شاعري

ديوانِ آسُو

ھي ڪتاب سنڌ جي ويدانتي ۽ صوفي شاعر ماستر آسُومل عرف صوفي آسورام جي غزلن جو مجموعو(ديوان) آھي. ھي 1897ع ۾ لکجي تيار ٿيو ۽ پھريون دفعو 1934ع يا 1935ع ڌاري ويڙھُومل کٽڻ مل، لاڙڪاڻي مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌاريل ڇاپو آھي. ھن جي ترتيب، سنوار سڌار ۽ مٿس جامع مقدمو صوفيءَ جي تڙپوٽي آڪاش آسواڻيءَ لکيو آھي ۽ سندس خاندان وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي.

Title Cover of book Deewan-e-Aasu

رديف ’ڦ‘

غزل (35)

حال اھڙو جيئن ٿيَن جهوڏار جَڦُ،
تيئن وڃَي ٿيندو ٿُلهو تو نفس بَڦُ.

رات، ڏينھن ھن حرص دنيا ۾ ڦٿل،
ھيئن ڀانئَي: مَنَ لڳي ڪو ڪِٿئون ٻَڦُ!

بد ڪمن تي ڊوڙيو سختيون سھي،
بندگيءَ ويلي سُمهي سِر ساھي دڦُ.

ڪالَ1 جو گهوڙو اچي ڪنڌَ ڪڙڪيو،
تہ بہ وَتي سو ڦوڳُ ڦُوڪن منجهہ ڦَڦُ.

ڪئين ڀُلايا جوپَ2، جوڌا، سُور ٻِير3،
ڏُور ڏيکاري انهن کي ڳکل4 ڳَڦُ.

رک مَ سانگو، جيئن چوي، ھل بر خلاف،
’شبد سَتگُر‘5 جو صحي ھڻ کيس ڏَڦُ.

ڪر مُنُون مَھٽي سندس مُنھن ماڳ تي،
جَي ڏِسي ٻي طرف، تان ھڻ ٿَڦڙ ٿَڦُ.

پار کي پُھچڻ آھي ’آسُو‘ اِئين،
رک خدا جو خوف، ۽ ڪت ڪنب6 رَڦُ7.

 

(1) موت  (2) پھلوان  (3) سُورھيہ، طاقتور  (4) وڏو حصو ملڪيت جو  (5) مرشد طرفان مليل اسم اعظم  (6) ياد جو چرخو چور ۽ ڊپ ۾ ڏڪ  (7) ڏڪڻ

 

غزل (36)

جَلَ1 مان اُتپن2 ٿيَن اُٻون سا ٻاڦَ،
باه جي تَوَ منجهانۡرانۡ پيدا ٻاڦَ.

آبُ سمنڊن، ندين، ڍنڍُن، آلاڻ،
تابُ سج، چنڊ، ھوا بنايا ٻاڦَ.

باه تي ساڙجن ٻيون وستُو3،
سو دونھُون ڪوٺجي، نڪي ڪا ٻاڦَ.

ٻاڦ مان ھن جھان جا سَوَ ڪم،
عقل انسان ڪيا سمورا ٻاڦَ.

آگ گاڏيون ۽ آگٻُوٽ4 ھلن،
انجڻن جي مدد سان پورا ٻاڦَ.

ٻاڦ مان ٿيا ڪڪر، وسڻ ڪارڻ،
برف، مِينھن، ماڪَ ۽ ڳڙا ٿيا ٻاڦَ.

جِيوَ5، وڻ ٽڻ اِنھيءَ رُطُوبَت6 کان،
رھن تازا سدا توانا ٻاڦَ.

آه وِستارُ7 ٻاڦ جو بيحد،
تنھنڪري ڪجهہ چيم تُھارا ٻاڦَ.

بي ڪمي ڪا خدا نہ شيءِ خلقي،
پر سڀن ۾ اُتم اٿئي جا ٻاڦَ.

ٿئي اَمُل8 تو سرير ۾ ماڻڪ9،
سانڍ ’آسُو‘ تَوَ عشق جي جا ٻاڦَ.
 

(1) پاڻي   (2) پيدا   (3) شيون   (4) ٻيڙيون، جھاز   (5) جاندار   (6) پاڻياٺ   (7) بيان  (8) اَملهہ: مُلهہ ڪٿڻ کان گهڻو   (9) موتي