رديف ’ٿ‘
غزل (20)
نِينھُن دنيا جو سڀن سان، پر نِباھي ڪِينَ ڪِٿِ،
ھي رِيا1 ۽ ريب2 وارا ڪم ڪري ھر روز ٻِٿِ3.
ٿي ڪري سنسارَ ۽ وھنوارَ ڪمَ پورا سڀئي،
شاستر وارو وٿر4، ليڪن وجهي سنئين واٽ وِٿِ5.
دام6 واري دامَ7 ۾ ڦاٿو، تہ مشڪل ٿو ڇُٽي،
چوکنڀو8 پاڻهي ٻَڌائي، ٿو رھي ٿِي سِٿَلُ9 سِٿِ.
پِير پئسا ٿو کڻي، ڪُل کان ڪَسر10 ڏِسجي پيو،
ٿو وتي ويڳاڻو دنيا ۾، بنا زرَ11 کُٿل کِٿِ12.
جي ڪرين پنھنجو سُڌارو، تہ بہ نہ اُن مان ٿي سگهي،
ڏنگ ھن جي کان بچِي تجويز سان، ٿي چُست چِٿِ.
آه تِرڪڻ، تِرڪيو تان ’بُزَ نہ بُزَ جي رھي بَھا‘13،
تنھنڪري گوشي نشينيءَ جي تہ، ڪائي رِٿ14 بہ رِٿِ15.
مثنوي واري چيو، سو سڻج دل جي ڌيان سان،
’ڇا ڪتب آئي ڪُئي کي، پوءِ ڪاٺياري کي ڪِٿِ‘.
حال، مستقبل کي ’آسُو‘ ڪر سجايو، سان سُچَيت16،
ٿي گُذر گذري ويو، ’واچي نہ ٻانڀڻ ويَل تِٿِ‘17.
(1) ڏيکاءُ، دوکو (2) فريب (3) بيوقوف (4) ڳجهہ (5) فاصلو (6) دوکي، فريب (7) ڄار (8) ٽنگون، ٻانھون ٻَڌل (9) ساڻُو، ڪمزور (10) چڱو (11) مال (12) شرمندو (13) بُز=ٻڪري، بھا=قيمت. ’ٻڪري، نہ ٻڪري جي قيمت‘. يعني ٺُپ انڪار. (14) صلاح، تجويز (15) جوڙ يا ٺاھي (16) ھوشياري (17) پھاڪو: ويئي تِٿ، ٻانڀڻ بہ نہ واچي (گذريل وقت تہ ٻائو، پنڊت بہ نہ ڏسي)
غزل (21)
جوڳ جوڳيءَ جو جوڳ1 واجب وَٿُ،
منُ ڀڀوتيءَ2 سان مَل، نہ مَک مُنھن مَٿُ3.
ڪنَ نہ چيراءِ، منُ ڪپاءِ صحي،
ڀُل نہ منجهہ بَيکَ4، پنڌ ڄاڻ اَڪَٿُ5.
سَم6، دم7 ۽ وِوَيڪ8 ۽ ويچار،
’چار ساڌَنَ‘9 ڪجانءِ پرمارٿ10.
ڪام11 ۽ موه12، لوڀ13 مايا14 جو،
ڪڍ ڪِبر15 ۽ ڪِروڌ16، ڪم اَنَرٿ17.
ھيءُ اَکُٽ ڌن ملي ٿو سَنتَ سَرن18،
سَنت آھي ديال19 ۽ سَمرٿ20.
مَرُ21 مزا ۽ ڪلُول22 سو ماڻي،
پائي پرچو ڪري جو پُرکارٿ23.
سُرڪ24 جون سي سَڌُون ڪُڄا25 لئِہ ڪن؟
جن سندِي گوڏ ۾ نہ آه گَرٿ26.
ڪيئن رسن رام کي اُھي ’آسُو‘؟
جن ٻَڌو منجهہ رَسَن27 رَسُن28 پڳُ ھٿ.
