت آسُورام ڳجهہ ڳوه ۾ پريمي جو سوال پورو ڪيو. نيوند رام ڏاڍيون آزيون ڪري کين چوڻ لڳو تہ: ”منھنجي بہ جهولي سائي ڪريو، آئون بہ خالي ڪينَ ويندس“. سائين آسُورام سندس بہ سوال پورو ڪيو. 

(2)         ھڪ دفعي محرم الحرام جي مھيني ۾ ھالا پراڻا ۾ صوفي آسورام جي گهر واري گهٽي (فقير علي شاه مسجد يا ميمڻ محلہ) مان شِيعا سُواري (جلوس) وٺي ٿي لنگهيا تہ اڳيان ڏِنڀُوري ميمڻ مسجد وٽ رَسا ٻَڌي رستو بندي ڇڏيو. عزادار اھي رستا ڪٽي اڳيان وڌڻ لڳا تہ وري ھن گرم پاڻي جو بالٽيون مٿن ھاريون ۽ ھنن جي وچ ۾ گهڻي تلخ ڪلامي ٿي. ٻئي ڏينھن ڏِنڀُوري ميمڻ، فقير آسومل کي چيو تہ: ”ماستر! گورنميٽ کي ھنن جي خلاف درخواست ٿو لکان، توھان بہ اسان کي صحيح وجهي ڏيو تہ ھنن کي سبق سيکاريون.“ فقير سائين پڇيس: ”اَبا! ھنن جو ڏوه ڪھڙو آھي جو ايڏي روڪ ٿو ڪرين؟“ ڏنڀورو چئي: ”ھي لنگهن ٿا تہ مٿان اسان جون مايون، نياڻيون ٿيون ڏسن.“ فقير آسورام چيس: ”تہ پوءِ اُن ۾ ھِنن جو ڪھڙو ڏوه آھي؟ اوھان پنھنجون دريون بند ڪري، ٻار پاسيرا ڪري ڇڏيو“([51]). 

فقير صاحب ھر مذھب، مَتي جي ماڻهن جي عزت ڪندا ھئا. اِمامن پاڪن سان بہ گهڻي حُب ھوندي ھئن. ڪنھن دور ۾ حڪيم ليکراج مل کي ھالن پراڻن جي ھڪ شخص ٻُڌايو تہ: ”اسان ڏٺو: شيعا مرثيو پڙھندا سواري (جلوس) وٺيو پئي ويا تہ ماستر آسومل پريان بيٺو ھو، سندس اکين مان پاڻي پئي وھيو“. جيئن پاڻ ئي سُر ڪيڏاري ۾ چيو اٿن:

حَسنؑ مير حُسينؑ کي، جن نہ اوساريو،
آڻي آب اکين مان، ڳوڙهو نہ ڳاريو،
ڌڻيءَ ڌڪاريو، انهن کي ’آسو‘ چوي. 

وصال:

آخري وقت ۾ فقير صاحب جن جي طبيعت ناساز ٿي پئي. سَنت ٽيئون رام پنھنجن فقيرن سان سير سفر تي نڪتل ھو، کيس جيئن ئي اطلاع مليو تہ سفر اڌ ۾ ڇڏي ھالن پراڻن ڏانھن وريو ۽ پنھنجن طالبن مان شانتي پرڪاش ۽ اوڌَوُداس کي ٽنڊو آدم وڃڻ جي ھدايت ڪيائين. جنھن تي شانتي پرڪاش عرض ڪيو تہ: ”سوامي! اسان بہ ڏاڏا جن ڏي ھلنداسين“. ٽيئونءَ وراڻيو: ”ابا! ھي اسان جي گُرُن جي سيوا جو موقعو آھي، اوھان جي ھوندي اسان اھا سيوا ڪِينَ ڪري سگهنداسين. تنھنڪري اوھين امراپور درٻار وڃو“. ڀڳت ٽيئون رام ھالا پراڻا پھچي دل و جان سان فقير آسورام جن جي خدمت ڪئي([52]). ٻہ ٽي ڏھاڙن کان پوءِ فقير صاحب کين فرمايو تہ: ”اوھان پرواه نہ ڪريو، اسان ٺيڪ آھيون.“ ۽ ڀڳت پنھنجي سُنگ سان وري سير لاءِ نڪتو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ڇنڇر ڏھاڙي صبح جو سوائين ستين بجي فقير صاحب سائين آسُورام جن ھي خاڪي جسم ڇڏي پنھنجي حقيقي محبوب سان وڃي مليا. اھا تاريخ 18 مانگهہ 1997 وڪرمي سنبت برابر 15 فيبروري 1941ع ھئي ۽ ان وقت سندن عمر 87 سال ھئي. 

اگهي دانھن درد جي، مھيني اندر مانگهہ،
ڪنڊا سڀ ڪفار جا، ڇانگي ڪيم ڇانگ،
قاصد ڪوڏئُون قرب مان، آيو چڙھي چانگ،
نڪري ويا وجود مان، سينا سڀئي سانگ،
ٻي سڀ لٿي تانگهہ، ٿيَڙو غور غريب جو.
(رسالو آسُومل صوفي، (قلمي)، ص 180)

ان ڏينھن ھالا پراڻا سڄو ڳوٺ سوڳ ۾ بند ٿي ويو. ڪنھن طريقي سان ڀڳت ٽيئون رام وارن کي فقير صاحب جي وصال جو اطلاع پھچايو ويو. فقير صاحب جا پونئير سندن انتظار ۾ ھئا ۽ گهڻي دير ٿيڻ تي نيٺ سندن جسد خاڪي کي اگني سنسڪار لاءِ کنيو ويو. ڪي 25/30 ھزار ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ سندن ارٿِي (جنازي) کي ڪلهو ڏيندا ويا. جتان لنگهن تتان ماڻهن گُلن جي ورکا ڪئي. عجيب منظر ھو وڏين ڏاڙھين ۽ پٽڪن سان بزرگ آيا، جن کي پھرين ڪڏھن ڪو نہ ڏٺو ويو ھو، ڪلهو ڏيندا ۽ غائب ٿيندا پئي ويا. مساڻ ۾ جڏھن سندن جسد خاڪي کي چِکيا تي چاڙھيو پئي ويو تہ پاڻ ھٿ مٿي کنيائون، پونئيرن سمڌو تہ ھو کين آشرواد ڏئي رھيا آھن. ڪھڙي خبر اِھو آشرواد ھو يا اگني سنسڪار جي روڪ ھئي؟! خير، اگني سنسڪار ڪري سڀ واپس آيا ۽ گهڻي دير کان پوءِ ڀڳت ٽيئون رام وارا پھتا. ڏاڍا رُنا ۽ چيائون: ”ھي اوھان ڇا ڪيو! اسان کان اڳي اسان جي گُرن کي اوھان ڪيئن کنيو؟ ڏاڏا جن جي وصيعت ھئي تہ سندن شرير کي دفن ڪيو وڃي“. اھڙي وصيعت جي پونيئرن کي شايد ڄاڻ ڪو نہ ھئي. ٻئي ڏينھن جڏھن مساڻ ۾ سندن ھانٺيون چُونڊڻ ويا تہ پريان کان کين تيز روشني نظر آئي، سي فقير صاحب جن جي ھٿن جي آڱرين (ھڏن) ۾ لڳل سفيد رنگ جا ثابت وار ھئا.)[53]( ان وصيعت جو ذڪر سوز ھالائي صاحب بہ پنھنجي ڪتاب ’ڪويءَ جي ڪٿا‘ (ص 63-64) ۾ ڪيو آھي.

فقير صاحب جي خاندان ۾ ھڪ ٻي روايت بہ ھلي ٿي تہ: فقير صاحب اھا نشاندھي اڳ ئي ڪري ويا ھئا تہ: منھنجي جسم جو اگني سنسڪار ڪرڻ کان پوءِ منھنجي ھٿن جا وار ۽ ٻيون نشانيون ثابت بچنديون، سي سنڀالي رکجو.)[54](

ٻنهي مان ڪھڙي روايت صحيح آھي سو تہ اڃان ڳُجهہ ئي آھي. مساڻ مان سندن پونئير سنکَ  کڻي آيا ۽ انهن مان فقط ھٿن جي آڱرين جا ھڏا (مٿيان حصا، جن ۾ وارَ لڳل ھئا) سندن گهر جي سامهون واري اوطاق ۾ دفن ڪري مٿان سندن سماڌِي جوڙي وئي. اوطاق جا ٻہ حصا ٿيا، ھڪڙي پاسي سماڌي ۽ ٻي پاسي سندن پوٽو ڀڳت اُوڌَوُداس حڪمت ڪندو ھو. ڪجهہ ئي وقت ۾ سماڌي مٿان قُبي جي تعميرات جو ڪم شروع ڪرايو ويو. مگر ھندوستان جو ورھاڱو ٿيو ۽ لڏپلاڻ ڪري ڪم اتي بيھي ويو. 

ڀڳت ٽيئون رام جي سَنت منڊلي مان سندس ڀاڻيجي ۽ چيلي ڀڳت گُرمک داس، فقير صاحب لاءِ ھيٺيون ڀڄن چيو)[55](:

’سوامی آسُورام‘ اوَتاری تھا، میرا دادا گُرو داتاری تھا.

نگر ’ہالن پُرانن‘ کا واسی گرُو، وئدیہ وِدیا کا وو ہی تھا راسی گرُو،
ہیڈماستر تھے، پڑھے شاستر تھے، وو تو عقلمند آچاری تھا.

برہم وِدیا کا ستگُر ساگر تھا، بھجن وانی بنانے کا ناگر تھا،
سِکھا بانی گئے، گُن کھانی گئے، وو تو کوِيیوں میں کوی بھاری تھا.

ستگرُو ٹیئوں رام پر کرپا کر گئے گرُو، ہاتھ ہمت کا سر پر دھار گئے گرُو،
ائسی کرپا کری، بھگتی ہردیہ بھری، وو تو بھگتی کا بھنڈاری تھا.

’گُرمکھ‘ سروَ گُنوں کی تھا کھانی گرُو، برہم گیانی تھا، برہم دھیانی گرُو،
برہم گیان دِیا، برہم دھیان دِیا، وو تو پُورن برہم ویچاری تھا.
 

فقير سائينءَ جي خانداني روايت ۽ دستاويزن موجب سندن وصال 15 فيبروري 1941ع تي ٿيو. ھيٺين صاحبن غلطي سان پنھنجي تصنيفن ۾ اھو سن 1897ع طور ڄاڻايو آھي:

  • ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ’سنڌي ادب جو تاريخي جائزو: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘، ڇاپو چوٿون: 1982ع،  ص 161. [پھريون ڇاپو: 1972ع]

  • ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘، ڇاپو ٻيو: 1983ع، ص 221. [پھريون ڇاپو: 1973ع]

  • ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ’عظيم سنڌي انسان‘، ڇاپو پھريون: 1980ع، ص 12.

  • ميان مير چانڊيو، ’سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي ھڪ نظر‘، ڇاپو پھريون: 2007ع، ص 53.

  • ڊاڪٽر فھميدہ ميمڻ (چيف ايڊيٽر)،’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘، جلد ٻيو، 2010ع، ص 591.

ماستر آسُورام جن ھالا پراڻا جي برھم کتري پنچائت جا مُکي (سربراه) بہ ھئا. جنھن ڪري ھِندُو مسلم کين مُکي ڪري بہ ڪوٺيندا ھئا. ان وقت 24 گهرن تي مشتمل کٽين (برھم کترين) جو گام ھو. سن 1947ع ۾ فردن جو ڪُل تعداد 236 ھو)[56](. گهڻو ڪري سڀ کٽِي اجرڪون ڇُرڻ ۽ رڱاوت جو ڪم ڪندا ھئا. ھن گهر کي ڳوٺ ۾ چڱو مان حاصل ھو، اڪثر ماڻهو ماسترياڻي آڪھ يا فقيراڻو گهر ڪري ڪوٺيندا ھئا ۽ چوندا ھئا: ”ھلو تہ فقير جي مَٽ مان پاڻي پي اچون“. فقير صاحب جو پُٽ ويرسِي مل زميندار ھو ۽ سندن وڏي ڀاءَ ’رامچند‘ جو اولاد سرڪاري نوڪرين ۽ اجرڪون ڇرڻ جي پيشي سان سلهاڙيل ھو. سائين رامچند جو پوٽو ڊاڪٽر ھوتچند ولد مانُومل ليکڪ، ترجمي نگار ۽ شاعر ھو. فقير آسُورام جا پڙپوٽا روچِيرام وڪيل ۽ فقير ٿانورداس جُون 1967ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت ھالا پراڻا جا متحرڪ رُڪن رھيا. سائين رامچند جو سمورو اولاد 1948ع ۾ جايون وڪڻي ھندستان لڏي ويو. باقي ويرسِي مل عيال سميت ھالا پراڻا رھيو. کيس سڄي خاندان جو زور ھو تہ پاڻ بہ انڊيا لڏي ھلي، پر چيائين: ”اوھان کي وڃڻو آھي تہ وڃو، آئون اتي ئي رھندس. پنھنجي روٽي، لولو پچائي گذر ڪري ويندس“. پاڻ 19 سيپٽمبر 1958ع تي چالاڻو ڪيائين. جنھن کان پوءِ سندس 3 پُٽ: گُلاب راءِ، ڀڳت اُوڌَوُداس ۽ ڪُندومل 70-1969ع ڌاري انڊيا لڏي ويا ۽ ھڪ پُٽ ڪوڏڻ مل 1971ع ۾ ھالا پراڻا ڇڏي ھالا نوان ۾ رھيو ۽ اتي ئي سندس اولاد رھندڙ آھي. صوفي آسُومل جا پونئير سندن نالي پويان ’آسواڻي‘ ۽ سندن وڏي ڀاءَ رامچند جو اولاد پاڻ کي ’رامچنداڻي‘ سڏائيندو آھي.

گادي:

فقير صاحب جي وصال کان پوءِ سڀني جي راءِ سان سندن پوٽي ۽ خدمتگار ڀڳت اُوڌَوُداس کي پَڳ ٻڌرائي پھريون گادي نشين مقرر ڪيو ويو. سندس والد ويرسِي مل جي وفات کان پوءِ اصل (فقير علي شاه مسجد گهٽي واريون) جايون وڪڻڻ مھل فقير صاحب جي سماڌي ڀڃي، سنک ڪڍيا ويا جو باقي رھيل اولاد بہ انڊيا لڏڻ جي تيارين ۾ ھو. ڀڳت اُوڌَوُداس انڊيا لڏڻ لاءِ تيار ٿيو. فقير صاحب جا سنک ۽ سندن ڪم ۾ ايندڙ ٻيو سامان پنھنجي ڀائيٽي حڪيم ليکراج مل جي حوالي ڪري چيائين: ”ابا! سنڀالي سگهين تہ سنڀالجان، نہ تہ سڀ درياءَ ۾ پروان ڪري ڇڏجان!“. حڪيم ليکراج سمورو سامان سنڀالي رکيو پر گادي تي ڪو نہ ويٺو، ھالا پراڻا ڇڏي ھالا نوان شھر ۾ مسواڙ تي جاءِ وٺي رھائش اختيار ڪيائون. فقير صاحب جي ٻئي پڙپوٽي ھريرام گلاب راءِ ڪنھن جوتش جي اشاري تي حڪيم ليکراج مل کان خط وسيلي فقير صاحب جا سنک ۽ ٻئي سامان جي گهُر ڪئي ۽ ناگپور ۾ سندن درٻار ٺاھڻ جو خيال ڏيکاريو. حڪيم صاحب اجازت ڏني. پوءِ پاڻ (ھريرام) 1994ع ڌاري انڊيا مان آيو، سَنک (ھٿن جا ھڏا، جن ۾ وارَ لڳل ھئا) ۽ پنھنجي پسند جون چند شيون کڻي باقي سڄو سامان جنھن ۾ فقير صاحب جا ڪتاب، سازَ ۽ ٻيون استعمال جون شيون درياءَ ۾ پروان ڪري انڊيا ھليو ويو ۽ ناگپور ۾ 2005ع ڌاري فقير صاحب جن جي سماڌي جوڙي مٿان عاليشان قُبو تيار ڪرايائين. سائين ھريرام جن فقير آسورام جن جا ٻيو نمبر گادي نشين بڻيا. پاڻ 2007ع ۾ چالاڻو ڪيائون. کانئن پوءِ سائين مڪيش آسواڻي صاحب ھن وقت ٽيو نمبر ۽ موجودہ گادي ڌڻي آھن.

ميلو:

سَنت آسُورام جن جو ميلو ھر سال سنڌي تاريخ 18 مانگهہ تي ٿيندو آھي. سندن وصال کان پوءِ ھالا پراڻا ۾ سندن سماڌي تي وڏو ميلو لڳندو رھيو. گهڻي خلق ايندي ھئي، اوطاقون ڀرجي وينديون ھيون. ھر گهر مان روٽ تيار ٿي ايندو ھو. مائي ڀوڄي سميت ٻيا فقير ۽ ڀڳت سندن ڪلام ڳائي ستسنگ ڪندا ھئا. آخر ۾ فقير صاحب جو فرزند ويرسِي مل يڪتاري تي ڪلام چئي، پلئہ (دعا) پائيندو ھو ۽ ڀنڊارو ڪيو ويندو ھو. ورھاڱي کان پوءِ اھو سلسلو بہ بند ٿي ويو. بعد وارن سندن ڏھاڙي تي ويرسِي مل ڪلام ڳائي طعام تقسيم ڪندو ھو. سندس وفات پڄاڻا ھڪ ٻئي پٺيان ڀڳت اُوڌَوُداس، ڪوڏڻ مل (پُٽ ويرسي مل)، حڪيم ليکراج مل ساڳي رسم جاري رکي. ڊاڪٽر ھوتچند مانُومل (سائين رامچند جو پوٽو) انڊيا جي شھر اُجين پوءِ حيدرآباد دکن ۾ فقير صاحب جو روٽ ڪندو ھو. ڀڳت ٽيئون رام جي منڊلي مان سَنت جِيوَن مُڪت، سوامي سروانند جي چوڻ تي 1950ع کان کيرٿل (اِنڊيا) ۾ ميلو لڳائڻ شروع ڪيو جو اڃا ڪندا اچن. فقير صاحب جي مريدياڻي مائي ڀوڄي اجمير (انڊيا) ۾ ميلو لڳائيندي ھئي، جا رسم سندس ڏوھٽاڻ مان ڀائي انيل ڪمار نڀائيندو اچي.  سنڌ ۾ ڪوڏڻ مل جي خاندان ۾ پارُو مل ۽ فقير صاحب جو ٻيو اولاد ۽ عقيدتمند پنھنجي رھائشگاه تي روٽ ڪندا آھن. سائين آسورام درٻار جا موجودہ گاديسر سائين مُڪيش آسواڻي ھر سال ناگپور(انڊيا) ۾ تمام عاليشان ميلو لڳائيندا آھن. 

