رديف ’ن‘
غزل (130)
پنھنجَي تہ مِٺل يارَ کي دلدارُ چوان ڇو نہ؟
ھر ويل ۾ ھمراهُ سڄڻ يارُ چوان ڇو نہ؟
ڏينھن رات ۾ رکپال1، ڍڪي عيبَ بَھِر باب2،
ڏاتار سو ستَارُ3، وفادارُ چوان ڇو نہ؟
زنجيرَ زُلفَ يارَ جا، ڪنھن سان نہ ڏيان ڀيٽَ،
سي وارَ گُهنڊِيدارَ، وِسھَر4 مارُ چوان ڇو نہ؟
مِحراب5 ڀِرُون يارَ سندا، قوسَ6 مِثل ڏِس،
يا سيف7 يا خنجر بہ جوھردارُ8 چوان ڇو نہ؟
اِھي عينَ9 ٻئي نين، عُشاقن جي دلين ڪاڻ،
يا تِير تُفنگِي10 يا مھاڄارُ چوان ڇو نہ؟
دندان11 اڳيان دُرَ12 عَدَن13 جا بہ لڄايا،
جادُوءِ ڪمر مُوءِ14 کي تڪرارُ چوان ڇو نہ؟
ياقُوتُ15 لبِ لعل16 آھي قُوتُ17 سندو رُوحَ،
سچُ، آب حياتِيءَ جو رُخسارُ18 چوان ڇو نہ؟
رُخَ19 نُور دِلارامَ20 تجَلِي جي اڳيان تُرت،
ھي شمس21، کِوَڻ، ماهُ22 شرمسارُ چوان ڇو نہ؟
جنھن کي نہ عشقِ يار لڳِي تارَ اندر تَنَ،
بُوزانُ23، بي ايمانُ سو نِروارُ24 چوان ڇو نہ؟
’آسُو‘ جو ڏيَئِي عشق سڄڻ چوٽ سِريءَ جي،
مشتاق سو سچيار ۽ اظھارُ چوان ڇو نہ؟
(1) نگھبان (2) ھر قسم جا (3) ڍڪيندڙ (4) نانگ (5) ڪمان (6) ڪمان (7) تلوار (8) خوبين ڀريل تلوار (9) اکيون (10) تير يا سُئي ھلائڻ وارو اوزار (11) ڏندن (12) موتي (13) جنت. باغ بھشت جتي آدمؑ کي رکيو ويو (14) وار، خمار، مستي (15) چمڪندڙ ڳاڙھي رنگ جو موتي (16) لعل وانگر ڳاڙھا چپ (17) خوراڪ (18) ڳل (19) مُنھن (20) محبوب (21) سج (22) چنڊ (23) صفا چريو (24) ظاھر
غزل (131)
اکين ۾ سڄڻ جي ڪجلُ ٿو ڏِسان،
تڏھن مُنھن مقابل اجلُ1 ٿو ڏِسان.
رکين سِر جو سانگو، تہ ڀڄ ٿيءُ پَري،
پرينءَ وٽ رڳو ئي قتلُ ٿو ڏِسان.
ناھي ڪَھل2 ڪا ماھِرُويُن3 اندر،
دليون سخت تن جون، جبلُ ٿو ڏِسان.
مَ ڪر ڀروسو مِلِڪ4 ۽ مال تي،
دورنگي دنيا ھيڪ پلُ ٿو ڏِسان.
ويو ڀائرن مان لڏي قرب ميٺِ،
اڃا دوستن ۾ ڪو لَلُ5 ٿو ڏِسان.
سچا دوست آھن ادا! ڪي قَلِيلَ6،
ٻين جي اندر ۾ تہ ڇَلُ7 ٿو ڏِسان.
پري پاڻُ ڪر، گوشو8 آھي چڱو،
دنيا کي مَڪرَ سان ڀريلُ ٿو ڏِسان.
چُرن ڪِينَ ڊامڻَ ادا! ھڏ اُھي،
ڪرم ۾ جنهين جي آئون ڪَلُ ٿو ڏِسان.
اڱڻ تُنھنجي ’آسُو‘ اچي ڪيئن سڄڻُ؟
اڃا تو اندر ۾ خَللُ9 ٿو ڏِسان.
(1) تمام شاندار يا روشن (2) رحم (3) محبوبن (4) ملڪيت (5) حال (6) تمام گهٽ (7) دوکو (8) پاسو (9) اڻوڻت
غزل (132)
آئين ڪري اصل کان وعدو سچو وَچنُ،
ويٺين وِساري سو ئي مايا1 ۾ ٿي مَنگهَنُ.
