رديف ’ٽ‘
غزل (23)
واٽَ ستگُرَ جا بَتائِي، سا سچِي ڄاڻي سُواٽَ1،
ھل سَنئُون اُن تي سِڌو، نہ تہ اوچتو لڳنديئي لپاٽَ.
سو رضا تي ڪيئن رھي راضي، صبر ۽ شڪر سان؟!
ٿورڙي ئي اَھنج2 ۾، جنھنجو ڪري مَنُ چِيچڙاٽ3.
تِرشِنا4 رِي تَڙَ5 مٿان ڇڪتاڻ سان ھڏ6 نا پئي،
پُر پيالو سي پيئن، جن کي پريمي اُڃ، اُساٽ7.
مُورَکن8 کي مَتِ ڏيڻ مان، مُورڳو مَٺيانۡ9 مِلي،
ڪيو چِڙي باندرَ، چِڙيءَ10 جو وڻَ چڙهي آکيرو ڪاٽَ11.
ھار جي سينگار کان، آھي چنيسر چِتُ12 کنيو،
سمجهہ رک لِيلان! لڄايئي پاڻُ! ڇڏ نخرا ۽ ناٽَ.
دُرسُ13 پَرکي ٿو دليون، مُور نہ پسي ظاھر لِبَيس14،
وَرُ15 وِڏُوڻِي16 ويو انهن کان، جن اندر آھي اُچاٽَ17.
معذرت ۽ مِنٿ سان لِيلاءِ18، لالنَ کي ريجهاءِ،
ڪنڌ کڻندِيئَن ڪيئن اُتي؟ جت ٿيا وَريتِين19 اُوچا ڳاٽَ.
جن کي سِڪَ سالم سچِي، سي ڪيئن سُمهن سُک سيج تي؟
سِيرُ20، سائِرُ21، جهاجهُہ جَلُ22، ڌڪ نا جهلي، پَرُ23 ٿيَن جهاٽَ24.
ميخِ25 محبت جَي لڳي، تن کي وِھڻ واجب نہ آه،
مھل ۽ بي مھل نا ليکينِ، ڏسن نا گهيڙ26 گهاٽَ.
پُر پَسين پنھنجي پرينءَ کي، اِيءُ اُدم27 تو آه وس،
ڪير سگهندو ڪو چئِي؟ ڇاھَي لکيو منجهہ تو لَلاٽَ28!
دل انڌِيءَ اونده مٿي، ھن ٻوڌ29 جو پرڪاش30 ھيئن،
نئُود31 ۾ سُوئو لڳو ڄڻ، يا پٿر تي بُوند ڇاٽَ32.
ناڀ مان اُتپَن ڀڄن ٿيو، آيو ھِردَي اندر،
ڪَنۡٺ مان دَسِوينۡ دُواري، ڇڏ ڪَٺَڻُ کولي ڪَپاٽَ.33
وَنۡڪ نارِيءَ جي وسيلي، وَنَڪَ وِترِي وٺ وِسَيک،
تِرڪُٽيءَ ۾ تُرت طالبَ! ڏس، سڄڻ جِي نور لاٽَ.34
اوکَ35 ۽ ڪُل اَھنجُ36 ويو، ’آسُو‘ اُنهن آنند ٿيو،
پاڻ ۾ پيھي پَسَن، پل پل پرينءَ جي جوتِ37 جاٽ.