فقير صاحب جي زندگي ۾ ڪم ايندڙ سامان:

فقير صاحب جي وصال کان پوءِ سندن ڪم ۾ ايندڙ شيون جن ۾ يڪتارو، تنبورا ۽ سِتار، بيراڳڻ، ڪِٽلي، ڪُندري، ڪشٽو، لَڪُڻَ، بگهڙ جي کل (جنھن تي وصال بعد سندن تصوير رکيل ھوندي ھئي)، پيرن جون چاکڙيون وغيرہ سندن سماڌي جي اڳيان رکيون ويون. جن مان ڪجهہ 25/30 سال اڳ فقير صاحب جي پڙپوٽي ھريرام گلاب راءِ انڊيا لڏڻ وقت درياه شاه ۾ پروان ڪيون. جيڪي شيون بچيون تن ۾ صوفيءَ جي کٽ، پيرن جون چاکڙيون، بگهڙ جي کل ۽ ھڪ لڪڻ هندستان جي ناگپور شھر ۾ سندن درٻار ۾ رکيل آھن. تنھن کان سواءِ فقير صاحب جا ڪجهہ ٻيا لڪُڻَ ۽ لوه جي ڪُندري ٿانورداس گلاب راءِ (صوفي آسوُرام جو پڙپوٽو) جي پونئيرن وٽ ميرپور خاص ۾ رکيل آھن. تسبِيح (مالها)، ڪجهہ لڪڻ ۽ سندن قرآن شريف جنھن تي پاڻ دور ڪندا ھئا سندن پڙپوٽي چانڊو مل ڪوڏڻ مل جي گهر ھالا نوان ۾ رکيل آھن. حڪيم ليکراج مل جي گهر ۾ فقير صاحب جو سمورو ھٿ اکر لکيل ڪلام ۽ ان کٽ جا پاوا رکيل آھن جنھن تي پاڻ ويھي عبادت ڪندا ھئا.

2. صوفي آسُورام جو مطالعو ۽ شاعري

فقير آسُورام جن جو مطالعو تمام وسيع ھو. پاڻ ڌرمي شاسترن، قرآن شريف ۽ انجيل جو گھرو مطالعو ڪيو ھئائون. تنھن کان علاوہ سندن ڪلام مان سُڌ پوي ٿي تہ ٻين سنڌي، فارسي ۽ ھندي شاعرن جي ڪلام جا پاڙُھو بہ رھيا آھن. سندن ڪتب خاني ۾ گهڻا ئي عربي، فارسي ڪتاب بہ موجود ھئا، جيڪي ڪجهہ اُڏوھي جي ور چڙھيا ۽ ڪجهہ سندن پڙپوٽي ھريرام ٻئي سامان سان گڏ درياه ۾ پروان ڪري ڇڏيا. کين حافظ شيرازي جو ’ديوانِ حافظ‘ تہ مڪمل ياد ھو جنھن جا شعر پنھنجي رھاڻين ۾ بہ چوندا ھئا. ھٿ اکر ديوان جي شروعات ھمام الدين تبريزي جي فارسي شعر کان ڪئي اٿن. تنھن کان علاوہ رومي، امير خسرو، سعدي شيرازي، ھلالي چغتائي، صائب تبريزي ۽ ٻين فارسي شاعرن جو ڪلام بہ سندن مطالعي ھيٺ رھيو آھي، جن جا چونڊ شعر ڇپيل ديوان آسُو ۾ ’ابيات فارسي اھل اوليا و فقرا‘ جي عنوان ھيٺ ڏنا ويا ھئا. ڪي فارسي شعر تہ پنھنجي ڪلام ۾ بہ استعمال ڪيا اٿن. جيئن ھڪ فارسي شعر (شايد سعدي شيرازي جو) ھڪ جاءِ تي ھيئن ڏنو اٿن:

عاشقاں را شش نشانی اَے پِسَر،  آہَ سَرد و رنگ زَرد و چشم تَر،
از برائے يار در شام و سحَر، انتظاری، بيقراری، درد سَر،)[57](
ڳالهہ ايءَ ڄاڻيج دل ۾ پڪ پَڪِي.   

يا سعدي شيرازي جو شعر ھڪ بيت ۾ ڏنو اٿن:

جيسين اندر نہ اجارين، سَوَ ڪرين سينگار،
مُور نہ مِلين محب کي، حيلا ڪرين ھزار،
’دَرويش صِفَت باش و کُلاہِ تَتري دار‘)[58](، پرتئون ڪر پڪار،
واري ڇڏ ويچار، ’آسو‘ ان اندر جا.
(رسالو آسُومل صوفي، ’قلمي‘، ص 192)

سندن ھٿ اکر لکيل ڪاغذ جي ٽڪرن تي دادُو ديال جا 10 ھندي سِلوڪ، شاه ڀٽائي ۽ ٻين شاعرن جا سنڌي بيت پڻ مليا آھن، جن مان سندن مطالعي جي گھرائي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. 

فقير صاحب کي ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جو شوق ھو پوءِ نصرپور ۾ ماستري دوران سائين مصري شاه جي صحبت ۾ سندن شوق اڃا وڌيو. پاڻ سنڌي، سرائڪي، ھندي ۽ اردو ٻولي ۾ باقاعدہ شعر چيو اٿن. ڊاڪٽر ديال آشا پنھنجي ڪتاب ’سنڌي شعر جي تواريخ‘(ص 327) ۾ لکي ٿو: ”سَنت آسورام فارسي ۾ بہ ڪلام چيو آھي“. جيتوڻيڪ راقم کي سندن ھٿ اکر لکيل ٽنهي ڪتابن ۾ ڪو بہ مڪمل فارسي شعر نہ ملي سگهيو آھي. البتہ ’ديوان آسو‘ جي پھرين ڇاپي(ص 219) ۾ ’آسو‘ تخلص سان ھي ھڪ فارسي رباعي ڏنل آھي. جنھن ڪري ديال صاحب جي راءِ درست ڏسجي ٿي: 

خانہ ام آباد باد، دائما دل شاد باد
وسوسہ برباد باد، دل آسو آزاد باد

(ترجمو:  منهنجو گهر آباد رهي، سدائين دل خوشحال رهي،
وهم وسوسا برباد ٿين، ’آسو‘ جي دل آزاد رهي.)

پاڻ شاعري جي صنفن مان غزل، قصيدي، مثنوي، وائي، ڪافي، ڀڄن، شبد، آرتي، اشلوڪ، بيت، دوھي، رباعي، مخمس، قطع، ٽيھ اکري ۽ ٻاونجاه اکري تي طبع آزمائي ڪئي اٿن. جڏھن پنھنجي خيال ۾ گم ھوندا ھئا تہ اندران خيال اڀري ايندو ھُئن جنھن کي ويھي نوٽ ڪندا ھئا. جيئن پنھنجي شعر ۾ چيو اٿن:

ڪافيون ڪويتا ڀڄن بَنايم، دوھرا، ڇند، سِلوڪ ٺاھيم،
چڱي چاه منجهان چِيتارَي.
(ويراڳ نامو، (قلمي)، ڪافي: 556)

عشق ’آسُوءَ‘ کي ماٺ کان موڙي،  جوش جذبي ڪنان ڪتب جوڙي،
رت ڏنائين رڳن منهنجان روڙي،  ٿي مٿس لُوس لوڪ لنبي لُٻَ.
 

ائين پنھنجي ڪلام جا ڪل 3 مجموعا ٻن مسوَدن ۾ لکي تيار ڪيائون. پھرين مسوَدي ۾ ٻہ ڪتاب ’ديوانِ آسُو‘ ۽ ’ويراڳ نامو‘ آھن، جڏھن تہ ٻئي مسوَدي ۾ ھڪ ڪتاب ’رسالو آسُومل صوفي‘ لکيو اٿن. ٻيو مسوَدو ماسٽر ڪاپي ٺاھڻ لاءِ سوز ھالائي صاحب کي پڻ ڪجهہ وقت ڏنل ھو. اھي ٻئي مسوَدا فقير صاحب جو پوٽو ڀڳت اُوڌَوُداس ھندوستان لڏڻ وقت پاڻ سان کڻي ويو. جيڪي بعد ۾ حڪيم ليکراج مل واپس آندا ۽ ھن وقت سندن گهر ۾ محفوظ آھن. تنھن کان علاوہ پنھنجي رھاڻين ۾ ٻيو بہ ڪلام چيو اٿن جيڪو محفوظ نہ ٿي سگهيو. سندن ڪلام جي حوالي سان محمد صديق ميمڻ ڪتاب ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو تہ:

”سنڌ جي شاعرن ۾ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ کان سواءِ ٻئي ڪنھن بہ شاعر جو ايترو گهڻو ڪلام ڪتابي صورت ۾ موجود نہ آھي جيترو صوفي آسُورام جو آھي“.

مٿين راءِ اعتماد جوڳي نٿي لڳي، ڇاڪاڻ جو انھيءَ دور ۾ منٺار فقير راڄڙ جو بہ گهڻو ڪلام ڪتابي صورت ۾ موجود ھو. جنھن جي لکت پاڻ ساڌو ڌرمومل کان شروع ڪرائي ھئائين. ڪُل 4 رسالا: خدائي، رھنمائي، مرتضائي ۽ سدائي جوڙيل اٿس. محترم صديق ميمڻ صاحب جيڪر ساڳي راءِ ھيئن لکن ھا تہ بھتر ھو:

”سنڌ جي شاعرن ۾ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ کان سواءِ ٻئي ڪنھن بہ شاعر پاڻ ايترو گهڻو ڪلام ڪتابي صورت ۾ لکي محفوظ نہ ڪيو آھي جيترو صوفي آسُورام ڪيو آھي“.

اڪثر صوفي شاعرن پنھنجي ڪلام ۾ آيتن، حديثن ۽ صوفي قولن جا ٽڪرا ڏنا آھن. پر جيئن فقير صاحب جو مطالعو وسيع ھو تہ پاڻ ساڳي روايت برقرار رکندي ھڪ وِک اڳتي ڏسجن ٿا. پنھنجي ڪلام ۾ اِنجيل ۽ ويدن، شاسترن جا بہ ٽڪر ڏنا اٿن. جيئن ھيٺين بيت ۾ پنھنجي خيال کي حضرت عليؑ جي قول ۽ مھاڀارت جي سِلوڪ جي ٽُڪرن سان ٽيڪو ڏنو اٿن:

 وحدت جِي وَجُود ۾، جن ھِئين لڳِي ھِيرَ،
’آنند مَئِي‘)[59]( چنتا گئِي، چڙهيا سچيءَ سِيرَ،
’يَوگِنو يَسمِن سَہ رام نہ داشر اِتِي رامَ ‘)[60](، اھڙي تن تقدِيرَ،
’مَا رَأيتُ کل شَيئًا إلاّ وَ رَأيتُ اللهَ‘)[61](،  تَرڪِي ٻي تدبِيرَ،
رھن سِڪ پريم ۾، نظر نہ ڪن سرِيرَ،
’آسُو‘ ان اُڪِيرَ، پھتا پرينءَ پار کي.
(رسالو آسُومل صوفي، (قلمي)، ص 192) 

ھڪ ٻئي بيت ۾ عربي صوفي قول ۽ انجيل جو ٽڪر گڏي ڏنا اٿن:

ريجهائڻ رام جو، آھي مُحال ڪم،
’مُوتُوا قبل اَنت مُوتو‘)[62](، ڦِر نہ پاءِ جنم،
’بِي ڊَسٽ بِفور يُو بِي ڊَسٽ‘)[63](، ھوئڻ ڪير ھَدم،
جِيتائي مرڻا، ’آسو‘ چاڙه عَلم،
قابو کوڙ قدم، تہ سچو ساڌو سڏجين.
 (رسالو آسُومل صوفي، (قلمي)، ص 111) 

اھڙا ٻيا بہ گهڻا مثال سندن ڪلام ۾ ملن ٿا. سندن ٽنهي ڪتابن جو احوال ھيٺ ڏيون ٿا. پھرين ويراڳ نامي ۽ رسالي آسُومل تي مختصر نگاه ڦيرائينداسين، تنھن کان پوءِ تفصيل سان ھن ڪتاب ’ديوانِ آسُو‘ جو احوال ايندو.

ويراڳ نامو عرف پريم غُنچه: 

فقير صاحب جي ھٿ اکر لکيل پھرين مسوَدي ۾ ھي ٻيو نمبر ڪتاب آھي، جنھن جو اصل نالو ’ويراڳ نامو‘ آھي، پر ڇپيل ديوانِ آسُو جي پڇاڙيءَ ۾ ’پريم غُنچہ‘ جي نالي سان ڄاڻايل آھي ۽ انھيءَ نالي سان مشھور ٿيو. ڪتاب جي پھرين صفحي تي فقير صاحب لکن ٿا:

”ويراڳ نامو

ھن ۾ ڀڄن ۽ ڪافيون سڪ ۽ نصيحت جون، 
شبد ۽ سدائون (صدائون) ۽ وايون داخل آھن.

مصنف: آسومل ڏاندومل صوفي
رھندڙ: ھالا پراڻا

ھن ۾ سُرن جو اٺ سٺو ٿيل آھي، مگر ڳائيندڙ ڪنھن بہ سُر مان ڳايو ٿو سگهي.

بيت

صئدرا بگذار خود را صيد کن 
نفس را دربند معنىٰ قئد کن“

تقريبن 360 صفحن تي مشتمل ويراڳ نامو اڃان اڻ ڇپيل آھي. منجهس تقريبن 465 ڪافيون، 75 ڀڄن، 48 شبد، 4 آرتيون، 4 مثنويون، 2 سِہ حرفيون (مناجاتون: ھڪ حضرت غوث پاڪؒ ۽ ٻي شاه شھيد) تن پٺيان ڪل 43 صدائون ۽ بيتَ، 1 مخمس ۽ 6 سُرن(ڪونسو، نعيم، پيلو، پھاڙي، جهنگلو ۽ لوڙاھي) تي بيت ڏنل آھن. ڪتاب جي شروعات آرتي ’آرتي ڪرون اَلک نِرَنجَن، جِسني جڳٽ اُپايا کيل بَنايا‘ کان ٿئي ٿي. ڪلامن کي سُر وار پڻ ورڇيو ويو آھي. 

ويراڳ نامي ۾ ھڪڙي پاسي مالڪ ڏي موھيندڙ، سڪ، حقيقت ۽ نصيحتن جا ڪلام آھن تہ ٻئي پاسي، بزرگن، اوَتارن، ولين، نبين جي شان ۾ ڀڄن، مناجاتون ۽ صدائون ڏنل آھن. مثال طور: 

آرتي

سنجها آرتي سُمر سرِي راما، رام ڀڄن بن ڪوڙا ڪاما. 

1..پھرين آرتي پانچ پڪڙنا، اَنتَش ڪَرَڻَ صفا سِڌ ڪرنا.
2..ڏوجهي آرتي دُوئي دُرجن ڀاڳا، ستگُر شبد سين سُرتِي لاڳا.
3..ٽيجي آرتي سُوجهو ترڀينا، انحد ڌُن ۾ آسڻ ڌرنا.
4..چوٿين آرتي چوٿين فنا سان، جهڳ مڳ جوت پرڪاش جڳانا.
5..پانچي آرتي بيٺ اَمر گهر، ڪھي ’آسو‘ ست سھج سمانا.

ڀڄن (شام ڪلياڻ)

بِنا ستگُر اٿئي اونده، ڪٿان گوبِند جو پائين گَسُ؟!

1..قابو ڪيَئي پاڻ ڪُوڙڪ ۾، وٺي ويٺين مايا جو رَسُ.
2..ٿئي ڪيئن تو اندر اَوجل، لڳئي مَوهَ موڀ واري مَسُ.
3..مَنُش ديھي اُتم دُرلڀ، وڏي ڀاڳين پراپت پَسُ.
4..اَڪيارٿ پَل وڃاءِ نہ ھڪ، ڀڄن ۾ ڪر وڏو ئي ڏَسُ.
5..ڀڄن ڌاران ناھي مُڳتي، ديا ۽ ڌرم جو کَٽُ جَسُ.
6..ملي ساجن ڏيڻ سِر سان، ’آسُو‘ ان ۾ نہ آھي ڪَسُ.

ڪافي 

[سرائڪي، فارسي آميز]

رخ نور دي تجلي اوپر، مئي دسورن ھو رھيا.
1..ويکو جلوا جوتوَر، شرمند برق و خورقر،
    حوران مَلڪ پريان اپر، حيران ھو رھيا.
2..دل کس نيتي گيسودام ۾، مدھوش تيڏي نام ۾،
    نصف المنظر دي جام ۾، دل مستان ھو رھيا.
3..جي فراقان دا ڦٽيا سوز، سر نو نوازيا روز روز،
    افسوس ئي ايسا ھنوز، بي درمان ھو رھيا.
4..تيڏي لطف اميدوار، عاصي گيا ڇٽ صد ھزار،
    دائم مدامي زار زار، گريان ھو رھيا.
5..جب الف دا آيا سمع، ڏوجهي ميٽ گئي سار طمع،
    ’آسو‘ بر شعاعِ شمع، پروان ھو رھيا.
 

لاڏو

وھنيان لاڏا ماڻي آءُ مومل.
1..لاڏو چيم ’شبد‘ کي سارَي، ’سُرتِي‘ ٿي موملَ،
    ٻنهين جي ميلاپ ھڪ سان، مِليَس پرش اَچلَ.
2..بن ويراڳ جي نہ ٿئي ھڏھن، اندر سوزي سَلَ،
    پوَن نہ تو ريءَ مُئِي کي ڪڏھن، وچئون شال ڪي پَلَ.
3..زيور پائي مومل تُنھنجي، سڪ سچيءَ سان اَجهَلَ،
    اِنھيءَ مزي جي ماڻڻ جي، ڪا ڪا ڪنھنکي ڪَلَ.
4..ڄاڃي ماڃي تائب تنھنجا، کائين امبرت ڦلَ،
    ھرجا ھند سنڌ پوَن ٿيون ھاڪون، تنھنجي حسن ھڪلَ.
5..سھاڳ ڀاڳ شل لاڏا ماڻين، ڪا نہ پوئي اَڙوَلَ،
    ھجين پناه ۾ تين، پانچ کان، ساڙي کان سُوملَ.
6..’آسو‘ لاڏو مومل ھڪ ٿيا، ناھي ويڇو تَلَ،
    گهوٽ ماءُ کي ڏيو واڌايون، اديون کِيرون اٽَلَ.

شبد (پرج)

بنسري وڄي ٿي نِت نِت تن ۾، مونکي موھن وسي ٿو دم دم من ۾.
1..ڪام جهلي مونکي ڪام پلي، ڪام ھلي مون سان ڪام چلي،
    سڻيو اوڀالا ٻڌيو ڪشالا، تنھنجو ڪھاڙو ڳن ۾.
2..ڪين ڏسنديون ڪين پسنديون، ڪين رسنديون، ڪين ھسنديون،
    ھن مايا جي ھن ڪايا ۾، جنھنجو آرو اَن ۾.
3..منجهہ ھن چولي ڪير ٿو ٻولي، ڏس اک کولي ڏيل کي ڏولي،
    بنا جفا جي ملي نہ صفا کي، ڪر مت قابو ڪن ۾.
4..ٿيءُ نہ توائي ڪڍي ڪچائي، ناه جدائي ڪرين صفائي،
    ’آسو‘ ادرسي ڦرين من سي، ڇو بيراڳي ٿي بن ۾. 
 

