شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ڊ‘

غزل (63)

سو اُداسِي1 ناه، جو کائي ڪَڻاه پَرشاد2، کنڊُ،
سو مُلون ناھي، پِنَي جو پيٽُ پارڻ لاءِ وَنڊُ.

ناه سو جوڳي، جھين کي ڪَلَ نہ ڪِريا3، جوڳَ4 جِي،
ڪَنَ ڪڙولا5، سِر جٽا6، تُريون وڄائي ناد ڏَنڊُ.

ناه ويراڳي، جھين ۾ واسُ7 نا ويراڳ8 جو،
جو ڏِسَي تيرٿ، ڪري جَي سَير سارو ڀَرت کنڊُ.

ناه سو عالم ۽ عابد، جَي وِديا9 ۾ ھوءِ وِيرُ10،
قُوتَ11 ڪارڻ ٿو ڪري: تعويذ، ڦيڻُو، جهاڙَ، منڊُ.

پِير چئجي ڪِينَ، جو پَندار12 جي پوشاڪ سان،
خادمن سان ھُئي کڙو، وڄندو ھلي گهڙيال گهنڊُ.

فِڪر13 ۽ فاقو14 ڇڏي، سو چئو نہ ساڌو يا فقير،
دَرُ ڇڏي دلبر جو، دَر دَر تي پِنَي ٿي ڀُوڪُ15 ڀَنڊُ16.

ناس17 سَنسَن18 کي نہ ڪن، سي پڻ سناسي ڪِيمَ ڄاڻ،
رات ڏينھن جن جو رھي ٿو، مَنُ ٻيائيءَ ۾ اَھنڊُ19.

ڪي قبر کي ٿا پوڄائين، ڪي صلب20 ڏي سَرُ رکن،
ڪي اَگن21 ۽ ڪي جَلَ22 کي، ڪي پوڄين ٿا سُورِ23، چنڊُ.

پَھَڻ24 جِي مُورت بنايو، پُوڄ ۾ ڪي نِت رھن،
تنھن ڪنان بھتر اچي جڳ کي، ڪَتب جانڊاهِ25 جنڊُ.

بَيکدارن26 جو ڏِسان چرچو، سنئون رستو ڇڏي،
ڌرم مذھب ۾ وجهن ٿا، ھڪ ٻين منجهہ کار کنڊُ.

بَيکُ27 پھريو ڀِرمَ28، پاکنڊ29 ۾ ڀُلائين جڳٽ کي،
تن مٿي ڪلتار جو قھري، بلاشڪ آه ڏنڊُ.

بَيکَ سان تُنھنجو نہ ڪمُ، صاحبُ صفائي ساڻ سوچ!
پِنڊ30 ۾ ڏس، ڪيئن نہ ماپيو آه سارو برھمنڊُ31!

ڏيئِي اوجاڳا اکين کي، پاڻ ۾ ’آسُو‘ پَسِيج،
جوتِ32 جاڳي ٿي جُڳانۡ جُڳ33، آه اندر ۾ اکنڊُ34.
 

(1) سِک مت سان تعلق رکندڙ ساڌُو. تياڳِي يعني تارڪ فقير   (2) ڪڻڪي مٺو سِيرو   (3) عمل   (4) تَپسيا، رياضت   (5) ڪَنگَڻ   (6) وٽيل، ٻَڌل وارَ (مٿي جا)   (7) خوشبوءِ   (8) دنيا کي ترڪ، عشق   (9) علم   (10) ھوشيار   (11) روزِي روٽي   (12) وڏائي  (13) اُونهون خيال، گھرو ويچار، ڌيان  (14) بُک اڃ  (15) بيوقوف  (16) ڳائي وڄائي خيرات وٺندڙ  (17) ختم   (18) وسوسن   (19) ڏِنگو، ويڙھاڪ   (20) ڦاسيءَ جو ڪاٺ (عيسائين جي خاص نشاني، ڪِراس)  (21) باه  (22) پاڻي  (23) سج   (24) پٿر   (25) وڏِي چَڪي   (26) ويس پائيندڙن: ڏيکاءُ ڪندڙ  (27) فقيراڻو لباس   (28) وھم   (29) ڍونگ   (30) پاڻ، انسان   (31) ڪائنات   (32) روشني، نُور   (33) عرصي يا اصُل کان   (34) اڻ ٽٽل، لافاني، سڄو، سالم   

 

غزل (64)

وقت تُنھنجو گهڻو وڃايو ننڊَ،
سمجهہ رک! سڀ نِيَو1 اجايو ننڊَ.

ھيءَ اَڀاڳائيءَ جي نشاني ڄاڻ،
آه شيطانَ شِر جو پايو ننڊ.

ڪيترن سُورمن سندِي ساڃھِ،
عقل، مَتِ، ھوش سڀ گُمايو ننڊَ.

سَنت، ساڌُو، سُگهڙ ڪنان سُمرَڻ2،
ھن ڀُلي ڀيرَ3 سان ڀُلايو ننڊَ.

ڪيئن مڇيءَ وات ۾ ويو يونس؟
ھيءُ سڀئي ڪار ڪم ڪرايو ننڊَ.

سيج تي سُک سُتِي ھُئي سَسُئِي،
ڏِس تہ رَندن4 ۾ ڪيئن رُلايو ننڊَ.

ڪاڻ راڻَي، نہ اَونَ ڪئي مومل،
ماڳ محلات ۾ مُنجهايو ننڊَ.

جنگ جوڌا، جبر، سناسي، سِڌَ،
ٿيا اَسارا5، تِنِهين سَنگايو6 ننڊَ.

دِين، دُنيا سندو نفعو ناھي،
سڀ ڪنان پوئتي رھايو ننڊَ.

ڪئين غافل رھيا، ڏٺم پنڌَ ۾،
ڪم نہ ڪنھنجو ڪيو سجايو ننڊَ.

جاڳُ! جڳدِيس7 کي جپج ’آسُو‘،
ڇڏ نڀاڳي نِڌر جو رايو ننڊَ.

 

(1) کنيو   (2) ڌڻيءَ جو نالو جَپڻ   (3) چڪر   (4) رستن   (5) غافل   (6) ڊڄ ۽ ڳڻتيءَ ۾ وڌو   (7) جھان جي مالڪ