رديف ’ڙ‘
غزل (74)
مُنڍ کان پنھنجي ٻَنِيءَ جي ڪر صفائي، جهنگُ جهاڙ1،
ڪانھَ، ڪنڊا، ڪِرڙَ، ڪانڊيرا 2 ڪڍي گُڏَ3، ڪُھَڙَ4 ساڙ.
ڪوڏريُون، پاھوڙيُون، ڏانداريُون5 پئُہ سڀ کڻي،
ڀڃ دڙا، دِڪيون ۽ تودا6، سُندرِي7 ڌرتي مَناڙ8.
ڪڍ ڪَلر9 ان ڀُونءِ10 مان کُرڙَي، ڀنجهُوءَ11 چِيڪي ڀرينس،
پوک وارن جي وَچنَ12 ڪر پيروي، پنھنجي نہ ناڙ.
ٻَڌ ٻَنان، ٻاريُون، اَڏُون سڀ ٺاه پِڙ پَرھو13 کڻي،
نار چاڙھي ڪر وَھُو14 قابو، ھَلٽُ15 ھارِي! سلهاڙ16.
رَيجُ17، روڻِي18 ري شَڪي ڪر، حُب سندا ٽي ڏينس ھَرَ،
ٻج چڱائيءَ جو ڇٽج، ٿي ھڪ چِتَو ۽ ھڪ مُھاڙ.
رات ڏينھن ساندهِ19 ڏجنۡئِي، پاڻي سچيءَ سِڪ جو صحي،
ڀَيلَ20 کان پنھنجن سَلن21 کي وِجهہ وڏِي چوطرف واڙَ22.
وِجهہ پَيھَو23، اَنُ سنگ ۾ پيو جهار، جهِرڪي ٿي سُجهئي،
کڻ گهٻَڻ24، کانڀاڻِي25 ھٿ ۾، ڪر ھَڪل ۽ ھَؤڙ، راڙ.
سنگ پڪا ڪر ڍِڳَ لُڻي، ٻَڌ ھَلَر26 ھاري! ھوشوَر،
وائُرَي27 اَنُ صاف سوگهو ڪر، نہ بيھودو28 وِلاڙ29.
پنڌ ھُنَ ڀَر ڏي پُرڻ جو، پيو مٿي آھي ضرور،
کِن30 ڪمايَئي جو ثمر، سُجهنديئي پھچائي پراڙ.
مُند ’آسُو‘ ھيءَ اٿيئي، پوک تان ڪي ڦل لھين،
ھيءُ اَمولڪ31 جنم پنھنجو، مفت مُوڙھا نا بگاڙ.
(1) صاف ڪر (2) اڳيان سڀ ڪنڊيدار وڻ، ٻوٽا (3) نڪمو گاه (4) ڪک ڪھڄر (5) اڳيان ٽئي پوک لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزار (6) مٽيءَ جا ڍڳ (7) سُھڻي (8) ڦولار (9) کاري مٽي جو تھہ (10) زمين (11) سُڪِي مِٽي (12) چوڻ جي (13) پري (14) ڍڳو (15) نار جو جملي سامان (16) گَڏ ٻَڌ (17) آلاڻِ (18) ھلڪو پاڻي (19) لاڳيتو (20) جانورن جي کاڌ ۽ لتاڙ (21) ننڍڙن ٻوٽڙن (22) لوڙھو (23) جهار ھڪلڻ لاءِ ٺھيل ننڍڙو مَنَھہ، جنھن سان پکين کي سنگَ تي ويھڻ ۽ داڻن کائڻ کان روڪجي (24) پکين کي ھڪلڻ جو ھيلو (25) پکين کي ھڪلڻ جو ھيلو (26) ڳاه ڳاھڻ، گهڻي ھل چل، لتاڙ (27) ھوا جي مدد سان صاف ڪرڻ (28) اجايو (29) ڊوڙ (30) پَل، وقت: لمحي ۾ (31) امُلهہ، قيمتي
غزل (75)
جَي ھُجين ٻَلوانُ1 ۽ ھوشيار، ڀَڙُ!
