شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’پ‘

غزل (32)

اٿئي دوستَ درشن سندو يارَ! کپُ1،
ڇِتي نفس کي ڪر کنَي2 ساڻ کپُ3.

ڏينھان رات ڏاتار جو در وٺِي،
کرَائِي4 ڇڏي، پوءِ کڙہ5 مَھَند6 کپُ.

انھيءَ کان زيادہ ناه اختيار،
نيزاريءَ بنان منگتن ناه مَپُ7.

ڌنڌي ۾ بہ ره، دل صفا ڌُنڌ8 رک،
وصف رِي ويھِين جي، نہ ڄِڀ چور چَپُ.

تيسين ڪينَ ’اَنتَش ڪَرَڻَ‘9 سِڌ10 ٿيَن،
جيسين جاڳِي جيءَ ۾ ڪرين جوڳ جپُ11.

ٻَھر ٻانھن کي ٿيو سُڪائڻ نہ سُود12،
اندر منُ سُڪائج، ڪري تاپ تَپُ13.

جوانيءَ ۾ توبہ ڪرڻ بد ڪمن،
نہ اُن وير عضون ڇڏيو زور ڏَپُ14.

دنيا ڄاڻ سپنُو يا افسانہ جيئن،
يا سمجهين سڄڻ يار! واسِينگ سَپُ15.

يا آھي رُڳِي ڀِينگ ۽ رُڃ سُڃ،
يا آھي ڀريل وِکُ16، قتل ڪار ڪَپُ17.

بُري سان نہ ڪر پَرسُ، اي پُرشَ18! ڀڄ،
اھو حال ڄاڻي رکج ڊاءُ ڊپُ.

يا ڄاڻَي ڌُٻڻ19، ڌيان سان پير ڌَر،
نہ ٿيءُ ويسلو20، چَٻڙُ21 گپَ ۾ نہ گپُ.

يا ھيءَ پوک آخرت ڄاڻي ھلين،
تڏھن پڻ وڃِي ڪو ملي ٺپ ۾ ٺَپُ.

آھين مُڙس ’آسُو‘ بِره بحر22 گهِڙ،
مِثل ڪانئرن، گهُم ڪنارو نہ ڪپُ.
 

(1) گهُرج   (2) تلوار   (3) ٽُڪر، وڍ   (4) خرابي، بڇڙائي  (5) بيھُہ   (6) پيش، اڳيان   (7) رستو   (8) صاف   (9) من، ٻُڌ (عقل)، چِت (ويچار) ۽ اھنڪار (پاڻ پڻُو، انا) سندو ’جامع خيال‘  (10) خالص، دنياوي خيالن کان پاڪ  (11) جپڻ، ذڪر ڪرڻ   (12) ڪار، حاصل   (13) تپسيا يا رياضت   (14) طاقت   (15) ڪاريھر نانگ   (16) زھر   (17) چاقون   (18) مرد   (19) دَلدل   (20) غافل   (21) رٻڙِي   (22) عشق جو سمنڊ   

 

غزل (33)

جو پَڏائي ٿو پاڻ پنھنجي باپَ،
مفت سو پاڻ تي کڻي ٿو پاپَ.

’آئون‘ ۽ ’مئين‘، ’اسان‘، جتي ھوندا،
اُت سدائين وسن عذابَ، سِراپَ1.

ھن وڏائيءَ جي پاڙ ٺِڪريءَ2 تي،
جَي ھڻائي دُوارڪا3 جي ڇاپَ.

ڪِينَ ڪِينَي4، حَسد منجهان حاصل،
بُغض وارو مُدام5 منجهہ سَنتاپَ6.

شِرڪ واري جي دانھن مقبُل7 ناه،
جي ڪري ويھ ڏَھين وڏِي وِڙلاپَ8.

آب ھيٺاھِينءَ ۾ ٽِڪي رھندو،
ڏس عقل جي ڪري اھا من ماپَ.

نياز نئڙت کٽي اُتم جَس9 ٿي،
واه ’آسُو‘ سنديئِي سچِي آلاپَ10.

 

(1) پِٽ پاراتا  (2) مٽيءَ جو ٿانءُ؛ ذري زور تي ڀڄي   (3) ھڪ مشھور تيرٿ  (4) ساڙو   (5) سدائين   (6) تڪليف   (7) قبول   (8) دانھن   (9) ساک، مانُ، نيڪ نامي   (10) دانھن، آواز   

 

غزل (34)

ڪيُم وِڙلاپَ1 دلبر کي، چيائين: چِپُ،
جهليم تُنھنجي اچي در کي، چيائين: چِپُ.

ڪئين آھُون ڪيُم آزيون ۽ نيزاريون،
پوي مَن ٻاجهہ پروَر کي، چيائين: چِپُ.

سَٺو مون کان نہ ٿئي، ڪِي سُور ھيءُ سانڍڻ،
رَسيم ھيءُ حال اَبتَر2 کي، چيائين: چِپُ.

جدائي جور3 کان بھتر مرڻ مون کي،
گڏيَس تُنھنجي نہ گوھر4 کي، چيائين: چِپُ.

 

کنيُم بُھتانَ5، بَدين جون مٿي کاريون،
تُنھنجي ڪارڻ سَٽيُم سِرَ کي، چيائين: چِپُ.

شَراڪَت6 ناه ڏاڍَي ساڻ رِي زاريءَ،
ڇڏيَم ٻوڙي ٻِئي ٻَرَ7 کي، چيائين: چِپُ.

نڪا ماڻهن، نہ قدرت جي پيُم ڪا ڪَلَ،
ڦِٽو گهوري ڪيُم گهَر کي، چيائين: چِپُ.

اديون! وِسَھو8 وَچنُ9 منھنجو ھنڊائي دل،
نہ مَٽ لک سُک، پسڻ پِرَ10 کي، چيائين: چِپُ.

سڏائين سَروَ11 ۾ وِياپَڪ12، ڏسان مان ڪِٿ؟
ڪئين ڏوريام ٿر بر کي، چيائين: چِپُ.

ڪُڇڻ ۾ آه بي ادبي ۽ بي شُڪري،
اَمُر مڃ، ٿيَئي سُرھو سَرُ، چيائين: چِپُ.

اکيون پوريج، ڍڪ ڪَن، وات کي بند ڪر،
مِلين آخر اچي وَرَ کي، چيائين: چِپُ.

ڪيُم چِپَ13 اِندِرِين14 ’آسُو‘، ڪري چَپَ چِپُ،
آيم آنَندُ اَندَر کي، چيائين: چِپُ.

 

(1) درد کان دانھن، سڏڙا  (2) بدتر   (3) ظلم   (4) موتي (5) ڪوڙا اِلزام، تُھمتون  (6) ميلاپ   (7) زور، آڌار  (8) يقين ڪريو، مڃو   (9) چوڻ   (10) پِرين   (11) سڀن   (12) پکڙيل، موجود   (13) سختي   (14) ڄاڻ سڃاڻ جا دروازا يا حواسَ (ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، ڇھڻ، چکڻ). مٿن ضابطو آڻي من کي خواھشن ۽ ٻاھرين دنيا کان ڪٽجي.