شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ج‘

غزل (37)

دَرُ وٺي دوست جو، پيو کَپُ1، کِجُ2،
سُڻ سنواريا3! رَڳُن اندر ۾ رِجُ4.

ٿيءُ تَوائِي نہ تون، تُسَي5 ڏي دانُ6،
وس تُنھنجو رکڻ ڌرم، ڌِيرَجُ7.

ھي سڀئي نعمتون ٿيون پيدا،
ڪاڻ تو! چنڊ، ڀُونئِي8 ۽ سُورجُ.

ڪَنبُ ۽ ڪَتِ9، نہ ويھ ويسر ۾،
پاپَ، پُڃ10 جو اڳيان ڪڍن تارِجُ11.

ڪڻڪ پوکي نہ جَوَ لڻي ڪوئي،
ڇَٽ تڏھن نيڪُ، يار! ٻَھڳڻُ12 ٻِجُ.

نفسَ جي پيروي نہ ڪر نادان!
آه کريل، خراب ۽ خارجُ.

دُور ڪر ھيءَ دُوئِي، ٻيائي ٻوڙ،
تا ٿئي سِڌِ13 سڀئي سندءِ ڪارجُ14.

’وحدہٗ لا شريڪ‘15، ’آسُو‘ ڄاڻ،
حق موجود آه نِرمل16، نِجُ.

 

(1) ڏک ارمان (ياد) ۾ ڪڙه   (2) ڳر   (3) پيارا   (4) ڳر، وِگهر   (5) راضي ٿي   (6) نذرانو   (7) صبر   (8) زمين   (9) رب کان ڊڄ ۽ ياد جو چرخو چور   (10) ڏوه ثواب   (11) حساب ڪتاب   (12) چڱين خاصيتن وارو   (13) سرانجام   (14) ڪم   (15) اسلام ۾ ڪلمي شھادت جو ھڪ حصو جنھن جو مطلب آھي: ”ھُو ھڪ آھي، جنھن جو ڪو بہ شريڪ يعني ڀائيوار نہ آھي.“  (16) پاڪ، پوتر

 

غزل (38)

سُڻي شبد سَتگُر جو وَھلُو وَرِيج،1
نہ پُر پار ٻِئي، اِنھيءَ ڳُجهَہ ۾ ڳَرِيج.

کنَي2 کان کڙِي واٽ آھي اڳيان،
سنڀالي سُرتِ3 ساڻ ڪو پَڳُ4 ڀَرِيج.

آھي سَترُو5 تو ساڻ توڏو6 تِکو،
لڳِي سَنگَ کوٽَي سندَي نا کرِيج.

نہ ويھُ ويسرو7، ٿو وِڙھي اوچتو،
انھيءَ اُٺَ جو اُڊڪو8، سدا دِل ڌَرِيج.

ڪُڌا9 توري ڪَرھَي10 ڪئين ڪَيريا،
مَھارُون11 مَيَي12 جون تون قابو ڪَرِيج.

ڇِنِي ڇرڪ سان ويو! ورائڻ ڏکيو!
ڍِلائي ڪري ڪينَ ڍولا13! ڍَرِيج.

چَرِي مَرُ14 چِنگهَي15 چانگهَو16 چار ئي پھرَ،
وِجهي بندگيءَ بار، بودو ڀَرِيج.

لَڙَي لَيڙَو17 لاڻِي18 ڏي لاڙو رکِي،
ڪَشاڪَش19 پيو ڪج، نہ ٿڪجِي ٺَرِيج.

ٻَڌي ستَ20 سندو سندرو جان ۾،
مرڻ کان اڳي مرم اِن ۾ مَرِيج.

تہ تُنھنجو بِلو ڪو بلاشڪ ٿئي،
وِڪارن21 ڪنان ويرُ ٽرڪي ٽَرِيج.

کٽڻهار جو آه ’آسُو‘ ھيءُ ھنڌ،
اُدَم22 ڪر، توڪل جَي تَرھَي23 تَرِيج.

 

(1) مُرشد وٽان اِسم ٻُڌي جلدي وڃي پھچ  (2) تلوار   (3) سمجهہ   (4) قدم   (5) شَترُو: دشمن (نفس)   (6) طاقتور اُٺ. نفس ڏانھن اِشارو    (7) غافل   (8) اُڻ تُڻ، ڳڻتي  (9) خراب، غافل   (10) اُٺَ   (11) واڳون (لغام)   (12) اُٺ   (13) پيارا   (14) گند   (15) رَڙي   (16) اُٺ   (17) اُٺ   (18) رسدار ٻوٽو   (19) ڇڪ ڇڪان، ڇڪتاڻ   (20) سچ    (21) من ۾ ويٺل پنج دشمن: ڪام(خواھش)، ڪروڌ(ڪاوڙ)، لوڀ(لالچ)، اھنڪار(تڪبر) ۽ موه(لاڳاپوAttachment )   (22) ڪوشش   (23) ٻيڙي

 

غزل (39)

چاوَتِ1 وِڃائي، چرخو2 چِتَ چُستَ3 ساڻ چورِج،
سارَي ڀِڙا4، گُهنڊيون5، وَرَ ڀِرمِي6 مڙيئي ڀورِج.

سنتوش7 ۽ صبر سان، ڀيرِجُ8 ڀڳو9 ئي ڀَيرَمُ10،
من ۾ رکِي محبت، جيئن پئي ٽُري تيئن ٽورِج.

