رديف ’ق‘
غزل (101)
جي اَٿيئِي ’طَلَبِ حق‘1 جِي جو تَواقُ2!
مُحبَ مالڪ جي مِلڻ جو اِشتياقُ3.
زالَ ’مَڪريلَڻِ‘4 ڪئين جوڌا جهَپيا5،
تِياڳ6 ڪر تنھن کي، ڏيئي پھرين طلاقُ.
پوءِ پنھنجي گهَر7 گهِڙي، ڏس غور سان،
ڇو وڃين، ڍُونڍين8 عجم، عرب و عراقُ؟
ڪر مَلَي ’اَنتَش ڪَرَڻَ‘9 اُوجَل10 صفا،
ڪڍ اندر مان غير11، غيرت12 ۽ نِفاقُ13.
’ڪَرَم اِندرِيِن‘ کي ’حواسن گِيان‘ سان،
پاڻ ۾ ’ڏَھَنِين‘14 سندو ڪر اِتفاقُ.
’وِشِنُ‘، ’بِرما‘ جو، ٽيو آسڻ ’مَھيس‘،
’ناڀ‘، ’ھِردَي‘، ’ڪَنۡٺ‘ ۾ جوڙِج رَواقُ. 15
شَبد16 سان سُن17، ڌِيان ڌُنِ18 مُنِ کي ڌرَي،
کول طالبَ! تَھِدليُون دروازي طاقُ.
’سُکِمَڻان‘19 ۾ آءُ ’دَسِوينۡ دُوارَ‘20 کان،
سُرتِ21 وارو ان اندر ڪاھج بُراقُ22.
تِرڀُڻيءَ23 ۾ جوتِ24 جانب جِي سندِي،
چَمتڪارِي25 پَسُ، رھَي سانتِي، ثقاقُ26.
نِسڦِرَڻ27، نِھِڪام28، نِرمل29 سان رھڻ،
آه ساڌُن جو اھو خاصو خَلاقُ30.
گُرُ31 ڪرڻ، گُرَ کي مڃڻ رِي ناه گَتِ32،
ڳالهہ ڳوڌا33! سمجهُہ سچُ، رک اِستفاقُ34.
’جوڳ مارڳ‘35 ھيءُ جنهين حاصل ڪيو،
ويو اُٿي ’آسُو‘ فڪر اُنِ مان فِراقُ36.
(1) رَب جي گهُرج، چاهُ (2) خواھش، آرزُو (3) شوق (4) فريبي، مايا (دُنيا) (5) پڪڙيا (6) ترڪ (7) اندر (8) ڳولهين (9) من، ٻُڌ (عقل)، چِت (ويچار) ۽ اھنڪار (پاڻ پڻُو، انا) سندو ’جامع خيال‘ (10) سھڻو، روشن (11) دُوئِي، ٻيائي (12) شڪ، گمان (13) کوٽ
(14) ڏه اِندرِيُون: جسم جا مُکيہ عُضوا، جن تي مَنَ (نفس) جو ڪنٽرول آھي. نفس کي سوگهو ڪرڻ لاءِ طالب کي انهن ڏھنين کي مڪمل قابو ڪرڻو پوندو. پنج ’گِيان اِندريون‘: نفس کي معلومات پھچائيندڙ عضوا: اکيون، ڪن، نڪ، چمڙي، وات. ۽ پنج ’ڪَرم اِندريون‘: عمل ڪرڻ جا عضوا: وات، ھٿ، پير، پيشاب واري جاءِ، ويھڻ واري جاءِ.
(15) ذڪر يا نام جپڻ وقت رَواقُ (ماڙِي) جڙي ٿو. ھَوا يا طاقت دُن (ناڀ) مان پيدا ٿي دل (ھِردي) ۾ اچي ٿي، جتان پوءِ گَلَي (ڪَنٺ) مان ٿيندي پيشاني (تِرڪُٽي) ۽ مٿي (دَسم دوار) تي پھچي ٿي. اِھي انساني جسم ۾ خاص لطيفا يا آستان آھن. دُن تي وِشنُو (ديوتا)، دل تي بِرھما (ديوتا) ۽ گَلَي تي مھيش (شِوُ شنڪر، ديوتا) جو آسڻ (ويھڻ جي جاءِ آھي).
