مُنڍ (مصنف جو لکيل)
ہزار بار بشویم دہان بہ مشک و گلاب
ہنوز نامِ تو گفتن کمالِ بی ادبی ست
(ھمام الدين علاء تبريزي)
(ھزار ڀيرا وات کي مشڪ ۽ گلاب سان ڌوئان،
پوءِ بہ تنھنجو نالو وٺڻ وڏي بي ادبي آھي.)
مُنڍ
ھڪڙي ڏينھن پُور(خيال) پيُم تہ سچو مذڪُور(ذڪر) ظاھر ڪريان. دل جي قالبَ(خاني) مان ٻاھر ڌريان. جانۡ پنھنجو حال پاتم ۽ خير خواھن جو خيال ڄاتم تہ ماٺ ڪرڻ نہ گهرجي، ٿورو گهڻو چُرجي. وري وڏِي ستگور(ستگر، مرشد) جي مھرباني جنهنجي پرِيت جي پِڪَ، سچي سرؤ(شراب: عشق) جي سُرڪ، اھڙو اُڌَمو(ڀڙڪو) جاڳايو، جو سانڍڻ ۾ نہ آيو، اُمالڪ(يڪدم) پرگهٽايو(ظاھر ڪيو).
مگر پرميشوَر ديال(رحيم) ۽ ڪِرپال(رحمان)، ڀڳوَنۡت، اَچِنۡت(بي فڪر)، بي اَنۡت جي قدرت بي بيان، بي پايانۡ(بي حد) ۽ گوناگون(رنگ برنگ)، بي چَگُون(انساني صفات کان مٿاھين) بڻيل آھي جنھنمان(جنھن مان) ڪجهہ تُھارو(حصو) حقيقت جي نظاري مان ٿوري عرصہ(عرصي) ۾ جوڙيم، محبت کان منھن نہ موڙيم.
شڪرانا انهي ڪلتار جا، جو جئن(جيئن) گهُريم تئن(تيئن) پڙ پيم.
اشلوڪ (1)
ڪِٿ لَکَ ليکي ۾ ناھن، ڪِٿ ڪوڏيءَ وِجهن وَٽَ،
ڪِٿ مزُوري ناه مزُورَن، ڪِٿ ھَسن مٿي ھَٽَ1،
ڪِٿ اَڳڙِي ناھي انگ تي، ڪِٿ پھرين مخمل پَٽَ،
ڪِٿ ٻوڪيون ٻانھُون ٻُٽيون، ڪِٿ ڳچيءَ سونا ڳٽَ،
ڪِٿ ھاٿيءَ تي ھَسواري، ڪِٿ پيادا پُرن پَٽَ،
ڪِٿ آسڻ تي اچيو ملي، ڪِٿ ڀُڻان پِنن ڀَٽَ،
ڪِٿ مَٽُ چڙهي ماٽيءَ تي، ڪِٿ ماٽي مٿي مَٽَ،
ڪِٿ صبر سانتيڪي گهڻي، ڪِٿ جهَپا پائين جهَٽَ،
ڪِٿ اوگهہ سوگهہ اُوجلتا2، ڪِٿ لَٽيا وتن لَٽَ،
ڪِٿ عِلم ٿو اوتُون ڏي، ڪِٿ ڄاڻن اکر نہ ڄَٽَ،
ڪِٿ ناھي تڏو تونۡري، ڪِٿ کِليو چڙھن کٽَ،
ڪِٿ ٿا سِڪن سُرڪ لَئِہ، ڪِٿ عطر گلابي ڇٽَ،
ڪِٿ حاصل ھوءِ حلال جو، ڪِٿ چوريءَ سندي چَٽَ،
ڪِٿ وار نہ ڪوسو واءُ لڳي، ڪِٿ ڦٽيا وتن ڦٽَ،
ڪِٿ سانگو رکن ساه جو، ڪِٿ ڏين سِر جي سَٽَ،
ڪِٿ ڀريا ئي ڀرپور رھن، ڪِٿ وَٽي ناھي وٽَ،
جوڙِي جوڙ جڳٽَ، ’آسُو‘ الک اھڙي.
