شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ڀ‘

غزل (12)

ٻولُ جو ٻولين مُکان1، سو ٻول سُڀُ2،
ڪين ڪِي آکج ڪڏھن، مُنھن ساڻ ڪُڀُ3.

مُلڪ گِيري ٿا چون شِيرين زبان،
ٻاٻرِي، ڪانڊَي4، ڪنڊَي جيئن ڪيمَ چُڀ.

ناه ڪو ويرِي، جي من سِيتل5 ھُجي،
پوءِ ويريءَ جي فڪر ۾ ڪين ڏُڀ.

پاڻ جي آھي ڀلو، تان جڳ ڀلو،
دل و جان سان، منجهہ ’پَرَ اُپڪار‘6 رُڀ7.

رِي فضل آگي8 جي، ’آسُو‘ ناه نِيت9،
ڪيئن پوي اڳڙي، جو ڦاٽي پيوءِ اُڀ10؟
 

(1) واتان   (2) سٺو   (3) خراب   (4) اڳيان ٻئي ڪنڊن جا نالا   (5) ٿڌي سڀاءَ وارو   (6) ٻين سان ڀلائي   (7) مشغول ره   (8) ڌڻي   (9) ڇوٽڪارو   (10) پھاڪو. مطلب: پڌري ڳالهہ ڪڏھن بہ لڪي ڪو نہ سگهندي   

 

غزل (13)

’آتما لَکشَ‘ جو جنِهين آرنڀُ،
پاڻ ۾ پانھنجو ڏٺو پِرتَٻَنڀُ.1

تن سچن سالڪن سندو سَنتن،
آه لوڪن ٽنهي2 ۾ سچُ سورنڀُ3.

ذات تي ڏات ناه، لوچَي لھَي4،
ھوءِ ٺورِي5، چمار6 توڻي ٻنڀُ7.

سِڌِ ڪرم8 آه مُول ٽن پاڻن9،
ٿِر10 رھي جاءِ جيئن اچي تنھن ٿنڀُ.

درد جِي ويڄ11 کان دوا وٺ وِيرَ12!
ڇو ڏيارين وڃي ڏَڏن کان ڏنڀُ؟

’دم‘ سُڃاڻي، دليون ’ذڪر‘ گهُرجي،
ڪيمَ ڍورن مثال رُڙ13 ۽ رنڀُ.

آذقو14 ڪر ادا! سندو اوڇڻَ15،
سخت ٻُڌجي اڳيان ٿو ٺار ۽ ٺنڀُ16.

ھيڪلو آئين، ڇڙهو ويندين،
ڪو نہ ايندئي اڳيان ڪو ڪام ڪٽنڀُ.

آه ’آسُو‘ سخا عبادت جوڙ17،
ڪيئن اُڏامي پکي، کُٿو جنھن کنڀُ؟
 

(1) آتما=روح. لَکش=مقصد، منزل يا Target.  آرنڀ=شروعات.   پرتٻنڀ=پاڇولو،عڪس
مطلب: ’آتما جو لکش‘ آھي پاڻ سڃاڻڻ ۽ معرفت، مُڪتي حاصل ڪرڻ. آتما پرماتما جو عڪس آھي. سو جنھن بہ پنھنجو پاڻ سڃاڻڻ جي شروعات ڪئي، تنھن کي پاڻ منجهان پنھنجو عڪس يعني پرماتما جو ديدار ٿيندو. 
(2) ھندو ڌرم موجب ڪائنات جا ٽي لوڪ يا طبقا: 1. سرڳ لوڪ(عرش. جنت)   2. مرتيُو لوڪ(فرش. زمين) 3. پاتال لوڪ(زمين جو ھيٺيون طبقو، نرڳ، جھنم)   
(3) خوشبوءِ   (4) جيڪو گهُري، محنت ڪري تنھن کي رب ملندو   (5) شڪاري قوم   (6) سوچِي    (7) ھڪ ذات   (8) چڱو ڪم   (9) منزلن   (10) مضبوط   (11) طبيب، حڪيم   (12) ڀاءَ   (13) دانھن ڪر   (14) ثمر گڏ ڪرڻ   (15) سيءَ ۾ پاڻ ڍڪڻ جو ڪپڙو   (16) سخت سردي   (17) برابر   

 

غزل (14)1

ھيءُ جنم مانِکُو2 مليوءِ الَڀُ3،
سو وري ھٿ اچي نٿو دُرلَڀُ4.

ڪر صحي سو سُڃاڻي پنھنجو پاڻ،
ڪيئن پدارٿ5 مليَئي جنم پُورڀُ6!

وقت بي فائدو وڃيئِي پيو،
ڪر انھيءَ جو پڪو خيال، ولڀُ7.

ھُوند ھِن جو ھوئڻ ھميشہ ناه،
منجهہ خوشيءَ ڇو ڀُليا وڌو ٿئي ڀڀُ8؟

وڻجَ وِک، رُنگَ ٿو گهُرين کنڊ جِي،9
سو اِئين: وانجهہ10 کي ٿئي ڪِ گرڀُ11.

پوکَ پوکين، لُڻين برابر سا،
پر ڍِلو ٿي نہ ويھ، لُڻ پيو ڊڀُ12.

آه تو ۾ امُل سچو ماڻڪ13،
جو وڃائي ڇڏيئي، اھو لھُ لڀُ.

سارُ ھِن مان سچو کڻج ’آسُو‘،
ڇڏج ڇوتا14، اُٺاءِ ڳَرُ15 ۽ ڳڀُ16.
 

(1) ھي غزل اڳين ڇاپي مان ورتل آھي   (2) انساني   (3) اڻ لڀ   (4) ناياب   (5) دنياوي شيون   (6) پويون جنم: گهڻي وقت کان پوءِ انساني جنم ملڻ   (7) فڪر   (8) پيٽ   (9)وڻج=سودو.  وِکُ=زھر.  رُنگَ=حصو پتي.   يعني: سودو ڪرين ٿو زھر جو ۽ بدلي ۾ کنڊ جو حصو ٿو گهرين   (10) سَنڍِ، اھا زال جيڪا ٻار نہ ڄڻي سگهي  (11) حمل(پيٽ)   (12) ھر ڪنھن قسم جي زمين ۾ ڦٽندڙ گاه   (13) اَمُلهہ ماڻڪ: بي بھا موتِي   (14) ڪک، پن (15) ميوي جو رس   (16) ميوو