رديف ’و‘
غزل (140)
[توشيح صنعت تي جوڙيل. ھر بند جي پھرين سِٽ جو پھريون اک جوڙڻ سان ’آسومل‘ ۽ ٻئِي سِٽ جو پھريون اکر جوڙڻ سان ’خوبچند‘ ٺھندو]
ا اي صبا! چئُہ عرض ھِن اَفگارَ1 جو،
خ خوبصورت يارَ کي خُونبارَ2 جو.
ا اوريان تو ساڻ جيڪو حال ٿي،
و وٽ سڄڻَ، سارَي سَلِجُ3 پَينارَ جو.
س سامَ4 تُنھنجي آھيان پيئِي اچِي،
ب باه ۾ ڇڏ ڪِينَ بُت بدڪارَ جو.
و وَرُ وسيلا! ڪر اچي واھَر5 سنديَم،
چ چُور ٿيَڙو جِند جيءُ بيڪارَ جو.
م مَنَ! موھن! منٺار! مانجهي! تو بِنا،
ن ناه ڪو آڌار ٻيو نادارَ6 جو.
ل لڙه لڳو ’آسُو‘ اچي تُنھنجي طبيب!
د درد، مشڪل ڪر دفع بيمارَ جو.
(1) زخمي، ڦٽيل (2) رت روئيندڙ (3) ٻُڌائج (4) پٺيان (5) مدد (6) مجبور، عاجز
غزل (141)
اڃا تون نِنڊ ۾ آھين، اَجلَ1 جو تو مٿي وارو،
ڇڏي نا جيئڻ جَي چاھين، ڏيَئي ھڪ لِک2 ۾ لامارو3.
ڦَٿو منجهہ حِرصَ4 اِئين آھِين، اَڇن تائين اڳي ڪاھِين،
نڪِي دل ساڻ ٿو لائِين، ٻَڌي چوطرف جَم مارو5.
مَڏيُون6 ۽ مال ميڙيندين، نہ اُن مان ڪو ذرو نِيندين،
ٻَڪر ٻُوساٽ جيئن ويندين، ڪندين اُن وقت ٻاڪارو7.
ڪري دنيا مٿي باوَرُ8، ٿئين شيطان سان ياوَرُ،
نہ ڄاتئِي ڪو سچو داوَرُ9، آھي ليکو ڇڏڻ ھارو.
ھَلٽ10 جهُونو ٿِئي ھارِي! نہ پوکئِي پوکَ جي ٻارِي،
ھڻِي ھٿڙا ڪَرين زارِي، لھَي جنھن وقت لابارو.
صَرافن11 وٽ تُرَي تورو، اچي اُت ڦولهہ ۾ ڦورو12،
ڪَتُئِي13 بہ نہ ھڪ ڏنگو ڏورو14، وِھين جيڏن ۾ ويچارو.
لڙَي لاڻِي15 تي جيئن لَيڙو16، نہ تون ستسنگ سان ڀيڙو،
بُڇايِن17 ۾ ٻَڌئِي ٻيڙو، ڪٿان تُنھنجو ٿئي چارو؟
جنهين لئِہ جُوٺ ڪيَئي جڳ ۾، نہ ڪم ڳوٺي ايندءِ اڳ ۾،
سنڀالج پاڻ کي دڳ ۾، نہ ڀَر ڪو پير پاسارو.
ادا ’آسُو‘! نہ رهُ غافِلُ، ڀڄن18 ۾ رهُ، نہ ٿيءُ باطِلُ19،
ديا20، پُڃ21، ڌرم ۾ شامِلُ، ڀَلِيءَ ڀَتِ22 ٿيَئِي نِيتارو23.