اشلوڪ (2)
آگي3 جو اِسرار4، پَرُوڙيان5 پَري ٿيو،
شڪتي نِرمل نُور مان، پيدا ڪيائين اَوِتار6،
مخلوقنۡيان مٿي ٿيو نڪي خلقڻھار،
ڳوڌَي7 سندي ڳُجهہ کي، کولي نہ ڪو نروار،
خالقَ، خلقيلَ وچ ۾، ناھي ويڇو وار،
پيدا ڪيائين پرٿوي، تنھين پٺيان تڪرار،
’آسُو‘ سو آڌار، وٺي ويٺس پاڻ سان.
اشلوڪ (3)
وٺي ويٺس پاڻ سان، ستگر شاه سَڌرُ،
’عبدالقادر‘ ’آسُو‘ چوي، ڀلو آھيم ڀرُ،
دامن دستگير تي، ڪُڏان کڻي ڪَرُ،
قادري طريقو جنھن کان، ماھر منوَرُ،
مانجهي ميران پور ۾، صوفي قلندرُ،
آھيان ’عنايت اللھ‘ جو، نسورو نوڪرُ،
ٻاجهہ منجهان ٻيلِيءَ8 تي، ڪري واھر ورُ،
گهر منجهان اگهر ڪري، گهمي ڏيکاريائين گهرُ،
تَن، مَن، ڌَن جنھن کي، اَرپڻ ڪيم اندرُ،
ذات، ٻيائي، ھَٺَ9 جو، ماريائون مُنڪَرُ،
وٺي داتا درُ، جوڙيان ٿو ’ديوان‘ کي.
اشلوڪ (4)
جوڙيان ٿو ديوانَ کي، مارَي منَ جو مَرٽُ10،
ڪَتب آندم ڪڻڪ کي، پر ڦِٽو ڪيم نہ ڦَرٽُ11،
ڪاٽيم ’غير‘ ڪذب12 کي، قُربئُون وجهي ڪَرٽُ،
الک جي آراد13 سان، اوريم چوري اَرٽُ14،
’آسُو‘ اکين اندر جو، صفا ڇڏايم سَرٽُ15،
وڏو توڻي ڳَرٽُ، پائي ڦل پڙهڻ مان.
اشلوڪ (5)
پائي ڦل پڙهڻ مان، جو ھِينئَين ھَنڊائَي،
مَنَينۡ16، ڪامِنَينۡ17، وَچنَينۡ18 ويھي وينجهائَي،
’رَجو‘19، ’تَمو‘20 تِياڳَي، ’سَتَو‘21 چِتِ لائَي،
’ڌَرم‘22، ’ڪَرَم‘23، ’اَرٿ‘24، ’موکيَہ‘25 سان، چِتُ، مَنَ سمجهائَي،
سَتگُر جي ’شبد‘26 سان ’سُرتِي‘27 مِلائَي،
’ذاتي ذڪر اِيزدِي‘28، لئُون لئُون لڳائَي،
’جاڳِرَت‘29، ’سَپن‘30، ’سُکُوپَت‘31 ڌُن ۾ ڌِيائَي،
ڳڀُوراڻي ڳڻ32 جانۡ وَنجوڳ33 وڃائَي،
’ڪام‘34، ’ڪِروڌ‘35، ’موه‘36، ’لوڀ‘37، ’خودِيءَ‘ کي کائَي،
’ھِرک، شوڪ‘38 کان ھٿ کڻي، آنند اُٺائَي،
انھيءَ پَرِ ’آسُو‘ چوي، رانجهن ريجهائَي،
’ماسوا‘39 مِٽائَي، لھَي سُڌِ40 سَروپ41 جي.