فقير آسُورام، حضرت سچل سرمست جو ھن طرح اثر قبوليندي ڏسجن ٿا:

سچل:  اھو اٿم ارمان، ڇا منجهان ھِتِ ڇا ٿي آيس.
1..چاڪر ٿيس نہ ڄاڻان ڇا کئون، نا تہ ھيس صحيح سُلطان.
2..ھيس داناءُ ديس انھيءَ ۾، ھت نانءَ ٿيس نادان.
3..ڪوئي ڄاڻي ڪوئي سُڃاڻي، اھو مرديءَ جو ميدان.
4..بحر اواگهہ جو لھر لڪايو، ٿيو طرح نوين طوفان.
5..اصلئون ساڻ وٺي ھت آيس، سورن جو سامان.
6..ھڪ گهر کئون ٿي ٻي گهر آيس، محض آيس مھمان.
7..بحر اُتئون جا لھر اُڀي ٿي، موٽي ٿيو مھران.
8..’سچوءَ‘ کي ڪيو ساعت ساعت، حيرت ھن حيران.
             (سچل سرمست جو ڪلام، نماڻو فقير، 2017ع ، ص 84)
 

آسُو:  آھيان حيرت ۾ حيران، ڪاٿئون آيس ڪاڏي ويندس.
   1..ڇا منجهان ڇا بنجي آيس، نانھِ اندر ٿيو مڪان.
        2..ظاھر وِتُ منھنجو مُٺِ مٽيءَ جي، باطن وچ سلطان.
        3..وحدت ڪثرت، ڪل مان ھڪ ٿيو، ڌار رھيو نہ ڌيان.
        4..ٻج بن گل ناھي، گل بن ٻج ناھي، باري بره جو بيان.
        5..’آسو‘ نفيءَ مان ثابت ٿئڙو، گُرَ ڏنو اي گيان. 

شري ڪرشن سان ھولي کيڏڻ کي روحاني انداز ۾ ھيئن ٿا ڳائين:

ھوري (کنڀات)

آيو شام آيو شام ڪرشن مراري.
1..گهر گهر ورت ورت واڌايون، لاڳي پريم پچڪاري.
2..پريم پچڪاريءَ من تن سيتل ڪِيا، ڌاري امبرت ڍاري.
3..امبرت رس چاکي مگهن ھويا من ۾، بِندرا بن برج ناري.
4..’آسو‘ نت نت آنند ھويا، مليا گوڪل گرڌاري.
 

شبد (کنڀات)

پِييا ڪي سنگ ۾ کيلون ھوري.
1..مِلڪي سھيليان گوالڻ گوپيان، گائو گوپ اگهوري.
2..موج مھر ۾ مستي ھويا، پِيا پريم ڪٿوري.
3..دل شجر نو سبز بھار ڪِيا، ڪاٽي دوئي ڪي ڏوري.
4..’آسو‘ سھجيئي آنند ھويا، مليا نند ڪشوري.
 

صوفي آسُورام صاحب، گُرو نانڪ جا بہ مداح آھن. چون ٿا:

ٿيو اوتار ڪلجڳ ۾، گُرو نانڪ سچو پرگهٽ.
1..الاھي راز جو رايو، عجب اسرار ٿي آيو،
    وڌائين سچ سندو پايو، اڍئي ورن جو ئي ڇٽ.
2..جڻئي جي جيءَ رکڻ وارو، ڀلڇن جي مارڻ وارو،
    سِکن کي ٿيو تارڻ وارو، ڪريان ٻيو ڪو نہ ڪو ئي مٽ.
3..سڌارد ٿيو سڄي جڳ جو، ٻيو سونھون سچي دڳ جو،
    ٿيو توشو اڳي اڳ جو، لٿي قلبي ڪدوري ڪٽ.
4..چوي ’آسو‘ صفائي سان، ڪيم ظاھر سچائي سان،
    مليم مَھوشُ ڀلائي سان، ويو سنسو لٿو سنگٽ.
 

فقير صاحبَ ويراڳ نامي ۾ حضرت شاه عنايت الله شھيدؒ جن جي شان ۾ ھڪ سي حرفي ۾ مناجات ۽ صدائون ڏنيون آھن. مثال:

مناجات جناب حضرت شاه عنايت اللھ صوفي
شاه شھيد سلطان العارفين رضي اللھ تعالى
 

عنايت ڪر عنايت اللهؒ سائين، منھنجي من جا مڙئي مطلب پڄائين

الف    اداسي ٿي ھلي آيس تنھنجي در، ڀلارا پانڌڙو پينار جو ڀر
خدا ڪارڻ اچي واھر سنديم ڪر، محابي ساڻ حضرت جي نظر ڌر
عنايت ڪر عنايت اللهؒ سائين…

ي          يتيمن ياور آھيم يقينو، آھيان اوڳو ڪجهو ڪوجهو ڪمينو
ڪيو تو ٻاجهہ سان ھي صاف سينو، رکئي ’آسوء‘ سندو ڪامل قرينو

عنايت ڪر عنايت اللهؒ سائين…

           چٽو چاڪر اچي چت سان چتايو، گناھن ۾ ڀريل ڀَٽُ ڀان آيو
آھيان ڪرتن ڪچو اوڳو اجايو، خدا ڏي دل سنديم دم دم لڳايو
عنايت ڪر عنايت اللهؒ سائين...

 

صدا (حسيني)

مون تي صوفي شاه شھيد، ڪئي ڪرپا لک ڀال ڀَلائيا.
1. ڪُرف ڪفر جو قلب تان کولي، ساڻ توحيد ڪليد.
2. ملم ميلاپ جو رمز سان لايئي، ڦٽ ديد شديد.
3. شرڪ شيطان کان رکئي پناه ۾، ملهہ خريد مريد.
4. ’آسو‘ پسُونئِي مان مانِک بنيو، ٿيئڙي عيد سعيد.
 

صدا

سِر ڏٺم سبحان، جهوڪ شريف ۾ جهونجهارن جو.
1. ماڻهن پسُن ۾، وڻ ٽڻ ھر رنگ، برڪت بي پايان،
خاصو خوش واس خونبارن جو.

2. الا ھو ھو آلاپ اھائي، مانجهين جو تہ مڪان،
پاڪ پوتر پُونجارن جو.

3. موتي دل جو صاف شبد سان، ڪاٽي غير گمان،
ونڌڻ واه واه وينجهارن جو.

4. ’آسو‘ آنند انحد ڌن جو، وئڙو شرڪ شيطان،
مونجهہ ميٽيو من تان مونجهارن جو.

فقير صاحب ’ويراڳي نامي‘ جي وچ ۾ غوث الاعظم حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيؒ جن جو چيل عربي قصيدو ڏنو آھي. پاڻ ھر ھڪ سٽ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو اٿن. ھت چند بند ڏجن ٿا:

 

سَقَانِی الْحُبُّ كَاسَاتِ الْوِصَالِ     فَقُلْتُ لِخَمْرَتِی نَحْوِي تَعَالِی

پياريو مونکي عشق پيالو وصال جو   پوءِ چيو پنھنجي شراب کي تہ مانڏي آءُ

سَعتْ وَمَشَتْ لِنحْوِى فِی كُئُوسٍ   فَهِمْتُ بِسَكْرَتِی بَيْنَ الْمَوَالِی

ڊوڙي ھلي آءُ مون ڏي پيالن ۾    پوءِ مردانگي ڪم سببان جذبي ولين جي جماعت ۾

وَقُلْتُ لِسَائِرِ الأَقْطَابِ لُمُّوا                 بِحَالِی وَادْخُلُوا أَنْتُمْ رِجَالِی

پوءِ چيم سڀني قطبن کي تہ ويجها ٿيو  منھنجي حال ۾ داخل ٿيو جي خدا جا مرد آھيو

 

اھڙي طرح مٿين قصيدي کان پوءِ پاڻ غوث الاعظمؒ جن جي شان ۾ بہ سہ حرفي ۾ مناجات، بيت ۽ صدائون ڏنيون اٿن. مثال:

صدا (جوڳ)

يا پيرن جا پير، حامي ٿيءُ تون مشڪل ۾.
1..چوطرفن کان ويرين واريس، ھڻ انهن کي تير.
2..اوجهڙ اچي آئون آھيان پئڙو، رھبر ٿيءُ دستگير.
3..تو بغير ٻيو ناه وسيلو، واھر ڪج مون سان وير.
4..’آسو‘ اوھانجي پئڙو پناري، ڏي مونکي منڌير.
 

صدا

چڙه نيليءَ جا ھسوار، جيئن ٻانهيءَ تي تو ٻاجهہ ڪئي.
1..چورن چوري ڪئي ٿي چاه مان، تن تي فيض ڪيوءِ نگاه سان،
    لاھي غير غبار، تن جي پوري تو سڀ ھاج ڪئي.
2..ويھن ورھن جي ٻيڙيءَ ٻڏل کي، ٻاھر ڪڍيئي ھيڪ ھڪل تي،
    لاھي سڀ آزار، ھن پوڙھيءَ جي تو ڪاج ڪئي.
3..جمن چارڻ جا مڙئي من گهريا، پورا مطلب مھر سان ڪيڙا،
    ڏاتون ڏيئي ڏاتار، سڀ سُھائي تو مان داج ڪئي.
4..ڪوري نراس ويو ٿي وريو، نا اُميد نہ تو سو ڇڏيو،
    ڏيئي پنجاه ھزار، تنھنجي پوري تو احتياج ڪئي.
5..حاڪم ورتو ظلم جو پايو، ساڻ ڪرامت ٽوڙيس رايو،
    ٿيو سک سنسار، معافي ملڪ ساري تان خراچ ڪئي.
6..ٻانهون ٿيو جو مھندي مياري، باه دوزخ تو ان تان ٽاري،
    وير ڪري واھار، ھن ڇوري جي تو لاج ڪئي.
7..جيڪي آيا تو در سوالي، ڪين ڇڏيو تو تن کي خالي،
    ’آسوء‘ جيئن پينار، ڪئين ڪوڙن تي تو تاج ڪئي.
 

فقير آسُورام، حضور پاڪ حضرت محمد ﷺ سميت پنجتن پاڪن جي شان ۾ بہ مدحيہ ڪلام چيو آھي. سندن ھڪ مقبول مناجات پھريون دفعو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنھنجي ڪتاب ’مداحون ۽ مناجاتون‘(ص 313) ۾ شامل ڪئي. جيڪا صوفي جي شاعري جي قلمي نسخي ۾ موجود مناجات کان ڪجهہ مختلف آھي. ھت اصل نسخي تان نقل ڪجي ٿي:

بچائج ڪفر غيرت([64]) کان، مدد ڪر يا رسول الله!
1..تون ئي آھين نور نوراني، مٺو محبوب سبحاني،
    نڪو ٻيو ٿيو تنھنجو ثاني، ڪرم ڪر يا رسول الله!
2..اُمت ساري سندو شافع، دردن مرضن سندو دافع،
    سڄو جڳ ٿيو توکان نافع، رحم ڪر يا رسول الله!
3..سوا لک تي مٿي مُرڪين، تارن ۾ چنڊ جيئن چمڪين،
    سدا ٻھڳڻ پيو ٻھڪين، مھر ڪر يا رسول الله!
4..خدا فرقان نازل ڪيو، مٿي مُرسل موچاري تو،
    اُڪارج ڏڏ پلئي جو پيو، لطف ڪر يا رسول الله!
5..جيڪي تنھنجي پٺيان پيڙا، ڪري قربان جند جيئڙا،
    انهن جا وھم سڀ ويئڙا، فضل ڪر يا رسول الله!
6..اصل تنھنجي گولي آھيان، جُتيءَ جي جوڙ پڻ ناھيان،
    سچائي سان تو در داھيان، ڀلي ڪر يا رسول الله!
7..عرض سڻ ھن ڪميڻيءَ جو، پنھنجي در جي وھيڻيءَ جو،
    ڏسي ھيءُ حال ھيڻيءَ جو، ستر ڪر يا رسول الله!
8..مداين ۾ ’آسُو‘ ورتو، وھائي آب ٿو ارتو،
    اوھان کي ھت ھُتي پرتو، ڀرم ڪر يا رسول الله!

ڊاڪٽر ائينيمري شِمل ھن جي پھرين چند سِٽن جو انگريزي ۽ مَلائَي (انڊونيشيا جي ٻولي) ۾ ترجمو ڪيو آھي. انگريزي ترجمو:

Save me from unbelief’s darkness
Help me, O Prophet of God!
You are the luminous light,
Friend, sweetest, of the Most High,
No second or third is like you—
Be merciful, Prophet of God…([65])

فقير آسُورام جو اھڙو ھڪ ٻيو مدحيہ ڪلام ھيٺ پيش ڪجي ٿو:

اندر ۾ طلب رک مومن، سدا اللھ اڪبر جي.
1..ڇڏيو جن لوڪ جو ملمون، ڪڍي ٻئو غير سڀ دل مون،
    ڪھيائون ڪوڏ مان ڪلمون، لٿين ڀلڪار محشر جي.
2..اندر سمجهاءِ مَنُ ماري، نہ رُل ٻي ڪنھن جي اوتاري،
    پڙھو صلواة کي ساري، رسول اللھ پيغمبر جي.
3..نڪي سانڍي سگهيس اديون، تڏھن ظاھر ڪيم سڌيون،
    ٽوڪون مون جڳ جون ڇا ڪنديون، وڻيم سڀ ڳالهہ دلبر جي.
4..متان ڪا پاڻ ساراھي، حجت ڪنھنجي اڳيان ناھي،
    توبہ ڪر پاند ڳل پائي، ڏاڍي درٻار داور جي.
5..ڪيون مون سڀ گنهگاريون، کنيم خوارين سنديون کاريون،
    بخشيندم نيٺ بدڪاريون، اٿم اُمّيد تنھن در جي.
6..چوي ’آسو‘ برائي کان، اُڪاريندو ڀلائي سان،
    جهليم دامن سچائي سان، محي الدين منور جي. 

مٿيون مولود (ڪجهہ بَند ڪٽي ۽ لفظن جي مٽا سٽا ڪري) پھريون دفعو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ۾ نعتيہ شاعري (ص 174)‘  ۾ شامل ڪيو. جنھن جو اردو ترجمو پروفيسر آفاق صديقي ڪيو آھي. ھي ٻن ڪتابن: ’ بَہر زماں بَہر زباں  (مصنف: نور احمد ميرٹھی، ص 157)‘ ۽ ’ ماہنامہ نعت لاہور: دسمبر 2000ع (مصنف: شاکر کنڈان، ص 20)‘۾ ڇپيو:

طلب اندر ميں رکھ مومن، سدا   الله اکبر کی
سمجھ کر اپنا من مارے، نہ جا غيروں کے اوتارے،
پڑھيں صلواة کو سارے، رسول الله پيغمبر کی.

ہٹا دل سے ملمے کو، بچا دنيا سے اپنے کو،
پڑھے جو قلب کلمے کو، اسے کيا فکر محشر کی.

کہے ’آسو‘ برائی سے، چھڑا ليں گے بھلائی سے،
لگن ہے حق نمائی سے، رسول الله  انور کی.

اھڙي طرح فقير سائين جو جوڙيل ’ويراڳ نامو‘ شري ڪرشن جي ماتا يشودا (جسودان) نالي ھن بيت سان ختم ٿئي ٿو:

جيم جمال جانب سان، مٽ نہ اچي چي چنڊ ڀان،
سين ساراه صفت سڄڻ جي، بيحد بي پايان،
واء وري واء وصل جو، دل ۾ ڌريان ڌيان،
دال دلاسي دوستي تي، تڳي ساه پران،
الف اللھ قد قامت، طوبى ٿيو حيران،
نون نياز نئڙت سان، لڳم نينھن نشان،
’آسو‘ ڪفر ايمان، ’جسودان‘ ضايع ڪيو. 

رسالو آسُومل صوفي: 

فقير صاحب جي ڪلام جي ٻئي مسوَدي ۾ ھڪ ڪتاب ’رسالو آسُومل صوفي‘ لکيل آھي. رجسٽر نما ھن مسوَدي جي حالت بلڪل خستہ، ڪاغذ ڳريل ۽ مٿين حصي تي پاڻي لڳڻ ڪري لفظ پڙهڻ ۾ نٿا اچن. ديوانِ آسُو جي پھرين ڇاپي ۾ ھن ڪتاب جو نالو ’رسالہ آسو‘ ڏنل آھي ۽ انھيءَ نالي سان مشھور ٿيو. تقريبن 223 صفحن تي مشتمل 1276 بيتن جو ھي مجموعو اڃان اڻڇپيل آھي. مسوَدي ۾ عليحدہ 55 کن ڪاغذ جي ٽڪرن تي بيت لکيل آھن، جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ فقير صاحب پھريان رف ڪاغذن تي بيت لکيا ۽ بعد ۾ ترتيب ڏئي رسالو جوڙيائون. ھن ۾ 36 سُرَ، ھفتو، ٽيھ راتي، ٻارھن ماھي، ٻاون اکري، 106 ’متفرقہ‘ ۽ ’سوال جواب‘ جا بيت ڏنل آھن. آخري حصي ۾ ويراڳ نامي واريون صدائون ۽ 2 سِہ حرفيون (شاه شھيد ۽ غوث پاڪ جي شان ۾) ڏنل آھن. رسالي جي شروعات ھڪ بيت کان ٿئي ٿي. جنھن جون چند سِٽون ھيٺ ڏجن ٿيون:

واجب عاشقن تي، سانگو ساه کڻڻ،
واجب معشوقن تي، نخرو ناز وڻڻ،
واجب پانو سورمن تي، سَٽ ۾ سِرُ سٽڻ،
واجب اڀرن ڪمزورن، ڪليس سِيٽ پَٽڻ،
واجب عالمن تي، عمل علم ڌرڻ،
واجب پنڊتن تي، سچ جي ڪٿا ڪٿڻ،
واجب دان گرھستيءَ تي، يٿا شڪت ڏيئڻ،
واجب ويراڳيءَ کي، بن ٻنڌڻ بنان جئڻ،
واجب سناسين کي، سنسا سانگ ڇڏڻ،
واجب صوفين کي ٿيو، صفا صاف رهڻ،
’آسو‘ عبادت ڪرڻ، واجب ھر انسان کي. 

