رديف ’ش‘
غزل (83)
چوڻ سچَ مان نہ ھرگز آه ڪِي دوشُ1،
مگر، اُن جو رکڻ گهُرجي سڄو ھوشُ.
ڪٿي فِتنو اُٿي ٿو سچ چوڻ مان،
ڪٿي پيدا ڪري جولانُ2 ۽ جوشُ.
ڪٿي اُتپت3 ٿئي ٿي خونريزي،
ڪٿي پردو رھي ٿو ڪِينَڪِي پوشُ.
گُلن ۾ گُل، ڪنڊو ٿيءُ جاءِ ڪنڊَي،
تڏھن توکي ڪرڻ اُتِ آه خاموش.
ڌڻي تعالى تہ ڏِس آھي ڍڪيندڙ،
وَچن4 دل تان نہ ڪج بلڪل فراموش5.
جُڙي جڳ ۾ ھتي جنھن ڪاڻ آئين،
پَرُوڙج سو، ڇڏي غفلت ڏئي گوش6.
مُرادن جي پُڄڻ تي ٿو ھڻين ٻانھَن،
نہ ٿيءُ مغرور، من ۾ مستُ مدھوش7.
پَلي8 تون پاڻ کي ’آسُو‘ پَليو پَلِ9،
پيالو پريم جو پل پل ڪرين نوشُ10.
(1) ڏوه (2) ڪاوڙ (3) پيدا (4) ٻولُ (5) وسارڻ (6) ڪن (7) مست (8) روڪ (9) روڪ (10) پيئڻ
غزل (84)
پاڻ کي ٿو سَڏين سچو درويشُ!
پر الک جو اندر نہ ٿَئِي انديشُ.
پيٽ جي ڪاڻ، منڊَ مَڪرُ1 منڊين،
ڪين ڪي ٿو سُجهيَئي نانگڻ نيشُ2.
بَيکُ3 پائي ڀُلِي ويٺين ڀائِي!
تَنَ رَکي ڪوڙ جي تَوَڏَ4 ۽ تيشُ.
ڄاڻِي واڻِي ھنيَئي ڪُھاڙو پيرَ،
وقت ويَڙو، ٿيو ناسوري ريشُ5.
پوءِ پَٽِي ۽ پِنِي سنديَس ناھي،
جي مددگار ھوءِ ديوُ گڻيش.
ڇا نيندين پاڻ ساڻ؟ آندَءِ ڇا؟
ڇا، ڪِٿئُون آئين؟ ٿيو ڪٿي تو ديشُ؟
ڇا سندءِ وِتَ6! ٻَڌين ٻٽاڪون ٿو،
ھيءُ ھنڊائج ھيئين اُتم اُپديشُ7.
جو شَرفُ8 جُوڻ9 لک چوراسي تي،
ڪيئن ملئي! سمجهہ، سوچ سو پسُ پيش.
مائيٽن تي نہ ڪُڏ، سُڌارج پاڻُ،
ڪو نہ تَلهَي10 پَوَئي عزيز و خويش11.
آه ’آسُو‘ ڏکيو ٿيڻ ساڌُو،
ڪڍ ڌِڪي دل منجهان دغا ۽ دُوَيش12.
(1) ٺڳي، ڍونگ (2) ڏنگ (3) لباس (4) وڏائي (5) ڦٽ (6) طاقت (7) نصيحت (8) شان (9)مخلوقن جا قسم. ھندو ڌرم موجب ماڻهو مرڻ کان پوءِ عملن آڌار ٻئي ڪنھن جوڻ ۾ جنم وٺي ٿو. وڏي قسمت سان انساني جنم ملي ٿو ۽ ان ۾ ئي مُڪتي (معرفت) ماڻي جنم مرڻ کان آزاد ٿي سگهجي ٿو. (10) ضامن (11) مائٽ (12) ٻيائي
غزل (85)1
باغ دنيا ٿي بَھارِي، ٿيءُ نہ خوش،
گُل پسي گُلزار بارِي، ٿيءُ نہ خوش.
گل ڪٿي بي خار2 ناھي؟ ڪر پرُوڙ،
ٿي نِسورِي3 بي قرارِي، ٿيءُ نہ خوش.
جَي حڪومت ھوندءِ! سڀن تي دَسترَس،
سَرسُ4 تُنھنجي ھوءِ سارِي5، ٿيءُ نہ خوش.
پُٽ سُپاترُ6 ڪٽنب جو، پَرِوارُ7 وڌ،
جي سُلڇڻي ھوءِ نارِي، ٿيءُ نہ خوش.
جي ھُجين بُت ۾ سدا سَنرو8 سَڌر9،
ڪا نہ ڏٺئي ڪا بيمارِي، ٿيءُ نہ خوش.
ڏينھن ڏُون يا چار چَٽڪي جا اٿئي،
ناه ھِن تي اعتبارِي، ٿي نہ خوش.