اشلوڪ (6)
بِنا سُڌِ سَروپَ جَي، مانِک42 ٿيڻ مُحالُ،
توڻي پَدارٿن43 ۾، پُر ٿِئين مالا مال،
سي سڀ ساز سِر تي، اٿئي وير وبال44،
ڪاٿئُون آئين؟ ڪاڏي ويندين؟ ڇا ھيءُ تنھنجو حال؟
ڌاران اِن ڌيان جي، ٻيو سڀ خواب خيال،
جيئڻ سڀ جنجال، ’آسُو‘ لِک الک ري.
جنم ساکي45 (شبد)
ٿل: ڪرم ڪري آيو راڄ جو راڻُو، بنيو باغيچو ڀُتو46 ھيءُ ڀاڻُو47!
1. سُرڪَ سِڪڻَ جِي ماءُ پياريُم، تَنجڻ محبت منجهہ تَنجايُم،
مليم پينگهي ۾ ڪو ڏک جو اولاڻُو48!
2. اَٺن ورِھَن ۾ ٿيس ستسنگ ڀيڙو، ڪِريا ڪرم ۽ شاستر نيڙو،
ھوش انھيءَ وير ۾ ھو جو ٻاراڻُو!
3. ٻارھينۡ ورھينۡ ۾ ٿيو عشق مجازي، کوجڻ لاڳس: بَنِي ڪيئن بازي؟
سُور سرير ۾ ھو جو ساماڻُو!
4. ارڙھينۡ ورھينۡ ۾ ’اِنجيل‘ پڙھيُم، فھم سان ’فُرقان‘ جو مَتُ سوجهيُم،
لوڪ نِدا49 جو کنيُم سِرَ تي ھلاڻُو!
5. ويھن ورِھَن ۾ سڀ ڌرم سڃاتم، ستگُر ڍونڍڻ جو ڄاڻ ڄاتم،
دلڙِي اُداسِڻ، من ھو نماڻُو!
6. ٻاويھينۡ ورھينۡ ۾ اچي ستگُر مليو، ڀاڳ نِڌر جو نرمل کليو،
وَرَ جي ملڻ ڪارڻ ھوس ويڳاڻو!
7. پنجويھينۡ ورھينۡ ۾ صوفي صاحبَ، غير ڪڍي چِتَ مان ڪيائين غائبَ،
’سُرتِي، شبد‘50 جو ٿيو مَنَ ۾ ملاڻو!
8. ٽيھن ورھيَنِ کان آفت ٽارَي، جوڳ اڀياسَي چُست چِتارَي،
دوستُ دِکايائين دل ۾ ڌِڱاڻو51!
9. چاليھن ورھين کان پِرَگهٽ52 ٿيَڙس، وَسِوَسو وھم سڀوئي ويَڙس،
مَنَ ٿِرِ53 ورتو ھڪ ھنڌ ۾ ٽِڪاڻُو!
10. ’آسُو‘ چوي ويکان ساجن ساڳيو، ديپڪ جوتِ جو دل ۾ جاڳيو،
جنم مرڻ جو ويو ڀيرو ڀلاڻُو!
ھيءُ ننڍڙو ڪتاب مستطاب (پاڪ يا وڻيل) پڙھندڙُ ٿئي ڪامياب، جنھن جو نالو ’ديوانِ آسُو‘، آسُومل ڏاندُومل فقير صُوفي، اصل اسڪول ماستر، رھندڙَ ھالن پراڻن جَي. عام، خاص جي فائدي لاءِ جوڙي تيار ڪيو، بي ميار رھيو.
اشلوڪ
ڇا انڌو ڄاڻي آرسي! ڇا گُونگو خوش اِلحانَ54 منجهان!
ڇا گڏه پرُوڙي گَج55 کي! ڇا ڪُتو ڪڻڪي نانَ منجهان!
