رديف ’جھه‘
غزل (43)
نامِ خدا ياد ڪجانءِ صُبح سَنجهُہ،
نِيجُ نِمائيج سڄڻ! ھڏُ ۽ ھنجهُہ.
مامَ1 مِٺلَ مُحبَ سندَي درد جِي،
عام نہ ماڻهن کي ڏجي مُور مَنجهُہ2.
ساڻ رضا رام سندِي راضي ره،
ڏِيلَ3 اندر رک مَ ڏُکو4، ڏُرتُ5، ڏَنجهُہ.
ھوش رکِي ڪا تہ ڪَلا6 سِک سچِي!
وڌندو وڃين وِرکَ7 جيان ٿيندو وَنجهُہ8.
ڪَنگ9 سندَي ڇوڙ کِکيَ سنگَ کي،
پِرت منجهان پير ڀري پَسج ھَنجهُہ.
بار ’آسُو‘ اصل امانت کنيَئي،
توڙ رساڻج، نہ ڪڏھن ڪُرڪ، ڪَنجهُہ.
(1) خبر (2) راز (3) دل (4) ڏک (5) تڪليف (6) مھارت (7) وڻ (8) ڊگهو (9) ٻَگهہ پکي
غزل (44)
ناه جانب تو کان جُدا، وَٺُ وَجهُہ1،
ڇو وِڃائين جنم ھيا؟ وَٺُ وَجهُہ.
چار عنصر منجهان ٿئين پيدا،
’باه‘2، ’پاڻي‘3، ’مِٽي‘4، ’ھوا‘5، وَٺُ وَجهُہ.
’عشق‘، ’روح‘ و ’نفس‘، ’عقل‘، چار ئي،
اُنِ منجهان اُپنيا6 ٿيا، وَٺُ وَجهُہ.
’خيال‘، ’وھم‘ و ’فڪر‘، ’فھم‘، ’حِفظو،7
سي سڀيئي ٿيا عطا، وَٺُ وَجهُہ.
ست نِکٽ راسيُون8، بُرج ٻارھن9،
پِنڊَ10 ۾ ماپيا پيا، وَٺُ وَجهُہ.
نفسَ چار11 ئي سي ڄاڻ ’اَنتَش ڪرَڻَ‘12،
سي سڀئي مار، ٿيءُ صفا، وَٺُ وَجهُہ.
ڏِيلَ13 جو کيل ڏَھن اِندرِين14 سان،
ڀڄ وِڪارَن15، وِشيُن16 ڪنان، وَٺُ وَجهُہ.
ساڻ ويراڳ17 ۽ وِوَيڪ18 منجهان،
شنپدي19 کان مموکِتا20، وَٺُ وَجهُہ.
’سُرتِ ۽ شبد‘21 جو اٿئي ميلاپ،
ٿيءُ محِوُ22 ٻي اِڇا23 بنا، وَٺُ وَجهُہ.
مَنِکَ ديھِيءَ24 ۾ ھي اٿئي وَجهُہ، سمجهُہ!
پوءِ جو ھٿ ھڻين ادا! وَٺُ وَجهُہ.
مختصر ھيءُ چيُم اِشارن سان،
دم نہ پُر دور، ٿيءُ فدا، وَٺُ وَجهُہ.
کاءُ ’آسُو‘، فنا تو مرشد ۾،
ٿي فنا ۾ فنا، بقا، وَٺُ وَجهُہ.
(1) موقعو حاصل ڪر، فائدو وٺ (2) باه مان عشق (3) پاڻي مان روح (4) مِٽي مان نفس (5) ھوا مان عقل (6) پيدا (7) اڳيان پنج خانا دماغ ۾
(8) 1. زحل (ڇنڇر - ناف)، 2. زھرد (جمع - فم معدو)، 3. مُشتري (وِسپت - جگر) 4. سورج (آرتوار - دل)، 5. چنڊ (سومر - گردن)، 6. مريخ (منگل - تارڪ سر) 7. عطارد (ٻُڌر - پيشاني)
(9) 1. حمل (سر)، 2. ثور (گردن)، 3. جوزا (ھٿ)، 4. سرطان (پستان)، 5. اسد (سينو)، 6. سنبل (آنڊا)، 7. ميزان (دن)، 8. عقرب (آلت)، 9. قوس (ران)، 10. جدي (پيٽ)، 11. دلو (بُڪي)، 12. حوت (پيرن جي تري)
(10) سرير، جسم (11) نفس جا چار قسم: امارہ، لوامہ، مُلهمہ ۽ مطمئنہ (12) من، ٻُڌ(عقل)، چِت(ويچار) ۽ اھنڪار(پاڻ پڻُو، انا) سندو ’جامع خيال‘ (13) مَن (14) پنج گِيان اِندريُون يعني ’ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا عضوا‘ (ڪن، نڪ، زبان، اکيون ۽ چمڙي). اِھي حَواسن (Sensasory Organs) وسيلي من (نفس) کي دنياوي معلومات پھچائين ٿا. مثال: دلچسپ فلم ڏسڻ وقت ڀر ۾ ويٺل دوست جو سڏ بہ ٻُڌڻ ڪو نہ ايندو آھي. ڇاڪاڻ جو مَنُ پوري ڌيان سان فلم ۾ محوُ آھي ۽ ان وقت ٻُڌڻ جو حواسُ بہ مَنَ تي اثر نہ ڪندو. تيئن اِندريُن تي ضابطو آڻڻو آھي. ۽ پنج ڪرم اِندريُون يعني ’عمل لاءِ عضوا‘ (ھٿ، پير، آواز، جاءِ پيشاب، جاءِ ويھڻ) (15)من ۾ ويٺل پنج دشمن. ڪام (خواھش)، ڪروڌ (ڪاوڙ)، موھہ (لاڳاپوAttachment )، لوڀ (لالچ)، اھنڪار (تڪبر) (16) حواسن جو رس. حواس دنيا مان معلومات آڻي من (نفس) کي ڏين ٿا. سي ھي آھن: شبد (ٻڌڻ)، سُپرس (ڇُھڻ)، روپ (ڏسڻ)، رَس (چکڻ)، گنڌ (سُنگهڻ) (17) سَتِ (حق) کي وٺي اَسَتِ (دنيا) کي ڇڏڻ. يعني دنيائي پدارٿ توڻي سرڳ جي بہ اِڇا نہ رکڻ. (18) سَتِ (سچ: آتما، پرماتما)، اَسَتِ (ڪوڙ: ھي جھان) جي ڄاڻ (19) ڇھہ خزانا: 1. سَم: من جو روڪڻ 2. دَم: اِندرين جو روڪڻ 3. اُپرت: ايڪانت واري جاءِ ويھڻ 4. تَتَکشيا: دک، سک ھڪ ڄاڻڻ 5. سردا: گرُو جي چوڻ تي ويساه 6. سمادان: عمل ڪرڻ (20) موڪش، ڇوٽڪارو، معرفت (21) ذڪر (نام) ۽ فڪر (ڌيان) (22) گُم، فنا (23) خواھش (24) انساني جسم