(1) چڱي واٽ، سٺو رستو (2) ڏک، تڪليف (3) رڙيون (4) اُڃ (5) کُوه (6) ھرگز (7) سخت اُڃ (8) بيوقوفن (9) چِڙ، ڪاوڙ (10) جهرڪي (11) لاھڻ، ڀڃي ڏيڻ (12) خيال (13) چڱي طرح (14) لباس (15) خاوند ، پريتم (16) رُسي، ناراض ٿي (17) بيزاري، ٿَڪ (18) آزِي نيازي ڪر (19) خاوَند وارين، سُھاڳڻين (20) وچ درياه جو وھڪرو (21) درياه (22) گهڻو اُونهون پاڻي (23) پري، ڏُور (24) جهٽ، يڪدم (25) لوھِي ڪِلي
(26) پاڻي ۾ گهڙڻ جو ھنڌ (27) ڪوشش (28) مقدر (29) سمجهہ، ڳالهہ (30) روشني (31) ھڪ جانور، جنھن کي سُوئو بہ لڳي تہ اثر نہ ٿيندس (32) ڇَٽڪار
(33) ناڀ=دُن. اُتپن=پيدا. ڀڄن=ذِڪر، نام. ھِردو=دِل. ڪَنٺ=گَلو. دَسَم دُوار=علم يوڳ يا ويدن موجب انسان جا ڏه دروازا جن مان ھوا يا طاقت جو گذر ٿئي ٿو. 9 جسماني (اِندريون: وات، ٻہ اکيون، ٻہ ڪن، ٻہ نڪي ناسون، جاءِ پيشاب ۽ جاءِ ويھڪ) ۽ سِر (مٿي) جي مٿان ’ڏھون روحاني در‘ جيڪو ھميشہ بند رھي ٿو؛ ھي در کلڻ سان انسان لاحد ۾ پھچي پاڻ سڃاڻي ٿو، آتما پاڻ کي پرماتما ڏسي ٿي، ڪُل (جُزو) وحدت ٿي معرفت، مُڪتي پائي ٿو. ڪَٺَڻُ=سخت دل. ڪَپاٽَ=ھوش جاءِ تي اچڻ
سمجهاڻي: دِل جي سختي ڇڏي ھوش سان سمجهہ: اِسم اعظم يا نام جپڻ وقت دُن مان ھَوا يا طاقت (ذِڪر) پيدا ٿي دِل ۾ اچي ٿي، جا پوءِ گَلي مان ٿيندي مٿي تائين پھچي ٿي. انهي سخت محنت (ذِڪر ڪمائڻ) سان ئي مٿي وارو روحاني در کُلندو.
(34)وَنۡڪ نارِي=ساه کڻڻ جِي وِرِڪش (وڻُ) يعني دم جي ورزش. وَنَڪَ=سُرڪ. وِترِي=گهڻِي. وِسَيک=چڱي. تِرڪُٽِي=پيشاني تي اکين جي وِچ واري جاءِ، خاص آستان يا لطيفو. دَسَم دُوار کان پھرين ترڪُٽِي کلندي آھي ۽ ان جي کُلڻ سان ظلمات جا پردا ھٽندا ويندا آھن، اکيون بند ھوندي سڀ نظر اچڻ جھڙا مشاھدا ٿيندا آھن.
سمجهاڻي: دم ڪمائي تِرڪٽي جي سُرڪ جو چڱو گهڻو مزو وٺ. اي طالب! ذڪر (نام) سان دم دم تي چاڙهي ئي تِرڪُٽي کلندي ۽ پرماتما جي نور جِي لاٽ ڏسندين.
(35) ڏکيائي (36) ڏک، درد (37) روشني، نُور
غزل (24)
عشقَ پالوٽَ1 جِت ٿئي لسَ ليٽَ2،
عقل ۽ ھوش جا ٻُڏائي ٻيٽَ.
عشق ڊاھي ٿو انگُ سڀ عقلي،
جيئن پَٽِي ميٽجي لکيل سان ميٽَ.
عشقَ جي بحر ۾ اَمُل ماڻِڪَ3،
پر وِھاري عقلُ؛ مٿي رَئِنَ4 ريٽَ5.
عشقُ خالص، صفا سچو ڪَنچن6،
پر عقلُ اُن اڳيان گڏيل جيئن ڦيٽَ7.
عشقُ ھڪ يار جو سچو طالب،
منجهہ عقلَ: نرڳ8، سرڳ9، کيٽا کيٽَ10.
عشقُ اَنۡتَرمُکو11 ٽنهين لوڪن12،
پر عقلُ ظاھري رکي ٿو ٽيٽَ13.
عشق لاھي ڇڏيا دنيا جا لاڳَ،
عقل آٿت، مٿي ڪَتِيءَ ۽ چيٽَ14.
عشق جو قُوتُ15 درد دلبر جو،
ٿو مٿا ڪُٽ ڪري عقل لئِہ پيٽَ.