ڪو نہ خالي ٿو ڏِسان ڪو دُک بنا،
پئِي وِڪارَن10 جي جا ڄارِي، ٿيءُ نہ خوش.
پِرٿويءَ پَتشاهَ11 بي پونئيَر12 ويا،
ڪا نہ ھن ۾ پائيدارِي، ٿيءُ نہ خوش.
ھي دنيا دُک رُوپ آھي مِرتُ لوڪ13،
پوءِ ڇو تو ٽَنگ پسارِي؟ ٿي نہ خوش.
جو ڪري آئين وَچن14 ھن جڳٽ ۾،
ڳالهہ ساري تو وِساري، ٿيءُ نہ خوش.
ڪَرَيٿا شَڪتِي15 ڀڄن، پُڃ، ڪھل ٽھل،
ھاجَ ناھي ٻي پيارِي، ٿيءُ نہ خوش.
ان بِنا ٻيو ناه نيبھُ16 ڪي نِيئڻ،
ٻيو ڌڌڙ ڌڪ ھيٺ وارِي، ٿي نہ خوش.
جنھن ڪيَئي پيدا جڳٽ ۾ مانَ سان،
طلب تَنھنجي رکج تارِي، ٿيءُ نہ خوش.
ڪر سڦل پَلَ ۽ سجايا آرجا17،
ٻي عبث18 ٿي انتظارِي، ٿيءُ نہ خوش.
خوش تڏھن ٿيءُ: ھي کنڌو19 آڳت20 ڪرين،
سمجهَہ ’آسُو‘ رکج سارِي، ٿيءُ نہ خوش.
(1) ھي غزل اڳين ڇاپي مان ورتل آھي (2) بغير ڪَنڊن جي (3) سراسر (4) گهڻي (5) برتَري، ڪاميابي (6) لائق، فرمانبردار (7) خاندان (8) تندرست (9) متارو (10) من ۾ ويٺل پنج دشمن: ڪام(خواھش)، ڪروڌ(ڪاوڙ)، موه(لاڳاپوAttachment )، لوڀ(لالچ)، اھنڪار (تڪبر) (11) بادشاه (12) بنا ڪنھن اولاد، وارث يا جانشين (13) مرڻ جي جاءِ (14) واعدو (15) طاقت اَگهُر (16) رھڻ وارو (17) عمر (18) اجائي (19) حساب ڪتاب (20) وصولي
غزل (86)1
مُحبَ محبت ۾ مَڙهيا سي ’ڇُٽل پُرشَ‘2،
قرب جي ڪَونَر3 ڪڙھيا سي ڇُٽل پُرشَ.
زُلف4 جي زنجير ۾ جي قيد ٿيا،
عِلم اِسراري5 پڙھيا سي ڇُٽل پُرشَ.
دِيدَ6 ۾ دِيدُون اڙائي محوُ7 ٿيا،
سيج سُوري تي چڙھيا سي ڇُٽل پُرشَ.
تيغ اَبرُن8 جي تِکن تاوَن9 اندر،
مُنھن مبارڪ ۾ چڙھيا سي ڇُٽل پُرشَ.
لاڳ، لاڳاپا ڇنائي ڇِرڪَ سان،
جان جانب سين جَڙيا سي ڇُٽل پُرشَ.
شمع تي پروانَ وانگي شوق مان،
نُور نِرمل ۾ سڙيا سي ڇُٽل پُرشَ.
ڇاڙتن پنجن10 سندو منُ جِيتَ سان،
لئِہ ملڻ لالنَ لَڙيا سي ڇُٽل پُرشَ.
ظاھري لوڪن کڻي ٿيلهَي ڇڏيا،
دام11 دلبر ۾ اَڙيا سي ڇُٽل پُرشَ.
ڄامَ12 ڄمندي ٿيا الستيءَ ڄَرَ13 ڪنان،
گهاٽ اھڙَي سِين گهَڙيا سي ڇُٽل پُرشَ.
عشق جي اُکرِيءَ ۽ مُھرِي پريم سان،
’آسُو‘ چانور جيئن ڇَڙيا سي ڇُٽل پُرشَ.
(1) ھي غزل اڳين ڇاپي مان ورتل آھي (2) ڇوٽڪارو، مُڪتي حاصل ڪيل (معرفتي) مرد يعني سَنتَ، ساڌُو، فقير (3) ديڳ (4) وار (5) ڳجهو، لڪل علم (6) نگاه (7) گم (8) تلوار وانگر سنهڙا ۽ سُھڻا ڀِرُون (9) جلون (10) وِشيُون/حواسن جو رسُ: ٻڌڻ، چکڻ، سنگهڻ، ڏسڻ ۽ ڇھڻ (11) ڦاسڻي (12) وڏي درجي وارا (13) رب جي شُعلي
