رديف ’چ‘
غزل (47)
لاڳُ1 لالنَ ڏيئي، نہ ڪر تون ماٺ ماچَ2!
طلبِ3 تَھدِل4 ساڻ چورَي تندِ ڪماچَ5.
نانگُ مُرليءَ، نادَ6 تي آھُو7 ريجهي،
ڏِسُ تہ سُرَ تي ڪيئن ڏنو سِرُ راءِ ڏياچَ.
گرڀ8 ۾ گلجي وڃن سي ڇو نہ ڇو نہ؟
سُڌ نہ جن کي عشق جي آواز آچَ9.
باز جو چنبو پُٺيان چالاڪ ڏِس،
اي ڪبوتر! ھِن ھوا تي ڪر نہ ناچَ.
آسرو ھڪ پَلَ جو ناھي ھِن سَرِيرَ10،
ٿو ڀڄي يڪدم، اچي ٽوڪر کي ڪاچَ.
تڙ تڪڙ مان آه جيڪِي سو ڇِيھو11،
عاقلن جو ڪرڻ ڪم اڳ پوءِ جاچَ.
سَنڪلَپ12، ڪَلِپَت13، ڪُپَتِ14 ساري ڪڍي،
رَهُ سچائيءَ سان مٿي رَهَ15 راس16 ساچَ.
رَءُ، قدم توڻي رَلو17 مشڪل سِکي،
جنھن اَسبَ18 کي ٿي پڪِي ڊُگَ19 آه چاچَ.
ڪيئن اچي آرام عضون ٻين کي؟
درد ۾ ورتل ھُجي جَي ھِڪڙِي ٻاچَ!
سو سَلو20 سالِم21 نہ اُسرِي22 سَنگُ23 ٿئي،
جنھن کي ڪِيڙَي، بَگَ، رتِيءَ، مَھُلَي24 جِي گهاچَ.
نُوحؑ.25 ڪشتِيبان آھي نُورِوَر26،
ڏک مَ ڪر اي دل! ڪنئون طوفانَ، واچَ27.
ٿانءُ ’آسُو‘ ڀريل ڇلڪي ڪينَ، تيئن:
ڪَنِ نہ ڪَنِ، گهٽ وڌ، سياڻا ’واڻِي واچَ‘28.
(1) ڳانڍاپو، دل (2) منگتا (3) آرزُو، گهرج (4) دل جي گھرائي (5) سُرندو (ساز) (6) آواز، سُر (7) ھَرَڻُ (8) پيٽ (9) سُر (10) جسم (11) نقصان (12) خواھش (13) سنسو، اجايو اڻ ھوند جو خيال (14) فريب، دوکو (15) رستي (16) پورو، برابر (17) اڳيان ٽئي گهوڙي جي ھلڻ جا سھڻا اندازَ، جن ۾ گهوڙي سوار کي لوڏو يا تڪليف ڪو نہ اچي. ڪچِي عمر ۾ ھڪ ٻئي پٺيان ٽئي گهوڙي کي سکاربا آھن. ’رَلَي‘ ۾ گهوڙو Jogging جيان تيز ڊُڪي ۽ ھسوار ناز سان ويھي. (18) گهوڙَي (19) ھلڻي: ’رَلَي‘ وانگر گهوڙو ’واڪڙ شاڪڙ‘ يا Jogging ڪري ھلندو، مگر ھن ۾ ھَسوار کي لوڏا ۽ تڪيلف ايندي آھي. پنجن سالن کان پوءِ گهوڙي کي سيکارڻ ڏکيو! وڌ ۾ وڌ ڊُگَ سِکي. معنيٰ: جواني ۾ جي پاڻ کي چڱن لڇڻن ۽ ڀڄن (عبادت) ڏي نہ ھلايوسين تہ وڏ عمري ۾ بد لڇڻ ۽ دنيا جي ڪَٽِ لاھڻ مشڪل بڻجي پوندي. (20) تازو ڦُٽل ٻوٽو (21) پوري طرح (22) وَڌي (23) فصل جو چوٽيءَ وارو حصو، تيار ٿيڻ (24) اڳيان چارئي فصل کي نقصان پھچائيندڙ جِيتَ، مرضَ. معنيٰ: جنھن شخص کي حرص حوس يعني دنيا جا مرض وڪوڙي ويا، سو ھرگز پنھنجي اصل مقصد (پاڻ سڃاڻڻ) تي ڪو نہ پھچي سگهندو (25) پيغمبرِ خدا حضرت نُوح عليه السلام: جنھن جي قوم تي طوفان جي صورت ۾ عذاب آيو. مسلسل برسات سبب زمين تي پاڻي وڌندو رھيو. الله جي حڪم سان حضرت نُوحؑ ھڪ ٻيڙي (ڪَشتِي) تيار ڪئي ۽ پاڻ سان نيڪ صالح بندن کي ويھاريائين، سي سڀ بچي ويا باقي سڄي قوم تباه ٿي وئي. (26) نُور وارو (27) جَهڪَ. معنيٰ: دنياوي ڏک تڪليفن جي طوفان کان دُکي نہ ٿي اي دل! مالڪ ڪريم ويٺو آھي، جنھن نُوح کي ھدايت ڏئي عذاب مان ڪڍيو، سو ڪشتيبان توکي بہ ھن دُک رُوپي سمنڊ مان ڪڍي آجو ڪندو. (28) ڳالهہ ٻولهہ
غزل (48)
چوين عاشقُ! مُڙين موٽِي ڏسِي مَچُ،
تڏھن تو ۾ اڃا آھي ڪچو ڪَچُ.
رُپو1 منجهہ باه پرکن، ڪَسِوَٽيءَ2 سونُ،
پڌر پاڻهي پوي، جو کنيَئِي سَچُ.
ڪٿان پَڙپَي3 ’سِڪڻ جِي سُرڪَ‘4 سَڌَ سان!
نہ ڳاريئي ڪِي ڳچيءَ وارو ڳرو ڳَچُ5.
وَراڪا6، واسطا وارَي وِڃائي،
اُڦٽ مارِيج ڌچِڙو7 ’نفس‘ ھي ڌَچُ8.
رَتِيءَ9 جي رَھِڙ ريزالَي10 لڳاءِ،
ڀِڙَي ڀولَي جيان ڦاڙي ڪندو ڦَچُ11.
اھو رھزن12 نقد ناڻي سندو چور،
اول ان کان وٺي ھمراه ڪو بَچُ.
نہ آھي ڏُور، ڏوريندا ڏسن ٿا،
پرينءَ جي پِرت پُورن13 ۾ پيو پَچُ.
سِسِي ’آسُو‘ ڌري سَٽِ ۾ نِسَنگُ14 ٿي،
ڪَلالِيءَ ھَٽَ15 ڪُڏِي ڪاھي ڀلي اَچُ.
(1) چاندي (2) سون پرکڻ جو ڪارو پٿر، روھي (3) حاصل ٿئي (4) سِڪڻُ: محبوب لاءِ سِڪَ، عشق. سُرڪَ: چُکو، ڍُڪ يعني: اِلاھي عشق جو ڍُڪ، ذرو (5) ماس جو ٽڪر (6) لاڳاپا (7) بدخواه، خراب (8) ٿلهو متارو ٻِلو (9) رت (10) ڪميڻي (11) زخم (12) واٽ ڦريندڙ (13) خيالن (14) نروار (15) شراب وڪڻڻ واري دُڪان تي (مرشد جي مئخاني تي)
