شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ڏ‘

غزل (61)

اَجَر1! لاکا! اَمرَ2! سارَي سامَ3 سَڏِ،
ھن ڇَپر4 جَي ڇَوهَ5 ۾، ڇورِي نہ ڇَڏِ.

عيب مون ۾ اڻ ڳڻيا آھن اَپارَ6،
آرجا7 ويَم اجائِي مثل: پَڏِ.

سَروَ شَڪتِيمانُ8، دانا9 تون ديال10،
آئون اوڳِي11، بي وڙِي، اڻ ڄاڻ، ڏَڏِ12.

تون اَنادِي13، سَروَ آڌارِي14، اَنَنۡتُ15،
آئون بي ٿِرتا16 ۽ بيڪَسِ17، ڀورِي18، رَڏِ19.

پِيَس يڪدل سان پَنارَي آد، اَنت20،
دَرِ سَخا تُنھنجو ڇڏيان آئون ڪينَ ھَڏِ.

آئون ڀُلِي، تون پاڻ بخشڻھارَ! پَس،
اُڇل اوگيائون21 سندُم سڀ کوهَ، کَڏِ.

ڪر ڪرمُ ڪوڙِيءَ، ڪچِيءَ، ڪمذات تي،
گولڙِي ٻانھن ٻڌِي منجهہ گودِ گَڏِ.

آهَ زارِي آهِ ’آسوءَ‘ جي، اُوناءِ!
وَرَ! ڪري وَڙُ22 ھِن وِلهيءَ23 اوڏِڻ24 کي اَڏِ.

 

(1) غير فاني   (2) سدائين رھڻ وارا  (3) امانت، پناه ۾ پيل ٻانهي   (4) جبل. مقصد: مصيبتن   (5) زور   (6) گهڻا   (7) عمر   (8) سڀ کان طاقتور  (9) ڄاڻندڙ   (10) ٻاجهارو (11) موڳِي   (12) موڳِي، ڄٽِ   (13) اصل کان   (14) سڀن جو سھارو   (15) لافاني   (16) بي بيھڪ، ڪمزور  (17) ويڳاڻي   (18) اٻوجهہ   (19) بي عقل   (20) اول، آخر   (21) خرابيون   (22) مھرباني   (23) بي وارث   (24) نادان   

 

غزل (62)

نينگرو ڪنٺَي1 ندِيءَ جي ٿو ڪُڏي2 مان ڪوڏَ ڪُڏَ3،
سو ٻُڏي اڄ يا سُڀاڻي، ڇا لُڏي منجهہ لوڏَ لُڏَ؟!4

ٿو ويھين گَٺِ5 جي ڪِناري، وَيرُ واگهُن سان وِجهين،
سمجهہ رک! نِيندئِي6 نِھوڙَي7 نيٺ اھا ھوڏَ8 ھُڏَ9.

نانءُ ’جِيئَو‘، منجهہ ٻِرَن نانگن سندَي ٿو ھٿ وِجهين،10
سو جِيئو جھڙو نہ جِيو، ڦوڳو رھين منجهہ ڦُونڊَ11 ڦُڏَ.

پوک پوکين جڳ ڍڪڻ جي، واسطا ٻيا سڀ ڇڏي،
ساوِڙِي، مَکڻِي، ڳُھَو، ڊَڀ، لُلرَ 12 جي ڪر خوبَ گُڏَ13.

تيئن سَلو14 گُرَ شبد15 جو، تو ۾ وڌي ڪو ڦل ڪري،
ٿِرِ16 رکج مَنُ ايڪتا ۾، صاف ره کئُون ڌوڏَ17 ڌُڏَ.

کيلُ ھيءُ آھي دَمن جو، وقت ھَئِہ! ھَئِہ! ٿو وڃي،
دانھن واري دانھن ڪريان ٿو، چڙھي ڪوٺي جي کُڏَ.

ھيءَ نصيحت ڀاڳ ڀريي کي، اثر ’آسُو‘ ڪَري،
ڪينَ ورندو دل پٿر واري منجهانران مُونڍَ18 مُڏَ19.
 

(1) ڪناري   (2) کيڏي، ٽُپ ڏي   (3) شوق مان راند روند، ٽپو  (4) پھاڪو: درياه ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نہ ٻڏي سڀان ٻڏي    (5) درياه   (6) کڻي ويندئي   (7) قابو ڪري   (8) وڏائي   (9) اھنڪار، ڪاوڙ   (10) پھاڪو: نالو ’جيئو‘، ھٿ وجهي نانگن جي ٻر ۾. ڪنھن ھمراه کان پڇيو: ”نالو ڇا اٿي؟“چئي: ”جيئو“ (جيئرو رھندڙ). پڇيئينس: ”ڪم ڪھڙا ڪرين؟“ وڏي آڪڙ مان چئي: ”نانگن جي ٻر ۾ ھٿ وجهندو آھيان“. چيائينس: ”تو بہ نہ جيئو!“ (تون بہ نہ بچين!).    (11) مغروري   (12) اڳيان پنج ئي گاه جا قسم آھن   (13) نڪمو گاه ڪڍڻ   (14) ننڍڙو تازو ٻوٽڙو   (15) مرشد طرفان مليل اسم اعظم   (16) ھڪ جاءِ تي، مضبوط   (17) گمراھي   (18) اصل   (19) موڳو مَٽر