(16) مرشد طرفان مليل اسم اعظم، ذڪر (17) ٻُڌ (18) ’انحد ڌُن‘ يا ’صوت سرمدي‘: مُرلِي نما روحاني آواز جيڪو وڏي پد وارا سنت، فقير ذڪر وقت ٻڌندا آھن. ۽ مٿن روحاني راز ظاھر ٿين.
(19) شُشمَنا ناڙِي: جسم ۾ ھوا/طاقت جو رستو (يوڳ) جيڪو اندر جي اُونده ختم ڪري آتما کي جاڳائي پرماتما ڏيکاري ٿو. ھي ناڙِي (رستو) مسلسل ذڪر (نام) ڪرڻ سان متحرڪ (Active) ٿئي ٿو. طالبُ خاص آستان ’دَسَم دُوار‘ کولڻ کان پوءِ ھِت پھچي ٿو.
(20) انساني جسم ۾ خاص لطيفَو يا آستان. علم يوڳ/ويدن موجب انسان اندر ڏه دروازا جن مان ھوا يا طاقت جو گذر ٿئي ٿو. 9 جسماني (وات، ٻہ اکيون، ٻہ ڪن، ٻہ نڪ جون ناسون، جاءِ پيشاب ۽ جاءِ ويھڪ) ۽ مَٿي (وارن واري جاءِ) تي ڏھون روحاني در جيڪو ھميشہ بند رھي ٿو؛ ھي در کلڻ سان انسان پاڻُ سُڃاڻي ٿو. مٿس سڀ راز روشن ٿي وڃن ٿا. ۽ مُڪتي/معرفت کي ويجهو ٿئي ٿو.
(21) ڌيان، فڪر (22) گهوڙو
(23) تِرِوَيڻِي يا تِرڪُٽِي: پيشاني تي اکين جي وِچ واري جاءِ، خاص آستان يا لطيفو. ڪَنٺَ ۽ دَسَم دُوار جي وچ وارو آستان. دَسَم دُوَار کان پھرين ترڪُٽِي کلندي آھي ۽ ان جي کُلڻ سان ظلمات جا پردا ھٽندا ويندا آھن، اکيون بند ھوندي سڀ نظر اچڻ جھڙا مشاھدا ٿيندا آھن. نُور پسجي. (24) نُور (25) معجزاتي (26) دِلجاءِ (27) بي جان، نفي ۾ رھڻ (28) بغير خواھش يا مطلب (29) پاڪ پوتر (30) پيدا ڪرڻ جي صلاحيت (31) مرشد (32) رستو (33) جوان (34) توفيق (35) يوڳ مارگ، پاڻ سڃاڻڻ جو رستو (36) جدائي
غزل (102)
مَنجهہ دُنيا جي دورنگ بحرَ عميقَ1،
ڪو تَريو، ٻيا ٿيو وڃن تہ غريقَ2.
لوڀَ3 جِي لَھر، موهَ4 جِي جا وَھَڪ،
سي اُڇت5 گِھِليو وڃن تحقيقَ6.
جي تَرِي تنھن منجهان پَرِيئَن ڀَرِ پِيا،
وَٺ اُنهن سالڪن سندِي تہ طريقَ7.
ڪر تَوڪَل، ٻَڌيج تُرَھو8 سچَ،
بِن ڌڻيءَ جي، جُوٺا سڀيئي رفيقَ9.
وٺج مرشد سچو سُونھُون ڪامل،
پوءِ شفقت ٿئي مٿانءِ شفيقَ10.
ھيءُ ڪَھيو مون سندو ترازي تور،
مَنَ جي مُفتيءَ ڪَنان ڪري تصديقَ.
ٿيءُ سمادان11، ڪر عمل ان تي،
پوءِ حَلُ ٿي وڃن سنداءِ دقيقَ12.
آه سڀ کان ڀلو رکڻ ويساه،
بِن شَرڌا، ملي نہ نِيتِ13 رقيقَ14.
آسَ تُنھنجي اَجائِي ’آسُو‘ ناه،
شُڪر ڪر صبر، ره اندر توفيقَ15.
(1) گھري سمنڊ (2) ٻڏندڙ (3) لالچ (4) لڳاءُ (Attachement) (5) يڪدم (6) بيشڪ (7) واٽ (8) ترڻ جو مَنجو (9) ساٿي (10) مھربان (11) عمل ڪندڙ (12) ذرا ذرا (13) ڇوٽڪاري (14) واٽ (15) رب طرفان رهنمائي، مدد ۽ موافقت
