شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

ضميمو: تصنيف سنه جون رباعيون ۽ ديوانِ آسُو بابت ٻن اُستادن جا ڏنل سرٽيفڪيٽ

رباعيون

 

تصنيف سنه1

1

ھاڻ ھيءُ ’ديوانِ آسُو‘ ٿيو تمام،
واه! وريو ڀاڳ سندو خاص عام،
غور ڪيم دل ۾ ’سَنبت‘ جو سچو،
فيض بخش آه زماني جو جام.
وڪرمي سنبت 1953

 

2

جنھن پڙھيو ’ديوانِ آسُو‘ ڌيان سان،
سو رھي قائم سدا ايمان سان،
جاچَ ’سن ھجريءَ‘ سندِي دل ۾ ڪيم،
غورِ حق مان ڏس سڄو سن شان سان.
1314 ه

 

3

ٿيو تُرت ’ديوانِ آسُو‘ تيار،
پڙهي جن پرُوڙيو، لٿو تن غُبار2،
ڪڍي ’عيسوي سن‘ صفا ڏِس صحي،
حقيقي ذڪرِ عشق، چابڪ بنار.
1897 ع

 

(1) ھي ٽي رباعيون ’ديوانِ آسُو‘ جي تيار ٿيڻ تي صوفي آسورام صاحب جن لکيون. اھو سال وڪرمي، ھجري ۽ عيسوي ڪئلينڊر مطابق ڏنل آھي.   (2) ڌُوڙ مِٽي، ميرائي 

 

سرٽيفڪيٽ (1)1
(مثنوي)

ڏِٺو ’ديوانِ آسُو‘ مون تَپاسَي،
حَرف ھڪ ھڪ ڪري جاچي چڪاسَي.

ڪوِيءَ جا خيال عالي آھن بيشڪ،
بحر، قافيي، وزن جي خُوب ٺَڪ ڦَڪ.

سندس مضمون آھي رُوح رچندڙ،
مِٺو، گهاٽو تِنھان وڌ واه چُڀندڙ.

دنيا جي دَور جا ان ۾ جهَجها پاٺَ،
پڙهڻ جن جَي ڪنان ھَر ھَر ھِرَي ڏاٺَ.

فقيري جا فِڪرَ ۽ منزلون، پَدَ،
ڀليءَ ڀَتِ سان بَتايل لاحدي حَدَ.

رُمُوزن ۾ حلاوت چاشنيءَ سان،
سڙيل سيني جي ٿاڌل ڪاشنيءَ سان.

ڏٺم سنڌ ۾ سنڌي ديوان اڪمل،
مگر صنعت ۾ لاشڪ ايءُ افضل.

جيڪي ستسنگ مان حاصل ايامينۡ2،
پراپت3 جو ٿئي ڪاشيءَ گيا ۾.

اھو ’ديوان آسوءَ‘ ۾ پَڌَر پيو،
مُطالع ڪرڻ سان مون کي نظر پيو.

سندس ڪَويتا ۾ بيشڪ ھوش آھي،
نئين طالب جي لئِہ ڄڻ پوش آھي.

سنڌي الفاظَ چند ۽ چونڊ داخل،
ارٿ4 جن جو ڪري سگهندو نہ غافل.

ڀَيانَڪ5 ۽ رُچَڪ6 توڻي يَٿارٿ7،
وچنَ نِستُونگ8 ۽ نروار با ارٿ.9

اڀياسِي جي ھُجي ھوشيار عاقل،
مطالع ڪرڻ سان ٿئي جلد قابل.

بلاشڪ بي مُلهو ۽ بي بھا آه،
سندس مُلهہ ڪٿڻ لئِہ مونکي سگهت ناه.

اٿم ارمان! جو اھڙو نِوشتو10،
رکيو شاعر ڇِپائي ڇو نِھُفتو11؟

مُطالع مان طراوت12 ٿي ’سھجرام‘،
رسائي فيض بيشڪ خاص ۽ عام.
 

(1) ھي سرٽيفيڪيٽ ماستر سھجرام جو ڏنل آھي. وڌيڪ تفصيل ڪتاب جي ص. 133 تي پڙھندا.  (2) ڏينھن ۾  (3) حاصل  (4) معنيٰ   (5) ڊيڄاريندڙ   (6) مالڪ ڏي موھيندڙ  (7) حقيقت   (8) ٻولَ صاف ظاھر   (9) اصل نسخي ۾ ھِيءَ سِٽ ھن طرح بہ لکيل آھي: وچن ھر ھڪ عجب، ھر ھڪ پدارٿ   (10) لکيو   (11) پوشيدہ، لڪيل   (12) فرحت بخش 

 

سرٽيفڪٽ (2) 1
(مثنوي)

ڏِٺو ’ديوانِ آسُو‘ مون چڪاسَي،
محبَت مان سندس الفاظ جاچَي.

عجب مضمون ان جا پُرزِ مَعنا،
ھئا سي باغ ۾ وحدت جي رَعنا2.

عقيدا ان سندا اسلام جھڙا،
سچي سائينءَ سندَي ميلاپ جھڙا.

امارو نفس جن سان رام ٿو ٿئي،
دُوئي ۽ شِرڪ جن سان دُور ٿو ٿئي.

مصنف تنھن سندو آباد ھوئي شاد،
رھي تا دير قائم ساڻ اولاد.

سبق ’سُلطان‘ سِک صوفيءَ ڪنان تون،
علم ۽ فنَ ۾ جو سَرسُ توکئُون.
 

(1) ھي سرٽيفيڪيٽ محمد سلطان اسڪول ھيڊ ماستر جو ڏنل آھي. ھي صوفي آسومل جو پاڙيسري ۽ دوست ھو.  (2) سھڻا گُل