رديف ’ڍ‘
غزل (65)
آھي اول ڏينھن کان اڙِي، جيڏيون! ڇِنان ڪيئن ڳوپُ ڳنڍُ1؟!
منھنجِي سڄڻَ سان جيءَ جُڙِي، جيڏيون! ڇِنان ڪيئن ڳوپُ ڳنڍُ؟!
ھڪدم حيا2 واري ھَسِي، دلڙي سنديَم آھي کسِي،
قربئُون وجهي قابو ڪڙِي، جيڏيون! ڇِنان ڪيئن ڳوپُ ڳنڍُ؟!
توڻي ڇڏي ڇورِي ويا، گُوندر3 گَڏَي ڀورِي4 ويا،
سُورن اندر آھيان سڙِي، جيڏيون! ڇِنان ڪيئن ڳوپُ ڳنڍُ؟!
ھڪ ڏاڍُ ۽ ڏنگُ ڏيرَ ڪيو، ٻيو ننڊ مون سان ويرُ ڪيو،
رَندن5 رِڙھي وينديَس رَڙِي، جيڏيون! ڇِنان ڪيئن ڳوپُ ڳنڍُ؟!
ھِيڻُو ڏسي ھيءُ حال مون، آيو لَڪن6 مان لعل مون،
لائق ڪري لالنُ لڙِي، جيڏيون! ڇِنان ڪيئن ڳوپُ ڳنڍُ؟!
’آسُوءَ‘ سندو ويو وَسوَسو، ساجن ڏسي ڀَتِ7 ڀروسو،
ناھي پراھُون پل گهڙِي، جيڏيون! ڇِنان ڪيئن ڳوپُ ڳنڍُ؟!
(1) ڳنڍُ، دوستيءَ جو ناتو (2) حجاب (3) غم، ڏک (4) موڳي (5) واٽُن، رستن تان (6) جبل جي رستن (7) ريت، پَرِ
غزل (66)
وِجهُلَ1، ويراڳَ2 جا جن کي پيا وڍَ،
ڇڏي ڌنڌا دنيا جا، پيا پرينءَ ڪڍَ3.
سچو سودو ڪيائون، سِر ڏيڻ سان،
ڪُتن وانگي نہ کائين ٿا ڪڍي ڪڍَ4.
ڪُسڻ تن کي، چڙھڻ سوريءَ ٿيو مَرَڪُ5،
ڪيَئون مضبوط منَ محبت سندِي ڪڍَ6.
صفائي سان ڪيو اندر صفا صاف،
وجودي جهنگُ وڍيائون ڪري وڍَ.
مَتو ماتام تن جي مَن مُدامي7،
وڄائِن ڪينَ لَنگهَن8 جيئن پڌر ڍڍَ9.
خدا جي طالبن جو رت سُڪي ويو،
دنيا جي طالبن جا ڏِس ڍڍَرَ10 ڍڍَ11.
ڪچو، ڪِرتن ڀريو عيبن اياڻُو12،
تڳي13 ’آسُو‘ سچَي ڏاترَ سندَي ڏڍَ14.
(1) ڏک ۾ ڳرڻ (2) عشق (3) پٺيان (4) فيُ، گند (5) واجب (6) نوڙي (7) ھميشہ (8) دُھلاري (9) دُھل (10) وڏي پيٽ وارا ماڻهو (11) پيٽُ (12) بي سمجهہ (13) جيئي (14) آسري
