شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’گھه‘

غزل (115)

ھَنسَ1 موتِي سچا چُڳن ٿا مُگهَہ2،
ٻَگهہ3 کِکُن ۾ خراب ٿيَڙا گُهگهَہ4.

سو نہ ماڻَي سَوادُ وحدت جو،
جنھن سندِي دل ۾ ٿيا ٻيائيءَ لُگهَہ5.

ھيءَ نصيحت ڪري نہ اُنِ کي گهاءُ،
جيتوڻيڪي وڏا ھُجن ڏَگهَہ ٻُگهَہ6.

مانَ، اَڀِمانَ7، اَھُکَ8 ۽ سُکَ ۾،
مرد ڪي سَم9 رھن ھوا منجهہ رُگهَہ10.

ڪيئن ٽِڪي پيٽ ۾ ڪا موٽي باتِ؟
چِتَ جنهين چِلولائي ڪيَڙا چُگهَہ11.

ڪر اندر صاف، پِرُ12 مِلئي ’آسُو‘،
ٻاھرين ڇا ڪندي اَنگن جِي اُگهَہ!

 

(1) ھنجُ: پاڻي جو پکي؛ جيڪو کير مان پاڻي کي ڌار ڪندو آھي ۽ موتي چڳندو آھي.   (2) مرجان (قيمتي پٿر)   (3) ڍنڍ جو پکي؛ اڪثر ڪِنَ تي ڏسجندو آھي   (4) چٻرو   (5) اونداھي   (6) بيوقوف   (7) ذلت   (8) ڏک   (9) ھڪ جھڙا   (10) ھوا بند، گهُٽ، ٻُوساٽ   (11) سوراخ   (12) پرين، محبوب   

 

غزل (116)

ديھِ ۾ مَلُ1، پوءِ رت ۽ گند سنگهَہ،
پوءِ ڏيکارين ڪُڄا2 لئِہ تانگهَہ3 تَنگهَہ4؟

ڇا اٿئي وِتُ5؟ ڏِس مِٽيءَ جي آھين مُٺِ،
خاڪَ کي گهُرجي ڪرڻ ايڏي نہ اِنگهَہ.

ڪيئن سَھَي پاڻي گهڻو سا رَٻَ6 سنديئي؟
جا اڳي ئي آه پَٽڙِي7، پاکِي8، کِنگهَہ9.

ڪڻڪَ ھَٺَ10 جِي کي اچي اڳيان عُدُولَ11،
ڪن پسند ٿا ڀاءُ12 نئڙت جي ڪِرنگهَہ13.

ڪاھي ڪرھَلُ14 ڪيچوارِي15 سان قطارَ،
بارُ ڀر اھڙو، تہ نِت16 منجهہ ھوءِ چِنگهَہ17.

پاڻ ۾ ڇُڙجي صفا چوکا ٿيئن،
ڪُلَ لڳي مُھرِي18 نہ منجهہ اُکرِيءَ19 يا نِنگهَہ20.

ھيءَ حياتي مُفت ھَئِہ! ھَئِہ! ٿي وڃيَئي،
ڪا تہ ڪَلَ21 لھُ جا لڳي پيَئي سِرنگهَہ22.

سامَ23 پَئُہ ساجن سندَي، تا سُکَ ٿيئن،
مَنَ مٿان گهِم گهور جي لاھين گهِنگهَہ24.

ھيءُ گدڙ سندو عقل گويون ڪري،
سَٽ جهلي ’آسُو‘ ڇا اڳيان عشق شَنگهَہ25!
 

(1) ڌوءُ، صاف ڪر   (2) ڇا   (3) سڪ   (4) گهرج   (5) طاقت   (6) گهڻي پاڻيءَ وارو ڀَتُ (اَنَ جو)   (7) پاڻي جھڙي   (8) ڇِڊي   (9) پاڻياٺي، ڇِڊي   (10) وڏائي   (11) ڌِڪار   (12) سُڀاء   (13) جهنگلي اَنُ  (14) اُٺ (نفس)   (15) ڌڻي   (16) ھميشہ   (17) رَڙَ (بار سبب)   (18) اَنُ ڇُڙڻ جو مُھلڙو (ڪاٺ جو ڏنڊو)   (19) ڪاٺ جو ڪونڊو جنھن ۾ ان وجهي مُھرِي سان ڌَڪ ھڻجن   (20) زمين ۾ کوٽيل کڏو، جو اُکري طور ڪم اچي   (21) خبر   (22) بَلان، نانگ جو قسم   (23) پناه   (24) دَزَ، مِٽي   (25) شينھن