جنھن کان پوءِ ھن ريت سُرن جي فھرست ڏنل آھي:

سر ڪلياڻ

سر يمن ڪلياڻ

سر کنڀات

سر راڳ

سامونڊي

سھڻي

سارنگ

ڪيڏارو

آبري

ڪوھياري

معذوري

ديسي

حسيني

سورٺ

مومل راڻو

آسا

ڌناسري

بلاول

ڪانرو

ھير رانجهو

بروو

کاھوڙي

جوڳ

رام ڪلي

رپ 

ليلا چنيسر

ڏھر

ڪاپائتي

پرڀاتي

گهاتو

شينھن ڪيڏارو

مارئي

پورب

ڪارئنس

ڪامول

بسنت

رسالي آسُومل بابت محترم محمد صديق ميمڻ لکي ٿو: ”رسالہ آسو ڀاڱي پھرين جي ھر ھڪ سٽ جو مضمون شاه جي رسالي جي ساڳئي نالي وارن سرن جي مضمون سان لڳ ڀڳ رکيو اٿس. فقط ’سر ڌناسري‘ ۽ ’سر بسنت‘ جي مضمونن ۾ ھي تفاوت رکيو اٿس، جو شاه صاحب سر ڌناسري ۾ حضرت مديني جي مير عليه الصلاة و السلام کي صدائون ھنيون آھن ۽ صوفي آسورام حضرت مديني جي مير کي صدائن سان گڏ حضرت جيلاني بادشاه ۽ پنھنجي بزرگ مرشدن کي بہ صدائون ھنيون آھن“. سُر جوڳ ۽ رامڪلي ۾ انڌن ۽ بگڙيل عقيدن جي اصلاح جا لاڀائتا بيت ڏنا اٿن. مثال:

ھيءُ جو چيم رام، سو رمندڙ سڀ جي روح ۾،
’وحْدهُ لاَ شَرِيكَ لهُ‘، ڪھج ايءُ ڪلام،
ھو رامچندر پٽ ڏسرت جو، ورنـﮧ ھو وريام،
سو پڻ خلقيل تَنھن جو، ٻئو خيال ڪڍي ڇڏ خام،
’آسُو‘ لکجئي نام، اچي دفتر سچ ۾.

ڪرشن چوڻ الله کي، وڏو آه گناه،
سمجهہ سياڻا سُرت سان، نڪي عيسى ٿئي الله،
ھي آيا گرڀ ماء مان، ھو پاڪذات بالله،
سچو اھو راه، ’آسُو‘ وٺ سالڪن جو. 

سُر ڪيڏاري ۾ ٽي داستان ڏنا اٿن: داستان پھرين ۾ حضرت حسينؑ، داستان ٻئي ۾ منصور حلاجؒ ۽ داستان ٽئي ۾ صوفي شاه عنايتؒ جي شھادت وارن واقعن جا بيت ڏنا اٿن. ان حوالي سان راقم جو خيال آھي تہ، فقير صاحب پھريان شاعر آھن جن منصور حلاجؒ جي شھادت تي ڪيڏارو لکيو آھي. مثال طور ٻہ بيت (پھريون ۽ آخري) ڏجن ٿا:

حسين بن منصور جي اناالحق چيو،
انھيءَ تي ٿيو، ’آسو‘ وڏو معاملو!

ظاھر زبان مان ان جي، نڪتا اھي ڪلام،
اناالحق جِي انڌن کي، مُلن پئي نہ مام،
ھن جي من تي محب جا، ٻريا مچ ماتام،
ورتئون آزمودا ڪيترا، پر مور نہ رھيا خام،
ھر رڳ، ھر مُسام، آواز الاھي آئيا.

اھڙي نموني حضرت صوفي شاه عنايتؒ جي شھادت تي چيل سندن ڪيڏارو بہ گهڻو مشھور ٿيل آھي جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنھنجي ڪتابن ’جنگ ناما‘ (ص 43) ۽ ’واقعاتي بيت‘ (ص 409) ۾ شامل ڪيو. جيڪو پڻ فقير صاحب جي جوڙيل نسخي کان ڪجهہ مختلف ٿو ڏسجي. 

’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ (ص 440) ۾ محمد صديق ميمڻ ۽ ’سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو‘ (ص 247) ۾ مختيار ملاح، فقير آسورام جن جي احوال سان ھي بيت ڏنو آھي:

ٻل ٻيڙيءَ ڇڏيو، ڏنگو پيس ڏنگو،
آلات الري ’آسو‘ چوي، ڍيري ٿيس ڍنگو،
شال م ٿئي دنگو، ڦرھو ھن ڦٿل جو.     

اِھو بيت فقير صاحب جي ڪنھن بہ ڪتاب ۾ موجود نہ آھي. يا ٿي سگهي ٿو تبديل ٿيل ھيٺيون شعر ھجي:

ٻَلُ ٻيڙيءَ ڇڏيو، ڏِنگو پئس ڏَنگو،
ٽُنگ ٽَاري نہ سگهيئس، درياه ڪيو دنگو،
شڪر جو پَٺنگو، ٿئم سکاڻي سڌر سين.
         (قلمي: رسالو آسُومل صوفي، سُر راڳ، بيت: 7)

رسالي آسومل صوفي ۾ ڏنل ’ھفتو‘، ’ٽيھ راتي‘ ۽ ’ٻارھن ماھي‘ جا بيت ڊاڪٽر بلوچ پنھنجي ڪتاب ’ھفتا، ڏينھن، راتيون ۽ مھينا‘ (ص 37، 385 ۽ 404) ۾ شامل ڪري چڪو آھي. ’ٻاون اکري‘ جي لحاظ کان راقم جو خيال آھي تہ فقير صاحب پھريان شاعر آھن جن سڀ کان پھرين سنڌي الفابيٽ جي ٻاونجاه اکرن تي بيت ڏئي ’ٻاون اکري‘ لکي آھي. مثال طور چند بيت: 

ٻاون اکري (سُر جوڳ)

الف  الف آديسين کي، آيو ساه سُجهي،
ھنياءٌ نعرو نينھن جو، مرد نہ پيا مُجهي،
سِکڻ ٻيو ٻُجهي، ’آسو‘ اڇلياءٌ آڳ ۾.

ڙ  ڙي رِڙھي ورتاءٌ رَندُ، رِندن سندو ريت سان،
محبت جي ميدان ۾، ڀڃي ڇڏياءٌ بند،
ڇَل ڇيدر ڇند، ’آسو‘ اڇلياءٌ آڳ ۾.

ڱ  ڱي لڱن نہ مال ملڪ، آراڌيو الک کان،
بيک ڀڪ لکي ڏيک، نڙي تانگهہ تلڪ،
تنکي مس ڪلڪ، ’آسو‘ الله عطا ڪئي.

ء  الف اَمُن منجهہ رھي، جپين الک انوپُ،
رِل مِل رھيا بي رنگ ۾، جنھنجو رنگ نہ روپ،
’آسو‘ ٿيا الوپ، ڪاھي پيا ڪين ۾.

ٻاون اکري پوري ٿي، ٻڌجو ڳن سندو حال،
اندر جي آڪھ کي، ماري ڪياءٌ پئمال،
ڇڏي ٻيو جنجال، ’آسو‘ جڙيا جڳدين سين.
 

فقير آسورام کان ئي متاثر ٿي سندن سلسلي جي ھڪ شاعر ڀڳت گوال لال بہ ٻاونجاه اکري لکي آھي جيڪا ورھاڱي کان گهڻو اڳ سندس ڪتاب ’گوال شلوڪاولي‘ ۾ ڇپجي. ٻاون اکري کان پوءِ فقير صاحب جي ’سوال جواب‘ جي بيتن مان نموني طور ٻہ بيت ھت ڏجن ٿا:

سوال:  ٻُڌاءِ! حبيبن توتي ڪيئن قرب ڪيو؟
            تون ويري ڪُڙم جو، سندو قريبن،
            اڳرو ٿئين ان حال سان، اڳيان عجيبن،
            ’آسُو‘ غريبن، سلي سڻائج ڳالهڙي.

جواب:  در نہ ڇڏيم ڌڻي جو، جي ھيم بک ۽ ڍءُ،
           لتين لوڌائي ڇڏيائون، تہ بہ نہ مڙيس ھڪ جئُہ،
           چوڪي ڏنيم چت سان، رکي ادب ۽ ڀئُہ،
           خاوند جي حڪم کان، ڪڏھن ڪيم نہ ڪئُہ،
           سر ڪيم صدقي، توڻي پسي تئُہ،
           ٽنگ کڻي توبھ ڪيم، منجهان نياز نئُہ،
           اھڙي محبت مئُہ، ’آسُو‘ مقرب محب ڪيو.

غوث پاڪ جي شان ۾ ’سہ حرفي‘ ھيٺان لکن ٿا:

الغياث يا حضرت سيد عبدالقادر جيلانيؒ
المدد بِاذن الله تعالى على ھٰذالوقت

ڏھاڙي  اتر ڏي منھن ڪري، پير پير تي چاڙھي (III) ڀيرا پڙھي سمهڻ وقت يا صبح جو پاڪائي سان. انشاء الله تعالى سڀ مشڪل آسان ٿيئن، مراد پنھنجي تي ڪامياب ٿئي.

’رسالي آسُومل صوفي‘ جي پڇاڙي ۾ ھي بيت ڏنل آھي:

ھي رسالو ڄاڻجو، پرينءَ جو پرياڻ،
’ويد‘، ’انجيل‘ فرمان جو، آه سچو پرماڻ،
’آسُوءَ‘ اھو اھڃاڻ، چونڊي ڪڍيو چِت مان.
 

صوفي آسُورام جو ٻيو ڪلام: 

         ويراڳ نامي، رسالي آسُومل صوفي ۽ ديوانِ آسُو (جنھن جو اڳيان تفصيلي احوال ايندو) کان علاوہ مختلف موقعن تي سائين آسورام ٻيو بہ شعر چيو آھي، جيڪِي اسان کي ھٿ ٿيو سو ھن طرح آھي: 

1.  فقير صاحب پنھنجي ستسنگ/محفلن جي پڇاڙي ۾ ھي پلئُہ (دعا) پائيندا ھئا)[66](:

پَلئُہ جي پائِينِ، سي خاوند! خالي مَ ڪرين،
آسائُو آھين، داتا تُنھنجي در جا.

داتا! در وارن جا، تون عرض اُونائج،
مڙئي تِن جي من جا، تون سنسا مٽائج،
پروَر پُڄائج، آسُون آسوَندن جون.

آيا جي ستسنگ ۾، تن حاصل ڪرين حاج!
ڪٽي اَپرادن کان، رکين ننگ ۽ لاج!
ڪرم سان ڪلتار تون، تن جا پورا ڪرين ڪاڄ!
ميٽي سڀ احتياج، ’آسُو‘ چوي انهن جا. 

محسوس ائين ٿو ٿئي تہ ان سلسلي جا ٻيا بہ بيت ھوندا جي اڃان اڻلڀ آھن! رام پنجواڻي جي ڪتاب ’سنڌ جي سوغات‘ جي ٻئي ڇاپي (ص 328) ۾ ڏنل ’پلئہ‘ ۾ پھريان ٻہ بَند مٿين پلئَہ جھڙا ڏسجن ٿا. ساڳيو پلئُہ ڀڳت ٽيئون رام جا پوئلڳ ھن طرح پڙھندا آھن:

پلئُہ جي پائين، ستگور تنھنجي در تي،
داتار در آين جا، عرض اونائين،
مڙيئي تن جي من تن جا، ڏکڙا مٽائين،
’آسُو‘ اگهائين، آسُون آسوَندن جون.
 

2.  ھڪ دفعي ڀڳت اُوڌوُداس، سائين آسُورام سان گڏ ڪنھن جهنگ مان گذريو تہ کين جانورن اچي گهيرو ڪيو. ان وقت فقير صاحب پنھنجي لڪڻ جو مُتھڙو (مٿيون حصو) جهلي ھيٺيون شعر چيو)[67](:

ظالم کان زبردست، منگهن مست، مُتھڙو.
اڙٻنگ، جبر جنگ، وجهي ونگ، مُتھڙو.
 

3.   ھالا پراڻا ۾ پير خان محمد واري خانقاه ۾ حضرت پيران پير دستگيرؒ جي وڏي يارھين ملهائي ويندي ھئي، تنھن ۾ حجام فقيرَ (عمراڻي) ڪلام چوندا ھئا. ننڍپڻ واري دور ۾ حڪيم ليکراج ملَ، يعقوب حجام کان صوفي آسُورام جن جو ڪلام ٻُڌو، جنھن جون فقط ھي تُڪون ياد اٿن:

وه واه سڄي ٺاه ۾، آگاه سڄڻ تون
تنھن مام جي ڪِمام ۾، اِمام سڄڻ تون
’آسو‘ سام، لڳيس لام جي انجام پنهل ڄام
وه واه سڄي ٺاه ۾، آگاه سڄڻ تون
 

مٿي ڄاڻايل شعرَ فقير صاحب جي ڪنھن بہ ڪتاب يا مسوَدي ۾ لکيل نہ آھن. ٿي سگهي ٿو پاڻ ٻيو بہ ڪلام چيو ھجين، جيڪو وقت سِر محفوظ نہ ٿي سگهيو ھُجي!

ديوانِ آسُو: 

ھٿ اکر لکيل فقير صاحب جي شاعري جو پھريون مجموعو ’ديوانِ آسُو‘ ڪل 175 صفحن ۽ ٽُڪرن تي مشتمل آھي. جنھن ۾ ڪجهہ نثر سميت 149 غزلَ، 2 قصيدا، 2 مثنويون، 1 شبد، 16 اشلوڪ، 1 قطعہ، 2 بيت، 1 وائي ۽ 3 رباعيون شامل آھن.ھن ڪتاب جي شروعات ھمام الدين تبريزي جي فارسي شعر ”ہزار بار بشویم دہان بہ مشک و گلاب...“ کان ٿئي ٿي، جنھن جي ھيٺان غزل ’يٿارٿ‘ ڏنو اٿن. ٻئي صفحي تي ڪتاب لاءِ ’مُنڍ‘ لکيل آھي. جڏھن تہ پڇاڙي ۾ ڪتاب بابت ٻن استادن: سھجرام ۽ محمد سلطان جا سرٽيفڪيٽ ڏنل آھن. وچان ڪاغذ جي ٽُڪرن تي ٻين شاعرن جا شعر ۽ فقير صاحب جا غزل پڻ رکيل آھن، گمان آھي تہ متان ٻيا ٽڪرا نڪري ويا ھجن!

ھي ڪتاب پھريون دفعو ورھاڱي کان اڳ ويڙھُومل کٽڻ مل بڪ سيلرَ؛ شِيواجِي پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز ۾ 222 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي قيمت 10 آنا رکي وئي. سنڌالاجي رسرچ لائبريري ڄامشوري ۾ 10، 11 ۽ 12 آنا قيمتن سان ھن جون ٽي ڪاپيون موجود آھن. پھرين ٻن جو ٽائٽل ڪوَر ڪچي پاٺي تي ۽ ڪاغذ نارمل ڪوالٽي جو آھي. جڏھن تہ ٽئين ڪاپي (12 آنا قيمت سان) پَڪي پاٺي سان ٽائٽل ڪوَر ۽ منجهس سُٺو ڪاغذ استعمال ٿيل ٿو ڏسجي. اُنهن ٽنهي ڪاپين ۾ مواد ۽ صفحن جو تعداد ساڳيو آھي. جنھن ڪري سمجهجي ٿو تہ ڪتاب جي گهڻي کَپت ھئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ٽي دفعا ڇپيو. البتہ ھنن تي ڇپائي جي تاريخ يا سن لکيل ڪونهي. محمد صديق ميمڻ صاحب لکي ٿو: ”سندس (آسورام جي) حياتي ۾ ڇپجي چڪو آھي“. ديوان آسُو جو ڇپائي سال حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي ماخذ ھيٺ پيش ڪجن ٿا:

  • ويڙھُوملَ، ’شِيواجي پريس لاڙڪاڻي‘ مان 1928ع کان 1942ع تائين ديوانِ مسڪين، ديوانِ احسن سميت ٻيا ڪتاب ڇپايا.

  • 10 آنا قيمت سان 168 صفحن تي مشتمل ’ديوانِ احسن‘ ڊسمبر 1933ع ڌاري ڇپيو. ھن جي ٽائٽل ڪوَر پٺيان ويڙُهومل جي ڇپايل ڪتابن جي فھرست ڏنل آھي، مگر ان ۾ ديوانِ آسو جو ذڪر نہ آھي. جنھن مان معلوم ٿيندو تہ ڊسمبر 1933ع تائين ديوان آسو ڇپيل نہ ھو. ان فھرست ۾ پھريون ڪتاب ’ديوانِ اعظم‘ (ڇاپو اول) 3 آنا قيمت سان ڄاڻايل آھي.

  • 12 آنا قيمت سان 106 صفحن تي مشتمل ’ديوانِ اعظم‘ (ڇاپو ٻيو) جي بئڪ ڪوَر تي موجود ڪتابن جي لسٽ ۾ ’ديوانِ آسُو‘ 10 آنا قيمت سان ڏنل آھي.

  •  ويڙهومل جي ڇپايل ڪتاب ’ٻال يوگ سِکيا‘ جي ٽائٽل ڪوَر 

تي ڪنھن لائبريري جي ٺپي تي تاريخ: 20 MAY 1935 ۽ قلم سان II/1935 لکيل آھي. ھن جي بئڪ ڪوَر تي پبلشر لکي ٿو: ”ديوان آسُو: تيار ڪيل سوامي آسورام صاحب جو. توھان ڇو نہ سوين ديوان پڙھيا ھجن، پر ھيءُ ديوان پنھنجو مَٽ پاڻ آھي. ھر ھڪ غزل دل ٺاريندڙ ۽ شانتي ڏيندڙ آھي.  ڀيٽا: ._10_. (10 آنا).“

مٿين ماخذن مطابق سمجهجي ٿو تہ ديوانِ آسُو جو پھريون ڇاپو 1934ع يا 1935ع ڌاري شايع ٿيو ھوندو. جڏھن تہ مارچ 1936ع  ۾ ’ھندو ڌرم سيوَڪ‘ نالي ھڪ رسالي ۾ ھن ڪتاب بابت تنقيدي ليک پڻ ڇپيو (ڏسو ص 135). ھن ڇاپي اندر شعرن ۾ ھٿرادو تبديليون بہ آنديون ويون ۽ ڪجهہ شعر بہ ڇپجڻ کان رھايو ويو. جنھن جو تفصيلي ذڪر اڳيان ايندو. 