آجِيوِڪا2 ڪٽنب کان، واڌو پتوڙي پاڻُ،
ميڙڻ لڳين مسافر! ڌنڌو ڌِيائَي3 ڌَنُ.
توکان وڏا ويا جيئن، تون پڻ وڃين اُئين،
ڇوڙي ڇڏي نہ ھرگز، سرڪار جو سَمنُ4.
کائڻ، پيئڻ ۽ پھرڻ، آرام، ڀوڳُ5 ھي،
خالص پَسُن6 سندا ڪم، مَنُشَن7 مٿي ڀَڄَنُ8.
ڏينھن رات جي گهُرن ٿا، تَنَ پَروَرِي9 اَناج،
سي ڌرمراءِ10 اڳيان ڏيندا ضرور ڏَنُ.
ڄاتئِي نہ ڄاڻَ سان ڪِي ڄيرَي11 سندِي ڄَراٽَ12،
چريا! سندو چوراسيءَ13 ڀيري14 وِڌوءِ ڀَنُ15.
اشرف ٿئين خلق تي، سُڌ ٻُڌ مليَئي صحيح،
افسوس! منُ نہ ماريَئي، ٿيو آھين پِيرسَنُ.
تون پاڻ ڪير آھين؟ ڪِٿ نيٺ ٺام16 تو؟
ٻوڙا ٻُڌيج! گَت مَت17 تڪرار ڏيئي تَنُ.
برتن ڪئين مٽيءَ مان، نالا جدا مٿن،
پر واسِتَوَ18 ڪري ڏس، سڀ ھيڪ خاڪ کنُ19.
ھڪ سون مان، نرالا زيور تيار ٿيَن،
سو پڻ مثال مٿيون، سُڻ ڏيئي ھوش ڪَنُ.
جيئن وَرَنُ20؛ بحرَ، درياهَ منجهہ مينگهہ21، کوهَ، کَڏَ،
ڪانَي، ڪماندَ، گُلَ ۾، آھي سو ھڪ وَرَنُ.
پُتلو پنجن تَتن22 جو بيشڪ بنيو آھين،
اُن ۾ پساه پيَڙو، سو جِيوُ23 سو پَوَنُ24.
پر جِيوَ ۾ سراسر ڏِس ايشور رَميو25،
جو ٿو ڪري، ڪرائي سمجهج اھو جتَنُ26.
’جوتِي سَرُوپ‘27 جاڳِي پَسُ پاڻ ۾ نہ فرق،
ڏِس ’چمتڪار چيتن‘28، بنيو رھيو چمنُ.
’آسُو‘ تون پاڻ آھين ساکِي29 سَرُوپ30 جو،
ھِن پَرِ31 پَرُوڙَ، ڄاڻي ڪو ساڌ سَنت جَنُ32.
(1) دنيا (2) پيٽ گذر (3) سمجهي (4) سڏ (5) کاڌو (6) جانورن (7) انسانن (8) عبادت (9) جسم پالڻ لاءِ (10) عدل ۽ انصاف واري (رب) (11) باه (12) تپش (13) لک چوراسي جوڻيون (مخلوقن جا قسم) آھن. ماڻهو مرڻ کان پوءِ عملن آڌار ٻي ڪنھن جوڻ ۾ جنم وٺي ٿو. وڏي قسمت سان انساني جنم ملي ٿو ۽ ان ۾ ئي موڪش (معرفت) ماڻي جنم مرڻ کان آزاد ٿي سگهجي ٿو. (14) ڦيرائي (15) مصيبت (16) منزل (17) غور ويچار (18) حقيقي شيءِ (19) ڀور (20) پاڻي (21) برسات (22) زمين، پاڻي، باه، ھوا ۽ خال يا آسمان (23) روح، جاندار (24) ھوا (25) سمايو (26) حيلو (27) روشن صورت (28) قدرت جو کيلُ (29) گواه (30) صورت (31) دستور جي (32) ماڻهو
غزل (133)
عاشقن حال ٿيا سدا مسڪِينَ،
طالبُو ڪينَ ٿيا دُنِيءَ تمڪِينَ1.
بِھشت، دوزخ ڪنان ڪري پاسو،
يارَ ديدار جِي وڄائين بِينَ.
آه جڳ کان نيارو تن مذھب،
ڪين اٽڪن اندر ڌرم ۽ دِينَ.