آه ھيٺاھِينءَ ھلڻ سينگار وَڙُ2.
ڏس ھَڄِي3 ھَٺَ4 ۾ ويو راوَڻ5 ۽ ڪنس6،
ناس7 ٿي تن جو ويو سڀ ٺڪر ٺَڙُ.
دم ھَنيو فرعون ۽ نَمرُود ٿَي،
ويو سندن گُم ٿي سمورو گهر ۽ تَڙُ.
کانڌِ8، نئڙت آه کستُورِي9 کڙي،
ھَٺُ وڏائي آڳ، تنھن ۾ ڪينَ سَڙُ.
طوق10 لعنت جو تڪَبرَ تي پوي،
ڀڄ بُرَي بُڇڙَي ڪنان، اُن ۾ نہ اَڙُ.
نيڪناميءَ وارو جڳ ۾ ڪينَ مُئو،
ڌار ٿيو بدنام، جو کئُون سسيءَ ڌَڙُ.
ھل خدائي حڪم تي ڇوڙي دُوَيش11،
ڇو وڃين پوڄين قبر ۽ پِپر، بَڙُ؟
ڪر صفائي دل سندِي، صاحبُ سڃاڻ،
پار پُھچائي نٿو پِيرن جو پَڙُ.
مُڙس ٿي ’آسُو‘، ادا! ھيءُ جِيت مَنُ،
لوڪَ وانگي ھڪ ٻين ۾ ڪين لَڙُ.
(1) طاقتور (2) لڇڻ (3) عذاب ۾ اچي (4) وڏائي (5) ظالم راجا جنھن شري رام چندر سان جنگ ڪئي. (6) ظالم راجا جنھن شري ڪرشن سان جنگ ڪئي (7) تباه (8) صبر (9) خوشبودار مُشڪ (10) ڳٽ (11) ٻيائي
غزل (76)1
مَنَ مَيي2 مُنھن ٻَڌم مُگهٽُ3 ۽ موڙَ،
مانَ سُھڻو ٿئي جيڏَن جي جوڙَ.
ڳھَہ4 ڳچيءَ، زير گاديون، جهُلَ جهاٻَ5،
کِيَڻ6، پوشاڪ خاص ٿيا چِٽَ چوڙَ.
ھي ڪَرم ڪانڊَ ۽ شريعت7 ڪم،
پر سَنئين واٽ کان ڏٺم مُنھن موڙَ.
ڪم ’طريقت گيان‘8 جو ورتم،
نينھن ناڪيل نَٿ ھَنيُم نَڪ نوڙَ.
پَنِيدَ9 پائي پريت جا قابو،
وِرهَ10، ويراڳَ11 ساڻ ڪيم وِلوڙَ.
مُحب ري جي نِھاري ٻئي پاسي،
خوب شَبدِي اُڇت ڏنيَم جا کوڙَ.
بُک بَڇيمانس، اُڃ بره باري،
گهٽ چَرَي ۽ چَنگهَي چڙي منجهہ چوڙَ.
حال ھھڙي، گرُوءَ جي ٻَل تي،
وقت بي وقت پئِي پويس پتوڙَ.
جي خرابيون، خمار ۽ خاميون،
سُرت شبدي12 ميلاپ سان ٿي روڙَ.
حق حقيقت ويچار سان ويٺس،
پر ڊڄان پيو اڃا انھيءَ جي ڊوڙَ.
ناه وچ ۾ وھيان! ويھڻ ’آسُو‘،
تاڻ طالبَ! ڄمار تائين توڙَ.
(1) ھي غزل اڳين ڇاپي مان ورتل آھي (2) اُٺ (نفس) (3) گهوٽ جي مٿي جو تاج (4) زيور (5) سينگار لاءِ جهاٻَ (لغام) تي ڀرت ڀريل ڪپڙو (6) طعام (7) مذھب جا اصول/قاعدا (8) مرشد جي پيروي جو علم (9) ڏانوڻ (10) وڇوڙي، عشق ۾ تڙپڻ (11) عشق جي زور ۾ دنيا ڀُلائي ترڪ ڪرڻ (12) ذڪر ۽ فڪر (پوري ڌيان)