’الف بي‘ وار رديف تي غزلن جي مجموعي کي ادبي ٻولي ۾ ’ديوان‘ سڏيو ويندو آھي. غزل اصل فارسي شاعري جي صنف آھي جنھن ۾ ’ديوانَ‘ پڻ لکيا ويا. سنڌي ۾ پھريون مڪمل ديوان ھالا پراڻا جي خليفي گل محمد ھالائي (1796-1858ع) لکيو، جيڪو ’ديوانِ گُل‘ جي نالي سان پھريون دفعو سن 1858ع ۾ ڇپيو. جنھن کان پوءِ ھيٺين صاحبن پنھنجا دِيوان لکيا: 

  • سيد فاضل شاه (1836-1900ع)، ’ديوانِ فاضل‘، 1873ع

  • آخوند محمد قاسم ھالائي (1806-1881ع)، ’ديوانِ قاسم‘، 1875ع

  • رئيس شمس الدين بلبل (1857-1919ع)، ’ديوانِ بُلبل‘، 1891ع

  • مير عبدالحسين خان سانگي (1851-1924ع)، ’ديوانِ سانگِي‘، 1893ع

انھيءَ سنڌي ديوانن جي زنجير کي ڇھين ڪڙي صوفي آسُورام صاحب ڏني ۽ پاڻ پنھنجو پھريون ڪتاب ’ديوانِ آسُو‘ سن 1897ع ۾ لکي تيار ڪيائون. ھن جي پڇاڙي ۾ لکن ٿا:

ٿيو تُرت ’ديوانِ آسُو‘ تيار،
پڙھي جن پرُوڙيو، لٿو تن غُبار،
ڪڍي ’عيسوي سن‘ صفا ڏس صحي،
حقيقي ذڪر عشق، چابڪ بنار.
1897ع

سنڌي غزل جي باقائدي شروعات خليفي گُل ڪئي ۽ آخوند قاسم جي دور ۾ ھن کي پذيرائي ملي ۽ غزلن جون محفلون ٿيڻ لڳيون. صوفي آسُورام صاحب بہ غزل کي پنھنجي ڪيفيتن ۽ نصيحتن جو اظھار بڻايو. ’ديوانِ حافظ‘ سميت ٻيا فارسي ديوان تہ سندن مطالعي ھيٺ رھيا، پر ’ديوانِ گُل‘ جو اثر بہ مٿن نظر اچي ٿو. جيئن ڪِن غزلن جي مطلع وانگر پنھنجا مطلع جوڙيا اٿن:

گل:  ڌڻي منھنجا! ڪر مون سان پنھنجو ڪرم،
        تہ رھجي تنھنجي لطف سان سڀ ڀرم.

آسُو:    ڌڻي تعالى! ڪر مون سان پنھنجو لحاظ،
        ڳچي پاند پائي پنان ٿو لحاظ.
 

گل:       آءُ، منھنجي من ۾، دلبر تنھنجي تاري، تنھنجي تات،
         ٻي نہ ٻولي ڪاٿي اُڄھي، ووءِ ووءِ وائي وات.

 (ديوانِ گُل، ص 18)

آسُو:    آه منھنجي منَ، مٺلَ! تاري، طلب ۽ تات خاص،
         ري ڳڻن، ٻي ڳالهہ تنھنجي وائي ناھي وات خاص.
(غزل: 87)

 

گل:       ھل سنئون حق ڏي، ڇڏي گھ گوٿ،
        منجهہ سڌن، ڪيم کاءُ ٿاٻا ٿوٿ.

آسُو:     ھل سنئون، گوٿ ڇڏ گويون ۽ گھُ،
         ڏک ڏکيائون، سڀئي شُڪر سان سَھُ.

 

گل:       تنھنجِي دلبر جاءِ ھرجا، آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ،
        تون سڀت ۾ سڀڪو توکان، آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ.
      (ديوانِ گُل، ص 29)

آسُو:    رميو رھين ساجن سدا، توکي ڏسان ڪھڙيءَ جڳھ،
        سچ جوت تنھنجي جابجا، توکي ڏسان ڪھڙيءَ جڳھ.
             (غزل: 148)

 

گل:       دور دنيا جي مٿي، ائ دل ڪئين آيا ويا،
         سک مٿي سورن سٿي، ائ دل ڪئين آيا ويا.
 

آسُو:   ھن دنيا جي دور تي، اي دل سنديَم اِسرار ڏس،
       ڪِٿ سدائين پَٽ سُڃا، ڪِٿ گاه ۽ گلذار ڏس.
 

ڦوه جواني ۾ اھو فقير آسورام جو ماستري جي ٽريننگ وارو زمانو ھو جڏھن آخوند قاسم حيدرآباد ۾ غزل جون محفلون مچايو ويٺو ھو ۽ فاضل شاه جي سنگ ۾ غزلَ جي خوشبوءِ پکيڙي رھيو ھو. ’سنڌ سُڌار‘ اخبار برپا ٿي چڪي ھئي، جنھن ۾ شاعر پنھنجا غزلَ ڏيندا ھئا ۽ ھڪ ٻئي جي غزلَ تي داد رسائي، تجويزون ۽ تنقيد ٿيڻ لڳي. ان وقت (1871ع کان 1873ع تائين) سانده 3 سال ماستر آسُورام حيدرآباد ۾ ٽريننگ حاصل ڪئي. ٻنهي شاعرن جو تعلق ’ھالا پراڻا‘ سان بہ ھو تہ ضرور سندن ملاقات بہ ٿي ھوندي. ماستر آسورام جي غزل تي پڻ ھن جو اثر ڏسجي ٿو. مثال طور:

قاسم: دوست ڌاران دور گهارڻ آھي پاپ،
         گوندرن سان گڏ گذارڻ آھي پاپ.

آسُو: عشق ڌاران ھيئن گذارڻ الغياث،
         دوست ري دنيا ۾ گهارڻ الغياث.

 ھن دور جا شاعر فارسي شاعري جي ماحول کان متاثر ھئا ۽ ان جي اھڃاڻن جنھن ۾ ’مئي ۽ ساقي‘، ’گل ۽ بلبل‘،’شمع ۽ پرواني‘ کي پنھنجي غزل ۾ سموھيئون. اھو اثر صوفي آسُورام بہ قبوليو ۽ پنھنجي غزلَ ۾ بہ اھڙن اھڃاڻن سان اظھارَ ڪيا اٿن. مثال:

لئُون لڳِي لالن سان پُختي، دل ٽِڙي ٿي باغ باغ،
ڪيو مُعطر گل گلابي، موتيي منھنجو دماغ.
عشق پيچو، نسترين، سوسَن کُليا نرگس، سُنبل،
ھاڻ ساقي! شوق مان ڏي ڪو ڀَري مئي جو اياغ.
---

جن محبت پيتو شراب شراب،
سي ڇڏي سانگ ٿيا ڪباب ڪباب.
---

گلَ نازَ مان ڪو ورتو خيال نہ،
چوطرف غوغا پيا عندليبن.
---

شمع تي پروان وانگي شوق مان،
نور نِرمل ۾ سڙيا، سي ڇٽل پرش.

نہ فقط ايترو، پر حافظ شيرازي جي ھڪ مطلع تي پنھنجو مطلع جوڙيو اٿن:

حافظ:  ساقیا برخیز در ده  جام  را، (ساقي اچ، ڀري جام ڏي) 
           خاک بر سر  کن  غمِ  ایام  را.   (ختم ڪر ڏکارن ڏينھن کي)

(غزلياتِ حافظِ شيراز، ڊاڪٽر خالد حميد، 1997ع، ص 23)

آسُو:     ساقيا! جام ڪو پيار پيار،
           ڪِيمَ دل تان ڪُٺل وسار وسار.
 

امير خُسري جو شعر پنھنجي سنڌي غزل ۾ ھن ريت پيش ڪيو اٿن:

خسرو: گر نہ بودے ذاتِ حق اندر وجود،
آب و گل را کے ملک کردند سجود.
آسُو:  ’جي ذاتِ حق آدم نہ ھُئِي، ڏنڊوَتِ مَلَڪن ڪيئن ڪئي؟‘
        ابليس انڌ غُرور جو، ھِڪڙو اِشارو آه بس.

فارسي شاعري جي ماحول سان گڏوگڏ سندن غزل ۾ ٺيٺ سنڌي اھڃاڻ بہ نظر اچن ٿا. جيئن ’مُنگهٽ ۽ موڙَ‘، ’ٻني ۽ پوک‘، ’ڏڪار ۽ برسات‘. مثال:

مَنَ مَيي مُنھن ٻَڌم مُگهٽ ۽ موڙ،
مانَ سُھڻو ٿئي جيڏن جي جوڙ.
ڳھَہ ڳچيءَ، زير گاديون، جهل جهاٻ،
کِيَڻ، پوشاڪ خاص ٿيا چٽ چوڙ.
---

مُنڍ کان پنھنجي ٻنيءَ جي ڪر صفائي، جهنگُ جهاڙ،
ڪانھَ، ڪنڊا، ڪِرڙ ڪانڊيرا ڪڍي گُڏَ، ڪُھڙ ساڙ.
ڪوڏريُون، پاھوڙيُون، ڏانداريُون پئُہ سڀ کڻي،
ڀڃ دڙا، دِڪيون ۽ تودا، سُندرِي ڌرتي مَناڙ.
---

آئِي وسڻ جي رُت وري، مِينھن مِٽايا درد دُکَ،
وَس جي خبر ھرسُو کري، ڏيھن منجهان ويا ڏُرتَ ڏُکَ.
جر جامَ اَنَ جا ڍڳَ اَپر، کِيرون مليون سنديون سَڪر،
ڏڌ، کير، تازي گيھ سَڄر، ڪل ڪاٽيا سي رنج رُکَ. 

---

اڄ اُٺو مِينھن رحم جو آھي.
ڌڻ ڌڻارن ڪڍيا سڀئي ڪاھَي.
سبز ٿيا جهنگ وَشٽ سڀ پوٺا،
مُلڪ کي مھر سان ڇڏيئين ٺاھَي. 

صوفي آسُومل جي ھٿ اکر لکيل مسوَدن ۾ شاه ڀٽائي جا بيت ملڻ ان ڳالهہ جو ثبوت آھي تہ پاڻ ڀٽائي سائين جي ڪلام جو مطالعو ڪيو ھئائون. نہ فقط مطالعو، پر سندن اثر پڻ مٿن پيو آھي. جيئن ھڪ بيت جي پُٺ ڀرائي ۾ غزل چيو اٿن:

ڀٽائي: روزا ۽ نَمازُون، ايءُ پُڻ چَڱو ڪَمُ،
          اُو ڪو ٻِيو فھَم، جِنهِ ۾ پَسڻُ پِرينءَ کي.
(شاه جو رسالو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌيڪا اڪيڊمي، 2012ع، ص 332)

آسُو:  روزا ۽ وِرتَ، تِيرٿَ، ھيءُ پڻ چڱو ڪرم،
         پر پاڪ جي پَسڻ لئِہ گهرجي ٻيو فَھم.
         گنگا اشنان توڻي حج اڪبريءَ ڪنان،
         راضي رکڻ ھِڪي دل آھَي اَپر اُتم.
         مُکَ ساڻ سَبدَ سَوَ چوي، ڪلمان ڪھي ڪئين،
         ’آسُو‘ صفا سچيءَ دلِ، راضي رھي صنم.

ٻئي ھڪ غزل ۾ ڀٽائي سائين جي ھڪ سٽ ڏني اٿن:

ڀٽائي: سِرجِي تان سُورَ، ساماڻِي تان سُکَ وئا،
         اِھي ٻيئِي پُورَ، نماڻِيءَ نَصيبُ ٿئا.
(شاه جو رسالو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌيڪا اڪيڊمي، 2012ع، ص 247)

آسُو: ٿيا سُور سِرجَي، سامائَي سُک ويا،
         ھَئِہ ھَئِہ ڪڙھان ٿي پنھجي نصيبن.

 اھڙيءَ طرح سَنت ڪبير مان ھن ريت متاثر ٿيندي ڏسجن ٿا:

ڪبير: پتھر پوجے جا ہری ملتے، تو ہم پُوجت پہاڑا،
           گھر کی چکی کوئی نہ پوجے، جا کے پیسل کھائے سنسارا.
           پتھر کاٹی کے مُورت بنائے، دیئی چھاتی پر لات،
           اس دیوا میں شکتی جا ہوتی، گڑھنہار کو کھات.
(کبير صاحب کی شبداولی (پہلا بھاگ)، 1922ع،ص 49)

آسُو: پَھڻ جي مُورت بنايو، پُوڄ ۾ ڪي نِت رھن،
          تنھن ڪنان بھتر اچي جڳ کي ڪَتب، جانڊاهِ، جنڊُ.
           (غزل: 63)

ماستر آسورام، فقير صفت ۽ صوفي متَي جا منش ھئا. پنھنجي دور جي ٻين سنڌي غزل گو ۽ صاحبِ ديوان شاعرن کان نرالا نظر اچن ٿا. مجاز ۽ فن کان مٿي ’ديوانِ آسُو‘ عشق جي ٻاڦ جو ڏيک ڏئي پيو. جيئن پاڻ چيو اٿن: ”آکي آسُو: عقل ڇا سمجهي عشق جي ’ديوان‘ منجهان!“. پنھنجي غزل جو محور بہ الاھي عشق، تصوف، ويدانت ۽ نصيحتن ڏانھن رکيو اٿن. اياز قادري لکيو آھي: ”آسوءَ جي غزل تي تصوف جو رنگ گھرو ڇانيل آھي، ھُو پھريون ھندو سنڌي غزل گو شاعر آھي جو تصوف جي اوڙاه ۾ ٻڏل آھي. ھن جي غزل ۾ مزاح آھي ئي ڪو نہ، صرف تصوف آھي. ھن ويدانت ۽ تصوف جي خيالن کي ملائي ھڪ ڪري پيش ڪيو آھي. ھن جي غزل جي ٻوليءَ تي ڪٿي پارسي ۽ ڪٿي ھندي رنگ غالب ٿي وڃي ٿو“. ڊاڪٽر جوڻيجو لکي ٿو: ”غزل ۾ محبت سان گڏ آراڌنا ۽ حقيقي محبوب جي پچار بہ ڪئي اٿس. انھيءَ ڪري چئبو تہ صوفي آسورام جي شاعريءَ ۾ مضمونن جي وسعت آھي“. سندن غزل تمام دلچسپ، سرس ۽ دل لڀائيندڙ آھن. ڪلام جي ٻوليءَ جي حوالي سان محترم محمد صديق ميمڻ لکي ٿو: ”ٻوليءَ جي لحاظ سان صوفي آسورام جي سموري ڪلام کي ٻن ڀاڱن ۾ ورھائي سگهجي ٿو: ھڪڙو اھو ڪلام اٿس جنھن ۾ يوگ وديا ۽ ويدانت سان خاص تعلق رکندڙ اھڙا ڏکيا سنسڪرت لفظ ڪم آندا اٿس جنجي معنى ڪو بہ مسلمان تہ سمجهي نہ سگهندو، پر سڀڪو ھندو بہ ڪنھن ڪوش يا ڊڪشنري کولڻ ڌاران معلوم ڪري نہ سگهندو، پڻ تصوف سان خاص تعلق رکندڙ ۽ ٻيا اھڙا ڏکيا عربي لفظ ڪم آندا اٿس جنجي معنى ڪو بہ ھندو تہ سمجهي ڪونہ سگهندو، پر سڀڪو مسلمان بہ ڪنھن لغت اٿلائڻ ڌاران پروڙي نہ سگهندو.“ مختصر ۽ چونڊ لفظ استعمال ڪرڻ ۾ تہ فقير صاحب پنھنجو مٽ پاڻ آھن ۽ مناسب جاين تي پنھنجي شعر ۾ سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون بہ استعمال ڪيون اٿن. مثال:

  • ڍءُ جهلي ھڪ ڀاڀڙو ٻي مينھن (غزل: 88)

  • اُڀ ڦاٽي کي بہ ڪڏھن اڳڙي پيئي آھي؟ (غزل: 12)

  • درياه ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نہ ٻڏي سڀان ٻڏي (غزل: 62)

  • ڀُلي ڀاڻ آئي سا بہ نہ ڀُلي  (غزل: 77)

  • ننڍڙو ٻار، مڇ جو وار، جيئن موڙ تيئن مُڙي (غزل: 49)

  • نالو جيئو، ھٿ وجهي نانگن جي ٻر ۾، سو بہ نہ جيئو (غزل: 62)

  • ڪڏھن ماٽي مَٽ تي، ڪڏھن ماٽيءَ مٿان مَٽ (مُنڍ، اشلوڪ: 1)

  • پيادن مان ھسوار، ھسوارن مان پيادا (مُنڍ، اشلوڪ: 1)

  • سوڙ آھر پير ڊگهيرڻ (غزل: 137)

 

صوفي آسُورام ۽ ڀائي آسرداس:

فقير صاحب جو ھڪ غزل ان زماني ۾ تمام گهڻو مشھور ٿيو ۽ مختلف ڪتابن، رسالن ۾ بہ ڇپيو. مطلع اٿس: 

لاغرض ساڻ لاغَمَ لاشڪ مون نينھن لاتو
جيڏيون دعا ڪجو، تان نبھي اچيم ناتو

ھن غزل ۾ تخلص ’آسُو‘ ھئڻ ڪري گهڻن صاحبن ان کي صوفي آسرداس جو شعر سمجهي سندس نالي سان شايع ڪيو. ڀائي آسرداس جهوڪ جي صوفي فضل الله شاه ’داتا پير‘ جن جو طالب ۽ صوفي دلپت جو گُرو ھو. اصل خيرپور پوءِ حيدرآباد ۾ ٽڪاڻو جوڙي ويٺو. شعر ۾ ’آسر‘ يا ’آسو‘ جو تخلص استعمال ڪندو ھو. مٿيون غزل پھريون دفعو مارچ 1928ع ڌاري ڀيرُو مل مھرچند آڏواڻي پنھنجي ڪتاب ’چونڊ ڪلام‘ (ص84) ۾ ڀائي آسرداس جي نالي سان ڇپايو. جيڪو کيس صوفي دلپت جي اڻ ڇپيل ڪلام جي مسوَدي مان مليو)[68](. ان ڪتاب مان ساڳيو غزل ماھوار سنڌُو رسالي جي پرچي ’جولاءِ 1935ع‘ (ص2) ۾ بہ ڇپيو. تنھن کان پوءِ ھيٺين صاحبن ان غلطي کي دھرايو:

  • لطف اللھ بدوي، ’تذڪرہ لطفي (ڀاڱو ٻيو)‘، ڇاپو ٽيون: 1968ع، ص 344-345.

  • پروفيسر رام پنجواڻي، ’سنڌ جي سوغات‘، ڇاپو ٻيو: 2000ع، ص 2-3. [پھريون ڇاپو: 1959].
    ’سنڌي شعر جو انتخاب‘، ڇاپو پھريون: 1974ع، ص 48-49.
  • ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ، ’جھڙا گل گلاب جا‘، ڇاپو پھريون: 1983ع، ص 102-103.

  • غلام قادر سومرو، ’سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت‘، ڇاپو پھريون: 1996ع،  ص 51.

  • ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 
    ’نئين جامع سنڌي لغات (جلد پھريون الف-جهہ)‘، ڇاپو ٻيو: 2017ع، ص 46، 129.
    ’نئين جامع سنڌي لغات (جلد ٻيو ڃ-ڦ)‘، ڇاپو ٻيو 2017ع، ص 776.

ڊاڪٽر وندنا اشوڪ رامواڻيءَ وري پنھنجي پي.ايڇ.ڊي. ٿيسز ’سامي-ھڪ ويدانتي شاعر‘ (ص 56) ۾ ھن غزل کي صوفي دلپت جي نالي سان منسوب ڪيو آھي.

اسان درستگي ڪندا ھلون تہ مٿين مطلع وارو غزل صوفي آسُومل جو آھي، جيڪو سندن ھٿ اکر لکيل مسوَدي ۾ بہ موجود آھي ۽ پڻ پھرين ڇاپي ۾ صفحي نمبر 195-197 تي ڇپجي چڪو آھي. انھيءَ طرز تي ٻيا غزل ۽ ڪافيون بہ چيل اٿن. مثال طور ھڪ ڪافيءَ جون چند سٽون ڏجن ٿيون:

پوءِ وري پاڻ مُنجهائين ڇو وو وو، عشق اندر ۾ دونھون دُکايو.

