رديف ’ذ‘
غزل (67)
صُبانِي1 مھِرَ2 مان دلدارَ ڏي ڪاغذ،
کڻي وڃ يارَ، مڻيادارَ ڏي ڪاغذ.
بنا ديريءَ، چُمي چائونٺ کي چشمن سان،
ھِيئَين جي ھارَ ۽ سينگارَ ڏي ڪاغذ.
ادب سان پاندڙو پائي ڳچيءَ ڳل ۾،
سچي سردارَ، جيءَ جي جِيارَ ڏي ڪاغذ.
اشاري جيئن لکيُم جيڪِي لفافي ۾،
مِٺي منٺارَ ۽ غمخوارَ3 ڏي ڪاغذ.
زباني پڻ ذڪر ڪج حال ھيڻِيءَ جو،
اڙيَن آڌارَ ۽ واھارَ ڏي ڪاغذ.
جدائيءَ جو سھڻ بت ۾ نہ ڀانيان ٿي،
ڏکن جي ٽارَ ۽ ڏاتارَ ڏي ڪاغذ.
دلاسَي وِصل جي وَرندِي لکي ’آسوءَ‘،
مُجو پينارَ4 ۽ افگارَ5 ڏي ڪاغذ.
(1) صبح جي ھير (2) محبت (3) ھمدرد (4) منگتو (5) زخمي
غزل (68)
عاشقن لَئِہ ناھي نَقاب لذِيذ،
ھِجر1 وارو نڪو حِجاب2 لذيذ.
باغ، بُستانُ3 ڀاڻُ ٿا ڀائين،
رِي سڄڻَ، ناه گُل گُلاب لذيذ.
محفلون سڀ مُڏيون بنا مَھِرُو4،
زھر ڀائين ٿا شراب لذِيذ.
دوست بِن ڌُوڙ ھيءَ حياتي ٿي،
راڳ توڻي ھُجي رَباب5 لذِيذ.
کِيڻَ6، خوراڪ سڀ خراب لڳن،
يار رِي جي ھُجي ڪباب لذِيذ.
آهَ، دانھُون ڪئين ڪيُم زاريون،
ڪو دلاسو ٿيو نہ خواب لذِيذ.
ھاءِ! ھَئِہ! ڇا ڪريان عزيزو! ھاڻ؟
ڪو نہ مليو اڃا جواب لذِيذ.
دوست جَي در سندو ھُجان گولو7،
ڇا ڪريان ٻيو وڏو خطاب لذِيذ!
سُک سڀيئي جھان جا گهوريان،
آه مون لَئِہ سندس عذاب لذِيذ.
ڪر صبر ۽ شُڪر، فِڪر بندا!
ڪنبُ ڪَتِ8، ڪوه9 ڪرين عِتاب10 لذِيذ؟
ھي مڙئي ڪم نصيب کان ڀانيان،
ڪو نہ ڪيَڙم ڪڏھن صواب11 لذِيذ.
آس ’آسُو‘ اٿم، پُرِي آخر،
ھم ڪَنجڪ12 ٿي جهَليان رِکابُ13 لذيذ.
(1) وڇوڙي (2) لحاظ، پردو (3) چمن (4) محبوب (5) تنبوري نما ساز (6) طعام (7) غلام، نوڪر (8) مالڪ کان ڊڄ ۽ ياد جو چرخو چور (9) ڇو؟ (10) بيزاري ۽ خفگيءَ جو اظھار (11) چڱو ڪم (12) (محبوب جي) گهوڙي جي واڳ وٽان (13) گهوڙي جي زين جو پيرڙيو (گهوڙي سوار جي پير رکڻ جي جاءِ)
