رديف ’ح‘
غزل (51)
پاڻ ڏاھو جَي ھُجِين! وٺ نيڪ ڪنھن ٻئي کان صلاح،
ڇو تہ ڪم پورو ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو ڌاران صلاح.
پار اُڪرڻ جو پيو پسُ پُرجهُہ1، آھي پنڌ تو،
پاتڻِيءَ2 کي سڏ ڪرين، سِيڻھَ3 نہ ڇڏ ھٿ مان صلاح.
ھڪ ڪَپرُ4، ٻيو ڪُنَ5 جا ڪڙڪا، ٽيون ڪچايون ڪيتريون،
سِيرَ سالِم جانۡ لنگهڻ، کڻ سَنڍُ6 سچ جو تان صلاح.
لھر ليٽايا لکين ٻيڙا، اڃان پيو اوجهرين!
سُمهج نہ سُک ٿي، ھُت پون ٿا ھُلَ ۽ ھانگاما صلاح.
جوپُ7 رک ڳنُ، ونجهُہ8، اولا9، سِڙُه10، رَسا، کُوھو11، سُکان12،
تَڙ رَساڻِي13 سو سُونھۡون کڻ، تار اُونهي تان صلاح.
ڀئُہ نہ ڀولو آه ’آسُو‘، جن ڀڄن ڀڳوان ڪيو،
ڪِينَ ٻُڏنديون ھڏ ڪڏھن، جن جي تہ ساھَڙَ14 سان صلاح.
(1) خبر، ڄاڻ (2) پار اڪاريندڙ (3) تَرڻ جي کلِي (4) ڪنارو (5) درياءَ وچ ۾ پاڻيءَ ۾ ڦيرو، چڪر (6) ترڻ جو اوزار، ٻڪري جي ڦوڪيل کل جيڪا ترڻ ۾ ڪم اچي (7) مضبوط (8) بانس جي لٺ (9) ٻيڙيءَ جا ڳن (10) ٻيڙِيءَ جو واءَ جهليندڙ ڪپڙو (11) ٻيڙيءَ جو سيخلو؛ جنھن ۾ اَڏ ٻڌجي (12) منڍ، طرف واري جاءِ (13) پار پھچائڻ وارو (14) سُھڻي جي محبوب جو نالو (ميھار). يعنيٰ محبوب
غزل (52)
سڳورا ڌڻي! مون مَديُون1 ڪر مُباح2،
ٻَڌي ھٿ، پِنان ٿو دعا سَنجهہ صُباح.
تون مالڪ ۽ خالق ۽ رازق، رحيم،
خطا بخش حافظَ! ديالُو! فتاح!
نِٻَلُ3، ناتَوانُ4 آئون ضعيف و نَحِيف5،
تُنھنجي ڪرمَ رِي لطفَ، ناھيم سلاح6.
بندو ۽ گندو آھيان تو ئي سندو،
فضل رِي نہ تُنھنجَي ٿئي مون فلاح7.
نہ حيلو وسيلو ٻيو مون رھيو،
فقط مِھر تُنھنجي جو آھيم نجاح8.
اٿم آس ۽ پياس پروردگار!
پيان پُر پريمي تنھنجو جامِ راح9.
اُڪارج ڀُتِي10 ٻيڙي ’آسُوءَ‘ سندي،
پنھنجي ٻاجهہ ڪر! ٻيو نہ گهُرجي ملاح.
(1) بڇڙايون، گنهگاريون (2) معاف (3) ڪمزور (4) بي طاقت (5) نازڪ (6) ھٿيار (7) ڇوٽڪارو (8) اِحتياج، گهرج (9) شراب جو پيالو (10) ڪمزور، جڏي