تيئن رھن يار ساڻ ھمدم2 ھو،
جيئن درياه ۾ رھي ٿي مِينَ3.
خاڪ جي، راند جي، نہ ان جي رھي،
دل اڙِي، سا پَلِي رھي ٿي ڪِينَ.
بي بھا4، بي بيان بيشڪ سي،
ڪِينَ ۾ پيا، مڪان تن جو ڪِينَ.
اِسم ۾ قِسم جسم حل ٿي ويُن،
سي ھميشہ حيات رھن مُبِينَ5.
معرفت6 ۾ پَسن اُھي ھَمَہ اوستِ7،
لِڪَ لڪن ڪين روم، ھند، سنڌ، چِينَ.
نظر تن ڪيميا8، نِھارڻ سان،
لوهَ، ٽامي کي سونُ ڪن ٿا ٽِينَ.
پر اُتم9 سَنگ سندن اٿئي اھڙو،
دل جيارين صاف مُئل مَلِينَ10.
اِسم ’آسُو‘ اَلاءِ ’اَلاھُو‘،
واه! صوفيءَ سندِي سچِي تَلقِينَ11.
(1) عزت (2) ھر دم گڏ (3) مڇي (4) امُلهہ (5) ظاھر (6) تصوف جي چوٿين منزل؛ سڀ شيءِ ۾ الله جو مظهر ڏسڻ، مظهر ۾ مولا ڏسڻ (7) سڀ اھو (خدا) آھي (8) زر سازي (9) اعليٰ (10) گَندي (11) خدائي رستو ٻڌائڻ
غزل (134)
ھيءُ سوزُ1 دل جو اوريُم عجِيبَن،
پروانہ ڪيائون گولن2 غرِيبَن.
وِڙلاپَ3، رِيھُون ڪيَڙم گهڻيريون،
ڪو قِياس ڪونهي نِرمل نجِيبَن4.
ھِن ڦَٽ فِراقي5 آرام نِيَڙو،
نا ترس دل ۾ پيَڙو مُنِيبَن6.
ھڪڙو نہ آئون، ٻيا پڻ ڏٺا مون،
سَوَ گهوٽ گهايلَ در تي طبِيبَن.
گلَ نازَ مان ڪو ورتو خيال نہ،
چوطرف غوغا7 پيا عندلِيبَن8.
ڀانيم پکي ٿي پھچان پِريَن وٽ،
پر راه روڪِي رُليَن رَقِيبَن9.
ٿيا سُور سِرجَي10، سامائَي11 سُک ويا،
ھَئِہ! ھَئِہ! ڪڙھان ٿي پنھجي نصِيبَن.
شَورِیدَه طالع، بیدار بخت نہ،12
ڪيئن ٿيان مُخاطب اديون! عصِيبَن13؟
لاغرض14 سان پيو منھنجو اچي ڪم،
دارُون15 نہ ھِيڻِيءَ ڪيَڙو حبِيبَن16.
ڇو نينھن لايان؟ بي خبر رھِيَس،
مَتِ ھُوند جيڪر مڃِيَم ادِيبَن.
ڄاتم تہ سِڪ جو سولو پيئڻ پَٽُ17،
رِيجهِي رمز ۾ مُٺِس18 مُطِيبَن19.
ھڪ خلق خواري جوکو20 ٻيو جيءَ،
موٽان: لڄِي ٿيان اڳيان نقِيبَن21.
’مُوتُوءَ‘22 مُوافق23 مون حال ٿِيَڙو،
آھُون اُونايون تنھن تي مُجِيبَن24.
’آسُو‘ ڇڏايم سڀ واسطا دل،
تڏھن ڪرم سان ڪوٺيو قرِيبَن.
(1) درد (2) غلامن (3) دانھون (4) صاف سڳورو (ڌڻي) (5) جدائي جو زخم (6) مالڪن (7) وڏا آواز (8) بُربلن، بُلبلن (9) دشمنن، راه روڪيندڙن (10) ڄمندي (11) بالغ، جوان ٿيندي (12) بد حال مقدر، سُٺو نصيب ناھي (13) طرفدارن (14) بيپرواه (15) علاج (16) محبوبن (17) پيالو (18) ڦاٿس (19) خوشبوءَ وارن (20) خوف، خطرو (21) اڳواڻن (22) ’مُوتُوا قَبلَ اَن تمُوتُوا‘: مرڻ (موت) کان اڳ مري وڃ (23) جھڙو (24) قبول ڪندڙ
