رديف ’ص‘
غزل (87)
آه منھنجَي مَنَ مِٺلَ! تارِي1، طلبَ ۽ تات2 خاص،
رِي ڳُڻن، ٻي ڳالهہ تُنھنجي وائِي ناھي وات خاص.
ڪي مَڱن مايا3 جا سُک، ڪي سَرڳ4 جا، ڪي مُڳَتِ5 کي،
مون کي تُنھنجي دِيدَ6 جي آھي، بلاشڪ بات خاص.
ٿو گهُرين تِن کي: ويا سڀ وِگهنَ7 وَرَ8 وِسري وڳي،
جن کي آھي تون تُوھين، لئُون لئُون منجهان ران لات خاص.
ڏِيپ مالا ڪِي قَدَر جِي، رَئِن کي ڄاڻَن شريف،
سا سڳورِي ليکيان، سِمريو سڄڻَ جنھن رات خاص.9
مال ميوا، جنم مانِک10، جنھن ڏئي رَکيا11 رکي،
تنھن سندِي ٻانهَپ ڪرڻ ۾، منَ! نہ پوَئِي مرجات12 خاص.
ڪي پَڏن پِيڙھيءَ ۽ اَڊ13 تي، سي پون پاڻي کان پوءِ،
ٿئي چڱَي ڪرتُوت تي، ڏاتار جي ڏِس ڏات خاص.
جي نہ پڄئي تَرڪُ! تان ره منجهہ پرِوَرتيءَ14 گِرَست15،
پر پڪو ٺھراءُ ڪر، جاڳِي جپڻ پرڀات خاص.
جا جَپَي جڳدِيسَ16 کي ٿِي؛ مَحِوُ17 معنى ۾ مِلِي،
آه ’آسُو‘ سا اُتم18، سڀ کان ڀَليري ذات خاص.
(1، 2) سِڪ، يادگيري (3) اڻ ھوند جو ڏيک، دنيا (4) جنت (5) ڇوٽڪاري (6) نگاه (7) رڪاوٽون (8) چڪر (9) ڏِيپ مالا: دِيپ مالا يعني ڏيئن جي قطار. ڏياري ۾ بہ ڏيئا ٻاربا آھن تہ شبِ برات تي بہ اڳي ڏيئا ٻاري خوشي ڪندا ھئا ۽ عبادت جي رات. قَدَر: اسلامي مھيني رمضان جي آخري ڏھَي ۾ ايندڙ ھڪ اھم ۽ گهڻي عبادت واري رات. رئن: رات. شريف: اُتم، وڏي رُتبي وارو. سڳورو: افضل، ڀلارو، اعليٰ. سِمرڻ: ياد ڪرڻ.
يعني: ماڻهو ڏياري يا شبِ برات توڙي قَدَر جي رات کي تمام اعليٰ، اُتم ٿا سمجهن مگر مُنھنجي لاءِ اھا رات وڌيڪ افضل ۽ ڀلاري آھي جنھن رات منھنجي محبوب مونکي ياد ڪيو. (10) انساني (11) حفاظت (12) شرم (13) نسل (14) وھنوار، پالنا (15) دنياداري، گهرُو انتظام (16) اِيشور (17) مليل، گُم ٿي (18) اعليٰ
غزل (88)
ڪَسِوَٽِيءَ1 زرَ نہ آه ڀَئُہ خالص،
پر رُپَي2 کي بہ ڊپ نہ تَئُہ خالص.
مَنِک3 ڪُوڙن ڪروڙ کان بھتر،
سچ، سُپَتِ4 ۽ سچارَ سَئُہ خالص.
ھيءُ سنڌي ۾ پھاڪو پس پڌرو،5
ڀاڀڙو، مَينھن جهلي ٿي ڍَءُ 6 خالص.
لاک7 جي سيرَ کان وڌيڪ چڱي،
ڄاڻ تون ھيڪ پاءُ ڄَئُہ8 خالص.
ماءُ ساراه سان نہ پُٽ سُڌريل،
جڳ جنھن کي ٿو چوي، تہ چَئُہ خالص.
ڪنھن نہ ڪنھن وير ٿو لڳي رءِ9 رنگ،
ساڌ سَنتن اڳيان، تون نَئُہ10 خالص.
ليپ11 دنيا ڪنان وٺڻ پاسو،
ڪر سدائين پيو تہ ڪَئُہ12 خالص.
پوءِ تُنھنجو ٿئي ڪو نِيتارو13،
مَنَ مُٺَي14 جو ڀڃيج مَئُہ خالص.
ھاڻ ’آسُو‘ ٻيون ڪٿائون15 ڇڏ،
پرينءَ جي پير پنڌ پَئُہ خالص.
(1) سون (زر) پرکڻ جو ڪارو پٿر (جو) (2) چاندي (3) ماڻهن (4) سچائي وارا (5) اڳين ڇاپي ۾ ھن سٽ کي ڦيرائي ھيئن لکيو ويو: ”ڪنڌ نئڙاءِ ھوريان ھلجي“ (6) ڀاڀڙو: جين ڌرم جي ذات؛ جنھن کي ڪيترو بہ ناڻو ھجي تہ بہ خبر ڪا نہ پَوينِ. مينھن کي بہ ڪيترو پاڻي پيارجي تہ بہ خبر ڪا نہ پوي. يعني ڍءُ جهلڻ بہ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالهہ ناھي (7) ٻٻر مان نڪتل ڳاڙھي رس (8) ڳاڙھو کئونر (9) بيشڪ (10) نِم، ڪنڌ جهڪاءِ (11) ليپو (12) ڊَپُ (13) ڇوٽڪارو (14) ڦاٿل (15) ڪھاڻيون