چيم: فراق ڦٽَي ڦٽَ ڦٽيا، تِنکي تون تپائين ڇو؟
چيائين: جنھن ساڻ پسين پِرَ کي، سا تون آگ اُجهائين ڇو؟

چيم: ڪرين ۽ ڪرائين سڀ تون، ٻانهي ڏوهُ مڙھائين ڇو؟
چيائين: بد ڪم نفس جو رايو، عمر ھستيءَ ۾ اُڏائين ڇو؟

چيم: ’آسو‘ ٿي ٻئي ٻڌي ٻانھون، لئُون لايو منھن لڪائين ڇو؟
چيائين: ٿي نہ ماندو ره صابر، اجايو ويساه وڃائين ڇو؟ 

ڪاڪو ڀيرُومل آڏواڻي پنھنجي دور جو سُڄاڻ ليکڪ ھو ۽ کيس اھو غزل صوفي دلپت جي اڻ ڇپيل ڪلام جي مسوَدي مان مليو، جيڪو بنا ڪنھن غلطي جي اُتاريل آھي. ھن غزل ۾ ڪجهہتبديليون آندل آھن. ان مان اھو پڻ سمجهجهي ٿو تہ ’ديوانِ آسُو‘ مارچ 1928ع کان پوءِ ڇپيو آھي، جيڪر اڳ ڇپجي ھا تہ ھوند ڪاڪو ڀيرُومل اھا غلطي نہ ڪري ھا! نياز ھمايوني ۽ سيد مظھر جميل صاحب ان غزل جو اردو ۾ ترجمو ڪيو آھي. نياز صاحب جو ترجمو:

میں نے لاشک ایک لاغرض سے محبت کی،
دعا کرنا سکھیو! کہ اب بھرم رہ جائے!
عشق بحر بے کراں ہے جس کا انت نہیں،
اس کے اوساں خطا ہو گئے جو اس میں اتر چکا.
یہ پُرآشوب موجوں کی دہشت ناکیاں،
ایسی خطرناک کہ دن رات کا ہوش نہیں.
عشق مشکل ترین اور جان لیوا ہے،
میں دشوار مرحلوں سے گزر کر یار سے مل سکا ہوں.
ایک ہی جست میں سارے بندھن توڑ دیئے میں نے،
اس کے بعد ہی مجھے اپنی منزل قریب نظر آئی.
تیری مہر و محبت سے ہی وصل کی امید ہے
اسی بھروسے پر میں ترے ذکر و فکر میں لگا رہتا ہوں. 

سيد مظھر جميل صاحب جو ترجمو:

عشق کرنا ہے تو پھر کیسی غرض کی مدعا،
ہاں مگر راہِ طلب میں پھر نہ بھٹکوں ہے دعا.
عشق بحر بے کراں جس کا نہیں ساحل کوئی،
وہ شناور کیا کرے جس کے ہوئے اوساں خطا.
موج اندر موج دہشت ناکیاں چاروں طرف،
ل میں شوق وصل کا جلتا ہے لیکن اک دیا.
جست بھر کر طے کروں میں راہ کے سب فاصلے،
اس نگاہ مہرباں کا پاؤں جو کوئی پتا.
منزلیں پائیں نہ پائیں ہم مسافر عشق کے،
ہاتھ میں امید کا آسوؔ اٹھا کے چل ’دیا‘

ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ صوفي دلپت جي ڪلام جي مسوَدي ۾ صوفي آسورام جو غزل ڪيئن پھتو؟ ان جا ٻہ ڪارڻ ڏسجن ٿا: ھڪ تہ: فقير صاحب 3 سال ماستري جي ٽريننگ حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ دلپت جو ٽڪاڻو بہ ھن شھر جي سپاھيملاڻي گهٽي ۾ ھوندو ھو، ممڪن آھي پاڻ سندس ٽڪاڻي تي ويا ھجن ۽ ٻيو تہ: دلپت جو طالب ۽ پھريون گادي نشين صوفي ڪيشَوِداس ھالن پراڻن ۾ سائين ولايت راءِ وٽ ايندو رھندو ھو. ٿي سگهي ٿو ان رستي فقير صاحب جو صوفي دلپت جي آستاني يا گادي نشينن سان تعلق رھيو ھجي. 

مٿين ڀُل کان علاوہ سنڌي لنگئيج اٿارٽي جي آنلائين ڊڪشنري)[69]( ۾ ’آسو ج آسو‘ جي معنى ھيٺ ڀائي آسرداس جي شعر ”آسو، آکاڻي، جڳ مڙيوئي سپنو“ کي صوفي آسورام جن جي نالي سان ڏنو ويو آھي. مڪمل شعر ھن ريت آھي:

تو جا ڀانئي نوڙ جي، سا وڃي وھاڻي،
ڪنھن سان نيبھ نہ ٿئي ڌن، جوڀن، جواڻي،
’آسو‘ آکاڻي، جڳ مڙيوئي سپنو.

مٿيون شعر صوفي آسُورام جو نہ پر ڀائي آسرداس جو آھي جيڪو 1853ع  ۾ ديوان پرڀداس پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ٽيون ڪتاب‘ (سبق 41))[70]( ۾ ڏنو. ڪاڪو ڀيرُومل آڏواڻي لکي ٿو: ”اڳي سنڌي چوٿين ڪتاب ۾ ’مايا‘ بابت ڪي بيت ھوندا ھئا، جن جو آخري بيت ھي (مٿيون) ھو“)[71](. جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آھيون تہ فقير صاحب پھريان پنھنجا بيت ڪاغذ جي ٽڪرن تي لکيا، تنھن کان پوءِ انهن کي ترتيب ڏئي رسالو جوڙيائون. انهن مان ھڪ ڪاغذ تي مٿيون بيت بہ ڏنل آھي، مگر پنھنجو شعر نہ ھئڻ ڪري فقير صاحب ان کي رسالي ۾ شامل نہ ڪيو.

ھوڏانھن ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ ۾ ڊاڪٽر جوڻيجو خيال ٿو ڏيکاري تہ ڀائي آسرداس ۽ صوفي آسورام ھڪ ئي شخص آھي. جُلد ٻئي ۾ صوفي دلپت جو ذڪر ڪندي صفحي 224 تي لکي ٿو: 

”ھو (دلپت) اندازاً 1777ع ۾ ڄائو ۽ ميرن جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد آيو ۽ صوفي آسورام يا آسرداس جي ست سنگ ۾ شامل ٿيو“. 

اڳتي ان جي حاشيي (ص 269) ۾ لکي ٿو: 

”آسرداس بابت تذڪري جي ٻئي جلد ۾ ذڪر ڪيو ويو آھي ۽ جيڪو آسرداس جو ڪلام: لاغرض ساڻ لاشڪ لاغم مون نينھن لاتو (غزل) بہ ڏنو ويو آھي. سو ديوان آسو ۾ صفحي 195 تي ڇپيل آھي. ان مان ھي ظاھر ٿئي ٿو تہ آسرداس ڪو ٻيو نہ آھي. ماستر آسورام ئي آھي.“

جوڻيجي صاحب تہ خيال پيش ڪيو آھي مگر آسن ڄيٺانند اتمچنداڻي (A.J. Utam) تہ صوفي آسورام کي باقائدہ دلپت صوفيءَ جو گرُو ڪري پيش ڪيو آھي. پنھنجي انگريزي مقالي ۾ لکي ٿو:

“The last 2 Hindi poets were named as Sufi Asoram and Sufi Dalpatrai. The 1st was elder one and Guru to the later one. Asoram was born in 1824 and Dalpatrai was born some years after and had served under the Talpur rulers. Asoram was a teacher. He had written a lot of poetry which contains a Diwan of Ghazals also. But in it the main emphasis is on Sufi and Vedantist ideas rather than romantic love…”([72])

اِھا روايت مير حاجن مير بہ پنھنجي ڪتاب ’سيوھڻ جون ادبي شخصيتون (ص 85)‘ ۾ قائم رکي آھي. ڊاڪٽر جوڻيجي، اَي. جَي. اُتم ۽ مير صاحب جي راءِ کي سامهون رکندي واضع ڪندا ھلون تہ صوفي دلپت جو جنم 1769ع ۽ ديھانت 80 سالن جي عمر ۾ 1849ع ۾ ٿيو ۽ صوفي آسورام جو جنم ئي 1854ع يعني 5 سالن کان پوءِ ٿيو آھي! ضرور ڀائي آسرداس تہ ان کان بہ گهڻو اڳ گذريو ھوندو. بلاشڪ ڀائي آسرداس ۽ صوفي آسورام الڳ الڳ شاعر آھن.اھڙي ڳالهہ پروفيسر رام پنجواڻي بہ پنھنجي ڪتاب ’سنڌي شعر جو انتخاب‘ ۾ صفحي 6-7 تي ڪئي آھي. 

 ديوانِ آسو جي پڇاڙي ۾ سرٽيفڪٽ جي عنوان ھيٺ 2 مثنويون: ’سھجرام‘ ۽ ’سلطان‘ جي تخلص سان ڏنل آھن. ديوان جي پھرين ڇاپي ۽ ڊاڪٽر ھوتچند مانُومل جي نسخي ۾ پھرين شاعر جو نالو ’مسٽر سھجرام اسڪول ھيڊ ماستر‘ جڏھن تہ ٻئي شاعر جو نالو ’محمد سلطان اسڪول ھيڊ ماستر‘ ڄاڻايل آھي. محمد سلطان ميمڻ، فقير صاحب جو پاڙيسري ۽ دوست ھو. ھي اڳوڻي D.G. FIA بشير ميمڻ جو پڙڏاڏو ھو)[73](. باقي سھجرام جي ڪا پڪي ڄاڻ نٿي ملي، راقم جو خيال آھي تہ متان ’سھج ڪوش‘ جو جوڙيندڙ ماستر سھجرام ٽھلرام راگهاڻي ھجي! جو سھجرام ھالا نوان ۾ 1911-1905ع ڌاري ميونسپل اسڪول جو ھيڊماستر رھيو آھي. ھن جو جنم 20 جون 1867ع ۾ ٽنڊو الھيار ۾ ٿيو. پاڻ شاعر بہ ھو ۽ ادبي لحاظ کان تمام سرگرم ھو. اخبارِ تعليم ۾ سندس ليک)[74]( ايندا رھندا ھئا. درسي ڪتابن ۾ سندس نظم ’واه ڙي تارا، گول تارا!‘ ۽ ’راجا ڪنھن ٿي انب ڇليو‘ شامل ٿيا. طوطي نامو، تاريخِ سنڌ، شرح ديوانِ گل ۽ سھج ڪوش سميت ڪُل 19 ڪتاب جوڙيائين. جن مان 7 ڇپيا، باقي 12 اڻڇپيل آھن. ھن سھج ڪوش 1904ع ڌاري لکي، جيڪا ’سنڌي لغت‘ لکڻ جي پھرين ڪوشش ھئي)[75](، ان کي ڇپائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيائين پر ڪامياب نہ ٿي سگهيو. 11 آگسٽ 1934ع تي ٽنڊي الھيار ۾ چالاڻو ڪيائين.)[76]( سنڌالاجي، آديپور (ھندستان) جي موجودہ ڊائريڪٽر ’صاحب بِجاڻيءَ‘ ھن جي زندگي ۽ علمي ادبي خدمتن تي تفصيلي مضمون لکيو آھي.

ديوانِ آسُو تي ٿيل تنقيد:

                  جتي ھن ڪتاب کي پذيرائي ملي ۽ 3 دفعا ڇپيو، اُتي کيس ۽ مصنف کي تنقيد پڻ پلئِہ پئي. در حقيقت ديوان آسُوءَ جي آڙ ۾ اھا تنقيد ڀڳت ٽيئون رام جي مخالفت ۾ ٿيل ھئي، جو گهڻا ماڻهو سندس ناماچاري مان ناخوش ھئا. ڪنھن نامعلوم شخص ’ھندو ڌرم سيوَڪ (پرچو: مارچ 1936ع)‘ نالي ڪٽر مذھبي رسالي ۾ تنقيد ڪندي لکيو آھي:

             ساڌُو لباس جي اندر اسلام جو پرچار

”اسانکي ’ديوان آسوءَ‘ نالي ھڪ ڪتاب مليو آھي. جو ’شيوا جي‘ پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻي جو ڇپيل آھي. اھو ڪتاب ٽيئون رام ٽنڊي آدم واري جي گرو ماستر آسوءَ جو ٺھيل آھي ۽ ڇپائڻ جو خرچ ٽيئون رام ڪيو آھي. سندس وڪرو ۽ پرچار بہ ڀائي ٽيئون رام وارا ڪندا آھن. انھيءَ ڪتاب جي پڇاڙي ۾ ماستر آسوءَ، محمد سلطان ماستر کان سرٽيفڪيٽ وٺي درج ڪرايو آھي جنھن ۾ محمد سلطان ھيٺيان جملا ٿو لکي:

’ڏٺو ديوان آسوءَ مون چڪاسي.
محبت مان سندس الفاظ جاچي.
عقيدا ان سندا اسلام جھڙا‘

يعني انهي ڪتاب جا عقيدا رايا سڌانت اسلام جھڙا آھن. مطلب تہ ائين کڻي چئجي تہ اھو ڪتاب اسلام جي پرچار واسطي ٺاھيو ۽ ڇپايو ويو آھي. جي ائين نہ ھجي ھا تہ ماستر آسوءَ کي مسلمان جي سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ انھيءَ مان ثابت آھي تہ ڀائي ٽيئون رام، گروءَ سوڌو اندروني اسلام جو پرچار ڪندڙ آھي ۽ ٻاھران ماڻهن جي ڏيک واسطي ھندو-ساڌن جو لباس پائي ھندو قوم سان ٺڳي ڪري رھيو آھي. تنھنڪري اسان ھندو قوم جي حامين کي عرض ڪنداسون تہ اھڙن لباسي ساڌن جو بائڪاٽ ڪن ۽ سندن ڪتاب تي نندا جو ووٽ پاس ڪن تہ ڀل پبلڪ ۾ پڌرائي ٿئي.
ھندو قوم جو حامي “([77])

ليکڪ جي اڻ سِڌي طرح حامي ڀريندي رسالي جي ايڊيٽر پڻ ھيٺان پنھنجو نوٽ ڏنو آھي. دراصل فقير آسورام جي مُک چيلي ڀڳت ٽيئون رام جڏھن کنڊُو شھر کي الوداع ڪري ٽنڊو آدم وسايو تہ اتان جا گهڻائي ماڻهو سندس مريد بڻيا. جنھنڪري پسگردائي جا مندر، مڙھيون ويران ٿيڻ لڳا ۽ اتان جي پنڊتن، ٻاون ۽ مندرن جي اڳواڻن سندس سخت مخالفت ڪئي. اٽڪلون سٽڪلون ڪري انگريز سرڪار کي ھن جي خلاف ڀڙڪايائون تہ: ھي ڏينھن جو ساڌ ٿيا ويٺا آھن ۽ رات جو چوريون ٿا ڪن ۽ ڪيترا ئي دفعا مٿس حملا پڻ ڪري سندن جهُڳيون ساڙائي ڇڏيائون. آخر تہ انگريز آفيسر بہ ھنن فقيرن جا عقيدتمند ٿي پيا ۽ کين ايڪڙن ۾ زمين ڏئي ويا. ڀڳت ٽيئون رام تہ نج ڌرم جو پرچار ڪيو آھي ۽ سندس توڙي فقير آسُورام جي مَنَ ۾ مذھبي نفاق ھرگز نہ ھو. ھي وقت جا عالم، سَنت، فقير ھئا ۽ ھر مذھب جي ماڻهن کي پيار ڏيڻ جا قائل ھئا. جا خوشبوءِ سندن ڪلام مان پڻ مھڪي رھي آھي. مذھبي رواداري جو تہ اھڙو مثال جو فقير صاحبَ ھن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ھڪ ھندو ۽ ھڪ مسلمان ماستر کان سرٽيفڪيٽ (رايو) وٺي ڏنو آھي.

ديوان آسُو جو پهريون ڇاپو:

         ديوانِ آسُو ورھاڱي کان اڳ ويڙھُومل کٽڻ مل بُڪ سيلرَ؛ شِيواجِي پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻي مان ڇپايو. ھن ڇاپي ۾ ڪي تبديليون ڪيل ۽ شعر گهٽ، وڌ آيل آھن ۽ ڪجهہ ڪلام بہ ڇپجڻ کان رھايو ويو. ڪتاب جي سرورق (Title Page) تي مصنف جو نالو ’ماستر آسورام صاحب پريم پرڪاشي‘ ڄاڻايل آھي. جڏھن تہ فقير صاحبَ ’صوفي‘ ھئا ۽ ھي ’پريم پرڪاش‘ پنٿ سندن مريد ڀڳت ٽيئون رام جو برپا ڪيل ھو. پھرين ڇاپي ۾ وڌيڪ ڪوتاھين جو احوال ھن طرح آھي. اڳيان ڄاڻايل صفحو نمبر ’پھرين ڇاپي‘ جو سمجهجي:

 شعرن ۾ تبديليون:

 

1. ڪتاب بابت احوال (ص 2) ۾ اشلوڪ (3):

 

 

 

 

 

 

 

ساڳيو شعر اصل نسخي ۾:

 

(ليڪ واريون سٽون پھرين ڇاپي ۾ تبديل يا ڪٽيل آھن)

 

وٺي ويٺس پاڻسان ستگور شاه سَڌر
آھيان تنھن ستگـور جو نسورو نوڪر
’آسو‘ انتريامي سو ڀلو آھيم ڀر
ٻاجهہ منجهان ٻيليءَ تي ڪري واھـر ور
گهر منجهان اگهر ڪري گهمي ڏيکاريائين گهر
تن من ڌن جنھنکي ارپڻ ڪيم انـدر
ذات ٻيائي ھٺ جو مارياءٌ منڪر
وٺي داتا در، جوڙيان ٿو ديوان کي

 

وٺي ويٺس پاڻ سان ستگور شاه سڌر
’عبدالقادر‘ ’آسُو‘ چوي ڀلو آھيم ڀر
دامن دستگير تي ڪڏان کڻي ڪر
قادري طريقو جنھنکان ماھر منور
مانجهي ميران پور ۾ صوفي قلندر
آھيان ’عنايت اللھ‘ جو نسورو نوڪر
ٻاجهہ منجهان ٻيليءَ تي ڪري واھر ور
گهر منجهان اگهر ڪري گهمي ڏيکاريائين گهر
تن من ڌن جنھنکي ارپڻ ڪيم اندر
ذات ٻيائي ھٺ جو مارياءٌ منڪر
وٺي داتا در جوڙيان ٿو ديوان کي

 

2. اشلوڪ ’سرير جو نرنو‘ (ص 6) ۾ وڌايل بند:

تت رھيو ڪو نہ ڪو ورنہ ڪر ويچار
پر اڳين فيلسوفن جو مت ڪريان اظھار

3. اشلوڪ ”جي ڀائين...“ (ص 12) ۾ وڌايل سِٽ:

باھوت ۽ ھاھوت کان رک لاھوت جي رغبت

4. مثنوي ’پرارٿنا‘ (ص 24) ۾ تبديل ڪيل پھريون بند:

ڀو وشمڀر مھر جي ورکا وساءِ
سڀ پرين وِشين ڪنان ٻانهون بچاءِ

 

5. غزل 29 ”آه سڀ کان...“ (ص 68) ۾ وڌايل بند:

سڀ خلل ۽ ولل وجهل دنيا
ٿي وڃائي مٿي جي ڦيري ماٺ

 

6. غزل 34 ”جو پڏائي ٿو...“ (ص 75) ۾ وڌايل بند:

ھڪ روئڻ ٻيو ڏيڻ ٽيو خدمت
اِن بنا راضپو نہ ٿئي ميلاپ

 

7. غزل 88 ”ڪسوٽيءَ زر نہ...“ (ص 133) ۾ تبديل ڪيل بند:

 

ساڳيو بند اصل نسخي ۾:

ڪنڌ نئڙاءِ ھوريان ھلجي
مينھن جئَن جي ھجيئَي ڍؤ خالص

 

ھيءُ سنڌي ۾ پھاڪو پس پڌرو
ڀاڀڙو مينھن جهلي ٿي ڍؤ خالص

 

8. غزل 98 ”فرق ڪڍ ٿي...“ (ص 143) ۾ وڌايل بند:

ليپ ۽ ڇيپ کان ڪري پاسو
ٿيج ڪنولا جي گل جيان فارغ

 

 

وڌايل مواد:  پھرين ڇاپي ۾ ھيٺيون مواد وڌايو ويو جيڪو فقير صاحب جي جوڙيل اصل نسخي ۾ موجود ناھي:

  1. صفحي 15-19 تي ’ابيات فارسي اھل اوليا و فقرا‘ جي عنوان ھيٺ مختلف شاعرن جا فارسي شعر ڏنل آھن. ٿي سگهي ٿو فقير صاحب ٻين شعرن جيان ڪاغذ جي ٽڪرن تي اھي لکيا ھجن ۽ سي ھٿ اکر نسخي مان نڪري ويا ھجن!