عشق گجَ16 جي اڳيان اچي ’آسُو‘،
ڇا سسير17 عقل ڪري ڪا ڀيٽَ!
(1) عشق جي بحر جي پلٽ، گهڻائي (2) پاڻيءَ جو چاڙه، وھڪرو (3) انمول ھيرا (4) چؤطرف (5) ڪنارا (6) سون (7) مِينُ، ملاوٽ (8) دوزخ (9) جنت (10) اجايو بحث مباحثو (11) پاڻ (اندر) ۾ ڏسندڙ يا جهاتي پائيندڙ (12) ھندو ڌرم موجب ڪائنات جا ٽي لوڪ يا طبقا: سرڳ (عرش. جنت)، مرتيُو (فرش. زمين) ۽ پاتال (زمين جو ھيٺيون طبقو، نرڳ، جھنم) (13) جاچ، نظر (14) ٻئي سنڌي مھينا (15) خوراڪ (16) ھاٿي (17) سھو
غزل (25)
جڏھن پرماتما تو ۾ رَميو1 آھي گهگهن گهَٽ گهَٽ2،
تڏھن طالبَ، جَڳياسُوءَ3 کي عَبث4 آھي پُڇڻ ھَٽ ھَٽ5.
دُکائي دل اندر دُونھُون، سچو ستگر وٺي سُونھُون،
لکين لوگها6، ڪرين سوگها، دنيا وارا اُلٽ لَٽ لَٽ.
سچِي سِپَ7 مينگهہ8 جو قطرو، جهٽي دُرُ9 ٿي ڇڏي خطرو،
تيئن گرُ شبد10 سُرتِيءَ11 سان، سنواريا مَنَ اُڇَت12 جهَٽ جهَٽ.
ڏِسڻ ديدار دلبر لَئِہ، نہ ظاھر جون اکيون ھَئِہ ھَئِہ،
صفائي سان سچائي مان، اندر واريون اُپَٽ پَٽ پَٽ.
جيڪي پردا اچن آڏو، انهن جو غرق ڪر گاڏو،
وِساري وسوسا دل مان، ٻيا سنسا، سَنگٽَ11 سَٽ سَٽ.
ذڪر سان فڪر ڪر من ۾، صبر سان شُڪر ڌر تن ۾،
رھج توفيق سان راضي، جھڙا تھڙا ڏينھن پيو ڪَٽ ڪَٽ.
ڏيئو ٻارَي گهڙِي گهرَ ۾، ھڻي جهاتِي تہ اندر ۾،
مڙئي معلوم ٿئي من ۾، لھَي کُٽڪو وڃي کَٽ کَٽ.
اندر اِسٿِت12 رھج نَڀ13 سان، يگاني14 يار سان يڪسان،
ٻيو چارو نہ آھي ڪو، ڪُفر جي جَڙ اُڦٽ پَٽ پَٽ.
ٻہ شينھن ٻيلي، ٻہ تيغون15 کِپَ16، ٻہ راجا گڏ، ٻہ گدرا مُٺ،
نڪي ماپن، مگر دِن17 ڪم، اللھ سين شَب18، ائين جَٽ جَٽ.
آھين تون نُور ساڳيو نِج، مٿي روشن ڳُجهو ئي ڳُجهہ،
اَمُل ماڻڪ تڏھن ’آسُو‘، نہ ڪوڙي ڪوڏ تي مَٽ مَٽ.
(1) سمايو (2) اندر اندر (3) طالب (4) اجايو (5) در در (6) خرابيون (7) پاڻيءَ جو جانور، جيڪو مِينھن پوڻ مھل سمنڊ مٿي اچي بُوندون جهٽيندو آھي. انهن پاڻي جي قطرن مان منجهس موتِي پيدا ٿيندا آھن (8) برسات (9) موتي (10) اِسم اعظم (11) ڌيان، فڪر (12) جهٽ پٽ (11) مونجهارا (12) قائم (مالڪ طرف) (13) آسمان (14) نرالو (15) تلوارون (16) مِياڻ (17) ڏينھن (18) رات