(1) لائق (2) مٽيءَ (3) مٿو (4) ويس (5) اندازي کان گهڻو (6) من جو روڪڻ (7) اِندرين جو روڪڻ (8)ست (سچ: آتما، پرماتما)، اَسَت (ڪوڙ: ھي جھان) جي ڄاڻ (9) چار اُپاءَ يا ذريعا ڏسو مٿين سِٽ (10) اعليٰ مقصد (11) خواھش (12) لاڳاپو (Attachment) (13) لالچ (14) دنيا (15) وڏائي (16) ڪاوڙ (17) خراب ڪم (18) شَرَڻ، پناه (19) ٻاجهارو (20) قوت وارو (21) بيشڪ (22) موج (23) مقصد خاطر جدوجھد ڪرڻ (24) ڍڪ (25) ڇا (26) ناڻو (27) نوڙين (28) حرصن
غزل (22)1
مال ڪٺو ٿو ڪرين ڌَراوَتينِ سندو ارٿُ،
اُنهي بنا ھي اڱر يا ڀِتر، پدارٿُ.2
ڌرم، ديا3، سِيل4 جي دل ۾ ڌار ديانَت5،
جي نہ مڃين يا مڃين، ڳالهہ چيم يَٿارٿُ6.
وِيرَ7 وڏا ويا وِلها8، اکين ساڻ ٿو ڏِسين،
تہ بہ نہ اچئي مَت سچِي، لاءِ ڪنھنجي ڪرين تِٿُ9؟
حُڪم ھلايو ٿي جِن، پاڻ سان نہ نَيو10 تِن،
ھاٿ ٺلها ويا ھلي، ھن جھان اُڏيو رٿُ.
پَير نہ وجهج ڏمر ۾، ڇڏ خيال خُماري،
پل بہ پِيا11 رِيءَ، عمر ڇو وڃائين اڪيارٿُ12؟
وَرڌ اَوستا13 ٿيئي، وارتا14 ڪا سچي وٺ،
من نہ نِمرتا15 ٻَڌئي، سوچ دل ۾ اھو ارٿُ.
خلق سموري مٿي، ڏنئي خدا شرفُ، شان،
ڌَرِڳ جِيوَڻ16 مَنِکُ17 ٿي، رکيئي ڪو نہ منارٿُ18.
ھتي ئي بِنا رَسَ19 رھج، ڇو وڃيين ٿو بَنارَس20؟
پاڻ منجهان ’آسُو‘ پس، اٿئي اندر ۾ تيرٿُ.
(1) ھي غزل اڳين ڇاپي مان ورتل آھي. ھوتچند ۽ ٿانورداسي نسخي مان درست ڪيل. اڳين ڇاپي ۾ بند نمبر: 6 کانپوءِ ھي بند ڏنل آھي، ٻين نسخن ۾ نہ ملڻ ڪري ڊاٿو ويو.
حال رکيئي مکين جان، ڪيئن ٿئي نيتارو؟
ڀڄن ڌڻيءَ جي بنا، ھيءَ ڄمار اوارٿ.
(2)ڌراوَتي=امانت طور مال رکندڙ شاھوڪار. ارٿ=مقصد. پدارٿ=دنياوي شيون.
مطلب: امانتي شاھوڪارن وانگر مال ٿو گڏ ڪرين، ڌڻيءَ جي نالي بنا ھي مال مالڪيت ڄڻ اڱر يا پٿر اٿئي. (3) رحم (4) سٺو سڀاءُ (5) خاصيت (6) سچ (7) طاقتور (8) خالي (9) ثمر، گڏ ڪرڻ (10) کنيو (11) محبوب (12) اجائي (13) پوڙھپڻ (14) تاڪيد (15) نئڙت (16)وڏي حياتي (17) ماڻهو (18) مانُ (19) حِرص، لذت (20) وارانَسِي شھر جو نالو، جتي ڪاشِي تيرٿ آھي
