شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’گ‘

غزل (111)

ڀَوَ مھاساگر1 مان تارَي، آه سو سَتِسنگ2 سَنگُ،
ڀيڏِ3 جيئن ٿو وِچ ۾ ٻوڙي، ڄاڻ سو آھي ڪُسَنگُ4.

ھيءُ سَھائِي5 سوجهرو، رستو صفا آھي سنئُون،
ھُو اَنڌو ڪارِي ۽ اونده، ڌُنڌُ ۽ ڪڙ ڳاه جهَنگُ.

ھيءُ ملهائي پاڻُ ۽ سَنگِي رکي سَچ، سَتَر6 ۾،
ھُو لَڄائي ڪُلُ7، وِڃائي ساکَ ۽ پَرتِيت8، نَنگُ.

ھيءُ چُڳائي ھَنس9 جيئن موتي، ڏُکوئي ڪنھن کي ڪينَ،
ھُو رھَي ھَنِسا10 ۽ تَرڪَٽ11، ڪَوپ12 تي جيئن آه ڪَنگُ.

ھِن جو مُنھن نِت13 کانڌِ14، نئڙت، حُب، دَيا15 ۽ ڌرم ۾،
ھُن جي مُنھن ۾ ھَٺُ، وڏائي ۽ ڪٺورِي، پاپُ زَنگُ.

ھيءُ سڃاڻپ سَتِ، اَسَتِ16 سمجهائي ڀِنُ ڀِنُ17 ٿو صحي،
ھُن جي ليکي مِصري، ڦِٽڪي آه سڀ ھڪڙو ئي رَنگُ.

ھيءُ ھِيئَين ۾ لائي اَنڇَر18 اَلک جي آراڌَ19 جو،
ھُو ڏي پرميشوَر کي پُٺ، ڀڄن ۾ پائي ڀَنگُ.

ھيءُ ڪري سُورِيءَ مان ڪنڊو20 يا مِٽائي لکيل انگُ،
ھُو کڻِي مَستَڪ21 تي مُولهيا22 سِرَ ڏيئي سِينۡھَ23 جو تَنگُ24.

اَسُرَ25 ويلي اُسِرُ26 چارَڻَ27! راڳ تي ريجهاءِ راءُ،
دانھَن رِي ٻيو دادُ ڪونهي، چور چِتَ28 جو چُست چَنگُ29.

ٽِيپَ، جاڙيون، گهور ڪر پورا برابر سان زبانَ،
بَندَ بَندن سان مِلائي رک آسا جي سُرَ جو دَنگُ.

رات ڏينھن اِنَ رمز ۾ لڳ، ويسلو30 واري نہ ويھُ،
ڪينَ توکي ٿو سُجهي، ھن من سندو اَڙٻَنگ31 وَنگُ32.

ڌيان رک دشمن سندو، ٿو وِگهُہ33 ڏِسيو وھلُو34 وِڙھي،
پاڻ سان رک سُرت وارو شبد35 سَتگُر جو اُٻَنگُ36.

جيئن وَھَي درياه مان واھَڙُ37، وري تنھن سان مِلَي،
تيئن جُزو تون ڪُلَ جو آھين، ناه وچ دلبر جي دَنگُ.

حُرفَ ھڪڙي مان پرُوڙج ڳالهہ ايءَ ’آسُو‘ ڳُجهِي،
ھٿ لُڻي ارٿات38 توکي، ھيءُ ڏنو اٿمانءِ سَنگُ.

 

(1) دنياوي سمنڊ   (2) فقيرن، سنتن يا چڱن جي صحبت، محفل   (3) رِڍ   (4) خراب صحبت   (5) چانڊوڪي رات  (6) ڍَڪ  (7) خاندان  (8) اعتبار (9) ھنجُ پکي؛ جيڪو کير مان پاڻي کي ڌار ڪندو آھي ۽ موتي چڳندو آھي.  (10) نقصان  (11) ٺڳي  (12) مصيبت   (13) سدائين   (14) صبر  (15) رحم (16) سچ، ڪوڙ  (17) جدا، جدا  (18) چڱو لڇڻ  (19) عبادت   (20) ڦاھي کان بچائي ڪنڊو ھڻائي. يعني گهڻي عذاب کان بچائي ٿوري تڪليف ڏي   (21) مٿي   (22) پَٽڪا   (23) شينھن   (24) عذاب، تڪليف   (25) اڌ رات کان پوءِ جو وقت   (26) اُٿ   (27) ھڪ لوڪ قصي جو ڪردار. چارڻ ذات جا ماڻهو راءَ (بادشاه) جي شان ۾ شعر ٺاھيندا ۽ ڳائيندا ھئا. ھتي چارڻ مان مراد طالب ۽ راءَ مان مراد مطلوب (محبوب) آھي.   (28) دل   (29) ھڪ قسم جو ساز   (30) غافل   (31) طاقتور، ڏِنگو   (32) وڪڙ   (33) وَجُهہ، موقعو   (34) يڪدم   (35) ڌيان (فڪر) وارو ذڪر   (36) نوڙي   (37) درياه مان نڪتل شاخ، واهُ؛ جيڪو وري درياه سان ملي   (38) حقيقت ۾   

 

غزل (112)

ڀڄن1 ڀڳوَنت رِي اٿئي سچ ڀِينگَ،
ڪِينَ سَمجهين، ٿيندو وڃين ٿو ٽِينگَ2!

جَي ڪرين پائمال پنھنجو نفسُ،
تہ بہ نہ ويساه ڪج مٿي مَرڻِينگَ3.

نيٺ مُنھن ھِن سندو پليتيءَ ڏَي،
ڪر مٿس روز روز جهِينگرَ4 جهينگَ.

جيئن پيارينس خُوب کير مَئُو5،
تيئن وڌَي وِکُ6 ٿي جام منجهہ واسِينگَ7.

ٿيءُ خبردار! تو ڪنان قابلَ،
ڪَئين ڍِڪائي8 ڪيائين وس ۾ ڍِينگَ9.

کاءُ گهٽ، سُمهہ بہ گهٽ، ڪُڇڻ ڪر گهٽ،
ڪر نَہ لَڙِ لَڙِ، اجائي بَڪَ ۽ ھينگَ.

پردہ پوشي بہ ڄاڻ وَستُ10 وڏِي،
ڍڪ اکيون ساڻ لڄ حياءَ جي لِينگَ11.

اَرٽُ12 ڪڍ، اوجهرڻ ڇڏي ڪِي ڪَتِ13،
جي وَھي نا وَھي پوي مَرُ14 رِينگَ15.

جِن سڄڻُ شَيوِيو16 ادا ’آسُو‘!
آه اُنِ لاءِ ميوجات امِينگَ17.
 

(1) بندگي   (2) ڊگهو   (3) مرڻ جي ويجهو   (4) مار   (5) گهڻو   (6) زھر   (7) ڪارو نانگ   (8) دٻائي   (9) وڏا   (10) شيءِ   (11) اڳڙي   (12) ڌاڳو ٺاھڻ جو چرخو (13) ڌاڳو تيار (بندگي) ڪر    (14) ڀلي   (15) رينگو يا رُون رُون  (16) پوڄيو   (17) من موج، آنند، قرار