(1) موت (2) پَل (3) جهپو (4) لالچ (5) شڪار کي قابو ۾ آڻڻ لاءِ ٺاھيل لوڙهو (6) سامان سڙو (7) ٻڪري وانگر رَڙَ (8) وڏائي (9) انصاف ڪندڙ (خدا) (10) ڏاندن جو جوڙو (11) واپارين، توريندڙن (12) سُٽَ ڳٺڙي ۾ منجهيل ڌاڳن جو مُچو (13) (ڌاڳو) تيار ڪيئي (14) ٿُلهي ڏور (15) ٻوٽي جو قسم (16) اُٺ (17) بڇڙاين (18) بندگي (19) ڪوڙو (20) رحم (21) ثواب (22) چڱي طرح (23) ڇوٽڪارو
غزل (142)
جنھن پيروي حق جي نہ ڪئي، حق کي مَڃيو تان ڇا ٿيو؟
دل ۾ بلا بارِي دُوئِي1، ٻاھر نَميو تان ڇا ٿيو؟
عاشق چوي، لافُون2 ھَڻَي، مَڪرن3 ڪري وَه وَه وَڻَي،
سِر تان نہ سانگو4 ٿو کڻَي، عاشق ٿيو تان ڇا ٿيو؟
قاضي ڪتابن کي پَٽَي، ماڻهن مٿي مَسَلا5 سَٽَي،
دل کي دغا کان نا مَٽَي، قاضي ڪھيو تان ڇا ٿيو؟
وِديا6 پڙھي عالم ٿئَي، تسبيح ھٿ ۾ بالم وَھَي،
پر جي عمل کان پُٺ ڏَي، عالم اَليو7 تان ڇا ٿيو؟
جوڳي جَٽائُون8، لِنگ9 ٻَڌن، ميڙيو ڀَڀُوتيُون10 بُتُ مَکِن،
اندر اُجارو ڪِينَ ڪَن، جوڳي جُڙيو تان ڇا ٿيو؟
ساڌُو سَڏائي پاڻَ کي، چنبڙَي نشن جي آڻَ کي،
ھرگز وڃائي نہ ڄاڻَ کي، ساڌو سڏيو تان ڇا ٿيو؟
حاجيءَ ڪيو حج اڪبَرِي، ڀانئي بَلا سڀ ڪا ٽَرِي،
لاٿئين نہ ڀِرَمن جي ڀَرِي، حج جَي ڪيو تان ڇا ٿيو؟
تيرٿَ واسَي کڻيو تَڪيا، گنگا ڪيائون دُوَارڪا،
مَن کي نہ آئي سانتِ ڪا، تيرٿ گَيو تان ڇا ٿيو؟
بِرَهمڻ پڙھَي جو ويد ٿو، ماڻهن ڪَٿا آکي ڪَٿيو،
پر بِرھم11 کي ڄاڻي نٿو، بِرَھمڻ بنيو تان ڇا ٿيو؟
’آسُو‘ رھي آسُو12 سدا، ظاھر تہ ڄڻ ڏِسجي فدا،
منجهہ شِرڪ کان ٿئي نا جدا، آسُو چيو تان ڇا ٿيو؟
(1) ٻيائي (2) ٻَٽاڪون، لٻاڙون (3) ٺڳي، دولاب (4) واسطو، آسرو (5) راءِ، تجويز (6) علم (7) سڏيو (8) ڊِگها منجهيل وار (9) مردانو عضوو (10) مٽي (11) خدا (12) آس وارو، اُميدوار
غزل (143)
لاغرض1 ساڻ لاغَمَ2، لاشڪ3 مون نينھن لاتو،
جيڏيون! دعا ڪجو، تان نِبَھِي اچيم ناتو.
ھِن بحرَ بي حديءَ ۾، ڪانهي ڪَنڌِي پُڄڻ جِي،
ويئي پرُوڙ ڀُلجِي، جنھن وَيرِ4 پَير پاتو.
ڪَڙڪا5 پوَن ڪُنَن6 جا، وِيرُنِ جَي وھڪري کان،
لھرن سندِي لڙاٽَ7 کان، ٻِي سُڌ نہ ڏينھن راتو.