  2. صفحي 29-36 تي 4 وينتيون. اھي ويراڳ نامي مان ورتل آھن. 

  3. ھيٺيان 11 غزلَ جيڪي ھٿ اکر نسخي ۾ نہ مليا، ممڪن آھي سي بہ ڪاغذ جي ٽڪرن تي لکيل ھجن ۽ مسوَدي مان نڪري ويا ھجن:

    1. صبح سويرو اُٿي الک کي جپيو اندر ساڻ توڻي واتا (ص 40)

    2. ھيءُ جنم مانکو مليوءِ الڀ (ص 50)

    3. پيُ جام مئ جو عشقي اشارت (ص 56)

    4. مال ڪٺو ٿو ڪرين ڌراڌين سندو ارٿ (ص 61)

    5. پتنگ جئن پاڻ مچ پرئن پچائج (ص 82)

    6. من ميي منھن ٻڌم مگهٽ ۽ موڙ (ص 119)

    7. باغ دنيا ٿي بھاري ٿيءُ نہ خوش (ص 130)

    8. محب محبت ۾ پڙھيا سي ڇٽل پرش (ص 132)

    9. ڍءُ دنيا جو جهلڻ وڏو مشڪل (ص 169)

    10. ٿئي وصل يار جو مچؤ ھمہ من منم (ص 179)

    11. مرد جو ڪم ناه محبت کي مَٽڻ (ص 187)

 

  1. ٻہ نظم: ”عشق آتش جو اوس اُٻٿڻ اُٻ“ (ص 48) ۽ ’ڪيفيت نامہ‘: ”عاشقن جي يار ٻولي ٿي يڪي“ (ص 214)

  2. فارسي شعرَ:

علی الصباح کہ مردم بکار بار بروند

              بلاکشان محبت بکوئی یار روند  (ص 218)

----

از عزیزان دعا طلب دارم، زانکہ من عاجز و گنہگارم  (ص 218)

----

         تمت تمام شد، کار من نظام شد  (ص 219)

-----

رباعي (ص 219)

نام خدا یاد باد، عاقبتم شاد باد

جملہ بلا دور باد، عشق مرا نور باد

 

رباعي (ص 219)

خانہ ام آباد باد، دائما دل شاد باد

وسوسہ برباد باد، دل آسو آزاد باد

 

  1. صفحي 218 تي ’سنپورڻ‘ جي عنوان ھيٺ نثر:

”ھن فقير جا ٻيا بہ ٻہ ڪتاب جوڙيل آھن ھڪ رسالو آسو جنھن ۾ ابيات ۾ 43 سر آھن. ٻيو پريم غنچہ جنھن ۾ ڀڄن ڪافيون وايون آھن. پڙھڻ سان تعلق آھن“

مٿين لکت ڪري ڪتاب ’رسالو آسومل صوفي‘ جو نالو رسالہ آسو ۽ ’ويراڳ نامو‘ جو نالو پريم غنچہ پئجي ويو ۽ رسالي ۾ 43 نہ پر 36 سرن تي بيت آھن.

ڇپائي کان رھجي ويل مواد: پھرين ڇاپي ۾ فقير صاحب جو لکيل ’مُنڍ‘، ’جنم ساکي (شبد)‘، ھڪ بيت ۽ ھيٺيان 7 غزل ڇپجڻ کان رھائيا ويا:

  1. ڏسان ھيڪ آتما مورک ۽ مھنت ۾

  2. نہ عاشق جي دل ۾ ڏسان ٿو صبوري

  3. اٿي جاڳ من ساڻ جڌ جوٽ جوٽي

  4. اُڀي ادب سان پلاند پائي، صبا ھي چؤ حال يار ساري

  5. ڪا جا ھئين سڄڻ تو اک جي اڻي اڻي

  6. اچي غمخوار تون ھڪ وار، لھ ڪا سار گهايل جي

  7. پاتي پرينءَ پسڻ لَئِہ، مون عشق سان ڳرھاٽي

 

3. نئون ڇاپو: ترتيب ۽ سُڌارا

دِيوان آسُو جي ھن نئين ڇاپي کي تيار ڪرڻ لاءِ وڏي خوش نصيبي اھا ھئي تہ اسان وٽ فقير صاحب جو ھٿ اکرين جوڙيل ’اصل نسخو‘ دستياب ھو. جنھن کي مکيہ ماخذ ڄاڻي، ان مان سمورو ڪلام کنيو ويو آھي. جتي جتي پڙھڻ ۾ مونجهارا درپيش آيا، تتي پھرين ڇاپي، ڊاڪٽر ھوتچند مانُومل ۽ فقير ٿانورداس وارن نسخن مان مدد ورتي وئي آھي. پھرين ڇاپي ۾ جن ’شعرن ۾ تبديليون‘ ڪيون ويون، تن کي اصل نسخي مان درست ڪري، اڳي ’ڇپائي کان رھجي ويل مواد‘ بہ شامل ڪيو ويو آھي. اڳين ڇاپي ۾ ’وڌايل مواد‘ مان فقط غزلَ (تعداد: 11) ھن ڇاپي ۾ متعلقہ رديف جي پڇاڙي ۾ شامل ڪيا ويا آھن. تنھن کان علاوہ اصل نسخي ۾ وچان پرچين تي ٻين شاعرن جو ڪلام جنھن ۾: دادُو ديال جا 10 سِلوڪ، شاه ڀٽائي جا 7 بيت ۽ خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري جو 1 بيت ڏنل آھي، جنھن کي پڻ غير ضروري سمجهي ھن ڪتاب ۾ شامل نہ ڪيو ويو آھي. ھڪ پرچي تي ھيٺين لِکت ھيٺان ’حافظ آ.م‘ لکيل مليو:

اُتم بئنرلو بادشاه، مالڪؤنس وزير
ڪانرو ڪوٽار، ھنڊول قاضي
ديپڪ جاڙو وال، سارنگ نچالي
 

 ھن ڇاپي ۾ سڀ کان پھرين فقير صاحب جو لکيل ’مُنڍ‘ ڏنو ويو آھي. جنھن کان پوءِ متن جي شروعات ٿئي ٿي. اصل نسخي ۾ ھن طرح رديف وار غزلن جي ترتيب رکيل آھي:

ا، ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ، ج، ڄ، جهہ، ڃ، چ، ڇ، ح، خ، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ڦ، ق، ڪ، ک، گ، ڳ، گهہ، ڱ، ل، م، ن، ڻ، و، ه، ء، ي، ۾

جنھن کي اسان ھلندڙ الفابيٽ جي پٽي مطابق ’ڦ‘ کي ’پ‘ کان پوءِ ۽ ’۾‘ کي ’م‘ کان پوءِ ڪري رکيو آھي. متن کان پوءِ ڪتاب جي پڇاڙي ۾ ھڪ ضميمو شامل ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ تصنيف سن جون ٽي رباعيون ۽ ٻن اسڪول ھيڊ ماسترن: سھجرام ۽ محمد سلطان جا ’ديوان آسو‘ بابت مثنوي جي صورت ۾ سرٽيفڪيٽ (رايا) ڏنل آھن. ان کان علاوہ اصل نسخي ۽ پھرين ڇاپي ۾ آيل ٻيو ڪلام جنھن ۾: 1 بيت، 2 مثنويون، 2 قصيدا، 9 اشلوڪ، 1 وائي ۽ 2 نظم ھن ڪتاب ۾ ڇپجڻ کان رھائجن ٿا، جيڪي ’ويراڳ نامي‘ ۽ ’رسالي آسومل صوفي‘ ۾ شامل ڪيا ويندا.

دِيوان آسو سن 1897ع يعني اڄ کان 128 سال اڳ لکيو ويو ھو، تنھنڪري ان جون پڙھڻيون بہ ان زماني جون آھن. جن کي سُڌاري، دورِ حاضر مطابق رکيو ويو آھي تہ جيئن اڄ جو پڙھندڙ تن کي آساني سان سمجهي سگهي. مثال طور: 

 

پڙھڻي / اُچار

مثال (اصل نسخي ۾)

ھاڻ سُڌاريل

گڏيل لفظ

جنھنـ۾، دلـ۾، جنھنکان

جنھن ۾، دل ۾، 

جنھن کان

وچ ۾ ھمزو’ء‘

جئن، پرئن، ٻئو،

ھئين، ٿيئس

جيئن، پرينءَ، ٻيو، ھِيئين، ٿيس

’و‘ يا پيش

ستگور، گُنگو، ھيُ

ستگُر، گُونگو، ھيءُ

دو پيش ’ءٌ‘

مارياءٌ، جيڏيٌ، ڪوڏريٌماريائون، جيڏيون، ڪوڏريون

دو زير ’ءٍ‘

ڪياءٍ، وڃٍي

ڪيائين، وڃين

’ه‘ جي صورت

گهرو، گهرو، توبه

گهرُو، گھِرو، توبھ

تنھن کان علاوہ ڏکين لفظن کي سمجهڻ لاءِ معنائون ۽ ضروري نوٽ ڏنا ويا آھن. نثر ۾ لفظ جي اڳيان ’ڏِنگين‘ ۾ ۽ نظم ۾ ’صفحي جي ھيٺان فوٽ نوٽ‘ ۾ معنائون ۽ ضروري سمجهاڻيون ڏنيون ويون آھن. ڪجهہ لفظن جو معنائون فقير صاحب پاڻ ئي اصل نسخي ۾ ڏنيون آھن، جڏھن تہ ٻيون ’جامع سنڌي لغات‘، ’تحقيق لغات سامي‘، ’روشني (شاه جي ڪلام جي لغت)‘، ’سائل ڪوش‘، ’ديوانِ آسو: پھرين ڇاپي‘ ۽ مختلف ويب سائيٽن جن ۾ ’www.Rekhta.org‘ وغيرہ تان ورتيون ويون آھن. 

4. فقير صاحب جو فڪر

فقير صاحب جو جوڙيل ديوانُ راهِ حق جي شروعاتي طالبن لاءِ بھترين تحفو آھي. طالبِ علم کي سھڻي ۽ سادي انداز ۾ سمجهائڻ لاءِ دنيا جي مضمونن اندر وحدت جي بات سمجهائي اٿن. خلق جي خدمت، نيڪ اخلاق، خدا جو خوف، نفس کي سوگهو ڪرڻ، حقيقي عشق ۽ خدا ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ جھڙا ور ور سبق ڏنا اٿن. جيئن ڪتاب جي شروعات ۾ لکن ٿا:

”ھن ۾ ڀيانڪ (ڊيڄاريندڙ)، رُچڪ (مالڪ ڏي موھيندڙ) ۽ يَٿارت (حقيقت) ٽنهي قسمن جا وچن (ٻول) آھن ۽ من جي مارڻ جا يتن (ڪوششون) آھن“.

پاڻ تصوف ۽ ويدانت جي اوڙاه ۾ ٻُڏل آھن ۽ ٻنهي خيالن کي ھڪ ڪري پيش ڪيو اٿن. غزل جو مضمون زماني جو کڻي آخر خيال وري عشق ۽ وحدت ڏي کڻيو وڃن. فقير صاحب ھن ’ديوانَ‘ ۾ جن خيالن تي وڌيڪ زور ڏنو آھي تن ۾ سنسار ڪوڙ ۽ دوکو، آتما جو اَمر ھجڻ، الستي عھد ۽ پاڻ سڃاڻڻ، نفس: ان جا ڇاڙتا ۽ جسم جو قيد، مرشد وٺڻ ۽ ان جي پيروي ڪرڻ، آراڌنا، ڪتڻ ۽ ڪنبڻ يعني ذڪر فڪر، نفي اثبات، دم پچائڻ، محبوب جي تڙپ ۽ عشق، گيان ۽ فقيري جون منزلون، خدا (ھيڪڙائي) جي طلب ۽ بُت پرستي ۽ انڌن عقيدن کي ڌڪارڻ، مذھب جي جهيڙي کي ترڪڻ، ستسنگ، فقيري سان تعلق رکندڙ ھدايتون ۽ نصيحتون، عبادت ۽ خلق خدمت جھڙا نقطا شامل آھن. سھڻن مثالن سان سمجهاڻيون ڏئي، پڙھندڙ کي ھن فاني دنيا جي موه کان ڪنارا ڪشي ڪري، نفس مارڻ جي ھدايت ٿا ڪن. منُ يعني نفس کي ٻاھرين سنسار جو رسُ (معلومات) حواسَ ٿا آڻي ڏين جن کي ’وِشيون‘ چئجي ٿو. ”منَ سندا ڇاڙتا پنج ئي وِشيُون“ ۽ انهن ڇاڙتن آڌار من پنھنجي چِلولائي ڏيکاري ٿو ۽ انسان کي خواھش، لالچ، موه، ڪاوڙ ۽ وڏائي جھڙين بُرين عادتن ۾ ڦاسائي ٿو. ھي رنگ برنگي دوکيباز دنيا چڱن ڀلن کي ڀُلايو وجهي ۽ ان کان بچڻ لاءِ مالڪ جي راه ۾ ھلڻو پوندو. ان ھدايت لاءِ مرشد ڪرڻ ضروري آھي جيڪو ھن اجهاڳ سمنڊ مان پنھنجي طالب کي تاري ٿو ۽ مالڪ حقيقي ڏانھن عشق جو تعلق جوڙي ٿو. رب جي رسي کي پڪڙي طالب پنھنجي ’روح جي منزل‘ ڏانھن وک وڌائي ٿو. عشق جي دُونھين جَي زور وٺي وئي ۽ طالب جي قلب ۾ کُورو ٻري ويو تہ ھن بي بقا دنيا جا رنگ مٿانئس اثر انداز ڪو نہ ٿيندا. ساڳي ھدايت فقير صاحب پنھنجي ڪلام ۾ ور ور مختلف مثالن سان ڪئي آھي. 

مددي مواد:

  1. قاضي عبدالغفور ھالائي، ديوانِ گُل، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد، ڇاپو چوٿون: 1933ع.

  2. ميرزا اسد بيگ، ديوانِ قاسم (شرح سميت)، پوڪرداس ائنڊ سنس بوڪسيلرس ائنڊ پبلشرس، ڇاپو پھريون: 1936ع.

  3. رام پنجواڻي، سائين ولايت راءِ ۽ سائين جيوت سنگهہ، ديوان گيانچند موٽواڻي پاران رام پنجواڻي، لاڙڪاڻہ، 1937ع

  4. مورُومل چيتنداس ڌانڌا، سنڌي برھم کترين جو ڌارمڪ ۽ سماجڪ اتھاس، اجمير، 1977ع.

  5. ڊاڪٽر اياز قادري، سنڌي غزل جي اوسر(ڀاڱو ٻيو)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، ڇاپو پھريون: 1982ع.

  6. ستگرو سوامي گوالانند جي مھاراج، ستگرو سوامي گوالانند گرنٿ، سوامي رامڪرشن، پُونا، مھاراشٽرا، ڇاپو پھريون: 1984ع.

  7. ديال آشا، سنڌي شعر جي تواريخ، الهاس نگر، 1984ع.

  8. شريمتي لڪشمي ڪيسواڻي جمناداس ڪيسواڻي، جِيوَن درشن: شري 108 سوامي ماڌوداس مھراج، شري ماڌوداس ٽرسٽ پريم پرڪاش آشرم، آدرش نگر، اجمير، پشڪر راج ۽ ھردوار، ڇاپو پھريون: 1991ع.

  9. ستگرو سوامي سروانند مھاراج، ستگرو سوامي ٽيئون رام مھاراج جن جو جيون چرتر (ٻئي ڀاڱا)، پريم پرڪاش منڊل ٽرسٽ، جئپور، ڇاپو چوٿون: 1997ع.

  10. خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، ڇاپو چوٿون: 2000ع.

  11. ستگرو سوامي ٽيئون رام جي مھاراج، شري پريم پرڪاش گرنٿ، سوامي سروانند جي مھاراج، پريم پرڪاش منڊل (ٽرسٽ)، امراپور اسٿان، جئپور، راجسٿان، 2001ع.

  12. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)، سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي حيدرآباد، ڇاپو پھريون: 2005ع.

  13. ڀيرُومل مھرچند آڏواڻي، سنڌ جي ھندن جي تاريخ (ٻئي ڀاڱا گڏ)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ڇاپو پھريون: 2006ع.

  14. سوز ھالائي، ڪويءَ جي ڪٿا، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2008ع.

  15. ڊاڪٽر عطا محمد حامي، خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، ثقافت ۽ سياحت کاتو، سنڌ، ڇاپو ٻيو: 2009ع.

  16. مڪيش ڪمار ھريرام آسواڻي، عاشقِ آسُو (ديوناگري)، امر ڀارت آفسيٽ پريس، اجمير، ڇاپو پھريون: 2012ع.

  17. محمد حبيب سنائي، ھالا ڪنڊي کان ھالا پراڻا تائين، مارئي اڪيڊمي، حيدرآباد، ڇاپو پھريون: 2018ع.

  18. صوفي فقير امداد علي لغاري، واعظ العشاق (رسالو فقير نواب ولي محمد لغاري)، صوفي شاه عنايت شھيد اڪيڊمي، جهوڪ شريف، 2023ع.