ڇا سانڊو پرُوڙي سُرُود56 کي! ڇا اُٺ سوپاريءَ پانَ منجهان!
ڇا بَخِيل سمجهي سخاوت کي! ڇا شُوم شوڪت شانَ منجهان!
ڇا موڳو سمجهي مَتِ کي! ڇا ٻالڪ ٻُجهي ٻُڌوانَ منجهان!
ڇا سَلِير57 سمجهي ستسنگ کي! ڇا غافل گُرَ گَم58، گِيانَ منجهان!
ڇا ڪميڻو سمجهي قرب کي! ڇا پَينُو پرُوڙي مانَ منجهان!
ڇا جُوٺو ڄاڻي سچ کي! ڇا پنڊت سُن ڌُن59 ڌيانَ منجهان!
ڇا مُلحد60 ٻُجهي مولا کي! ڇا ڄَٽ ڄاڻي ايمانَ منجهان!
ڇا پانۡبر61 پرُوڙي پرٻوڌ62 کي! ڇا مُورک ويدَ، پُرانَ منجهان!
ڇا شيشہ گَر63 ڄاڻي ماڻڪ64 کي! ڇا ڪافر ٻُجهي قرآنَ منجهان!
آکي ’آسُو‘، عقل ڇا سمجهي عشق جي ’ديوانَ‘ منجهان!
سڀني صاحبن وٽ وينتي آھي تہ ھِن ۾ جيڪا ڀُل چوڪ(چُڪ) ڏسن تہ سَتارِي(ڍَڪ) ڪن، ٺاھي ڇڏين، ڇو تہ مَنِک(ماڻهو) ڀُليو بيٺو آھي ۽ خيالن ۾ رُليو ويٺو آھي.
قطع
انسان آھي پاڪ نہ عِصيانَ65، خطا کان،
بي عيب خُداوَندُ، جو ڀرپور عطا66 سان.
ڪونين67 اندر ڪو نہ مثل، پردہ دَري عيب،
ڦل کاءُ برادر تون، ستاريءَ جي شطا68 مان.
ھن مَنُش مٿي بار، ديا ڌرم سندو مُول،
گهُرجي نہ ڪرڻ دل کي، ڪٺور اڻ قطا69 جان.
اُميد تہ اھو عرض منھنجو ساب(قبول) پوندو، وڏو ٿورو ٿيندو.
بيت
سَتر پوشيءَ جي سدا رَک اَک ۾ اَک،
ڦَٽَ ڦِروڙِيءَ جي ٿيڻ گهُرجي نہ مَک.
ھن ۾ ’ڀَيانَڪ‘ (ڊيڄاريندڙ)، ’رُچَڪ‘ (مالڪ ڏي موھيندڙ) ۽ ’يَٿارت‘ (حقيقت) ٽنهي قِسمن جا وچن (ٻول) آھن ۽ مَنَ جي مارڻ جا يَتن (ڪوششون) آھن. سڀ ڪنھن سمجهہ ڀرئي (ڀريي) لاءِ ھڪ نصيحت نامُو، تحفِہ (سوکڙي) فيض رسانو (رسائيندڙ) آھي.