ڪاشيءَ وڃين ڪُڄا11 لئِہ ڪعبہ، يروشلم ۾؟
ناھي خدا ٻيو ڪو، اِيءَ ڳالهہ تَڪِ ۽ تورِج.

مذھبَ ۽ ڌرمَ جهيڙو، ھيءَ جاھلِي نِسورِي،
نِھڪام12 ساڻ نِشچَي13 ڪر سُمَرُ14، ڪَسُ15 کي ڪورِج.

مسجد، مڙھِي ۽ ديوَلِ16، سڀ ۾ وسي ٿو صاحبُ،
جنھن ڌرم17 ۾ تون جنمينۡ، اُن ۾ ئي لعل ڏورِج.

وحدت جو وڻج18 وٺ تُون، ڇڏ شِرڪ ۽ شرارت،
ٿاٻا نہ کاءُ ٿوٿا19، گهر تڙ سڀوئي گهورِج.

ڪڍ خيال خود خوديءَ جا، خطرا، خلل، خرابيون،
اَڀِناس20 الک ’آسُو‘، اندر ۾ پوءِ اورِج.
 

(1) ساڙ، بغض   (2) ڪپھہ مان سُٽ ڪتڻ (ڌاڳو ٺاھڻ) جو ھڪ قسم جو ڦيٿو جنھنکي چورڻ (ھلائڻ) سان ڌاڳو تيار ٿئي   (3) چُست چِت: چالاڪ دماغ، پوري ڌيان سان    (4) ڌاڳي ۾ ڪپھہ جون ڳوڙهيون ۽ ڳنڍيون   (5) مُونجهارا   (6) وسوسائي. يعني مالڪ جي ياد، عبادت ۾ جيڪي بہ وسوسائي جا ور وڪڙ يا مونجهارا اچن ٿا، تن کي ڀوري سڌو ڪر   (7) تحمل   (8) ڦيراءِ، ھلاءِ   (9) ڀڳل ٽٽل   (10) چرخو  (11) ڇا   (12) نِشڪام: بنا مطلب يا خواھش   (13) يقين   (14) ڌڻيءَ جو نالو جَپَڻ. يعني بنا ڪنھن مُراد جي پوري ويساه سان مالڪ جو ذڪر ڪر   (15) ميل ميراڻ   (16) عيسائين جي عبادگاه   (17) مذھب    (18) واپار   (19) رُلڻ   (20) اَويناش: نہ ختم ٿيندڙ   

 

غزل (40)1

پتنگَ2 جيئن پاڻُ مچَ پرينءَ پَچائج،
پُڄاڻا3 اُن، سچو عاشق سڏائج.

سَٺِي ٿئي ڪينَ توکان، سِرَ سندِي سَٽ،
مفت موڳا! ڪَلنڪ4 منَ کي نہ لائج.

آھي اوکو، اڙانگو عشق جو پنڌُ،
مکڻ جي سِيخ5 وانگي تَنُ تپائج.


ٿئي ڪنھن وير بي شُڪري بدن ۾،
تہ پاڻان ھِيڻَ ڏي لاڙو لَکائج6.

وري ڪنھن وقت بي صبري ڪري مَنُ،
نظرَ پاڻان وڏي دڳ ڏي ھلائج.

ڏَسيان7 ٿو ڏَسُ: نہ ڏِسُ ڪھڙي بہ ڏِسَ8 کي،
’ذڪر ذاتيءَ‘9 سان منُ، سُرتِي10 مِلائج.

نَفِي توڻي خَفِي، سِرِي ۽ رُوحِي،11
انهن ۾ محِوُ12 ٿي، ٻِي ڇِڪَ ڇڏائج.

تڏھن ڪو سوجهرو تو ۾ ٿئي مسَ،
ھِيُون ڪامل گرُوءَ سان گڏ گڏائج.

ڪئين نفسي اُٿن ٿا تَرَنگ13، جهڳڙا،
انهن کي حُب حقيقي سان ھَٽائج.

چڱائي ۽ چَگهائي14 ناه وس تو،
ادب  رک، پاڻ ڏي سڀ ڏوه ڀائج.

حَڪايَتِ حال15 مان لِکجي شڪايت،
خدا جي خوفَ ’آسُو‘ منُ ڪنبائج16.
 

(1) ھي غزل اڳين ڇاپي مان ورتل آھي   (2) ھڪ جيت، جيڪو شمع / روشني جو ديوانو ھوندو آھي ۽ ان ڏانھن وڃي پاڻُ جلائي ويھندو آھي    (3) بعد    (4) داغ    (5) مکڻ لڳل شِيخَ تپائڻ يعني گهڻي تڪليف سان جفاڪشي ڪرڻ   (6) ڏيکار    (7) ٻُڌايان   (8) واٽ، طرف   (9) ستگر/مرشد طرفان ٻُڌايل ذڪر (نام) ۽ ان جو طريقو   (10) ڌيان، فڪر   (11) اڳيان سڀ تصوف ۾ ذڪر ڪرڻ (نام جپڻ) جا طريقا، جيڪي مرشد (گُرُو) مختلف منزلن تي طالب کي سمجهائيندو آھي   (12) گُم، مليل   (13) ڦوٽا (بُلبُلا) يعني خيال   (14) بُرائي   (15) پنھنجي حال جو بيان ڪرڻ، اندر جو احوال ٻُڌائڻ   (16) ڏڪاءِ، ڊيڄار