  19. ڊاڪٽر ديال آشا، سنڌ جا سَنت.

  20. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ويب سائيٽ: www.encyclopediasindhiana.org

 

ـــ آڪاش آسواڻي


 حوالا/حاشيہ: 

[1]) فون؛ جنھن کي فونو، گرامو فونو يا فونو گراف بہ چئجي. آواز جي مشين، جنھن تي رڪارڊ (ڪيسيٽ) وڄائڻ سان رڪارڊ ٿيل آواز ٻڌڻ ۾ اچي.

[2]) ڪويءَ جي ڪٿا، ص. 33-34.

[3]) سائين ولايت راءِ جو جنم 1825ع ۾ پرتاب راءِ عامل جي گهر ھالا پراڻا ۾ ٿيو. سنڌي، فارسي ۽ عربي جي تعليم قاضي خاندان کان ورتائين. پھرين ميرن جو ڪاردار ھو، پوءِ انگريزن جي دور ۾ نوڪري ڪيائين. فيض وارو سنت ھو. 15 جنوري 1887ع تي قمبر ۾ چالاڻو ڪيائين +9۽ اتي ئي سندس سماڌي آھي. ھالا پراڻا ۾ کترين (ھاڻي مھاجرن) جي پاڙي ۾ سندس جاءِ ۾ سندس کٽ رکيل ھوندي ھئي، جا پوءِ قمبر کڻي ويا. جيوت سنگهہ صوفي شاعر سندس خاص مريدن مان ھڪ ھو. [ڪٿا والي ولايت راءِ مان ورتل]

[4]) سائين ولايت راءِ ۽ سائين جيوت سنگهہ، ص. 24.

[5]) سنڌ جي ھندن جي تاريخ، ص. 243.

[6]) ھيٺين ويب ڪيلينڊر تي چيڪ ڪيو ويو آھي. ٻيا سنبت (جيئن ديوان آسو جو لکڻ جو سال، صوفيءَ جي وصال جي تاريخ) عيسوي سال ۾ رکي تصديق ڪئي سون تہ ڪيلينڊر مثبت نتيجا ڏنا آھن. www.myguru.in/Hindu-Calendar-October-1853.htm

[7]) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ’سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو)‘، اياز قادري: ’سنڌي غزل جي اوسر (ڀاڱو ٻيو)‘، ڊاڪٽر وندنا رامواڻي: ’سامي ھڪ ويدانتي شاعر‘،←  ←پروفيسر ڊاڪٽر فھميدہ حسين: ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘، مختيار احمد ملاح: ’سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو‘، ميان مير چانڊيو: ’سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي ھڪ نظر‘، اَي. جَي. اُتم : 'Sufism & Inter-Religious Understanding’ وغيرہ.

[8]) ڊاڪٽر ھوتچند ولد مانُومل ولد رامچند(صوفيءَ جو وڏو ڀاء). اصل ھالا پراڻا جا، ورھاڱي کان پوءِ انڊيا جي شھر اُجين، پوءِ حيدرآباد دکن ۾ لڏي ويٺا. سندس اولاد حيدرآباد دکن ۾ رھي ٿو. سندس پڙپوٽي ھيرا لعل )ھيمنت( رامچنداڻي وٽان ان نوٽ بُڪ جي ڪجهہ صفحن جو عڪس مليو.

[9]) ڊاڪٽر عبدالحليم، حڪيم ليکراج مل سان گڏ پڙھيو ھو. حڪيم صاحب کان ھن ڳالهہ جي حقيقت معلوم ٿي.

[10]) ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي جو واٽس اپ وائيس، فقير ھادي بخش جي معرفت مليل

[11]) حڪيم ليکراج مل ٻڌايو تہ: ”ڏاڏا جن جا فارسي ڪتاب موجود ھئا جيڪي ڪجهہ اڏوھي کائي خراب ڪيا ۽ ڪجهہ ھريرام گلاب راءِ، فقير صاحب جو سامان انڊيا کڻي وڃڻ وقت درياءَ ۾ پروان ڪري ڇڏيا“

[12])Lal Ladno aay ( part_1)(Satsang by Satguru swami Shanti parkashji Maharaj). (n.d.). [Video Title] [Video]. YouTube. https://youtu.be/UbEptLfZ09c?start=576

[13]) جِيوَن درشن: شري 108 سوامي ماڌوداس مھراج، ص. 81.

[14]) سنڌي برھم کترين جو ڌارمڪ ۽ سماجڪ اتھاس، ص 466.

[15]) سنڌي برھم کترين جو ڌارمڪ ۽ سماجڪ اتھاس، ص 466.

[16]) ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد کي نارمل ٽريننگ اسڪول بہ سڏيو ويندو ھو. 

[17]) ڀڳت اوڌَوُداس ولد ويرسي مل؛ فقير آسُورام جو پوٽو، خدمتگار، حڪمت جو شاگرد ۽ پھريون گادي نشين. مواد گڏ ڪرڻ ۾ مورُومل ڌانڌا جي ڀڳت صاحب سان ڪوٽا، انڊيا ۾ ملاقات ٿي. وٽس فقير صاحب جا ڪتاب ڏٺائين، جنھن جو ذڪر پنھنجي ڪتاب ۾ ڪيو اٿس.

[18]) سھجرام ٽھلرام راگهاڻي (ھيڊماستر ميونسپل اسڪول ھالا نوان)، اخبارِ تعليم، جُلد 10، آگسٽ 1911ع، ص 27-28.

[19]) محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ص 446.

[20]) ھيٺ انهن جا نالا آھن. ٽئي پُٽَ ڪجهہ وقت اڳ ئي سرڳواس ٿيا آھن.
1. ٽِلُو مل: کيس ھڪ پُٽ وِڪيو مل جو اولاد آھي.
2. گنگارام: کيس پنج پُٽ: ڌرم داس، ڄيٺانند، لڪشمي چند، ڀڳوانداس ۽ مُولچند.
3. ڪرمچند: کيس چار پُٽ: ماستر واسديو، نند لال، گرڌاري لال ۽ مولچند.

[21]) فقير صاحب جي پڙپوٽي حڪيم ليکراج مل جي ٻڌايل روايت

[22]) شعر ۾ اناج جي ماپ تور جي اوزارن ۾ اھڃاڻ ڏنل آھن.  مثال: خرار: 23، 24 مڻ. ڪاسو: 16 ڪلو. ٽويو: 4 ڪلو. پڻُ: چوٿائي يا پاءُ. پاٽِي: اٽڪل ڪِلو.

[23]) مخدوم محمد شاڪر سائين جن حضرت صوفي شاه عنايت الله شھيدؒ جن جي وڏي ڀاءَ نالي چڱو شاه جن جا ڏوھٽا ھئا. خانداني تعلق: مخدوم محمد شاڪر بن مخدوم محمد نعيم بن مخدوم محمد عمر بن مخدوم محمد لقمان بن مخدوم صحبت علي← ← بن مخدوم شھاب الدين بن مخدوم عجائب الدين بن مخدوم صدرالدين(جهوڪ شريف). (مخدوم صدرالدين جن جي پنجين پيڙهي ۾ حضرت صوفي شاه عنايت الله شھيدؒ). [تجل شريف مان صوفي ذوالفقار علي ’من‘ ستاري جن جي زباني ٻُڌايل]

[24]) خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، ص. 379.

[25]) احوال ۽ فارسي نظم تجل مان صوفي ذوالفقار علي ’من‘ سَتاري جن کان مليو.

[26]) صوفي محبوب ستاري(جهوڪ شريف) ۽ ڪتاب واعظ العشاق جي مدد سان.

[27]) Ama rahiji kiha endo (Satsang by Satguru swami Shanti parkashji Maharaj). (n.d.). [VideoTitle] [Video]. YouTube. https://youtu.be/YiJHVznRuZg?start=273 

[28]) سائين ولايت راءِ ۽ سائين جيوتسنگهہ، ص 12.

[29]) ستگرو سوامي ٽيئون رام مھاراج جن جو جيون چرتر (ڀاڱو پھريون)، ص. 13-14.

[30]) دادِي ڪملا گوڪلاڻي (اجمير، انڊيا) جو 21 اپريل 2024 تي واٽس اپ ڪال تي ٻڌايل.

[31]) ستگرو سوامي ٽيئون رام مھاراج جن جو جيون چرتر (ڀاڱو ٻيو)، ص. 651.

[32]) پھلاجرام ڪويراج سوامي، ’سنتن جا گيت‘، سوامي نارايڻ پرڪاش، بابا جي ڪا باغ، ديولالي ڪئمپ (اِنڊيا)، ڇاپو پھريون: 1969ع، ص. 79.

[33] (www.premprakashpanth.blogspot.com/p/sant-mandli.html

[34]) ڳوٺ ڀاڻوٺ (تعلقو ھالا، ضلعو مٽياري) جي ڏکڻ اولهہ طرف ٻَنڌِ نالي سان وڏو ۽ پراڻو شھر آباد ھو، جو درياءَ جي پائڻ سبب اُجڙي ويو. ورھاڱي کان اڳ ھتي گهڻي تعداد ۾ ھندُو واڻيا ۽ مسلمان گڏ رھندا ھئا، منجهس ڪاروبار لاءِ بازارون بہ ھيون.
[حڪيم ليکراج مل جو ٻُڌايل ۽ ھن لنڪ تان ورتل: ديھ_ڀنڍhttps://sd.wikipedia.org/wiki/]

[35]) جِيوَن درشن: شري 108 سوامي ماڌوداس مھراج، ص. 80-82.

[36]) ڊاڪٽر ديال ڪوٽومل ڌاميجا آشا، ’ستگرو سوامي شانتي پرڪاش مھاراج جيون چرتر‘، سوامي شانتي پرڪاش آشرم ٽرسٽ، سنڌونگر، چاپو پھريون: 2022ع، ص. 3.

[37]) صوفي شاه عنايت ۽ سندس سلسلي جا شاعر، ص. 464.

[38]) پھلاج رام سَنت، ’پھلاج پريم واڻي (ڀاڱو ٽيون)‘، خوبچند ائنڊ سنس پبلشرس ۽ بوڪسيلرس، ڪئمپ نمبر 2 ڪلياڻ، بمبئي، 1956ع، ص. 67.

[39]) 1. ڀڳت گاگُو مل: کيس چار پُٽ: پُرسُومل، آتُومل، گيھِي مل ۽ ٿائُون مل. جئپور ۾ رھيا

2. چمن لال: کيس چار پُٽ: لڇمڻ داس، ھيرا لال، دوارڪاداس ۽ ڀڳت سِيتل داس (راجڪوٽ)

3. ٿانور مل: کيس ٻہ پٽ: وسند ڪمار ۽ راجڪمار. ٻئي جئپور ۾ رھيا

4. ڄيٺاند: کيس ٽي پُٽ: گيانچند، راج سنگهہ ۽ نرسنگهہ رام. سڀ آگرا ۾ رھيا

[40]) احوال ڪتاب ’سنڌي برھم کترين جو ڌارمڪ ۽ سماجڪ اتھاس‘ ۽ ڍالُو ڀڳت جي پوٽي سِيتل داس (راجڪوٽ) ۽ پڙپوٽي شنڪر لال (جئپور) کان مليو. ڀڳت سِيتل کي فقير آسُورام جا ڪلام پڻ ياد آھن.

[41]) مائي ڀوڄي جي ڏوھٽاڻ مان ڀائي انيل ڪمار طرفان ٻڌايل احوال. سندس والد وڏي عمر جو آھي. انيل وٽان ڪا خاص موٽ نہ ملڻ ڪري ڀِيلواڙَي ۾ سندن خاندان سان رابطو نہ ٿي سگهيو.

[42]) گلابداسي پنٿ جو برپا ڪندڙ پنجاب جو سَنت گلاب داس ھو. ھي ڪنھن بہ ديوي ديوتا کي ڪو نہ مڃين، فقط ھڪ اِيشور کي مڃين. جنھنڪري ايڪائِي بہ سڏجن. ھي مَت ويدانت تي ٻَڌل آھي. اجاين ساٺن سوڻن ۽ ڌاڳن ڦيڻن جي برخلاف آھن. سنڌ ۾ ھن متي جا پوئلڳ ڪي ڳاڻ ڳڻيا ھئا. ھڪ ٻئي کي ’جئہ مھراج‘ ڪري سلام ڪن. [مورُومل ڌانڌا جي ڪتاب سنڌ جي تصوير عرف سنڌ جو اتھاس مان ورتل]

[43]) احوال ڪتاب ’سنڌي برھم کترين جو ڌارمڪ ۽ سماجڪ اتھاس‘، ڀڳت صاحب جي ڏھٽي مينگهراج پيشواڻي (عمر: 80 سال، حال رھندڙ: ديواس) ۽ پڙپوٽي سُشيل ڪمار ولد روچيرام (اُجِين) کان ورتل.

[44]) صوفي شاه عنايت ۽ سندس سلسلي جا شاعر، ص. 460.

[45]) فقير بابا رام سوامي، ’شري رام شبداولي اٿوا گيان گلشن‘، ڊگي چوڪ پلازا روڊ، اجمير، 1957ع، ص 27.

[46]) ستگرو سوامي ٽيئون رام مھاراج جن جو جيون چرتر (ڀاڱو پھريون)، ص. 231.

[47])Lal Ladno aay ( part_1)(Satsang by Satguru swami Shanti parkashji Maharaj). (n.d.). [Video Title] [Video]. YouTube. https://youtu.be/UbEptLfZ09c?start=576 

[48])Aan jal Aha balwan (Satsang by Satguru swami Shanti parkashji Maharaja). (n.d.). [Video Title] [Video]. YouTube. https://www.youtube.com/watch?v=dxnBN5onZD8&t=235s 

[49]) فقير صاحب جي پڙپوٽي حڪيم ليکراج جي ٻڌايل ڳالهہ.

[50]) ھندستان لڏي ويا. سندس اولاد مان ميوارام اجمير، انڊيا ۾ رھي ٿو. 

[51]) صوفي آسورام جي پڙپوٽي حڪيم ليکراج مل جي ٻُڌايل روايت (1 جولاءِ 2024ع)

[52]) عاشقِ آسُو (ديوناگري)، ص. 19-20.

[53]) ھي روايت فقير صاحب جي پڙپوٽي ڀڳوان داس ڪُندومل (جئپور، انڊيا) 11 جون 2021ع تي واٽس اپ ڪال وسيلي ٻڌائي. کيس اھا روايت فقير صاحب جي پوٽي ۽ پھرين گادي نشين ڀڳت اُوڌوُداس ٻڌائي. ورھاڱي کان پوءِ فقير صاحب جا پوٽا اُوڌَوُداس ۽ ڪُندو مل انڊيا جي شھر ڪوٽا ۾ رھيا. 

[54]) ھي روايت فقير صاحب جي پڙپوٽي حڪيم ليکراج مل ٻڌائي. 

[55]) http://premprakashpanth.blogspot.com/p/sant-mandli.html

[56]) سنڌي برھم کترين جو ڌارمڪ ۽ سماجڪ اِتھاس. ص. 303.

[57]) ترجمو: اي پٽ! عاشقن جون ھي ڇھہ نشانيون آھن: ٿڌيون آھُون، رنگ زردو، اکيون آليون، (يار خاطر صبح شام)، انتظاري، بيقراري ۽ تڪليف.

[58]) ترجمو: درويش صفت ٿيءُ ۽ تاتاري ٽوپي پاءِ. (ظاھري لباس کي ڇڏي سُٺا گڻ، نيڪ عادتون ۽ درويشي پيدا ڪر).

[59]) آتما (رُوح) کي ڍڪيندڙ پنج ڪوش يعني تَھَہ (اَنَ=ٻاھريون ڪوش يعني جسم، پِران=ساه، مَنُو=من يا دل، وِگيان=عقل، آنند=روحاني احساس). طالب يا يوگِي پھرين چئن ڪوشن تي فتح حاصل ڪري جڏھن آنند مئِي ڪوش تي پھچندو آھي تہ وجُود جي ڪاراڻ ختم ٿي ويندي اٿس. کيس آتما جو عڪس (نِج پڻو)، وحدت جو احساس ٿيندو آھي ۽ ھر ڪنھن لاءِ بنا فرق جي پيار، خوشي اڀري ايندي اٿس. 

[60]) ترجمو: يوڳي (جوڳي) رام جي نالي ۾ ٻيو ڪجهہ نٿا ڏسن پر رام کي. اھو مھاڀارت جي باب (اڌياءِ) 149: انُوشاسن پاروَ ۾ ’وِشنو سھسرناما‘ ۾ ڏنل آھي.

[61]) حضرت عليؑ جو قول. ترجمو: مون اللہ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ ڏٺو آھي.

[62]) صوفي قول. ترجمو: مرڻ کان اڳ مري وڃ.

[63]) انجيل جي باب ’پيدائش‘ ۾ فرمايل: Be dust before you be dust. يعني مِٽي (مرڻ) کان اڳ مِٽي ٿي (مري) وڃ.

[64]) شڪ، گمان

[65]) Schimmel. Annemarie (1987). And Muhammad is His Messenger (pp. 90). Vanguard Books Ltd. Lahore.

[66]) حڪيم ليکراج مل، حڪيم پارُو مل ۽ موتي رام جو ٻڌايل

[67]) حڪيم ليکراج مل جو ٻڌايل

[68]) ماھوار سنڌو رسالو، پرچو: جنوري 1946ع، بولچند وسُومل راجپال، ص. 38.

[69]) https://dic.sindhila.edu.pk/index.php?txtsrch=آسو ج آسو

[70]) محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ص 235-236.

[71]) ماھوار سنڌو، جنوري 1946ع، بولچند وسُومل راجپال، ص. 38.

[72]) Utam, A.J. Sufism And Communal Harmony in Sindhi Poetry. (2008). In Asghar Ali Engineer, Sufism & Inter-Religious Understanding (pp. 188). Hope India Publisher.

[73]) حڪيم ليکراج مل جي زباني ٻڌايل.

[74]) ’ھالن نون ۾ تعليمي ڪانفرنس‘ (پرچو: آگسٽ 1909ع، ص. 7)، ’ھالن نون ۾ تعليمي ڪانفرنس‘ (پرچو: فيبروري 1910ع، ص. 25)، ’پراڻي ھالن ۾ تعليمي ڪانفرنس‘ (پرچو: آگسٽ 1911ع، ص. 27)، وغيرہ.

[75]) ناسف علي شيراز، ’سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببلوگرافي‘، ٽماھي مھراڻ، پرچو: اونھارو 2004ع، ص. 107.

[76]) صاحب بِجاڻي، ’اسان جو ورثو: ماستر سھجرام ٽھلرام راگهاڻي‘، ٽماھي رچنا نمبر 66، 1995ع، ص. 04-17.

[77]) نامعلوم، ھندو ڌرم سيوڪ (سناتن ڌرم جو جوشيلو ماسڪ پَتر)، پرچو: مارچ 1936ع (ورش 10، انڪ 12)، ايڊيٽر: گوبندرام کِلُومل چُگهہ، جيڪب آباد ص. 1-2، 12.