(1) ھَٽَ: دُڪان (2) اُوجلتا=صفائي (3) آگو=مالڪ (4)اِسرار=ڳُجهہ، راز (5) پَرُوڙيان=سمجهڻ کان (6) اَوِتار=انسانن جي ڀلائي ۽ رھنمائي لاءِ اِيشوَر جا موڪليل خاص ٻانها، اعليٰ انسان جيئن: ولي، پيغمبر (7) ڳوڌَي=مالڪَ (8) ٻيلِيءَ=نوڪر (9) ھَٺَ=وڏائي (10) مَرٽُ=فڪر ڳڻتي (11) ڦَرٽُ=بُھہ (12) ڪذب=ڪوڙ (13) آراد=پوڄا، عبادت (14) اَرٽُ=چرخو (15) سَرٽُ=ڪٽر (16) مَنَينۡ=دل سان (17) ڪامِنَينۡ=چاه سان (18) وَچنَينۡ=ھر ٻول کي (19) رَجو=انسان اندر ٽن قسمن جا گُڻَ يا سُڀاءَ (Attitudes) ٿين ٿا. جن مان پھريون رَجو گُڻ: دنياوي فائدن جو خواھشمند، واڌ ويجهہ يا ڪاروباري رويو رکندڙ (20) تَمو=ٻيو: تَمو گُڻ: اڪڙباز، جهيڙاڪ يا نقصان پھچائيندڙ (21) سَتَو=ٽيو: سَتو گُڻ: روحاني، گياني ۽ سچيون، سُٺيون خوبيون جيئن: صفائي، رحمدلي، ھمدردي ، امن، ڌرم، ڄاڻ يا پيار وغيرہ رکندڙ (22) ڌَرم=مذھبي ڪتابن تي ويساه رکي ان مطابق زندگي گذاري، فرض پورا ڪرڻ (23) ڪَرَم=سُٺا عمل ڪرڻ، گرُوءَ جي امُر تي ھلڻ (24) اَرٿ=سٺي زندگي گذارڻ، عبادت، رب جي راه ۾ پورِي ڪوشش ڪري پاڻ سڃاڻڻ (25) موکيَہ=مُڪتي، معرفت حاصل ڪرڻ (26) شبد=مرشد طرفان مليل نام، اسم اعظم (27) سُرتِي=ڌيان، فڪر، تار (28) ذاتي ذڪر اِيزدِي=ستگر/مرشد طرفان سمجهايل خدائي ذات جو ذڪر (نام) ۽ طريقو (29) جاڳِرَت=ٽن قسمن جون اوسٿائون/ حالتون. پھرين: سُجاڳي (30) سَپن=خواب (31) سُکُوپَت=گھري ننڊ (32) ڳڀُوراڻي ڳڻ=ٻاراڻي عادت (33) وَنجوڳ=تڪرار (34) ڪام=خواھش (35) ڪِروڌ=ڪاوڙ (36) موه=لاڳاپو (Attachment) (37) لوڀ=لالچ (38) ھِرک شوڪ=خوشي ۽ غم (39) ماسوا=خدا کان سواءِ ٻيو (40) سُڌِ=ڄاڻ (41) سَروپ=پاڻ سڃاڻڻ (42) مانک=انسان (43) پَدارٿن=دنياوي شيون (44) وبال=مرض 45. جنم ساکي=حياتي جو احوال 46. ڀُتو=ڳريل سڙيل، ضعيف 47. ڀاڻُو=جاءِ، مڪان 48. اولاڻُو=لولِي 49. لوڪ نِدا=دنيا وارن جي گِلا، خواري 50. سُرتِي، شبد=نام ۽ ڌيان (ذڪر ۽ فڪر) (51) ڌِڱاڻو=سَگهارو، طاقتور (52) پِرَگهٽ=ظاھر (53) ٿِرِ=مضبوط (54) خوش اِلحانَ=سُريلو آواز (55) گَج=ڀرت ڀريل زنانو چولو (56) سُرُود=راڳ ويراڳ (57) سَلِير=آلسي (58) گُرَ گَم=گُروءَ طرفان ڏنل ڄاڻ، سِکيا يا ھدايت (59) سُن،ڌُن=اُونهون خيال، فِڪر (60) مُلحد=بي دين (61) پانۡبر=بيوقوف (62) پرٻوڌ=دانائي (63) شيشہ گَر=شيشي جو ڪاريگر (64) ماڻڪ=موتي (65) عِصيانَ=گناه (66) عطا=مھرباني (67) ڪونين=ٻنهي جھانن ۾ (68) شطا=سنگ (69) اڻ قطا=ڏاڍو پَھڻ يعني پٿر