واندو وِرهَ8، وِجهُلَ9 کان، ھَئِہ! ھاءِ! پل نہ آھيان،
ڏاڍو فِراق10 ڏکيو، ھڪ اھَنجُ11 ٻيو اَراتو12.
حِيلا ٻيا وسيلا، چِت مان ويام چِيلا13،
اڳهين ڏيڻ سِري ري، چارو نہ ھوم ڄاتو.
مشڪل ۾ آه مشڪل، ھي عشق ھڏ اڙانگو،
تنھن حال ساڻ مَس مَس، مون تان سڄڻ سڃاتو.
ھڪ ڇِرڪ ساڻ ڇوڙَي، ٻنڌڻ ڇڏي ڇِنايُم،
ڪاٻارُ14 ۽ اَڪارو15، توڻي سِڻي16 سِجاتو17.
ھن درد جي دوا لَئِہ، حاذق طبيب پڇيم،
چيائين: تہ ڪر ڪِرِي، پوءِ پيءُ تون وڃي ڪِرياتو18.
اشرف ڪيوءِ آدم، اِبليس ڪيئن بَڇايئي؟
چي: آه آزمُودو، ره عشق ۾ بِلاتو19.
لائي بِرهُ20 بندَي سان، ڇو پاڻ کي ڇپايَئي؟
چي: دل منجهان دُوئِيَت21 جو، لاھي ڇڏين لَباتو22.
عاشقَ مُدام23 مچ ۾، منجهہ پِرت تو پچن پيا،
چي: سُک اتيئي ڄاڻج، ھرگز نہ ره حُجاتو.
تون ٿو ڪرين، ڪرائين، بي وس جو ڏوه ڪھڙو؟
چي: نفس منَ نَجَس24 جِي، رِٿَ رَد ڪئي نہ جاتو.
تون پاڪ ۽ پَوِتَر، ھر رنگ ڇو سمائين؟
بي انت جي بيان ۾، ٿيءُ بي زبان ٻاتو.
ناھي مجال ڪنھن کي، قدرت جو کيل سمجهڻ،
تو ڪجهہ بہ ان بحر مان، پيتو نہ آه ڌاتو.
ڇا ذات وَرَن25 توکي آھي پسند پيارو؟
چي: گهُرن تِن گهُران ٿو، ھوئي نہ جي پَرياتو26.
گستاخ ٿيءُ نہ گولا! پُڇ ڳڇ ڇڏي صبر ڪر،
آھي عيان تُنھنجو، ھُت روز نامہ کاتو.
آھيم اميد تُنھنجي، منجهہ مھر سچ ملڻ جي،
چي: ڪَنبُ27 ڪَتِ28، ادب رک، ’آسُو‘ نہ ٿيج آتو29.
(1) بي پرواه (2) غم کان آجو، خوش (3) بيشڪ (4) مھل، وقت (5) زوردار آوازَ (6) سمنڊ جي پاڻي ۾ ڦرندڙ گھِرا ھنڌَ (7) ڌُنڌ، انڌوڪار (8) وڇوڙي، عشق ۾ تڙپڻ (9) درد ۾ روئڻ، ڳرڻ (10) جدائي (11) ڏک (12) درد، ماتم (13) رستا (14) ڪاٻاري جي رَسِي، نوڙُ (15) اَڪ جي تاندورن مان ٺھيل نوڙي (16) سُوتلي، ڪچي نوڙي (17) سِجات وڻ جي تاندورن ۾ ٺھيل نوڙي (18) پسارڪو وکر (دوا) (19) سوگهو، قابو (20) عشق (21) ٻيائي (22) ڊگهو ڪوٽ، ويس (23) سدائين (24) پليت (25) ذات پات (26) وڏي ذات يا نسل وارو (27) ڊڄ، خوف ۾ ڏڪ (28) چرخو چور (ياد جو) (29) تڪڙو، بي صبرو
